هاري اڳواڻ شهيد فاضل راهو
هڪ ئي وقت شهيد فاضل راهو جتي ملڪي سطح جي جمهوريت پسند اڳواڻن سان گڏ ويهي سياسي مسئلا سُلجھائيندو هو ته اُتي هو ٻهراڙي جي ڳوٺاڻن ۽ غريب هاري ڪارڪنن ۽ اڳواڻن ڏاڏا عبدالقادر رانٽو، ماما عارب ڪيڙانو، لکانو بهراڻي، امين خاناڻي، جمعو نوحاڻي، اشرف رند، آفتاب ڪلوئي، علي غلام نظاماڻي، بچايو ڀيل، الهجڙيو ٿيٻو، الهڏتو لغاري، مير فيض ٽالپر، ڪرم ڪلوئي، حڪيم هاليپوٽو، نوح گشڪوري، جمن ترڪ، مٺو مهيري، گل چانگ، نورمحمد پنهور، جمعوخاصخيلي، تاجن ڪلوئي سان گڏ به جدوجهدن ۾ ساڻ رهيو. شهيد فاصل راهو پنهنجي تر سميت سڄي سنڌ جي غريب ۽ مسڪين هارين ۽ پورهيتن جي مرڻن ۽ پرڻن ۾ ڄاڃي ۽ ڪانڌي بڻجي ساڻن ساٿ نڀايو. باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کانپوءِ شهيد فاضل راهو سنڌ جي لکين پورهيتن لاءِ ڏڍ هو.
شهيد فاضل راهو پنهنجي سياسي زندگي جو ڳچ حصو پاڪستان جي بدنام زمانا جيلن ۾ مڙس ٿي ملهايو. جيل ۾ پارٽي جي حڪم تي فاضل تمام گھڻا ڪتاب پڙهيا. گھرو، نظرياتي مطالعي شهيد فاضل راهو کي هڪ پختو سياسي ڪارڪن ۽ اڳواڻ بڻائي ڇڏيو. شهيد فاضل راهو قيدين جي گڏيل پڙهائي ۽ سياسي تربيت جي روايت سان جيل کي اسٽيڊي سرڪل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. يونين ڪائونسل ترائي کان سياست جي شروعات ڪندڙ پورهيت رهنما شهيد فاضل راهو جڏهن هارين جي حقن جي حاصلات لاءِ بک هڙتال ڪئي ته ملڪي ايوانن جا ڀاري بُرج لڏي ويا. شهيد فاضل راهو رسول بخش پليجي سان گڏجي سنڌي عوامي تحريڪ ۾ سياست جي ميدان تي سنڌي قوم جو ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺو. ساهه جي آخري گهڙين تائين پنهنجي پارٽي، نظريي، قوم، ڌرتيءَ تي سر گھوري سُرهو ٿيو. شهيد فاضل راهو جي جدوجھد رنگ ، نسل، ذات، پات ۽ مذهبي مت ڀيد کان اُوچي هُئي. سندس جدوجھد سڄي دنيا جي مسڪين ، مظلوم ، ڦريل ، لٽيل ، پيرن اگھاڙن پورهيتن مزدورن لاءِ هئي. سندس جدوجھد لينن، مائوزي تنگ، هوچي من، چي گويرا، فيڊل ڪاسترو، هوگو شاويز، نيلسن منڊيلا جي جدوجھد جو تسلسل هُئي.
شهيد فاضل راهو جيئن سياسي شعور سنڀاليو ته هن سنڌ جو درد محسوس ڪيو ۽ جدوجھد جي ميدان تي سندرو ٻڌي لهي پيو. ان عظيم جدجھد دوران آرام پسندي يا ساهي پٽڻ سندس اصولن ۾ شامل نه هو. جنهن خطي ۾ سياست فقط ملڪيت، محل، ماڙيون، بنگلا، ٻنيون،گاڏيون ۽ جاگيرون ٺاهڻ لاءِ ڪئي وڃي اُتي شهيد فاضل راهو اهڙي مال ميڙن واري روايت کي ٿڏي صرف سنڌ جي پورهيت هارين جي حقن جي حاصلات لاءِ سياست ڪئي. هن کي به پنهنجي زندگي ۾ لاتعداد سڻڀيون آڇون ٿيون پر هن غيرت منڌ، سپوت، ارڏي مٿير مڙس سمورن آڇن کي ٺڪرائي پنهنجي ڌرتيءَ جي مسڪين پورهيتن سان گڏ ثابت قدمي سان بيٺو رهيو. اهڙي ثابت قدمي ۽ جُرت کيس تاريخ جي ورقن ۾ اُوچو مقام ڏياري ڇڏيو آهي. شهيد فاضل راهو پنهنجي سياسي زندگي ۾ ڪيتريون ئي ڪامياب سياسي تحريڪون هلايون. جڏهن 70ع واري ڏهاڪي ۾ ڪوٽڙي بئراج جي زمينن جي نيلامي جو فيصلو ڪيو ويو ته فاضل راهو هزارين هارين سان گڏجي جدوجھد هلائي.
ان هاري تحريڪ جي نتيجي ۾ لاڙ جي 28 لک ايڪڙ زمين لاڙي هارين کي ملي. سنڌ جون زمينون نيلام ڪرڻ خلاف شهيد فاضل جي اڳواڻي ۾ هلايل تحريڪ پنهنجا مطالبا مڃايا. ان کان علاوه ووٽر لسٽون سنڌي ۾ ڇپايو تحريڪ، صحافين جي حقن لاءِ تحريڪ، هارين جي حقن لاءِ تحريڪن کان ويندي ملڪي تاريخ ۾ جمهوريت جي بحالي لاءِ ماضي جي جدوجھدن ۾ اهم حيثيت رکندڙ ايم آر ڊي تحريڪ ۾ شهيد فاضل راهو هڪ دلير باهمت، باصلاحيت سياسي رهنما جي حيثيت ۾ نروار ٿيو. شهيد فاضل راهو جڏهن راهوڪي مان نڪري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهتو ته لکين ماڻهو سندس سٿ ۾ شامل ٿي ويا. فاضل راهو جو ڪافلو سنڌ جي حقن جو محافظ بڻجي ويو. سنڌ دشمن سامراجي قوتن پاران جڏهن به سنڌ تي قهري وار ڪرڻ جو سانباها ڪيا ويا ته پليجو صاحب ۽ شهيد فاضل راهو جي پارٽي پنهنجي وس ۽ وت آهر جدوجھدون ڪري سنڌ دشمنن ڌرين جي خطرناڪ ارادن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو. شهيد محمد فاضل راهو به سنڌ جي انهن عظيم شهيدن شهيد شاهه عنايت، شهيد سورهيه بادشاهه، دولهه درياهه خان، مخدوم بلاول، شهيد هوش محمد شيدي، شهيد دودو سومرو، هيمون ڪالاڻي، روپلو ڪولهي سميت سنڌ ماتا لاءِ جان جو نذرانو ڏيندڙ سمورن شهيدن جي راهه جو راهي ۽ انقلاب جي عظيم خوابن جي ساڀيان هو. سنڌ جو مدبر جمهوريت پسند سياسي اڳواڻ شهيد عوام فاضل راهو کي سنڌ جي حقن جي حاصلات واري اهم جدوجھد جي راهه تان هٽائڻ خاطر سامراج پاران وڏيون سازشون ڪيون ويون. پليجي صاحب سان گڏ شهيد فاضل راهو پنهنجي گھر جي سمورن ڀاتين پٽن، نياڻين،ڀينرن سميت آمريت جا عذاب ڀوڳي انقلاب خاطر عملي سياست جو اعلى مثال قائم ڪيوآهي. سندن ٻار، ٻچا، دوست ۽ احباب سڀ شهيد فاضل راهو جي ڪري آمريت جي اک ۾ ڪنڊو بڻيل هئا. سندس ڳڀرو ڳاڙهي گھوٽ پٽ صديق راهو کي سي آءِ سينٽر ڪراچي ۾ سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو. نيٺ ان بدترين تشدد ۾ صديق راهو شهيد ٿي ويو. شهيد صديق راهو جي شهادت تي هن انقلابي اڳواڻ کي پيرول تي آزاد ڪري سندس ڪلهن تي نوجوان پٽ جو لاش کڻايو ويو. وطن ۽ وطن جي حقن لاءِ هن جي عاشقي کي هر طرح آزمايو ويو. پر ڌرتيءَ جي عشق جي آزمائش ۾ شهيد فاضل راهو پار پيو. شهيد فاضل راهو جا حوصلا سدائين هماليا جيڏا اڏول رهيا. شهيد فاضل راهو ڪڏهن به وقت ۽ حالتن جي اڳيان نه جھڪيو نه وڪيو. جيل، تشدد، گرفتاري، روپوشي جون دربدريون، قيد و بند جون صعوبتون هن سچي انقلابي اڳواڻ کي جھڪائي نه سگھيون.
عمر سڀ عشق سين ، پنهون جي پُڇن
ريس ريزاليون تن سين، ڪُڄاڙي لئه ڪن،
مارڳ جي مرن ، ته وڏا طالع تن جا.
شهيد فاضل راهو عالم انسانيت ۾ يقين رکندڙ عظيم انسان هو. سندس زندگي ۾ ان طبقي سان تمام گھڻي ويجھڙائي هُئي جنهن طبقي جي ماڻهن کي هن مدي خارج سماج ۾ اڇوت سمجھي ڌڪاريو وڃي ٿو. شهيد فاضل راهو سنڌ جي ڀيلن، ڪولهي ۽ ميگھواڙن کي پاڻ هٿ ڌورائي ماني کارائيندو هو. سندس اوطاق هر وقت مسڪين ، مظلوم ، هارين ۽ مزدورن سان ڀري پئي هوندي هُئي. اڄ به لاڙ جا غريب شڪاري، سوپي ۽ هاڏيري ڀيل ۽ ڪولهي ڪُڙمي کيس عقيدت ۽ احترام سان ياد ڪري هنجون هارين ٿا. جن کي شهيد فاضل راهو جدوجهد ڪري ٻنيون ڏياريون هيون.
تنهنجيون ڳالهيون ڳوٺن پوٺن،
تنهنجيون يادون من ۾ مرڪن
فاضل هُئين تون مڙس مهان
راهو توتي سرخ سلام.
سنڌ دشمن سامراجي قوتن جي شروع کان وٺي اڄ ڏينهن تائين سنڌ جي قومي وسيلن، پاڻي، معدنيات، زمين، پيٽرول، گيس،ڪوئلو، زراعت، بندرگاهه، سميت سنڌ جي شهرن تي قبضي جي نيت رهي آهي. ۽ انهن سامراجي سازشن خلاف سنڌ پنهنجي سياسي شعور، ٻڌي، اتحاد، يڪجھتي ۽ ثابت قدمي سان مزاحمت ڪئي آهي. پر شهيد فاضل راهو جي ڪامياب حڪمت عملين، سياسي جدوجھدن ۽ تحريڪن کان سنڌ دشمن ڳُجھيون طاقتون ڊنل هُيون. شهيد فاضل راهو سنڌ جي سمورن قومي وسيلن جا انگ اکر ياد رکندو هو. جڏهن هو اهي انگ اکر تقريرن ۾ بيان ڪندو هو ته ڪيترائي موٽن دماغن وارا پڙهيل لکيل ماڻهو حيران ٿي ويندا هئا. يعني سنڌ سان ٿيل سمورين ناانصافين جي وارتا کي ڌرتيءَ جو ڪيس سمجھي وطن جي پورهيت هارين ۽ مزدور ماروئڙن کي سادي ۽ ٻاٻاڻي ٻولي ۾سمجھائڻ، انهن کي سنڌ جي تحفظ لاءِ ذهني طرح تيار ڪرڻ، قومي حقن لاءِ جدوجھد جا نوان گس ڏيئي عوام ۾ هماليا جيڏا حوصلا پيدا ڪري اُتساهڻ ۽ عام ماڻهو کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ جھڙا ڪم سنڌ جي سياست ۾ بلڪل نرالي روايت هئا. سياست ۾ اهڙيون روايتون وڏيراشاهي ۽ جاگيرداراڻي سماج ۾ هضم ٿيڻ تمام مشڪل هيون. اهو شاندار ڪم رسول بخش پليجي ۽ شهيد فاضل راهو ڪري ڏيکاريو. سندن سياسي تربيت جي نتيجي ۾ سنڌ جا هاري ۽ مزدور سمورين سياسي تحريڪن ۾ اول دستي وارو ڪردار ادا ڪيو آهي. سنڌ جي سياست جي پراڻي مدي خارج روايتن کي ٽوڙي مروڙي سنڌ جي قومي حقن جي حاصلات لاءِ ٿيندڙ تاريخي جدوجھدن ۾ عورتن، ٻارڙن سميت هيٺين طبقي جي مزدور ،هاري پورهيتن کي اڳين صِفن ۾ شامل ڪيو. خاص طور تي جدوجھدن ۾ عورتن جي اڳواڻي وارو ڪردار رجعت پرست عورت دشمن قوتن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه پيو. جنهن ڪري مختلف سياسي اتحادن ۾ ويٺل اهي ڌريون سدائين سنڌي عوامي تحريڪ تي بي بنياد غير جمهوري تنقيد جو نشانو بڻائينديون هيون.
شهيد فاضل راهو جھڙا يگانا سياسي اڳواڻ ڪنهن خوشنصيب ڌرتيءَ تي صدين جي سفر کانپوءِ پيدا ٿيندا آهن. اهيو سنڌ جو ڀلوڙ ڀاڳ هو جو شهيد فاضل راهو هن ڌرتيءَ جي نصيب ۾ پيدا ٿيو. جنهن ڌرتيءَ ماتا جي پت پارڻ ڪارڻ سيس ڏئي وطن واسين جو ڳاٽ فخر سان اُوچو ڪري ڇڏيو. سندس رت جي عظيم قرباني تي سنڌ صدين تائين ناز ڪندي.
زمينون نيلام بند ڪريو تحريڪ دوران کورواهه جي ٻن سنڌياڻين ملوڪان گلاهه ۽ ٻاگھي گلاهه پڻ گرفتاري ڏني هئي. 1930ع کان هيستائين سنڌ ۾ هارين جي جدوجهد مڪمل سياسي رهي آهي. جنهن ۾ هارين جا انيڪ ڪارناما ان تاريخ ۾ شامل ٿيڻ کان رهجي ويا آهن. جنهن کي سهيڙڻ جي سخت ضرورت آهي. سنڌ جي انهن پورهيت تحريڪن کي اهم وقتن تي جاگيردار طبقن ناقابل تلافي نقصان پهچايا. شهيد عوام فاضل راهو جي شهادت سنڌ جي پورهيت هارين جي جدوجهد لاءِ ڪاپاري ڌڪ هئي. ان عظيم نقصان جو ازالو ڪرڻ ته تاريخ جي وس جي ڳالهه ناهي، پر وري به سنڌ ۾ هارين جي جدوجهد کي رسول بخش پليجي ۽ سندس پارٽي عوامي تحريڪ جي برادر محاذ سنڌي هاري تحريڪ سنڌ ۾ پورهيتن جي حقن لاءِ پتوڙيندڙ اهم تنظيم طور ڪم ڪري رهي آهي.
سنڌي هاري تحريڪ جا هيستائين مرڪزي صدر رهندڙ شيرخان لنڊ، قاضي غفار، ڏاڏا عبدالقادر رانٽو، عارب ڪيڙانو، وشنو مل، عزيز ٽالپر، محمد علي ٽالپر، فيض ٽالپر، علي نواز ڏاهري، اوڀايو جوڻيجو، فريد ڪلهوڙو، اياز کوسو ۽ انور رند رهيا آهن. انهن هاري اڳواڻن جو سنڌ جي پورهيت ماڻهن جي حقن جي تحريڪن ۾ تاريخي ڪردار رهيو آهي. سنڌ ۾ هاري جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ رسول بخش پليجي جي سياست جو محور سنڌ جا پورهيت هاري ۽ مزدور رهيا آهن. جنهن ڪري ان پورهيت طبقي جي شاندار نظرياتي تربيت جي سبب سنڌ ۾ اڻ پڙهيل هاري به دنيا جي مختلف موضوعن تي بحث مباحثا، تقريرون ۽ ليڪچر ڏيندا آهن. سنڌي هاري تحريڪ جي جدوجهد ۾ هاري اڳواڻ رسول بخش خاصخيلي، ڪرڙ رٻاري، ڪسرو مل، پونجو مل، علي سوڍو، شهيد عبدالستار انڙ، شهيد نواز ڪنراڻي، ربڏنو نوحاڻي، احمد خشڪ، ايوب انڙ، آچار ماليو، اميربخس جت، عبدالمجيد زنئور، نورمحمد زنئور، گل محمد ڪيڙانو، يعقوب ڪيڙانو، ايوب ٻائتار، شهيد حڪيم هاليپوٽو، سومار هاليپوٽو، دودو ڀيل، جلال ڀيل، رامجي ڪولهي، لکمڻ ڪولهي، هميرو مل، حسن پسايو، سومجي ڪولهي، گينو ڪولهي، پروانو ڪپري، خيرمحمد لغاري، شگهن ڪولهي، عبدالله کوسو، الهڏنو انصاري، دلدار لغاري، دوست علي ڪٽوهڙ، مجيد پرهياڙ، اقبال ساريجو، محمود ڀنڀرو، غلام مصطفى چانڍيو، روزي چانڍيو، حيدرملاح، عبدالخالق لانڍر، علي گوهر برهماڻي، غلام قادر عرف شينهن رند، سوجهرو رستماڻي، عرس ٻٻر، الله رکيو چانڍيو، ماما ميرو، پيرل ڀاڻو ۽ نورمحمد کوسو سميت ٻيا ڪيترائي مشهور سرگرم هاري اڳواڻ رهيا آهن.
***