ناول

آزاديءَ جي اُپٽار

”آزاديءَ جي اُپٽار“ ڪليم ٻُٽ جو لکيل ناول آهي. رکيل مورائي لکي ٿو:
”ڪليم ٻٽ پنهنجي ناولن لاءِ جيڪي موضوع چونڊ ڪري ٿو، اهي تاريخ سان جڙيل آهن ۽ انهن کي جڏهن هو ناول جو روپ ڏئي ٿو ته سچ پچ اهي فقط تاريخي ناول نٿا ٿين،پر اهي تاريخ جي ڏند ڪٿائن کي تخليقي روپ ۾ ظاهر ڪن ٿا، تاريخ ۽ ان جي ڏند ڪٿائن کي ناول جو روپ ڏيڻ لاءِ جيڪي تخليقي قوتون گهرجن اهي پڪ سان ڪليم ٻٽ ۾ موجود آهن، اسان پڙهندڙن جو نيڪ خواهشيون ساڻس سدائين رهڻون آهن.“
  • 4.5/5.0
  • 2458
  • 777
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڪليم ٻُٽ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book آزاديءَ جي اُپٽار

1

مون سنڌ آرٽس ڪائونسل جي ڪشادي اسٽيج تي بيهي اداڪارن کي پٺيان کان هيدايتون ٿي ڏنيون ، هٿن ۾ مخدوم بلاول تي لکيل منهنجو ئي ناٽڪ هو، جو نظر هيٺ ڪرسين ڏانهن وئي، سمورو هال خالي، پر اڳئين قطار جي ڳاڙهي فوم واري ڪرسيءَ تي هڪ گهاٽي ڪاري ڏاڙهيءَ وارو نوجوان نظر آيو؛ اکيون ڪجهه پلن لاءِ هن تي ڄمي ويون. هن مونکي ڏسي مرڪيو، سندس مرڪ ۾ عجيب بيچيني هئي. مون ڀانيو هو ڪو شوقيا اداڪار آهي ۽ مونکان هن ناٽڪ ۾ ڪو ڪردار گهرندو، جئين ئي گذريل هفتي کان اسان ناٽڪ جي ريهسل شروع ڪئي ته هن به اچڻ شروع ڪيو هو. غور سان سڄو ناٽڪ ڏسي، پوءِ ڪجهه پل اُتي ئي ويٺو رهي ڄڻ ڪنهنجو انتظار هجيس ۽ پوءِ اٿي ڪلهي تي ڪارو بيگ لڙڪائي اوجهل قدمن سان هليو وڃي. مونکي سمجهه ۾ نٿي آيو ته هو ڪير آهي ۽ هتي اسان جي ناٽڪ ۾ اچڻ جو ڪهڙو مقصد اٿس.....!!! گذريل ٻن ڏينهن کان ته هو منهنجي پٺيان پٺيان گاڏيءَ تائين آيو، ڪجهه چوڻ ٿي چاهيائين پر چئي نه سگهيو.
20 سالن کانپوءِ سنڌ آرٽس ڪائونسل ڪراچيءِ ۾ اسان سنڌين کي ناٽڪ ڪرڻ جو موقعو مليو هو. ڊاڪٽر مهيش ڪمار جيڪو هڪ بيڪري جي مالڪ هجڻ سان گڏ ”جنگ وطن ڪاڻ“ ناٽڪ ڪمپني جو مالڪ پڻ آهي. هي ناٽڪ منڊالي 150 سال پوراڻي آهي جنهن جو بنياد مهيش جي ابن ڏاڏن حيدرآباد ۾ وڌو، شروع شروع ۾ هو هندومت جا مذهبي ناٽڪ پيش ڪندا هئا، پر مهيش جو ڏاڏو رميش ڪمار گانڌيءِ جي انگريزن خلاف مهم کان ڏاڍو متاثر هو ۽ هن منڊلي ۾ انگريز خلاف جدوجهد تي ناٽڪ ڪرڻ لڳو، کيس انگريزن اهڙي نافرماني تي 6 مهينا جيل ۾ پڻ رکيو، پر هو پنهنجي مقصد تان تر جيترو به نه هٺيو ۽ منڊلي جو نالو جنگ وطن ڪاڻ رکيائين، هن کانپوءِ رميش جي پٽ سنتوش ناٽڪ منڊلي سنڀالي، هو صوفي مت کان متاثر هو ۽ هر هفتي ڀڳت ڪنوار رام يا ماسٽر چندر جهڙا فنڪار گهرائي راڳ رنگ ڪرائڻ لڳو، پوءِ 1947 جو ورهاڱو ٿيو، جنهن کانپوءِ مسلمان اهڙا آيا جو ادب، فن، فنڪار، رقص ۽ موسيقي سڀ سنڌ کان رُسي ويا ۽ هنڌ وڃي وساڻ وسايائون. ڊاڪٽر مهيش هڪ شام منهنجي گهر آيو، اها منهنجي هن سان پهرين ملاقات هئي. چانهه پيئندي چيائين:
”ٻُٽ صاحب؛“ مون کيس چيتائي ڏٺو: ”اوهان اڄ ڪلهه سڀ کان مقبول ڪهاڻيڪار ۽ ناولنگار آهيو....“ اهو ٻڌي مونکي حيرت ٿي ۽ منهن تي هيڊي مرڪ اچي وئي.
”سائين معاف ڪجو؛“ ڊاڪٽر مهيش جي گول ڳاڙهي منهن ۾ ڏسندي چيم؛ ”آئون زمين تي ئي رهڻ چاهيان ٿو، هوا ۾ ايترو به نه اڏاريو جو ڪرڻ کانپوءِ پرزا پرزا ٿي وڃا.“ اهو ٻڌي مهيش پٿر جو اڇو ڪپ ساسر تي رکندي چيو:
”سائين آئون سچ ٿو چوان. ٻيو ته وڏين ڪوششن بعد 20 سالن کانپوءِ اسان سنڌين کي سنڌ آرٽس ڪائونسل ۾ ناٽڪ ڪرڻ جو موقعو ملي رهيو آهي، مهرباني ڪري اوهان اسان لاءِ ناٽڪ لکو.“ آئون ڪجهه لمحن لاءِ سوچ ۾ ٻڏي وئس ته مهيش اڻتڻ منجهان مونکي ڏٺو، سندس گول منهن ويتر ڳاڙهو ٿي ويو.
”ٺيڪ آهي؛“ چيم ته هن جي منهن تي مرڪ اچي وئي هئي: ”آئون مخدوم بلاول جي شهادت تي ناٽڪ لکندس، ان جون به ٻه شرطون آهن.“ اهو ٻڌي مهيش جون اکيون ٻاهر نڪري آيون هيون.
”هڪ؛“ نرم لهجي ۾ چيم: ”ته ڪنهن کي به ناٽڪ منجهان هڪ سٽ ڪٽڻ يا مٽائڻ جي اجازت نه هوندي، ٻيو هن ناٽڪ جي هيدايت آئون پاڻ ئي ڏيندس.“
”جي، جي سر بلڪل جئين اوهان چاهيندا ائين ئي ٿيندو،“ هن بنا سوچي مرڪي چيو هو ۽ پوءِ ڪاري ويس ڪوٽي جي کيسي منجهان 25000 جو چيڪ ڪڍي مونکي ڏيندي چيائين:
”ٻُٽ صاحب هي ايڊوانس چيڪ اٿئو، اسان سڀاڻي هال ۾ اداڪارن سان گڏ اوهان جو انتظار ڪنداسين.“
”جي ٺيڪ آهي،“ مون جواب ڏنو. ڊاڪٽر مهيش مونکان موڪلائي هليو ويو هو. ٻئي ڏينهن آئون سنڌ آرٽس ڪائونسل آيو هئس، سڀني اداڪارن سان ملاقات ڪئي. انهيءِ رات مون مخدوم بلاول جي شهادت تي ”آزاديءِ جي اپٽار“ نالي ناٽڪ لکڻ شروع ڪيو، جنهن کي پورو ڪرڻ ۾ ڏهه ڏينهن لڳي ويا ۽ پوءِ ريهسل شروع ٿي وئي ته هن نوجوان به اچڻ شروع ڪيو. اهو ريهسل جو آخري ڏينهن هو، وچ ۾ آچر ۽ پوءِ سومر ڏينهن ناٽڪ اسٽيج ٿيڻو هو. ڊاڪٽر مهيش مونکي ٻڌايو هو ته ناٽڪ جون سوموريون ٽيڪٽون هٿو هٿ وڪرو ٿي ويون آهن جڏهن ته ڊرامي جي ريڪاڊنگ سي ڊين تي پڻ آندي ويندي. ٻيو سنڌ آرٽس ڪائونسل اهو فيصلو ڪيو آهي ته جيڪڏهن پهرئين ناٽڪ ۾ سڀ ڪرسيون ڀرجي ويون ته منهنجي لکيل باقي ناٽڪن لاءِ هال اڌ قيمت ۾ ڏنو ويندو. مونکي سمجهه ۾ نٿي آيو قدرت مون تي ڪئين ۽ ڇو مهربان ٿي پئي آهي. مون ان نوجوان کي نظر انداز ڪندي اسڪرپٽ ۽ اداڪارن ڏانهن ڌيان ڏنو.
اسٽيج جي وچ ۾ ڪڻڪائي رنگ جو نوجوان بيٺل، هو عياش ڄام فيروز جو ڪردار نباهي رهيو هو، هن کي سائي رنگ جو شاهي لباس پهريل، منهن تي هلڪيون مڇيون، مٿي تي شاهي تاج ۽ کاٻي پاسي لڙڪندڙ خنجر، سندس هٿ ۾ چاندي جو ڪٽورو جنهن منجهان هو علامتي شراب پي رهيو هو، هن سان گڏ بيٺل سندس ٿلهو صلاحڪار ڄام بينو بيٺل، سندس ڪڻڪائي منهن تي پڻ هلڪيون مُڇيون.
ڄام فيروز چانديءِ جي ڪٽوري منجهان شراب جو ڍڪ ڀريندي ڪاوڙ ۾ ڳالهائي ٿو.
ڄام فيروز: هي ٺٽو اسان سمن جي جاگير آهي.... ته پوءِ هي مخدوم بلاول ۽ دلها درياهه خان ڪٿان اچي ويا.....؟؟ اسان جي بابا ڄام نندي به ڪيتريون ئي غلطيون ڪيون، انهن منجهان هڪ دلها درياهه خان جي پرورش به آهي......
ڄام فيروز ٻئي هٿ هوا ۾ ڪندي (ڪاوڙ سان): اسان دلها درياهه خان کي ٽلٽي جو گورنر ته بڻايو آهي، اڃا ڇا کيس سمن جو تخت به ڏيون ڇا.....؟؟
(اسپاٽ لائيٽ جي هيڊي روشني ڄام فيروز جي جوشيلي منهن تي ڪري ٿي).
ڄام فيروز: ڄام بينا خان.....
(اسپاٽ لائيٽ پاسي ۾ بيٺل ڄام بيني ڏانهن وڃي ٿي، هو مڇيون وٽي رهيو آهي).
ڄام بينو (احترام ۾ هٿ ٻڌي، ڪنڌ جهڪائيندي): جي سرڪار....
ڄام فيروز: ڇا اسان هيڪلا حڪمران آهيون، جيڪو عياشي ڪندو هجي.....!! آخر سنڌ واسين کي اسانجي حڪمراني منجهان ڪهڙي تڪليف آهي؟؟
ڄام بينو: ڪا به نه سرڪار، مخدوم بلاول ۽ نواب دلها درياهه خان اوهان جي عوام کي اوهان خلاف ڀڙڪائي رهيا آهن.
ڄام فيروز(ويتر ڪاوڙ ۾ سندس سمورو بدن ٿڙڪي ٿو): ته پوءِ ڄام بينا سڀني سنڌين جا ڪن ڪٽرائي ڇڏ ته جئين هو مخدوم بلاول ۽ دلها درياهه خان جي ڳالهه ٻڌي ئي نه سگهن.
ڄام بينو خاموشي ۾ ڪنڌ جهڪائي ڇڏي ٿو، ڄام فيروز شراب جي جام منجهان سرڪي ڀري ٿو. پٺيان کان ساز وڄن ٿا. سُريليءِ جي اينٽري...... هوءَ ڄام فيروز جي حرم آيل نئين ٻانهي آهي. عمر 19 سال، وڏا ڪارا ريشمي وار، وڏا ڪارا نيڻ، اڀ ڏانهن اشارو ڪندڙ گول ڀريل سينو، لسو بت، ڪجهه ڏينهن اڳ ٺٽي جي بازار ۾ ڄام فيروز جي هن جي جواني سان ڀريل تن تي نظر پئي ته جوان ڄام ترڪي پيو...... سُريلي جي تن تي اڇو ريشمي لباس، ڳيچيءِ ۾ هار، نچندي لمندي ڄام فيروز وٽ اچي ٿي.... (اسپاٽ لائيٽ سُريلي تي) هوءَ ڄام فيروز جي چوطرف ٽي ڀيرا نچي ٿي ۽ مرڪي سندس هٿ پڪڙي کيس پاڻ سان وٺي وڃي ٿي.
سين پورو..... هڪ منٽ لاءِ ڳاڙهو ريشمي پردو ڪري ٿو.....
ٻيو سين:
ٺٽي جو هڪ مدرسو، ان ۾ ڪيترائي شاگرد علم حاصل ڪري رهيا آهن، هڪ ضئيف شخص جنهن جي تن تي صاف سٿرو اڇو لباس، مٿي تي نيرو پٽڪو، هلڪڙي اڇي ڏاڙهي، هيٺ وڇايل فارسيءَ تي ويٺل، سندس اڳيان ڪاٺ جي وڏي صندلي، جنهن تي قلم، مس ڪُپڙي ۽ ڪاغذ پيل. اهو شخص لکڻ بس ڪري، ناسي پنو ويڙهي ٿو، سندس 20 سالن جو جوان شاگرد نومڙيو احترام هن جي پاسي کان بيٺل. اهو شخص اٿي ٿو ۽ نرم لهجي ۾ ڳالهائي ٿو.
ضئيف؛ نومڙيا، منهنجو هي خط نواب دلها درياهه خان تائين پهچائي ۽ کيس چئو ته مخدوم بلاول سنڌ وطن جي تقدس خاطر عياش ڄام فيروز خلاف جنگ جوٽڻ جو اعلان ڪيو آهي. درياهه خان آڏو اهو به رکجان ته کيس مخدوم بلاول پوري موڪل آهي ته هو ٻنهي طرفن منجهان ڪنهن به پاسي وڃي سگهي ٿو.
نومڙيو (جهڪي ڪري): جي مُرشد سائين.......
هو خط کڻي وڃي ٿو......
سين پورو..... هڪ منٽ لاءِ ڳاڙهو ريشمي پردو ڪري ٿو.....
سين ٽيون:
ڄام فيروز درٻار م ويٺل آهي، ٻه ٻانهيون سندس چانديءِ جو جام مڌ سان ڀرڻ ۾ لڳل..... پٺيان بيٺل غلام مور جي پرن سان ڄام کي هوا پيا هڻن...... ڪجهه سپاهين سان هڪ نوجوان جنهن جي بدن تي زخمن جا نشان، وات ۽ ناسن منجهان رت پڻ وهي رهيو اٿس، اندر اچي ٿو. سپاهي نومڙيو کي ڄام فيروز ڏانهن ڌڪو ڏين ٿا. هو ڄام جي پيرن ۾ اچي ڪري ٿو.. ڄام حيرت منجهان هڪ نظر هيٺ ڪريل نوجوان تي وجهي سپاهين کي ڏسي ٿو. سپاهي احترام ۾ ڪنڌ جهڪائين ٿا.
ڄام فيروز (تخت تان اٿندي، سڀ درٻاري احترام ۾ اٿي بيهن ٿا، هيٺ ڪريل نوجوان ڏانهن اشارو ڪندي): هي ڪير آهي ۽ ڇا ڪيو اٿس؟؟
هڪ سانورو سپاهي (جهڪي نرم لهجي ۾): حضور اڄ صبح هن کي باغي مخدوم بلاول جي خط سان پڪتو ويو، جيڪو مخدوم بلاول ٽلٽي جي گورنر نواب دلها درياهه خان ڏانهن لکيو آهي، خط ۾ اوهان جي عيش عشرت جو ذڪر ڪيل آهي، سوال ڪرڻ تي هن ور منجهان خنجر ڪڍي زبان ڪٽي ڇڏي.....
ڄام فيروز (ڪاوڙ ۾): ڇا....!!
مڙي ڪري نومڙيو کي پاسراٽيءِ ۾ لت وهائي ڪڍي ٿو.
ڄام فيروز (شاڳي جوش سان): مخدوم بلاول...... دلها درياهه خان...... هن گهڙيءِ کانپوءِ جيڪو به هنن جو نالو وٺي ته ان جي ڄڀ ڪٽي اسان جي آڏو اڇلائي وڃي.
سڀ درٻاري (هڪ آواز ۾): جي حضور......
ڄام فيروز ور منجهان خنجر ڪڍي نومڙيو کي وارن کان وٺي سندس گلو ڪٽي ڇڏي ٿو.
ڄام فيروز (ڪاوڙ ۾): هن کي بازار ۾ وچ چوڪ تي لٽڪايو وڃي ته جئين ٺٽي سميت سموري سنڌ واسين کي هوش اچي.
ساڳيو سپاهي (احترام ۾ جهڪي): جي حضور......
چار سپاهي اڳيان وڌي لاش کڻن ٿا.
سين پورو..... هڪ منٽ لاءِ ڳاڙهو ريشمي پردو ڪري ٿو.....
سين چار:
نواب دلها درياهه خان، 30 سالن جو جوان، طاقتور، قداور مڙس، تن تي اڇو لباس ۽ مٿي تي اڇو پٽڪو پهريل، مخدوم بلاول جي مدرسي ۾ آهي.
نواب دلها درياهه خان: مخدوم صاحب ڄام فيروز سان آئون ننڍپڻ کان گڏ رهيو آهيان، هڪ ڀيرو مونکي سندس درٻار ۾ وڃي هن سان ملڻ ڏيو، پڪ اٿم هو منهنجي ڳالهه ضرور ڪن ڌريندو.......
مخدوم بلاول (مٿي ڏسي آهه ڀريندي): درياهه خان ڄام فيروز طاقت جي نشي ۾ انڌو ٿي چڪو آهي، هاڻي سنڌ جي نجات جنگ کانسواءِ ممڪن نه رهي آهي.
نواب درياهه خان (اڻتڻ منجهان ٻئي هٿ اڳيان ڪندي): پر مخدوم صاحب ڪئين هي هٿ ڄام نندي جهڙي محسن ۽ سنڌ دوست جي اولاد خلاف کڄن....!!
مخدوم بلاول (وري آه ڀريندي): ها درياهه خان، پر جڏهن سنڌي حڪمران سنڌ شُناس نه رهي ته ان کي تخت تان هٽائڻ بنا ٻئي ڪا به راهه نه رهندي آهي. اسان کي خواب وسيلي بشارت ملي آهي ته ڄام فيروز سنڌ مٿان شاهه بيگ ارغون جي ڪاهه ڪرائڻ وارو آهي، جيڪڏهن اهو ٿيو ته سنڌ جي ڌرتي توکي ۽ مونکي ڪڏهن به معاف نه ڪندي، ياد نه اٿئي ته اسان سنڌ جي چپي چپي جي حفاظت جو قسم کنيو آهي. قيامت ڏينهن ڌڻيءِ اڳيان ڪهڙو منهن ڏيکارنداسين. ڇا هو اسان کان اهو سوال نه ڪندو ته جنهن ڌرتيءِ جي حفاظت جي ذميواري اسان جي ڪلهن تي هئي، ان سنڌ ڌرتي جي رکوالي اسان ڪئي يا نه.....!!
نواب دلها درياهه خان خاموشي ۾ ڪنڌ جهڪائي ٿو.
مخدوم بلاول (نرم لهجي ۾): ارغون رهزن آهن، سندن تلوارون رت جون بکيون آهن، هو آيا ته ناحق سنڌين جو رت وهندو....
هڪ لمحي جي خاموشي.......
مخدوم بلاول: ۽ هي شاهه بيگ ارغون اهڙو ناپاڪ آهي جو قومِ لوط جيان جوان ڇوڪرن ۽ کدڙن منجهان جنسي لذت حاصل ڪندو آهي، اهڙو بداخلاق ڦورو سنڌ جي مقدس ڌرتي تي قبضو ڪري، ڇا تون اهو برداشت ڪندين.....!!
وري هڪ پل جي خاموشي........
مخدوم بلاول (ٻئي هٿ پٺيان چيلهه تي ٻڌي ٻه چار قدم کڻي ٻئي پاسي ويندي): پر پوءِ به درياهه خان جيڪڏهن تون چاهين ٿو ته ڀلي ڄام فيروز سان ملي ڏس.
نواب درياهه خان جي منهن تي پرسڪون مرڪ اچي وڃي ٿي ۽ گوڏن ڀر ويهي مخدوم بلاول جو هٿ چمي ٿو.
نواب دلها درياهه خان (اڃا گوڏن تي ويٺل، مخدوم بلاول جو هٿ هٿن ۾): مخدوم بلاول صاحب مهرباني، جيڪڏهن ڄام فيروز اسان جي صلاح نه مڃي ته پوءِ اهو هن دلها درياهه خان جو مخدوم بلاول سان هن هنڌ وچن رهيو؛ سنڌ ڌرتي جي تقدس لاءِ شاهه بيگ ارغون ته ڇا پر جيڪڏهن خدا به لهي آيا ته هي دلها دريا خان انهن جي خلاف به جنگ ڪري ويندو.
مخدوم بلاول مرڪي درياهه خان جي مٿي تي هٿ ڦيري ٿو.

سين پورو..... هڪ منٽ لاءِ ڳاڙهو ريشمي پردو ڪري ٿو.....
سين پنجون:
نواب دلها درياهه خان ڄام جي درٻار ۾ آهي، هو ڄام فيروز جي تخت جي ساڄي پاسي کان ويٺل آ، سڀ درٻاري احترام ۾ ڪنڌ جهڪايو ويٺا آهن.
ڄام فيروز (منهن تي هلڪڙي ڪاوڙ جا تاثر): نواب دلها درياهه خان ڇا اوهان اسان جي بابا سائين ڄام نندي جي احسانن کي وساري چڪا آهيو، بابا سائين اوهان کي هڪ شهزادي جيان پاليو، ڇا اوهان اسان جو اهو احسان ته اسان اوهان کي ٽلٽي کان کيرٿر تائين جي جاگير ڏئي ڇڏي پڻ وساري ويٺا آهيو، يا اسان جي امان سان ڪيل ننڍپڻ وارو واعدو ته اوهان هر ڏکي سکي وقت اسان جو ساٿ ڏيندا به وساري چڪا آهيو......؟؟؟
نواب دلها درياهه خان (آهه ڀري مُڇين تي آڱر ڦيرندي): ڄام فيروز هنن سڀني ڳالهئين ئي ته اسان کي مجبور ڪيو آهي جو اڄ اسان اوهان سان ملڻ ۽ سمجهائڻ آيا آهيون، سنڌ اسان جو ايمان هجڻ گهرجي..... سنڌ لاءِ دلين ۾ ايتري محبت هجڻ گهرجي جيترو اسان جو ايمان آهي. پر ڄام فيروز افسوس سان چئڻو پئي ٿو ته سنڌ جو عوام اوهان جي حڪمرانيءِ منجهان خوش نه آهي.
ڄام فيروز (جوش ۾ تخت تان اٿي بيهي ٿو، سموري درٻار احترام ۾ اٿي ٿي، نواب دلها درياهه خان به): نواب دلها..... اهو سنڌ جي عوام جو نه پر اوهان ۽ اوهان جي باغي اڳواڻ مخدوم بلاول جو وهم آهي.
نواب دلها درياهه خان (جلال ۾ ايندي): ڄام فيروز پنهنجي ڄڀ کي لغام ڏيو، ڪٿي اها چم جي زبان ادب ۽ احترام جي سرحدن کي چڪنا چور نه ڪري ڇڏي.
ڄام فيروز (ساڳي جوش ۾): اچي ويو نه اوهان جو اصل روپ سامهون، نواب دلها منهنجي درٻار منجهان هليا وڃو، ان کان اڳ جو آئون اوهان خلاف ڪو سخت حڪم جاري ڪري ڇڏيان.
نواب دلها درياهه خان ڪاوڙ ۾ ٻاهر هليو وڃي ٿو.
سين پورو..... هڪ منٽ لاءِ ڳاڙهو ريشمي پردو ڪري ٿو.....
سين ڇهون:
شاهه بيگ ارغون جو محل، گول ڳاڙهي منهن واري ارغون جي ٻنهي پاسن کان ٻه کدڙا بيٺل، جڏهن ته هڪ سهڻو جوان ڇوڪرو کيس انگور کارائي پيو. شاهه بيگ ان نوجوان جون اکيون چمي ٿو. سندس منحوس منهن تي مڪاريءَ واري مرڪ آهي.
شاهه بيگ: ميرزا پروان قسم تنهنجي سونهن ۽ ڳاڙهن چپن جو، اڄ تنهنجو هي عاشق ڏاڍو خوش آهي.
سهڻو نوجوان ميرزا پروان ڇڳي منجهان ٻه انگور پٽي ڳاڙهن لبن ۾ ڦاسائي شاهه بيگ کي کارائي ٿو.
شاهه بيگ (انگور کائيندي): اڄ اسان کي سنڌ جي سمي حاڪم ڄام فيروز جو خط مليو آهي، جنهن ۾ هن اسان کي عرض ڪيو آهي ته خلاف هلندڙ بغاوت خلاف سندس مدد ڪريون.... اهي حاڪم به ڪيترا نه بيوقوف هوندا آهن جيڪي سامراجي قوتن کان حڪومتون بچائڻ جي مدد گهرندا آهن.
محفل ۾ وڏو ٽهڪ، ميرزا پروان جي منهن تي دلفريب مرڪ اچي وڃي ٿي.
شاهه بيگ: خير منهنجا محبوب ميرزا پروان توکي ڇا ٻڌايان ته سنڌ ڇا آهي.....!! ان ڌرتيءِ تي اسان جي ڪيتري ئي عرصي کان اک آهي. ڇا توکي خبر آهي ته هي سنڌ اها ئي ڌرتي آهي جنهن تي قبضو ڪرڻ لاءِ عربن 17 حملا ڪيا ۽ جڏهن سنڌ تي قبضو ڪيائون ته اُتان جي دولت ڦريائون، ان ڌرتيءِ تان ايتري ته دولت لٽيائون جو جانورن جي کلن منجهان ڇنا ٺاهي رهندڙ ۽ اُٺن جو کلون پائيندڙ بدوي عرب محل ٺاهي رهڻ لڳا. اسان به سنڌ جا سمورا خزانا لٽينداسين.
ميرزا پروان وري ڳاڙهن چپن ۾ انگور ڦاسائي شاهه بيگ کي کارائي ٿو.
شاهه بيگ: اهو به سچ آهي ته قدرت سنڌ کي اهڙو نوازيو آهي جو ترت هي ڌرتي ٻئي قبضاخور جي ڪاهه ڪرڻ تائين مالا مال ٿي ويندي آهي.
سين پورو..... هڪ منٽ لاءِ ڳاڙهو ريشمي پردو ڪري ٿو.....
اهو نوجوان اسٽيج تي اداڪارن بدران مونکي مرڪي ڏسڻ لڳو، سمجهه ۾ نٿي آيو ته هو ڪير آهي يا سندس مقصد ڇا آهي، مون هن ڀيري به کيس نظر انداز ڪري ريهسل تي ڌيان ڌريو.
سين ستون:
ارغون جو درٻار، شاهه بيگ وڏي شان ۽ شوڪت سان تخت تي ويٺل، کيس چمڪيلو لباس پهريل، ماس سان ڀريل ڳيچيءَ ۾ اڇن هيرن جو هار ۽ هٿن جي آڱرين ۾ چانديءَ جون مُنڊيون. سندس خاص صلاحڪار 50 سالن جو ٿلهو بيڊولو ٽماٽي جيان ڳاڙهو ميرزا باقي، شاهه بيگ جي ڪن ۾ سرٻاٽي ڪري ٿو. شاهه بيگ جي منهن تي مڪاريءَ واري مرڪ اچي وڃي ٿي ۽ پوءِ اٿي ٻئي هٿ هوا ۾ ڦهلائي ٿو.
شاهه بيگ: اسان کي خبر ڏني وئي آهي ته اسان جي جانباز سپاهين جا جٿا سنڌ تي حملي ڪرڻ لاءِ تيار آهن.
سڀ درٻاري (هڪ آواز ۾): مبارکون........ مبارکون..........
شاهه بيگ (هٿ هوا ۾ لوڏي درٻارين کي چُپ ڪرائيندي): سنڌ تي قبضي سان دليءَ ۾ ويٺل حڪمرانن کي اسان جي طاقت جو اندازو ٿي ويندو ۽ اسان اُتان آساني سان دليءَ جي حڪومت خلاف سازش ڪري سگهون ٿا.
سڀ درٻاري (هڪ آواز ۾): جي بلڪل..... جي بلڪل........
شاهه بيگ (منهن تي ڪاوڙ جا آثار): ڀلي دنيا کي خبر پئي شاهه بيگ ارغون جهڙا حاڪم روز روز پيدا نه ٿيندا آهن.
سڀ درٻاري (هڪ آواز ۾): ماشاالله.....ماشاالله......
شاهه بيگ: اسان جي درٻار جا نجومي ڪٿي آهن؟؟
در تي بيٺل سپاهي: شاهي نجومي حاضر ٿئين......
ٻه اڇين ڏاڙهين وارا پوڙها، جن کي ناسي جُبا ۽ ناسي پٽڪا پهريل، درٻار ۾ اچن ٿا ۽ شاهه بيگ اڳيان جهڪي سلامي پيش ڪن ٿا.
شاهه بيگ (نرم لهجي ۾): اسان کي ٻڌايو وڃي ته سنڌ تي حملي بابت اوهان جو علم ڇا ٿو چئي؟
هڪ نجومي (خوشامت ڪندي): فتح اوهان جي ئي ٿيندي حضور. سنڌي ڪيترن ئي ٽولين ۾ ورهايل آهن، هو ايترا ته سدا آهن جو مذهب جو نالو وٺڻ تي ئي سر تسليم خم ڪري ڇڏيندا، تان جو انهن منجهان هر هڪ وطن تي مري مٽڻ جو جذبو رکي ٿو، پر هو نه ته ايڪتا ۾ آهن نه وري ڪو کين آزاد وطن جي اهميت بابت ٻڌائي ٿو.
ٻيو نجومي (ساڳي خوشامتي انداز ۾): سنڌ ۾ هڪ بزرگ نالي مخدوم بلاول ۽ سندس شاگرد نواب دلها درياهه خان سنڌ جي حاڪم ڄام فيروز خلاف بلاولي تحريڪ جي شروعات ڪري چڪا آهن. هنن سان گڏ ڌرتيءَ جا نوجوان اٿي بيٺا آهن. ستارن جو چالون ٻڌائين ٿيون ته مخدوم بلاول ڪنهن ڏوراهين هنڌ لڪي ويو آهي. جڏهن ته نواب دلها درياهه خان جوانن جي جٿن سان جنگ لاءِ تيار آهي.
پهريون نجومي: مخدوم بلاول ۽ نواب دلها درياهه خان کي مارڻ بنا سنڌ تي قبضو نٿو ڪري سگهجي.
شاهه بيگ (هاڪاري ۾ مٿو لوڏي، ڪي پل سوچڻ کانپوءِ): اسان فيصلو ڪيو آهي ته اول ڄام فيروز ڏانهن ڪجهه سپاهي موڪلي جاسوسي ڪجي.
درٻاري (هڪ آواز ۾): جي حضور.... جي حضور.....
سين پورو..... هڪ منٽ لاءِ ڳاڙهو ريشمي پردو ڪري ٿو.....
سين اٺون:
نواب دلها درياهه خان ساٿين سميت سنڌ جي سرحدن جي نگرانيءَ تي، چار اوپرا شخص سنڌ جي سرحدن ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت گهرن ٿا.
نواب دلها درياهه خان (جلال ۾): ڪير آهيو ۽ ڪٿان پيا اچو؟
هڪ نوجوان (هن تي نواب دلها جي شخصيت جو خوف طاري ٿي ويو آهي): شاهه بيگ ارغون جي درٻار منجهان آيا آهيون، سنڌ جي حاڪم ڄام فيروز اسان جي ميزباني ڪندو.
اهو ٻڌي نواب دلها درياهه خان ۽ سندس ساٿي تلوارون ڪڍن ٿا. ارغون ڏڪي وڃن ٿا، کين گرفتار ڪري قيد ڪيو وڃي ٿو.
ڪجهه ڏينهن م اهو راز کلي ٿو ته هو شاهه بيگ ارغون جا جاسوس آهن. نواب دلها درياهه خان سندن لاشا ارغون ڏانهن اُماڻي ٿو.
سين پورو..... هڪ منٽ لاءِ ڳاڙهو ريشمي پردو ڪري ٿو.....
سين نائون:
شاهه بيگ ارغون جو درٻار........
شاهه بيگ (ڪاوڙ ۾): چئبو ته سنڌين اسان سان جنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو..... ميرزا باقي.......
ميرزا باقي (احترام ۾ هٿ سيني تي رکندي): جي حضور........
شاهه بيگ (ڪاوڙ ۾): سنڌ تي حملي لاءِ لشڪر تيار ڪيو وڃي.
ميرزا باقي: جي حضور......
سين پورو..... هڪ منٽ لاءِ ڳاڙهو ريشمي پردو ڪري ٿو.....
سين ڏهون:
ارغون فوج سنڌ تي حملو ڪري ٿي. نواب دلها درياهه خان لشڪر سان مقابلو ڪري ٿو، تلوارن جي ٽڪرائجڻ جا آواز دشمن جون رڙيون، سنڌي سپوتن جي للڪار، نواب دلها درياهه خان جا طاقتور وار، دشمن پٽ تي ڪرن ٿا، ڪجهه سنڌي جوڌا پڻ شهيد ٿين ٿا. ارغونن جي پهرئين لشڪر کي شڪست اچي ٿي، سندن ڪيترا ئي سپاهي دوزخ جو رخ ڪن ٿا، باقي ميدان تان ڀڄي جان بچائن ٿا.
ترت ارغونن جو ٻيو لشڪر اچي ٿو، انگ ۾ پهرئين کان ٻيڻو.... هن ڀيري نواب دلها درياهه خان کي زخم اچن ٿا ۽ پوءِ هڪ بيرحم تير نواب جي سيني جي آرپار ٿي وڃي ٿو، سنڌي جوڌن جو قتل ٿي ٿو، ارغونن جا گهوڙا ٺٽي شهر ڏانهن وڌن ٿا.
سين پورو..... هڪ منٽ لاءِ ڳاڙهو ريشمي پردو ڪري ٿو.....
سين يارهون:
ٺٽو سڙي رهيو آهي. 150 عالمن، جن کان مخدوم بلاول جو پڇيو ويو، نه ٻڌائڻ تي کين چوراهن تي لڙڪايو ويو، ماڻهن جون ڪيهون ۽ رڙيون، عورتون بيواهه ٿي ويون، ٻار يتيم ٿي ويا. ڪنهن جي به ننگ ۽ ناموس محفوظ نه رهي، رات جو ارغون سپاهي گهرن ۾ گهري سنڌي عورتن کي اغوا ڪري هنن سان ڏاڍائي ڪن. رات جو به ٺٽو باهه ۾ سڙڻ ڪارڻ روشني جو ڏيک ڏئي. مدرسن ۽ ڪتب خانن کي باهيون، مال دولت جي ڦرلٽ.....
سين پورو..... هڪ منٽ لاءِ ڳاڙهو ريشمي پردو ڪري ٿو.....
سين ٻارهون:
ڄام فيروز دهلن جي تاپ تي شاهه بيگ جو ڀليڪار ڪري ٿو. کيس پنهنجي ڳيچيءَ منجهان هيرن جو هار لاهي تحفي ۾ ڏئي ٿو. ارغون سمي جي محل ۾ ترسي ٿو، ۽ پوءِ سنڌ جي تخت تي ويهي ٿو.
سين پورو..... هڪ منٽ لاءِ ڳاڙهو ريشمي پردو ڪري ٿو.....
سين تيرهون:
محل ۾ شاهه بيگ جي اڳيان سهڻن نوجوان ڇوڪرن ۽ کدڙن جو رقص پيو هلي، ڄام فيروز شراب جي نشي ۾ ڌتت، ارغون سهڻن ڇوڪرن کي ڏسي ايون پيو ٺاري. بلاولي تحريڪ جا ڪجهه نوجوان شاهي محل تي حملو ڪري چار سپاهي ماري، ڀڄي وڃن ٿا. محفل ۾ شاهه بيگ کي اطلاع ڏنو وڃي ٿو، ناچ گانو بند.
شاهه بيگ (ڪاوڙ ۾): مونکي هر حال ۾ مخدوم بلاول گهرجي.
سين پورو..... هڪ منٽ لاءِ ڳاڙهو ريشمي پردو ڪري ٿو.....
سين چوڏهون:
سپاهي مخدوم بلاول جي ڳولاءِ ۾، نيٺ هڪ سنڌي سپاهي مخبري ڪري مخدوم جو پتو هٿ ڪري وٺي ٿو، ارغون سپاهي ان هنڌ ڇاپو هڻي مخدوم بلاول کي باندي بڻائي شاهه بيگ اڳيان پيش ڪن ٿا، مخدوم بلاول زنجيرن ۾ جڪڙيل.
شاهه بيگ (مخدوم بلاول کي مرڪي ڏسندي، طنزيا انداز ۾): ته هي آهي مخدوم بلاول، هڪ باغي تحريڪ جو سرواڻ، اسان هن کي اهڙي سزا ڏينداسين جو وري ڪڏهن به سنڌي جنگ ۽ بغاوت جو نه سوچيندا. سين پورو..... هڪ منٽ لاءِ ڳاڙهو ريشمي پردو ڪري ٿو.....
سين پنڌرهون:
سپاهي مخدوم بلاول کي مُک بازار ۾ وٺي اچن ٿا، عوام به بازار ۾ گڏ ٿي ويو آهي، شاهه بيگ ۽ ڄام فيروز پڻ شاهي سواري تي بازار پهچن ٿا.
شاهه بيگ (سخت لهجي ۾ مخدوم بلاول ڏانهن اشارو ڪندي): مخدوم بلاول جي بغاوت ڪارڻ اسان کيس گهاڻي ۾ پيڙهڻ جو حڪم ڏيون ٿا.
مخدوم بلاول جي منهن تي پرسڪون مرڪ، سپاهي کيس گهاڻي وٽ وٺي اچن ٿا.
مخدوم بلاول (آسمان ڏانهن ڏسندي): مونکي گهاڻي ۾ پيڙهڻ وقت پيرن کان شروع ڪيو وڃي ته جئين آئون هڏن منجهان نڪرندڙ ٽڪاءُ ۽ بدن منجهان وهندڙ رت ڏسي سگهان، جيڪي ان ڳالهه جي شاهدي هوندا ته هي مخدوم بلاول وطن ڪاڻ وڙهي شهيد ٿيو.
جڏهن مخدوم بلاول جو بُت پيڙهجي پورو ٿئي ٿو ته هجوم منجهان آواز اچي ٿو: مون جنگ وطن ڪاڻ جوٽي آ،
مخدوم بلاول موٽي آ.....
شاهه بيگ (ڪاوڙ ۾) ڪير آهي اهو غدار، هن کي اسان جي سامهون پيش ڪيو وڃي.
ايتري ۾ هڪ تير ڄام فيروز جو سينو چاڪ ڪري وڃي ٿو. هو هيٺ ڪري ٿو ۽ هجوم سان گڏ سپاهين ۾ به ڀڄ ڊڪ مچي وڃي ٿي.
پردو ڪري ٿو..... ڊرامو پورو.........
سموري هال ۾ خاموشي ڇائنجي وئي. ڪنهن به نه ڳالهايو، مون سميت اداڪار به ناٽڪ جي سحر ۾ هليا ويا. منهنجو من اٻاڻڪو ٿيڻ لڳو، اکيون پاڻمرادو ڪرسين ڏانهن کڄي ويون. اهو نوجوان اُتي ئي ويٺل نظر آيو، سندس منهن تي ڪو به تاثر نه هو. ريهسل پوري ٿي وئي، لائيٽون بند ٿيڻ لڳيون، سپورٽنگ اداڪار سامان کڻڻ لڳا. آئون هال منجهان ٻاهر نڪري وڏي ميدان ۾ بيٺل گاڏيءَ ڏانهن وڌڻ لڳس. ڪنهن جي پٺيان اچڻ جو احساس ٿيو، مڙي ڏٺم، اهو ساڳيو ڇوڪرو ڪلهي ۾ ٿيلهو لڙڪايو منهنجي پٺيان ٿي آيو. منهنجي ڏسڻ تي ڏڪي ويو ۽ بيهي رهيو، هڪ ڀيرو خيال آيم ته هن سان ڳالهائي پڇيانس ته هو ڪير آهي.... کيس ڇا گهرجي.....؟؟ پر دل نه مڃيو، هن ڀيري هو اُتي ئي بيٺو رهيو. ذهن جي چمن تي هزارئين وهم کوڻ جيان ڪڙڪيا. منهنجي ٿري ڊرئيور آڪاش مونکي ايندو ڏسي ڳاڙهي ڪرولا جو پٺيون در کوليو، آئون گاڏي ۾ ويهي رهئس، شيشي منجهان ڏٺم اهو نوجوان اُتي ئي بيٺو هو.
ڪراچي ڏاڍو ظالم شهر آهي، يا وري هاڻي ڪراچي ظالمن جو شهر بڻجي چڪو آهي، مون هتي رهندي زندهه بچڻ جا ڪجهه اصول سکي ورتا آهن. ڪڏهن به ڪنهن سان نه اُلجهو، هن شهر ۾ هر ڪو ڦني خان آهي. فقيرن، کدڙن ۽ روڊ جي پاسي کان بيٺل سهڻين ڇوڪرين کان پاسو ڪريو، اهي ڳجهون آهن، اوهان جي ٻوٽي ٻوٽي پٽي کائي وينديون. نه ڪنهن جي هڪ ۾ اچو، نه ئي وري ٻه ۾..... جيترو ٿي سگهي پنهنجي ڪم سان ڪم رکو. پبلڪ تارنسپورٽ جو استعمال گهٽ کان گهٽ ڪريو ۽ جيڪڏهن ڪو اوهان جي مسلسل پٺيان اچي رهيو آهي ته بيهي رهو، جيستائين هو اڳيان نٿو نڪري. اهو دنيا جو مڃيل اصول آهي ته هر انسان اڳيان وڌڻ جو خواهشمند هوندو آهي، ۽ ان لاءِ هر سرحد پار ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏيندو آهي. پر ڪراچي ۾ ان جي ابتڙ ماڻهو پٺيان ئي رهڻ چاهيندا آهن، جيڪڏهن اوهان هنن اصولن تي عمل ڪندا ته ڪراچي ۾ زندهه بچي ويندا. مون اڳ ئي چيو آهي ته ڪراچي ظالمن جو شهر بڻجي چڪو آهي.......