ڪهاڻين جي ڪهاڻي جيڪڏهن اهي ڪهاڻيون آهن!؟
ننڍي هوندي جڏهن اڃا دڙي ۾ بجلي نه آئي هئي، تڏهن سانجهي ٿيندي ئي کير ڀت کائي، بستري تي ڊهي پئبو هو، سيارو هوندو هو ته گهر جي وڏي ڪمري ۾، جتي سڀني گهر ڀاتين جون کٽون، کٽن سان لڳ پيل هونديون هُيون، ۽ اسين گهر جا سڀ ڀاتي امان، ناني، بابا، منهنجون ٻيئي وڏيون ڀينرون مريم ۽ غلام فاطمه، انهن تي سمهندا هئاسين. آئون امان سان گڏ سمهندو هوس. امان مامتا سان ڀريل لوليون ڏيئي مون کي سمهاريندي هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن وري کير پيارڻ لاءِ مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪري، بهانا ڪندي، لالچون ڏيندي هئي، ته ڪڏهن وري ڪهاڻي ٻڌائڻ شروع ڪندي هئي. ”هڪڙو هو بادشاهه!... اصل بادشاهه ته الله جي ذات آهي، پر هن ڪوڙي دنيا جو بادشاهه... جنهن کي ست ڌيئرون هيون...“ ۽ پوءِ اها ڪهاڻي هلندي ئي آئون ننڊ جي گهيرٽن ۾ وٺجي، ننڊ جي جهان ۾ هليو ويندو هوس.
پر جي گرمين جي مند هوندي هئي ته گهر جي اڱڻ ۾ نم جي وڏي وڻ جي هيٺان کٽون وجهندا هئاسين. اسان جي گهر جي اڱڻ ۾ نم جو هڪ شاهي وڻ بيٺل آهي، هاڻ ته صفا جهونو ٿي ويو آهي، پر جوانيءَ ۾ ان وڻ جي ڇانوَ ۽ ڏيا به ڏسڻ وٽان هوندي هئي.
منهنجي ننڊ جي آغوش ۾ هليو وڃڻ کان پوءِ، امان ڪهاڻي پوري ڪندي هئي يا اڌ ۾ ڇڏي سمهي پوندي هئي... خبر ڪونهي. ايئن اڪثر ٻي يا ٽي ڏينهن منهنجون ڀينرون به امان کي آکاڻي ٻڌائڻ جي لاءِ چونديون هيون، ۽ امان ٻڌائڻ شروع ڪندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن وري جڏهن امان جوموڊ نه هوندو هو يا گهڻي ٿڪل هوندي هئي ته هو پٺن تي هٿ ڦيري ٻڌائڻ شروع ڪندي هئي:
آکاڻي،
گهگهرداڻي،
گهگهر ٺلهو،
مڇي پلو.
آکاڻيءَ نما اهو ڊگهو نظم ٻڌائي چوندي هئي: ”هاڻ سمهي پئو... آکاڻي سڀاڻي....“
ڪڏهن ڪڏهن وري ڇهين يا ٻارهين مهيني، اسان جي گهر چوهڙ جماليءَ مان هڪ جهونڙو ايندو هو، گهير واري وڏي سٿڻ پاتل، هٿ ۾ لٺ، ڇاپئين ڏاڙهي، مٿي تي پٽڪو ۽ هٿ ۾ هر وقت ناس جي دٻلي.... امان کيس ”ماسڙ مامون“ چئي سڏيندي هئي.
”ماسڙ مامون“ وڏو دلچسپ ماڻهو هو. کيس ڪيتريون ئي آکاڻيون ياد هونديون هيون. رات جو جڏهن ماني ٽڪي کائي وانڌا ٿي کٽن ڀيڙا ٿيندا هئاسين ته ”ماسڙ مامون“ آکاڻي کڻندو هو... آکاڻيءَ ۾ ايندڙ مختلف موڙن، ڏکن ۽ سُکن جون ڳالهيون به هو ان ئي لهجي ۾ بيان ڪندو هو... ۽ وچ وچ ۾ ڏور يا بيت به ڏيندو ويندو هو. ماسڙ مامونءَ کي ڪهاڻي کڻڻ جو ڪو ڏانءُ هو ڇا...؟ ۽ اسين اهي آکاڻيون وڏي چاهه ۽ ڌيان سان ٻڌندا هئاسين. آئون اڪثر آکاڻي هلندي ئي سمهي پوندو هوس. ٻي رات وري ماسڙ مامون اتان ئي آکاڻي کڻندو هو، جت رات ڇڏي هوندي هئائين يا وري نئين آکاڻي... جيترا ڏينهن ماسڙ مامون ٽڪيل هوندو هو، روزانو رات جو اهو سلسلو جاري رهندو هو.
ڪجهه وڏو ٿيس ته ڇٺي ڇهه ماهي، امان سان گڏ حيدرآباد وڃبو هو، جتي منهنجي جيجي يعني امان جي ڀيڻ رهندي هئي. اتي منهنجي هڪڙي ماسات وٽ ٻارن جي ڪهاڻين جاننڍا ننڍا تمام گهڻا ڪتاب هوندا هئا، جن جا ڪوَر ڏاڍا سهڻا ۽ اهي گهڻا اردوءَ ۾ هوندا هئا، جيڪي هوءَ اسان کي پڙهڻ جي لاءِ ڏيندي هئي. مون کي ڪتابن پڙهڻ جي چوس اُتان پيئي. هوءَ اسڪول ويندي هئي ته آئون سندس پر پُٺ به سندس ڪتابن وارو ڪٻٽ کولي ڪتاب کڻي پڙهندو هوس. ڪتابن واري ان ڪٻٽ ۾ ڪتابن سان گڏ ڪيترائي اردوءَ ۾ ٻارن جا رسالا ”جگنو“، ”نونهال“ ۽ ”تعليم و تربيت“ به پيل هوندا هئا، ممڪن آهي ته ڪو سنڌيءَ ۾ ٻارن جو رسالو به هجي، پر منهنجي ياد گيريءَ ۾ نقش ٿيل ڪونهي. ڳوٺ ايندو هوس ته کانئس پڙهڻ جي لاءِ ڪجهه ڪتاب اڌارا وٺي ايندو هوس. ايئن منهنجي ڪتابن سان سنگت پڪي ٿيندي ويئي... ۽ مون کي ڪتابن پڙهڻ جي ايتري ته چوس هوندي هئي جو اتي رات جو سمهڻ مهل، جيجي زوري بتي بند ڪري، مون کي سمهڻ جي لاءِ چوندي هئي... نه ته جيستائين روشني هوندي هئي، ڪتاب منهنجي اکين جي اڳيان ٽنگيل هوندو هو.
ڪتابن پڙهڻ جي ان چوس سبب منهنجي سڄي خرچي، جيڪا ايتري گهڻي به نه هوندي هئي، ڪتابن جي بلي ٿي ويندي هئي، ۽ ڪتابن وٺڻ جي لاءِ حيدرآباد ۾ گاڏي کاتي، يا وري لطيف آباد ۾ ستين نمبر ويندو هوس. جيجيءَ جو گهر پنجين نمبر ۾ هوندو هو ۽ جڏهن به ڪو ڪتاب خريد ڪري موٽندو هوس ته اهو گهر کڻي نه ويندو هوس، پر گهر جي پاسي ۾ بيٺل ديوين جي وڻن وٽ ڪنهن وڏي پٿر جي هيٺان يا ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ لڪائي پوءِ گهر ۾ گهڙندو هوس... گهر ۾ کڻي وڃڻ سان دڙڪن ملڻ جو امڪان هوندو هو.
دڙي ۾ وري خرچي ميڙي سجاول ويندو هوس، جتي بس اسٽينڊ تي هڪ مهاجر جو ”سخاوت بوڪ اسٽال“ هوندو هو. دڪان تي ويٺل چاچو ڏاڍو سٺو ماڻهو هوندو هو، يا وري ٺٽي ويندو هوس ته مرحوم عبدالله قريشي جو ”شمس بوڪ اسٽال“ وڃي ڦلهوريندو هوس. پوءِ مون کي لکڻ جو شوق پيدا ٿيو ۽ سڄو ڏينهن ويٺو پنا ڪارا ڪندو ۽ ابتيون سبتيون ڳالهيون پيو لکندو هوس.
اسڪول ۾ مون کي پهرين کان ٻي ڪلاس تائين سائين شفيع محمد ميمڻ ۽ ٽي کان پنجين تائين سائين ڪريم بخش ”پياسي“ مڱڻهار جهڙا بهترين اُستاد مليا. سائين شفيع محمد ميمڻ ڪتابن جو وڏو شوقين هوندو هو، وٽس هر وقت ڪو نه ڪو ڪتاب هوندو هو، ۽ هو انهن ڪتابن تي ڏاڍي سٺي جلد بندي ڪندو هو... ۽ سائين ڪريم بخش ’پياسي‘ بهترين استاد هئڻ سان گڏ شاعر، ڊراما نويس، سٺو اداڪار، سٺو مقرر ۽ مولودي پڻ هو. سندس ڪجهه شاعري هٿ ڪري مون پنهنجي ڪتاب ”پسي تنهنجي تجلي“ ۾ تعارف ۽ فوٽوءَ سميت ڇپي... انهن ٻنهي استادن جي علم دوستي ۽ ادب دوستيءَ جو مون تي سٺو اثر پيو.
منهنجي پهرين ڪهاڻي، ٻارن جي رسالي ”گل ڦل“ ۾ 1979ع جي ڪنهن شماري ۾ ”عظيم سوکڙي“ جي نالي سان ڇپي هئي، جيڪا ’ماخوذ‘ ڪيل هئي. پوءِ ٻارن جي لاءِ ٻيون به ڪهاڻيون لکيم ۽ ترجمو ڪيم، جيڪي پوءِ ”شهيد جي ماءُ“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپيون.
ان دوران وڏن جي لاءِ به ڪجهه ڪهاڻيون لکيم، پر انهن مان گهڻين کي پرڏيهي پسمنظر ڏنم، فلسطيني فدائين جو. اڳتي هلي ٻه ناول ”تو ڇو پيار ڪيو“ ۽ ”ڪجهه اندر ڪجهه ٻاهر“ لکيم. ”تو ڇو پيار ڪيو“ 2007ع ۾ ”نيو فيلڊس پبليڪيشن“ پاران ڇپيو ۽ ”ڪجهه اندر، ڪجهه ٻاهر“ اڻ ڇپيل آهي.
منهنجي لکيل ڪهاڻين مان ڪجهه ڪهاڻيون پنجن ڪهاڻيڪار (ذوالفقار ڪانڌڙو، اصغر گگو، رشيد آزاد، موٽو مل ڪنول ڪوهستاني ۽ يوسف سنڌي) جي گڏيل مجموعي ”حياتي جي ڦاٽل ورقن جون ڪٿائون“ ۾ ڇپيون (جيڪي هن ڪتاب ۾ پڻ شامل آهن). اهي ۽ ڪجهه ٻيون ڪهاڻيون منهنجي دوست ننگر چنا اردوءَ ۾ ترجمو ڪيون، جيڪي پوءِ ”نوحه گر“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپيون، جنهن جو مهاڳ پنجابي ٻوليءَ جي مشهور ناول نويس ۽ منهنجي دوست نذير ڪهوٽ لکيو. جيڪو پڻ هن ڪتاب ۾ ترجمو ڪري شايع ڪيو ويو آهي، انهيءَ ڪتاب جو هاڻي پنجابي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي، جيڪو لاهور مان ڪتابي صورت ۾ ڇپجي رهيو آهي.
پنهنجي لکڻين جي حوالي سان گاريون به کاڌم ته ڪيسن ڦڏن کي به منهن ڏنم. 1992ع ۾ جڏهن هندستان ۾ بابري مسجد جو سانحو ٿيو ته روزاني ’عبرت‘ ۾ هڪ ڪالم لکڻ جي ڏوهه ۾ نه رڳو ڪفر جون فتوائون جاري ٿيون، پر ميرپور خاص ۽ بدين جي ڪورٽن ۾ داخل ٿيل ڪيسن جون شنوايون به ڀريم، جيڪو به هڪ دلچسپ قصو آهي. منهنجي ڪهاڻي ”هڪ ڏينهن جو نوحو“ هڪ لحاظ کان ان دلچسپ قصي جو مُنڊ آهي.
هڪ ٻي ڪهاڻي ”ويساهه جي شڪست“ ڇپي، جنهن ۾ مون پنهنجي چٿيل جذبن جو اظهار ڪيو هو ته ڪجهه يارن، منهنجي هڪ بهترين استاد ۽ دوست کي منهنجي خلاف خوب برغلايو ته ”يوسف اها ڪهاڻي تو تي لکي آهي.“ نتيجي ۾ منهنجو اهو دوست ان ٽولي جي چوڻ ۾ اچي مون کان گهڻو بدظن ٿيو، جنهن جو مون کي سدائين افسوس رهيو.
منهنجي هڪ ڪهاڻي ”پولار ۽ پاتال جي وچ ۾“ جڏهن ماهوار ’امرتا‘ ۾ ڇپي ته منهنجي ڳوٺ دڙي جي ڪجهه يارن کي ان ۾ پنهنجا عڪس نظر آيا، تن نه رڳو فونون ڪري فقير محمد ڍول کي ڌمڪيون ڏنيون، پر ڪيترائي ڏينهن مون تي به ڦوڪبا شوڪبا ۽ اکيون ڦوٽاريندا رهيا.
مون آخري ڪهاڻي اها ئي لکي هئي ”پولار ۽ پاتال جي وچ ۾....“ پوءِ منهنجو ڌيان ڪهاڻي طرف نه رهيو، (هونئن آئون ڪهاڻي لکڻ ڏانهن ڪڏهن به سنجيدو نه رهيو آهيان)، ۽ هاڻ تازو هڪ ڪهاڻي لکيم ”مون کي به جيئڻ ڏيو...“ لکيم ڇا؟ انعام عباسيءَ زوري لکرائي... هاڻ اندر ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڄڻ ڪهاڻي جي سُتل جراثيمن جاڳڻ شروع ڪيو آهي، ذهن ۾ ولوڙ پيدا ٿيڻ شروع ٿي ويئي اٿم... ٿي سگهي ٿو، ڪجهه ڪهاڻين جو جنم ٿئي.
هي ڪتاب، ان جو نالو، ترتيب، سڀ انعام عباسي جي مهرباني آهي، مون ته سندس حجت تي اڌو گابريون ڪهاڻيون فوٽو اسٽيٽ ڪرائي سندس حوالي ڪيون، هاڻ جي ڪتاب پسند پيو ۽ وڪرو ٿيو ته به انعام عباسيءَ جي کاتي ۾... جي نه وڪرو ٿيو ۽ نقصان ٿيس... ته کٽن پياري انعام عباسي جا ڀاڳ... آئون ته ”جيئي انعام عباسي“ چئي آجو پاجو آهيان.
يوسف سنڌي
دڙو
2010/10/18
Cell: 0301-3640468