مهاڳ : محب، جنهن جو قلم سور سرجي ٿو
ڪتاب “هن رتائين راهه ۾” جنهن ساڃاهه وند اڻپوري عمر ۾ سرجيو آهي، تنهن جي ڄمار ايتري ڪونهي جيترا سندس درد جهور لڳن ٿا. لفظن جي جڙت ۾ جوت وجهجي ٿي ته حيرت ٿئي ٿي. سندس قلم جي ڪهاڙي جي ڌار نهايت تيز هئڻ سان گڏ علم، عقل، جو پئمانو، پر انهي کان علاوه کيس لکڻ جي ڏات به واهه جي اٿس. جڏهن مؤرخ قلم کڻي لکڻ ويهي ٿو ته جملن جي جوڙ تسلسل سان اهڙو ته ڀلوڙ بڻجي اُسري ٿو جو امالڪ دل کيس داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نٿي سگھي. ھن جي تخيل جي گردان جو محور مظلوم، هاري، مزدور طبقي لاءِ وقف ٿيڻ جو سبب سماجي طرح سرمائيداري نظام جنهن ۾ صدين کان ڌرتيءَ جا پورهيت انسان نهايت ئي بيوسي، بيڪسي، سان پلپل اُجھڻ، رِجڻ، وري اُسرڻ ۽ نسرڻ کانپوءِ مسڪين غلامي جو طوق پنهنجي گردن ۾ پاتل ڏسي پسي بنان لُڇڻ، ڦٿڪڻ بعد ڏونگر جيڏا ڏک سلسليوار نسلن تائين منتقل ڪرڻ ڄڻ مٿن فرض واجب، انهن معاشري جي ماريلن جي ويڙهي ۾ پيدا ٿيڻ وارن مان محب ڀيل خود به هڪ آهي. هو خود به جاگيرداري ۽ سرمائيداري جو ڏنگيل هجڻ سان گڏ برهمڻن پاران انسانن لاءِ رائج ڪيل ڇوت ڇات واري ڪاري قيام جو باغي شخص آهي. سنڌو تهذيب ۾ اوچ نيچ جو مت ڀيد ماڳهين نه هو. بلڪه قديم سنڌ واسي اُهي انسان انتهائي اهم ۽ اتامرا هئا. اوچتو تاريخ قيامت خيز ڪلٽي کاڌي ڌرم جا ٺيڪيدار برهمڻ بڻيا ۽ هنن هڪ مخصوص ٻولي سنسڪرت ايجاد ڪري قديم ڌرمي ڪتاب، ويد سنڌي مان سنسڪرت ٻولي ۾ ترجمو ڪري انهن جي پڙهڻ لاءِ ٻين تي پابندي لاڳو ڪئي وئي. پنهنجي اُچائي ثابت ڪرڻ لاءِ منوسمرتي لکي پاڻ کي برهما جي مُک مان ثابت ڪيو. ٻنهي جاتين مان يعني کتري کي بادشاهي ۽ وئش کي واپار ارپيو ويو. باقي ٻين مسڪينن کي شوڌر قرار ڏئي انسانيت کي ڪاراٺ ملي وئي. غريب ڀيل، ڪولهي، ميگھواڙن، سامين، جوڳين کي شوڌرن جي دفي (ڀاڱي) ۾ داخل ڪري مٿن ڳاٽي ٽوڙ ظلمن جا پهاڙ ڪيرايا ويا. ائين دنيا جي اعلى قديم سنڌو تهذيب جاوارث پنهنجي ئي ڌرتيءَ تان ڌڪارجي ڌاريان، بيوس، لاچار، غلام، بيڪس بنايا ويا. هو جي ڪالهه رُشي، مُني، ماهرڪلاڪار، موسيقار،جاگرافيدان، آلجبرا، انگي حسابي جا وڏا ڄاڻو، انجنيئر وغيره سان هن معاشري ۾ سندن مهانتا مقبول و معروف تن کي ڌڪي ڌار ڪري جھنگل واسي بنايو ويو. انهي ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين انهن ماڻهن سان ويڌنن جو ورجاءَ ٿيندو رهي ٿو. جنهن ڪري هي تهذيبي، تمندني، معاشرتي، سماجي طرح سان نهايت پستي واري زندگي جي ڏکين دؤرن مان گذري پنهنجي بقا جي جنگ جاري رکيو اچن. اهڙي انتهائي ڪٺن، ڏکين، بکين ۽ غربت واري پيڙائن جي پيدائش مان هن ڪتاب “هن رتائين راهه ۾” جو مصنف محب ڀيل به گذرندو اچي. محب ڀيل وڏي محنت سان سنڌ جي هاري تحريڪ کي سيهڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جنهن کي پڙهڻ سان من ۾ مچ ٻري ٿو. محب ڀيل جون رت سان رجيل لکڻيون پورهيتن جي دردن جي عڪاسي ڪن ٿيون. محب اکرن جي سکرائپ سڃاڻڻ بعد جڏهن پنهنجي وڏڙن واتان ماضي جا قصا ٻڌا ۽ حال ۾ خود سميت ڪروڙين مظلوم پورهيتن جي ڀوڳنائن کي ڏٺو ۽ ڀوڳيو تڏهن سندس من مانڌاڻ متي هو تڙپي اُٿيو ۽ پوءِ “جت باهه ٻري اُها جاءِ جلي” يا ڀٽائي سرڪار هي بيت سرجيو ڄڻ هن لاءِ
ڏکيون جان نه مڙن تان تان ڀنڻ نه ٿئي،
پٽڻ واريون پڌريون، ڳاڙها ڳل سندن،
ٻيون هونئين هٿ هڻن، روئينديون روئڻ واريون.
اهڙين حالتن جي هيبتناڪين مان گذري جڏهن محب ڀيل جي قلم انهن ڏکن، ڏوجھرن، ڏولاون، پيڙاهن، ظلمن جي ڊگهين وارتائين، ناانصافين ۽ پنهنجي معاشري ۾ پيڙجندڙ عوام کي سجاگ ڪرڻ واسطي پرخلوص سچائين سان ڏيل ڏاريندڙ حقيقتن جو منظرنامون پيش ڪيو ۽ مون پڙهيو ته امالڪ نيڻ ڇلڪي پيا. اي ڪاش هي پورهيت طبقو محب ڀيل جي سلجهايل انهن سخنن تي ويچاري مستقبل قريب لاءِ ڪا اهڙي راهه هموار ڪرڻ جي همت ڪن ته جيئن ايندڙ وقت ۾ پورهيتن جا نسل آزادي جو سج ڏسي سگهن. سرمائيدار جا ڏنل سور، ريٽجي ۽ ميٽجي وڃن.
آخر ۾ آئون پورهيت قلمڪار محب ڀيل کي مبارڪن جو مستحق يا حقدار سمجهي کيس لکين شابسون ارپيان ٿو. ۽ پڻ کيس هڪ ننڍڙي گذارش ڪندس ته مسڪين ۽ ماروئڙن لاءِ ضرور لکي پر هڪ ڏات ڌڻي کي موضوع جو هڪ هنڌ مقرر ڪري بيهه رهڻ نه گھرجي. لکڻ جي ڏات کي ٻين موضوعن لاءِ به وقف ڪري ته جيئن سندس لکڻي مان هر مڪتب فڪر جو ماڻهو علمي ڄاڻ حاصل ڪري سگھي.
نيڪ تمنائن سان
فتح محمد شهزاد ٿيٻو
چيف ايڊيٽر “ولهار” اخبار