12
”بابا؛“ جميلا مرڪي مون ڏانهن اشارو ڪندي ڳالهايو: ”هي منهنجو دوست ريحان آهي، اوهان کان صوفين جي تاريخ ڄاڻڻ گهري ٿو.“ قاسم صاحب وڏن شيشن واري عينڪ سان مونکي چيتائي ڏٺو ته مون وري مرڪي ها ۾ ڪنڌ لوڏيو.
”آئون چانهن ٺاهي اچان ٿي.“ جميلا ٻاهر ويندي چيو. منهنجي من ۾ عجيب خوف جنم ورتو، ڀانيم مونسان ڪونه ڪو حادثو ضرور ٿيندو. اهو قاسم صاحب جي شخصيت جو اثر هو، مٿان وري ڪنهن دور ۾ جنوني مُلو رهي چڪو هو، رات جي هن مهل پنهنجي ڌيءَ سان هڪ جوان اوپري شخص کي ڪئين ٿي برداشت ڪري سگهيو.
”ويهه،“ هن ٽنگون پيٽ ڏانهن ڪندي چيو، آئون هن جي سامهون ويهي رهئيس، هن عمر خيام جي روبين وارو ٿلهو ڪتاب، ابن خلدون مٿان رکندي سوال ڪيو:
”صوفين بابت ڪهڙي ڄاڻ گهرجي؟“
”اسان؛“ مون هن کي ڏسندي چيو: ”هتي اچي رهيا هئاسين ته جميلا ٻڌايو هر دور جي صوفي هٿياربند جدوجهد ڪئي آهي، پر مون ته ٻڌو آ صوفي پيار، محبت ۽ امن جي ڳالهه ڪندا آهن، اهو ئي سندن تعليم جو مرڪزي نقطو آهي؟“ اهو ٻڌي قاسم صاحب جي منهن تي مرڪ اچي وئي ۽ چيائين:
”آئون جميلا جي ڳالهه سان اتفاق ڪريان ٿو،“ مون حيرانيءَ منجهان هن کي ڏٺو ته هن مرڪندي چيو:
”پيار ۽ محبت جي ڳالهه موالي ڪندا آهن صوفي نه.“ اهو ٻڌي منهنجا ڪن کڙا ٿي ويا.
”اسان؛“ هن نرم لهجي ۾ چيو: ”جنهن ملڪ ۾ رهون ٿا اُتي کير ئي سچو نٿو ملي ته صوفي وري ڪٿان سچا ملندا، تون صوفين جي نالي ۾ جنهن سان مليو آهين يا پڙهيو اٿئي، انهن جو ڪم چرس پئيڻ ۽ ڀنگ گهوٽڻ آهي، صوفي ته سندس دور جو انقلابي ٿيندو آهي، سندس ڪم ظلم، ڏاڍ، جبر ۽ ناانصافي خلاف بغاوت جو نعرو بلند ڪرڻ هوندو آهي.“ منهنجو وات ڦاٽي پيو ۽ غور سان هن کي ٻڌڻ لڳس.
”جيڪڏهن؛“ هن نرم لهجي ۾ چيو: ”صوفين جي تاريخ ڏسجي ته هنن امن ائم ڪرڻ لاءِ هميشه هٿيار کنيو آهي.“
”پهريون صوفي ڪير هو؟“ مون سوال ڪيو.
”هر دور جو نبي؛“ قاسم صاحب ساڳي نوع ۾ جواب ڏنو: ”پر حضرت عيسيٰ کانپوءِ ڪيترن ئي ماڻهن صوفي هجڻ جي دعوا ڪئي. اهڙي ريت مسلمان تاريخدانن موجب صوفي هڪ اهڙو ٽولو هو جنهن بنو اُميه جي دور ۾ حڪمرانن جي عياشي، ڏاڍ ۽ جبر خلاف احتجاج ڪيو.“ ايتري ۾ در کليو ۽ جميلا ٽري تي چانهن ۽ بسڪٽ کڻي آئي، هوءَ منهنجي پاسي کان ويٺي ۽ ٽري وچ ۾ رکيائين.
”منهنجي نظر ۾؛“ قاسم صاحب چيو: ”پهريان صوفي اهي غار وارا هئا جن حضرت عيسيٰ جي دور کانپوءِ بادشاهه دقيانوس خلاف بغاوت ڪئي. ڇا ٿو غار وارن جو واقعو ٻڌو آهي؟“
”جي؛“ مون کيس ڏسندي جواب ڏنو: ”پر اها خبر نه آهي ته هو صوفي هئا.“
”جئين ته؛“ قاسم صاحب آهه ڀري چيو: ”مذهبي جنونين سدائين پنهنجي بقا لاءِ ٻين سڀني کي ڪافر ۽ ڀٽڪيل هجڻ جون فتوائون ڏنيون آهن ان ڪري صوفين جو به غلط تصور دنيا ۾ پکڙجي ويو آهي. هر مذهب ۾ ٻه ٽولا هوندا آهن هڪ طريقت وارا، ٻيا معرفت وارا.“ مون ويران نظرن سان جميلا کي ڏٺو، هن مرڪي ها ۾ ڪنڌ لوڏيو، مون قاسم صاحب ڏانهن ڏٺو. اسان چانهن جا ڪپ کڻي ورتا.
”طريقت وارو؛“ هن ڳالهه تي زور ڏيندي چيو: ”سدائين جنوني، لالچي، دوکيباز ۽ قدامت پسند هوندو آهي، هو بنا سوچي سمجهي اکيون ٻوٽي ٻڌايل طريقي تي پيو هلندو آهي، هن لاءِ طريقت تي سوال ڪرڻ ڪفر مثل آهي. هو هر شيءَ ۾ تڪڙ ڪندو آهي، ايتري تائين جو سندس ڪوشش هوندي آهي ته سڄي جو سڄو قرآن هڪ ڏينهن ۾ پڙهي لکئين نڪيون ڪمائي وٺي، ان لاءِ ئي کيس سڄو سال تراوحين ۽ ختمن جو انتظار رهندو آهي. ائين ڪرڻ سان سندس سوچ سمجهه جا سمورا در بند ٿي ويندا آهن. دنيا ۾ ڏڦير اُتان شروع ٿيندو آهي جڏهن جاهل طريقت وارو اهو دعوا ڪندو آهي ته سچ ۽ حق رڳو هن وٽ آهي، ٻئي سڄي دنيا ڪوڙي آهي. سچ اهو آهي ته دنيا ۾ سچ نالي ڪابه شيءَ ڪونهي، هر ماڻهو شين کي پنهنجي سوچ ۽ نظريئي موجب ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.
ٻئي طرف معرفت وارو صبر کان ڪم وٺي، غور ۽ فڪر ڪرڻ لڳندو آهي، ان ڪري ئي ته هڪ هڪ لفظ جو علم حاصل ڪرڻ ۾ زندگي گذري ويندي اٿس. هن کي آزمائڻ لاءِ سندس اُستاد، جنهن کي اسان هادي، مرشد يا رهبر جو نالو ڏئي سگهون ٿا، هڪ لفظ ڏيندو آهي، جيڪو ٻئي ڪنهن شاگرد يا مريد کي نه ملندو آهي، ان لفظ جي کوج ۾ هڪ هنڌ ايندو آهي جنهن کي اسان فنا سڏيندا آهيون. گهڻا ماڻهو فنا کي انت سمجهندا آهن، پر فنا علم جو پهريون ڏاڪو آهي، فنا ٿيڻ سان من پاڪ صاف ٿيندو آهي ۽ علم رڳو ان کي ملندو جنهنجو من پاڪ هوندو. اهو شاگرد يا مريد مليل ان هڪ لفظ جي گهرائي ۾ گم ٿي ويندو آهي.“ قاسم صاحب ڳالهائڻ بس ڪيو، مون چانهن جي سرڪي ڀري.