9
”هي ڪهڙي جڳهه آهي ۽ آئون هتي ڪئين پهتو آهيان؟“ هن ور منجهان پستول ڪڍي بندوق جي پاسي کان رکيو، ڪاٺي جي پلر کي ٽيڪ ڏئي هيٺ وٺي، سندس ڪارين ڪجلين اکين ۾ عجيب چمڪ نظر آئي.
”ضلعو ڄامشورو،“ هن ڪارو نقاب هٽائيندي چيو، جئين ئي منهن تان نقاب پري ٿئيس ته منهنجون نظرون سندس چهري تي اٽڪي پيون، هوءَ گول منهن واري جوان ڇوڪري هئي، عمر ۾ لڳ ڀڳ 28 سالن جي هوندي، بُت جو انگ انگ جنسي ڪشش سان ڀريل.
”تو سنڌو ۾ خودڪشي؛“ هن مرڪندي چيو: ”ڪرڻ لاءِ ٽپو ڏنو هو، پر نادان ڇا توکي خبر نه آهي ته سنڌو موت بدران زندگي ڏيڻ وارو درياهه آهي.“ مون غور سان سندس مک ڏانهن ڏٺو، هن پستول کڻي لوڏڻ شروع ڪيو، مون وڏا وڏا ساهه کڻندي هن کي ڏسي پڇيو:
”تون ڪير آهين؟“
”آزادي؛“ مرڪي مونکي ڏسندي چيائين: ”جي راهه تي هلندڙ پانڌياڻي.“ جواب ٻڌي وري کيس غور سان ڏٺو ته وري مرڪندي چيائين:
”توکي خبر آهي، تنهنجون اکيون قاتل آهن، ائين ڄڻ سالن کان خمار ۾ هجئين.“ هڪ جوان خوبصورت ڇوڪري واتان پنهنجي تعريف ٻڌي بيجان هيڊي منهن تي مرڪ تري آئي.
”سنڌو ۾ ٽپو ڇو ڏنائي؟“ هن ٽگن جي وچان زمين کي ڏسندي پڇيو.
”اها سنڌي هجڻ جي سزا هئي،“ هڪ ساهي ۾ جواب ڏنو.
”اها ئي؛“ هن مونکي ڏسندي چيو: ”تنهنجي طاقت ٿي سگهي ٿي.“ ان کان پهرين جو آئون ڪجهه چوان ها ٻاهران ڪُتن جي ڀوڪڻ جو آواز آيو، هوءَ هڪدم اٿي بيٺي، ڀوڪڻ جو آواز ويتر وڌي ويو، هن ڦڙتي سان ڏنڊي تي لڙڪندڙ لالٽين وسائي بندوق کنئين ۽ ٻاهر ويندي چيو:
”جيڪڏهن زندهه رهڻ چاهين ته ڪو به آواز نه ڪجان.“ هن ڀيري سندس لهجو ڪڙڪ ۽ حڪم ڏيڻ وارو هو. هوءَ جھوپڙي کان ٻاهر وئي. ڪتڻ جي ڀوڪڻ جو آواز ويتر تيز ٿي ويو، ڀائيم ڪن شڪاري ڪتن ڪنهن تي حملو ڪري ڏنو آهي، من کي وهم وڪوڙڻ لڳا. اهو به خيال آيو ته هوءَ آخر ڪير آهي..... ڇا هاڻي سنڌي عورتن به هٿيار کڻي ورتا آهن.....!! هن پاڻ کي آزادي جي راهه تي هلندڙ سڏيو، ڪهڙي آزادي... ڇا جي آزادي..... آخر اها آزادي ڇا آهي....!! جنهن جي ڳولاءَ ۾ انسان صدين کان ڀٽڪندو رهيو آهي، آزادي جي بقا لاءِ جنگ ڪندو رهيو آهي. آزادي جي فلسفي تي مون برٽينڊ رسل کي پڙهيو هو. هن شخصي ۽ قومي آزادي کي بيان ڪيو آهي. هن ڇهن قسمن جي آزادي جو ذڪر ڪيو آهي، قومي آزادي، شخصي آزادي، گروهن جي آزادي، سياسي آزادي، معاشي آزادي ۽ سوچ جي آزادي. مونکي سمجهه ۾ نه آيو ته هن عورت ڪهڙي آزادي جي ڳالهه ٿي ڪئي. ٻاهران گولي هلڻ جو تيز آيو، آئون ڇرڪجي وئيس، ان کانپوءِ لڳاتار گوليون هليون ڄڻ ڪنهن برسٽ هلايو هجي ۽ پوءِ هڪدم موت جهڙي خاموشي ڇائنجي وئي، انڌيري ۾ ليٽي اهو احساس ٿيو ڄڻ آئون ڪنهن قبر ۾ سُتل هجان، ڄاڻ فرشتا آيا ۽ حساب ڪتاب شروع ڪيائون، پر مون زندگي ۾ ڪيو ئي ڇا آهي جو حساب ڪتاب ڏيان، نه دين جو نه ئي وري دنيا جو...... پوءِ ڇا جو حساب ڪتاب....
ٻاهران وري ڪنهن جي پيرن جو آواز آيو، آئون چوڪس ٿي وئيس، ساهه کڻڻ به ڇڏي ڏنو، ڪٿي ساهن جو آواز به نه موت کي مون ڏانهن ڇڪي اچي.
”اٿي، اٿي...“ اڻتڻ سان ڀريل عورتاڻو آواز ڪنن تي پيو ته اوندهه ۾ ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي. هن وڏا ساهه کڻندي تڪڙ ۾ ڳالهايو:
”جلدي ڪري فرشتا اچي ويا آهن، هي علائقو ڇڏڻو آهي.“ مونکي ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو، هن ڪاري نقاب سان منهن ڍڪيو، کٽ ڏانهن آئي، مونکي سٽ ڏئي مٿي اٿاريائين. مونکي ائين محسوس ٿيو ڄڻ آئون هڏن جو پڃرو هجان. پيرن تي بيهڻ جي ڪوشش ڪئي، مٿو ڦرڻ لڳو.
”هل، هل،“ هن چيو: ”اڳيان ٿي.“ آئون ڪمزور قدمن سان هلندو چوڪاٺ تائين آئيس، اڃا پير مس ٻاهر ڪڍيو جو هوا ۾ هڪ گولي هلي، گولي جي آواز تي ڇرڪي وئيس ۽ اچي زمين تي ڦهڪو ڪيو.
”اٿي، اٿي خير آهي،“ هن ٻانهن هٿ وجهي مونکي اٿاريندي چيو. آئون سندس نرم هٿ پڪڙي اڀو ٿئيس ۽ هن سان گڏ ٻاهر نڪري آئيس، هر طرف اوندهه ئي اوندهه ڇانيل هئي، ڪتن جو ڀوڪڻ ڇرڪائي ٿي ويو، ائين ٿي محسوس ٿيو ڄڻ ڪتا اسان جي ويجهو هجن، اجهو حملو ڪري اسان جي ٻوٽي ٻوٽي پٽي کائي ويندا. اسان ڀڄڻ شروع ڪيو، منهنجي بدن ۾ جان نه هئي، تنهن هوندي به زندگي بچائڻ لاءِ ڀڄڻ لڳس، ويتر مونجهارو ان ڳالهه تي ٿيو ته آئون ڇو ڀڄي رهيو آهيان، ڪجهه وقت اڳ هن ئي زندگيءَ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ موت کي ٿي ڳوليو، هاڻي جڏهن موت مٿان آيو آهي ته زندگيءَ لاءِ ڀڄي رهيو آهيان........ سموري بُت منجهان پگهر وهڻ لڳو.
”کاٻي هٿ ڏانهن مڙ،“ پٺيان عورت جو آواز آيو، آئون کاٻي هٿ ڏانهن مڙي وئيس، وڻن جون قطارون شروع ٿي ويون، اسان ڪنهن گهاٽي ٻيلي ۾ هئاسين، پيرن ۾ آلي زمين لڳي. اسان ٻئي خاموشيءَ سان ڀڄندا رهياسين. هڪ گهاٽي وڻ وٽ پهچي هن ڪنهن ڪبوتر جيان آواز ڪڍيو، مون حيرت منجهان کيس ڏٺو، ٻئي لمحي وڻ منجهان ساڳيو آواز آيو.
”سنڌو ماتا پهرئين چوڪي،“ هن وڏي واکي رڙ ڪئي. وڻ تان هڪ نوجوان سانورو ڇوڪرو هيٺ لهي آيو، هن کي به هٿ ۾ جديد هٿيار ۽ ڪمانڊو ڊريس پهريل.
”فرشتن کي خبر پئجي وئي آهي، چوڪي تي حملو ٿيو آهي.“ ڇوڪريءَ هڪ ساهي ۾ چيو. ان همراهه پاسي منجهان ٽارچ ڪڍي منهنجي منهن ۾ هنئين، روشني اکين ۾ لڳي ته مون ٻانهن سان اکيون ڍڪيون.
”هن؛“ عورت سمجهاڻي ڏيندي چيو: ”ڄامشورو پُل تان ٽپو ڏئي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، مون کيس بچائي ورتو.“ ان همراهه عورت جي منهن ۾ ٽارچ هڻندي کري لهجي ۾ ڳالهايو:
”اوهان کي پڪ آهي ته هي فرشتن جو ڪو ڄار نه آهي؟“
”گذريل ٽن ڏينهن ۾ هن بابت سموري ڄاڻ حاصل ڪئي آهي، هي آءِ بي ڪراچي جو شاگرد آهي.“ ان همراهه اسان کي اڳيان وڌڻ جو چيو، اسان گاري جي ٺهيل جھوپڙي ڏانهن وڌي وياسين، جنهن ۾ لالٽين جي مرجهاڻي روشني هئي. هن هڪدم نقاب لاٿو ۽ کٽ کي اڀو ڪري بيهاريو، ان جي ٻئي پاسي ٿي بيٺي ۽ ڪپڙا لاهڻ لڳي.
”اوهان؛“ مون وائڙن جيان پڇيو:”ڪير آهيو؟“
”هن وقت؛“ هن نيري چولي ۾ ٻانهون وجهندي چيو: ”ڄاڻڻ ضروري نه آهي.“ مونکي بيزاري ٿيڻ لڳي ۽ ٻيهر پڇيو:
”هي سڀ ڇا آهي؟“
؟آزادي؛“ هن شلوار مٿي ڪندي چيو: ”لاءِ جدوجهد.“ آئون خاموش ٿي وئيس، هن کٽ کي هيٺ ڪيو، هٿيار ڪنڊ ۾ رکي مونسان گڏ ٻاهر نڪري آئي. آئون خوف ۽ هراس ۾ هن سان هلندو رهئيس.
”تنهنجو؛“ سندس ڪارن وارن کي ڏسندي پڇيو: ”نالو ڇا آهي؟“
”جميلا،“ بنا مونکي ڏٺي جواب ڏنائين، آئون خاموش ٿي وئيس. اسان ٻيلي جي ٻئي پاسي کان نڪري ڪچو گس وٺي هلندا رهياسين، رات ڪاري ۽ خوفناڪ هئي، آسمان تي تارا ٽم ٽم ڪري رهيا هئا، پڪي رستي تي چڙهياسين ته روشنيءَ جي هجڻ جو احساس ٿيو. ائين لڳو ڄڻ موت جي طويل رستي تي هلڻ کانپوءِ ٻيهر زندگي جي راهه تي هلڻ لڳو هجان.
”تو؛“ جميلا مونکي ڏسندي پڇيو: ”خودڪشي ڇو ٿي ڪرڻ چاهي، جڏهن ته تون پڙهيل لکيل آهين؟“
”جيڪو؛“ مون سندس گول ۽ خوبصورت چهري ڏانهن ڏسندي چيو: ”معاشرو سوالن جا جواب نه ڏئي سگهي، اهڙي واهيات معاشري ۾ مون جهڙن ماڻهن جو ساهه منجهڻ لڳندو آهي ۽ پوءِ خودڪشي کانسواءِ ٻي ڪا به راهه نه بچندي آهي.“ هن مونکي چيتائي ڏٺو، ڪجهه گهڙيون اسان خاموشي ۾ هلندا رهياسين، پوءِ چيائين:
”سنڌ لاءِ ڪم ڪندئين؟“
”ڪهڙو ڪم؟“ مون حيراني ۾ کيس ڏسندي پڇيو.
”مون جنگ وطن ڪاڻ جوٽي آ،
مخدوم بلاول موٽي آ.....“ هن چپن ۾ ڀڻڪيو. اهو ٻڌي منهنجا ڪن کڙا ٿي ويا ۽ پير زمين ۾ ڄمي ويا. هوءَ ٻه چار قدم اڳيان هلي وئي. مڙي مونکي ڏٺائين ۽ حيرانيءَ منجهان پڇيائين:
”ڇا ٿيو؟“
”اهو جملو؛“ مون هٻڪندي چيو:”ڪيتري ئي عرصي کان منهنجي ڪنن ۾ واڄٽ ڪندو رهيو آهي.“
”اهو ته،“ جميلا منهنجي پاسي کان ايندي چيو: ”اسان جي تحريڪ جو نعرو آهي.“
”ڪهڙي تحريڪ؟“ مون ويتر حيرانيءَ منجهان هن کي ڏسندي پڇيو.
”آزادي جي تحريڪ،“ هن هلندي جواب ڏنو، مون ڳيت ڏئي خشڪ ٿيل چپن تي زبان ڦيري هن سان گڏ هلڻ لڳس.
”تون ڪير آهين؟“ مون سوال ڪيو.
”آئوم؛“ هن هلندي جواب ڏنو: ”صوفي آهيان.“
”صوفي.....“ ويتر حيراني ۾ ورجايو: ”صوفين جو هٿيارن سان ڪهڙو ڪم، اهي ته پيار، محبت ۽ امن جون ڳالهيون ڪندا آهن!!“
”اها؛“ هن اعتراض ڪندي چيو: ”صوفين جي هلايل تحريڪن خلاف سامراجي ٽولن جي سازش رهي آهي، هر دور جي صوفي هٿياربند جدوجهد ڪئي آهي، سامراجي ٽولا جڏهن صوفين سان مقابلو نه ڪري سگهندا آهن ته هنن خلاف غلط افواهون ڦهلائيندا آهن.“ مون وائڙن جيان جميلا کي ڏٺو، اسان ڏامر جي ڪاري روڊ جي ڪنڊ تي بيهي رهياسين. هن جي انداز منجهان ڪنهن به قسم جو خوف ظاهر نٿي ٿيو. شايد اها ئي انسان جي سڀ کان وڏي ڪاميابي آهي ته هو پنهنجي مقصد لاءِ هر قسم جي خوف کي شڪست ڏئي ڇڏيندو آهي. اهڙو انسان ڪڏهن به پنهنجي لاءِ نه جئيندو آهي، هو سندس مقصد جي بقا لاءِ جئيندو آهي.
”هر دور جو صوفي؛“ هن ڳالهايو: ”صوفي پنهنجي وطن لاءِ تحريڪ هلائيندو آهي.“ مون خاموشي ۾ کيس ڏٺو. مونکي لڳو ته جميلا جنوني آهي ۽ جنونين سان بحث ڪرڻ نقصانڪار هوندو آهي، آئون سندس شخصيت جي سحر ۾ ٻڏڻ لڳس، جڏهن ڪجهه گهڙين لاءِ مون نه ڳالهايو ته هن سوال ڪيو:
”ڇا تون ٻڌائي سگهئين ٿو ته شاهه سائين جي شاعري جو نچوڙ ڇا آهي؟“ آئون هن ڀيري به خاموش رهئيس ته هن پاڻ ئي جواب ڏنو:
”حيف تنهين تي هو، وطن جنهين وساريو.“ مون جميلا ڏانهن ڏٺو، سندس اکيون چمڪڻ لڳيون.
”جميلا؛“ مون سندس نالو کنيو، هن مون ڏانهن ڏٺو.
”تو ڪڏهن ڪنهن سان عشق ڪيو آهي؟“ مون پڇيو، سندس منهن تي مرڪ اچي وئي ۽ چيائين:
”هڪ ڀيرو وطن سان عشق ڪري ڏس، ٻيو هر عشق وساري وهندي، پر شط اهو آ ته وطن سان فنا جي حد تائين عشق ڪر.“ ان کان پهريون جو آئون ڪجهه چوان ها، هڪ رڪشو آيو ته جميلا ان کي هٿ ڏنو، رڪشو اسان وٽ بيهي رهيو، جميلا اڳيان وڌي ڳالهائيس:
”لطيف آباد نمبر 2.“ رڪشي واري ها ۾ ڪنڌ لوڏي چيو:
”250 روپيا.“ جميلا بنا ڪجهه چئي رڪشي ۾ ويٺي، آئون به هن سان گڏ ويٺس.