7
هڪ ڀيرو ڪينٽين ۾ مجيب ۽ ندا جو گرما گرم بحث ڇڙي پيو هو. آئون ۽ رخسار سندن ڳالهئين کي نظر انداز ڪري گرما گرم سموسا ٿي کاڌا جو ندا چيو:
”جيڪڏهن اسان هجرت ڪري ڪراچي نه اچون ها ته اوهان سنڌي اڄ به گڏهن جي ميل تي شرطون هڻندا هجو ها، اسان ئي اچي اوهان کي تهذيب ڏني، اوهان کي گڏهن منجهان انسان ڪيو.“ اهو ٻڌي مجيب جو منهن ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو، مون کيس اک جي اشاري سان اهو چوڻ جي ڪوشش ڪئي ته خدا جي واسطي منهنجي عشق خاطر هي زهر جو ڍڪ پي وڃ، پر مجيب آڏو جڏهن سنڌ ۽ سنڌين جي ڳالهه اچي ويندي هئي ته هو ٻئي هر ڳالهه کان بي پرواهه ٿي ويندو هو.
”اها؛“ هن چيو ته منهنجو دل ڪاڪڙي تائين اچي ويو: ”اوهان جي غلط فهمي آهي، اسان سنڌي اوهان جي محمد بن قاسم کان گهڻو اڳ تهذيب وارا هئاسين، سچ ته اهو آهي ورهاڱي مهل هتان جو پڙهيل لکيل مڊل ڪلاس لڏ پلاڻ ڪري ويو ۽ هن پار کان ڪسائي، پاڪٽ مار، بشني ۽ فقير، جن وٽ اُتي ڪجهه به نه هو سنڌ هليا آيا. ندا تون مونکي ڪو هڪ اهڙو مسلمان خاندان ٻڌاءِ جيڪو ويل سٽيلڊ هجي ۽ ان هندوستان ڇڏيو....!! اڄ به ويل سٽيلڊ مسلمان هندوستان ۾ ئي رهندڙ آهن ۽ سندن زندگي معيار هتان جي مسلمانن کان وڌيڪ بهتر آهن. اُتان جا مسلمان سموسن ۾ ڪوئي جو قيمو وجهي وڪرو نه ڪندا آهن،“ اهو ٻڌي رخسار هٿ ۾ جهليل سموسو پليٽ ۾ رکي ڇڏيو، جنهن تي اسان سڀ کلڻ لڳاسين. ندا کان اهو برداشت نه ٿيو ۽ ڪاوڙ ۾ اٿي هلي وئي. مونکي پنهنجي عشق جي ٻيڙي ٻندي نظر آئي، ان جو ذميوار منهنجو گهيرو دوست هو، جنهن کي آئون ڪجهه به نٿي چئي سگهيس.
بهرحال پهرئين سال جي آخري پيپر تائين ندا سان اکين ئي اکين ۾ محبت جو اظهار ڪندو رهئيس، جنهن کي هوءَ نظر انداز ڪندي رهي. اهو خمس جو ڏينهن هو، اسان سمسٽر بريڪ تي وڃڻ وارا هئاسين، جو آءِ بي اي جي باغ ۾ ندا ڏانهن آيو هئيس، هوءَ ان وقت ناريل جي وڻ کي ٽيڪ ڏيو اڪيلي ويٺي هئي، سياري جي شام سج هوريان هوريان آسمان کان ترڪڻ لڳو هو. آئون به ناريل جي وڻ کي ٽيڪ ڏئي سندس پاسي کان ويٺس ۽ اکين ۾ اکيون وجهندي چيو:
”آئون توسان عشق ڪريان ٿو ۽ تو بنا رهي نه سگهندس.“ هوءَ خاموش رهي، من اندر جي بيچيني وڌڻ لڳي.
”آئون؛“ ڏڪندڙ چپن سان چيو: ”سڄي عمر توسان گڏ گذارن گهران ٿو.“
”ڏس ريحان،“ هن هوريان ڳالهايو، منهنجو نالو کنيائين ته ائين لڳو ڪائنات حرڪت ڪرڻ ڇڏي ڏني آهي. مون سندس چاندي جهڙي چمڪندڙ چهري ڏانهن ڏٺو.
”تون؛“ هن ٻيهر هوريان چيو: ”سٺو ڇوڪرو آهين، پر.......“ ڪجهه چوڻ چاهيائين، چئي نه سگهي ۽ چپ ٿي وئي، مون سيني تي وڇون هلندي محسوس ڪيا، جڏهن ڳچ پلن لاءِ نه ڳالهايائين ته مون چيو:
”پر ڇا ندا،“ منهنجا چپ ٿڙڪڻ لڳا.
”ڇڏ بس،“ هن بيزاري جو اظهار ڪندي چيو.
”چئو ندا، خدا جي واسطي چئي ڏئي؛“ التجا ڪندي چيم: ”هي منهنجي لاءِ زندگي موت جو سوال آهي.“
”تون نه سمجهندين،“ هن نارنگي ٿيندڙ آسمان کي ڏسندي چيو. هوءَ اٿي بيٺي ته آئون به اٿي بيٺس ۽ هوريان چيم:
”ڇا نه سمجهندس؟“
”اهو ئي ته.....“ هن تلخ لهجي ۾ چوڻ جي ڪوشش ڪئي پر وري جملو اڌ ۾ ڇڏي ڏنائين. آئون وائڙن جيان هن کي ڏسڻ لڳس. هڪ پل جي خامشي من اندر کي چيرڻ لڳي، ائين لڳو ڄڻ من صدين کان موهن جو دڙو جيان ماتم ۾ ڀُرجندو هجي، اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي آيون......
”ڏس ريحان،“ هن مونکي ڏٺو، اکين ۾ ڀرجي آيل نير ڏسي وري هڪ پل لاءِ خاموش ٿي وئي، مون پوري طرح ڄاتو ٿي ته ندا من جي خوشحال موهن جي دڙي تي بجلي ڪرائي ان کي مردن جي وسندي بڻائي ڇڏيندي، دل جي چمن تي ارغونن جي گهڙن کي بڄندي ۽ ٺٽي کي ساڙيندي ڄاتم.
”تون سنڌي آهين ۽ آئون غير سنڌي آهيان،“ ندا چيو هو.
”ندا؛“ هوريان سندس نالو کڻي چيم: ”ان سان ڪهڙو فرق پئي ٿو؟“
”فرق پئي ٿو ريحان؛“ هن هلڪڙو احتجاج ڪندي چيو: ”آئون اوهان جي ڄٽڪي سنڌي ماحول ۾ نٿي ڦاسڻ چاهيان.“
”پر؛“ ڳيت ڏئي هوريان کيس سمجهائيندي چيم: ”پاڻ ٻئي مسلمان آهيون، ڇا اهو ڪافي نه آهي؟“
”نه اهو ڪافي نه آهي؛“ هن ساڳي طرح احتجاج ڪندي چيو: ” اهي ڪتابي ڳالهايون آهن؛ اوهان سنڌي اسان جي آزادي، ٻولي ۽ ڪراچي جا دشمن آهيو.“ اهو ٻڌي منهنجو مٿو ڦرڻ لڳو هو.
”ڪراچي اسان سنڌين جو آهي،“ هن واري مون احتجاج ڪندي چيو.
”اچي وئين نه؛“ هن طنز ڀري مرڪ اڇلائيندي چيو: ”پنهنجي اصليت تي.“
”تون؛“ روئڻهارڪي لهجي ۾ چيم: ”اسان جي محبت کي سياسي رنگ ڇو پئي ڏئين؟“
”اسان جي محبت.....!!“ هن حيرت جو اظهار ڪندي چيو: ”مون ڪڏهن به توسان محبت نه ڪئي آهي، نه ئي وري ڪنهن سنڌي سان محبت ڪنديس.“
هوءَ هلڻ لڳي، آئون به هن جي پٺيان هليس.
”ندا،“ سندس نالو کنيم، اکين سان گڏ من پڻ ڀرجي ويو. ندا مڙي مونکي ڏسي نفي ۾ ڪنڌ هلايو ۽ تڪڙيون وکون کڻندي هلي وئي. هوءَ مونکي رڳو ان ڪري ڇڏي وئي جو آئون سنڌي هئيس. اسان کي هن ملڪ جي درسي ڪتابن جيڪو ڪجهه پڙهايو ويو سو ڪوڙ هو، سچ اهو هو ته مون جنهن سان محبت ڪئي هئي، ان مونکي منهنجي سنڌي هجڻ ڪري سزا ڏني.
ٽٽل دل کڻي حيدرآباد لاءِ نڪتس، ڪنهن به ڳالهه ۾ دل نٿي لڳو، ائين ٿي لڳو ڄڻ منهنجي دنيا ئي اُجڙي چڪي آهي، هر وقت ندا جي ياد ستائڻ لڳي، سندس حسين کل ڏنگهڻ لڳي، سندس ڏنل ڏنڀ کي وسارڻ لاءِ سنڌ جي تاريخ پڙهڻ شروع ڪيم، ته احساس ٿيو سنڌ جو درد منهنجي درد کان هزارئين ڀيرا وڌيڪ آهي، پاڻ کي ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيم، نه ڪنهن سان ڳالهايان، نه وري ڪنهن سان ملان.
هڪ رات بيڊ تي سڌو ستو پيو هئيس جو ڪنن ۾ رڙيون ٿيڻ لڳيون:
”مون جنگ وطڻ ڪاڻ جوٽي آ،
مخدوم بلاول موٽي آ.......“ ڇرڪ ڀري اٿي پئس، هيڏانهن هوڏانهن ڏٺم، ڪمري مونکان ۽ منهنجي اڪلائي کانسواءِ ٻيو ڪير به نه هو.
هڪ ڏينهن شام جو موٽر سائيڪل ڪڍي حيدرآباد کان ڄامشورو ويندڙ پُل ڏانهن نڪري وئيس. انسان به ڪيڏي نه عجيب مخلوق آهي جو ٻن شهرن کي ملائڻ لاءِ روڊ ۽ پُلپن اڏي چڪو آهي پر اڄ تائين ٻن دلين کي ملائڻ لاءِ ڪا پُل يا روڊ نه ٺاهي سگهيو آهي. موٽر سائيڪل پاسي کان بيهاري، هيٺ سنڌوءَ جي وهندڙ پاڻي کي ڏسڻ لڳس. ان وقت به سج لهي رهيو هو.