فلرٽ
”لالا.....او لالا......ايڪ چينڪ لاؤ!“
”لايا بابوجي!“ هيٺ بيٺل لالو، جواب ۾ مٿي، هن تي اڇاتري نگاهه وجهي، وراڻي ٿو.
هي سامهون دريءَ جي پردن کي ڏسڻ ٿو لڳي. جيڪي هوا سبب ٿورو لڏي رهيا هئا. دري هن کان فقط 12 فوٽن جي مفاصلي تي هئي. پر هن لاءِ ڄڻ لکين ميل پري هئي. ڪيترن ئي ڏينهن کان هو دريءَ جي ان راز کي ڄاڻڻ لاءِ بي چين هو. گذريل ٽن مهينن کان، هو دريءَ جي پردي جي هن پار واري نازنين جو مکڙو پسڻ لاءِ بي تاب هو، جنهن هن جي اندر ۾ دونهين دکائي ڇڏي هئي، هو هر وقت ان مکڙي پسڻ جي تانگهه ۾ رهڻ لڳو هو.
هو جڏهن آفيس ۾ آيو هو ته پنهنجو آفيس ٽائيم کانپوءِ جو وقت به اڪثر آفيس ۾ ئي گذاريندو هو. ان جو سبب ٻيو ڪو نه هو، پر اهي ڪتاب هئا جيڪي آفيس جي لئبريري ۾ موجود هئا. شروعاتي ڪجهه ڏيهاڙا ته کيس، صاحب جي وڃڻ سان گڏ، آفيس مان وڃڻو پوندو هو. پر پوءِ هن جو ڪتابن سان موهه ڏسي، چاٻي سندس حوالي ڪئي ويئي ۽ چاٻي ڏيڻ وقت شاهين صاحب چيو هيس، ”بابلا! هي چاٻي وٺ......۽ هاڻ هي آفيس، ڪتاب ۽ تون......بس رڳو اهو خيال ڪج ته ڪو ڪتاب گم نه ٿئي، “ ان ڏينهن کان وٺي هو سوير آفيس ايندو هو صفائي وغيره ڪري، مئگزين جي پروفن ۽ مواد جو ڪم لاهي، ڪو سٺو ڪتاب پڙهڻ شروع ڪندو هو.
اها هڪ مشهور هفتيوار ”مئگزين“ جي آفيس هئي. جتي سندس چاچي کيس ڪمپوزنگ سکڻ لاءِ پنهنجي دوست (ڀٽي) کي چئي ڀرتي ڪرايو هو. پر پهرين ئي ڏينهن ڀٽي کيس چيو هو، ”امر، ايندڙ چئن سالن ۾ ڪمپوزنگ جي ويليو صفا ختم ٿي ويندي........ڪمپيوٽر جي اچڻ ڪري، ڪمپوزنگ جو اهو پراڻو طريقو ختم ٿي ويندو ۽ ان تي اجائي مٿا ڪٽ ٺيڪ ڪونهي.....باقي اڄوڪي هڪ ڏينهن ۾ مون تنهنجو ڪم ڏٺو آهي ۽ محسوس ڪيان ٿو ته تو ۾ ڪم ڪرڻ جون وڏيون صلاحيتون آهن.....۽ اڄ کانپوءِ تون منهنجو اسسٽنٽ آهين....مان ايڊيٽر ۽ تون سب ايڊيٽر....“
ائين هو، پريس کولڻ ۽ ڪمپوزنگ سکڻ جو خواب اڌورو ڇڏي، ان مئگزين جي ادبي ۽ سماجي حصي کي سنڀالڻ لڳو، جنهن ۾ ڇپجڻ ان وقت هر اديب جي خواهش هوندي هئي، ۽ ان رسالي جو ”سب ايڊيٽر“ ٿيڻ، رڳو هن لاءِ وڏو اعزاز هو. پر هن جي خواب ۾ به نه هو.
”بابو جي چينڪ........“لالي اندر ايندي چانهه رکندي چيو.
هي چانهه پياليءَ ۾ اوتي سرڪون ڀرڻ ٿو لڳي.
اڃا ٻه سرڪون مس ڀريائين، جو ٽيبل تي ڪنهن شئي جي لڳڻ جو ٺڪاءُ ٿيو. هي ڇرڪي سامهون دريءَ ۾ نهاري ٿو. هن جي ڇرڪڻ تي سامهون دريءَ جي پردي جي پويان ٽهڪن جو آبشار، شروع ٿي ويو.
”اڄ ان راز تان پردو کڄڻ کپي.....اهو راز جنهن منهنجو سک چين کسي ورتو آهي.“ هو سوچي ٿو ۽ چانهه جي سرڪ ڀري سامهون دريءَ واري لڏندڙ پردي ڏانهن نهاري ٿو.
هن جي هن آفيس ۾ اچڻ کان ڪجهه ڏينهن پوءِ جڏهن هو شام جو گهڻي گهڻي دير تائين ويٺو ڪتاب پڙهندو هو ته هڪ ڏيهاڙي، جڏهن هو ڪنهن ڪتاب جي مطالعي ۾ محو هو، اوچتو هن جي ٻانهن ۾ هڪ ٻير اچي لڳو. هن ڇرڪ ڀري هيڏي هوڏي ڏٺو. ڪجهه نه سمجهي، وري مطالعي ۾ محو ٿي ويو. تيسين وري ٻي پير ٺڪا اچي ڪيو ۽ ائين پوءِ ڄڻ هن تي ڪنهن جنات ٻيرن جو وسڪارو لاهي ڏنو.
هو اُٿيو، هن تاڻي ورتو ته ٻير ڪٿان ٿا اچن، هن سامهون دريءَ ڏانهن نهاريو. دريءَ جا پردا لڏي رهيا هئا. پر اتي ٻي ڪا به شئي نظر نه آيس، هو ڏسندو رهيو ۽ امڪاني صورتحال تي غور ڪندو رهيو. ”ڪٿان ٿا اچي سگهن اهي ٻير....“ هو سوچي ٿو، ”شيطان ته ڪو نه آهيان جو مون تي ٻيرن جو وسڪارو ٿي ويو آهي.“
هو سامهون نهاري ٿو. پردا اڃا به لڏي رهيا هئا. ”اها ته داداگيري آهي...“ هو وڏي سڏ چئي ٿو.” نه رڳو داداگيري، پر اخلاقي لحاظ کان به اهو ڏوهه آهي ڪنهن کي تنگ ڪرڻ.“
ائين روز جو معمول بنجي ويو. ڪڏهن ٻير لڳندا هئس ته ڪڏهن کجين جون ککڙيون. هڪ ڀيري ته هڪ ٻير اچي شاهين صاحب جي هنج ۾ ڪريو ۽ ٻي ڀيري هڪ ٻير ڀٽيءَ جي ساڄي ڳل تي لڳو.
”ڇا آهي ابا.......ڪنهن کي خارش کنيو آهي.“ ڀٽيءَ پنهنجي نظر جي عينڪ جي پويان، اکيون گهمائيندي، دريءَ ڏانهن معنيٰ خير نظرن سان ڏسندي ڳل کنهندي چيو.
”ڇا آهي ڙي.......ڪا ڦاسائي اٿئي ڇا؟“
”نه سائين....!“ هن گهٻرائيندي وراڻيو.
”پوءِ هي ٻيرن جو مينهن ڇو پيو وسي....هي اخبار جو دفتر آهي ڪو شيطان خانو ته ڪونهي.“ ڀٽيءَ چيو.
”اخبار وارا وري شيطانن کان ڪي گهٽ هوندا آهن ڇا؟“ اتي ويٺل جعفري سُر ملائيندي چيو.
”پهرين ته اهو طئي ٿئي ته وڏو ۽ ننڍو شيطان ڪهڙو آهي. پوءِ ڀلي نشانا رٿجن.“ ڀٽيءَ جعفريءَ ڏانهن ڏسندي چيو.
”شيطان........شيطان ئي هوندو آهي........هو پٿر جا شيطان آهن، جتي سال ۾ هڪ ڀيرو ماڻهو کين کڙيون هڻندا آهن ۽ اسين اخبار وارا ٻاروهوئي شيطان هوندا آهيون ۽ ٻارهوئي اسان تي پٿرن جو وسڪارو هوندو آهي.“ جعفريءَ پنهنجو اسڪيچ مڪمل ڪندي، وات ۾ پيل پان کي چاٻو ڏيندي وراڻيو.
”چڱو ننڍا شيطان.“ ڀٽي اُٿندي کيس چيو، ”ٻيرن جي وسڪاري کي منهن تون ڏي....باقي ميوو اسين پاڻهي ڇاڻينداسين.“
”ڀيڻسان....هاڻ ته مرڳي خوار پيا ٿيون.“ هن دل ۾ سوچيو. ”ڀٽي ڇا سوچيندو ته، ڪم بدران اهي ڌنڌا پيو ڪيان.“ کن ترسي هن وري سوچيو. ”پر ڪيان به ته ڇا ڪيان......ڳالهائڻ جي ته مون به ڪافي ڪوشش ڪئي آهي.....پر ڪو جواب ئي ڪونهي.“
”ٺڙڪ!“ هن ڇرڪ ڀريو. هڪ ٻير اچي لوهي ميز تي لڳو.
هو اُٿيو. دريءَ وٽ وڃي بيٺو. ڪجهه دير سوچيائين، پوءِ دري ڏيئي موٽي، اچي پنهنجي ڪرسيءَ تي ويٺو.
”ڇا ڪيان......!“ هو سوچي ٿو. ”کيس ٻاهر اچي ملڻ جي آڇ ڪيان. هر شئي جي شروعات ائين ئي ته ٿيندي آهي. پهرين ٻاهر هلي گهمڻ جي آڇ ۽ پوءِ.....“
هو وڌيڪ سوچي نه سگهيو. سندس من ۾ عجيب ڪتڪتايون ٿيڻ لڳيون. هن جي نيڻن ۾ عجيب سرور ڀرجي آيو. خوابن ۾ اڏرڻ لڳو. پاڻ کي ڪنهن سان گڏ طارق روڊ، ڪلفٽن، هاڪس بي ۽ ٻين هنڌن تي ڏسڻ لڳو. سندس من ۾ مڌر مڌر ساز وڄڻ لڳو. هو اهڙو هلڪو ٿيڻ لڳو. جيئن سخت گرمي، گهٽ ۽ ٻوسٽ کانپوءِ اوچتو واهوندا ورندا آهن ۽ مينهن ڪڻيون پونديون آهن.
”ٺڙڪ!“
هو ڇرڪي، خوابن جي دنيا مان نڪري ٿو اچي.
”اڄ ڪجهه نه ڪجهه ٿيڻ کپي.!“ هو سوچي اٿي کڙو ٿو ٿئي ۽ هلندو وڃي دريءَ وٽ ٿو بيهي. پوءِ ڪو خيال اينديئي هو تيزيءَ سان مڙي ٿو ۽ تکيون وکون کڻندو ڏاڪڻ هيٺ لهڻ ٿو لڳي ۽ مين روڊ تان ٿيندو، گهٽيءَ ۾ اندر گهڙي ويو ۽ سامهون واري فليٽ جي در جي سامهون اچي ٿو بيهي، جتان کيس ٻير لڳندا هئا، هو گهڙي کن بيهي ٿو رهي. پوءِ در تي هلڪي ٺڪ ٺڪ ٿو ڪري، پر ڪو به جواب ڪو نه ٿو ملي. هو هڪ ڀيرو ٻيهر دروازو کڙڪائي ٿو. کيس اندران ڪنهن جي پيرن جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ۽ گڏوگڏ سُس پُس پڻ.
هو دروازي کان ٿورو وٿيرڪو ٿي بيهي ٿو ۽ دروازو هڪ جهٽڪي سان کلي ٿو پئي. پنهنجي سامهون ڪنهن حسين نازنين بدران سخت چهري واري مرد کي بيٺل ڏسي هو گهٻرائجي وڃي ٿو.
”حڪم؟“ مرد پڇي ٿو.
”جي!........آئون سامهون آفيس ۾.........منهنجو مطلب آهي ته.....ڪير هن فليٽ مان........مطلب ته ته......“ هو منجهي بيهي ٿو رهي. ان دوران هو محسوس ٿو ڪري ته در وٽ لڳل پردي جي پويان ڪو لڳاتار کيس ڏسي رهيو هو.
”منهنجو مطلب آهي ته.......“ هو وري چوي ٿو.
”ٺڙڪ!“
هڪ ٻير اچي هن جي نرڙ تي لڳي ٿو ۽ ان سان گڏ پردي جي پويان بيٺل ڪنهن عورت جو زوردار ٽهڪ ٻُري ٿو ۽ در تي بيٺل مرد به ان سان گڏ ٽهڪن ۾ شامل ٿي وڃي ٿو. هو گهٻرائجي تڪڙوتڪڙو ٻه ٻه ڏاڪا ٿي هيٺ لهڻ ٿو لڳي.
30 آگسٽ 1997ع