8
”مون جنگ وطن ڪاڻ جوٽي آ،
مخدوم بلاول موٽي آ......“ سموري بدن ۾ سور جو احساس ٿيڻ لڳو، مٿو پڻ ڳرو لڳو، آس پاس ڏٺو. آئون هڪ ننڍڙي جهوپڙي ۾ کٽ تي ليٽل هئيس، جھوپڙي ڪکائين هئي، سمجهه ۾ نٿي آيو ته آئون هن جھوپڙي ۾ ڪئين پهتس، ذهن تي زور ڏئي ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ڪجهه به ياد نه آيو، مٿي ۾ سور جي سٽ اڀري ته اکيون بند ڪيون. ذهن ۾ ڄامشورو پُل تان ٽپو ڏيڻ جا عڪس اچڻ لڳا. ڪيتري ئي عرصي کان آئون رڙيون ٻڌندو ٿي آئيس، رڳو هڪ جملو:
”مون جنگ وطن ڪاڻ جوٽي آ،
مخدوم بلاول موٽي آ......“ جئين ئي اکيون بند ڪريان ته اهو آواز ڪنن سان ٽڪرائجي. جنهن کانپوءِ من وياکل ۽ روح بيچين ٿي پوندو هو. ان جملي مونکي نفسياتي مريض ڪري ڇڏيو، جڏهن کانپوءِ آئون سڀ کان پهرئين پاڙي جي مسيت جي مولوي سان صلاح مشورو ڪيو. اسان مسيت جي ڪوشادي پڌر ۾ ويٺا هئاسين جو هن ڪاري ڏاڙهيءَ ۾ آڱريون ڦيرندي چيو:
”تو تي ڪنهن تعويذ ڪرايو آهي، يا ڪارو جادو، جيڪڏهن تون چئين ته آئون تنهنجي لاءِ ٽن ڏينهن جو چلو ڪاٽيان.“ جنهن کي مون نظر انداز ڪري ڇڏيو، مسيت جي ڪشادي پڌر منجهان اٿي، ماربل جي ناسي فرش تي هلندي سوچيم: هي انسان کي ڇا ٿي ويو آهي، جو الله سائين لاءِ ته شاندار ۽ عاليشان گهر ٿو اڏرائي، جن ۾ الله سائين پاڻ ته نٿو رهي، پر سندس نمائندو مولوي عيش ڪري ٿو، ٻئي طرف روڊ رستن تي دربدر ٿيندڙ انسانن لاءِ هڪ ڪمرو به ڪونهي. ڪي انسان ته وري اهڙا رهزن به آهن جو غريبن جي ڪکائن گهر کي به باهه ڏيندي دير نه ڪندا آهن. جڏهن مذهب منهنجي سوال جو جواب نه ڏئي سگهيو ته آئون حيدرآباد جي هڪ مشهور نفسياتي ماهر سان مليس، سندس ڪلينڪ صدر ۾ هئي، اڌ ڪلاڪ جي مٿي ماري ۽ سوالن جوابن کانپوءِ ان نتيجي تي پهتس ته ڊاڪٽر زرين وٽ به منهنجي مسئلي جو حل ڪونهي. آئون عجيب ڪيفيت منجهان گذرڻ لڳس، اهو آواز ڪنن جي پردن سان گجگوڙ ڪري ٽڪاءُ ڪرڻ لڳو. نيٺ ان نتيجي تي پهتس ته ان آواز کان فرار جو هڪڙو ئي رستو آهي ته پنهنجو انت آڻيان، پر ان جو پڪو پيهه نه ڪري سگهيس.
ان ڏينهن گهران نڪتس ته خبر نه آهي ڇا ٿيو، هڪدم موٽر سائيڪل ڪنڊائتي بيهاري هيٺ لٿس ۽ پُل تان وهندڙ پاڻي ۾ ٽپو ڏنو، جئين ئي پاڻي اکين ۾ ويو ته اکيون ٻوٽيون، وري اهو ئي آواز آيو:
”مون جنگ وطن ڪاڻ جوٽي آ،
مخدوم بلاول موٽي آ........“ ساهه مونجهڻ لڳو، ڦڦڙ ڦڙڪڻ لڳا، هڪ وڏي ڇولي جو احساس ٿيو ۽ پوءِ ڪا خبر نه آهي ڪيڏانهن ڌڪجي وئيس. جڏهن ٻيهر بُت ۾ زندگي جو احساس ٿيو ۽ اکيون کوليون ته پاڻ کي جھوپڙي ۾ کٽ تي ليٽيل ڄاتو. کٽ تان اٿڻ جي ڪوشش ڪئي پر اٿي نه سگهيس، بدن ۾ ڪمزوري هئي. ٻاهران کان ڪنهن جي پيرن جو آواز ڪنن تي پيو ته جهوپڙي جي چوڪاٺ ڏانهن نيهاريو. پيرن جو آواز ويجهو ٿيندو ويو ۽ پوءِ ڪمانڊو ٽرائوز، ڪاري ٽي شرٽ، منهن تي ڪارو نقاب ويڙهيل شخص جنهن جي ڪلهي تي جديد بندوق لڙڪي ٿي اندر آيو.