ذڪر ڪجهه هاري اڳواڻن جو
[/b] هاري اڳواڻ ماما اشرف رند شاگردي جي زماني ۾ کاٻي ڌر جي سرخي ڪامريڊ عبدالسلام بخاري جي ساٿي گھڻ پڙهيي انقلابي اڳواڻ استاد فيض محمد ٽالپر جي سياسي ۽ علمي تربيت هيٺ ستر واري ڏهاڪي ۾ دنيا جي انقلابن جي تاريخن جا ڳاڙها ڪتاب پڙهيا. اهي ڳاڙها ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ هن ٻروچڪي ٻار پنهنجي روايتي سوچن کي تبديل ٿيندي محسوس ڪيو. هن مارڪس ازم، لينن ازم ۽ مائو ازم کي به ٻروچڪو ضد سمجھي پڙهيو ۽ پروڙيو. ڪتابي دنيا ۾ پير پائڻ بعد لوڪ وهي لُهارو هي ابتو وهيو عام کان. هن جيڪو پڙهيو، پرايو ۽ حاصل ڪيو اهو هن معاشري جي اڪثريت جي سمجھه کان ئي ٻاهر هو. اهڙي معاشري جي ذهني هم آهنگي کان مختلف ۽ منفرد صورتحال ۾ پاڻ کي فٽ ڪرڻ واقعي ئي وڏو محال آهي. جنهن سماج ۾ هاري اڳواڻ ماما اشرف رند جهڙو پختو نظرياتي ڪارڪن پنهنجو نور نچوئي دنيا جي علم جا ست سمنڊ جھاڳي ۽ اکين ۾ انقلاب جا آدرشي سپنا سانڍي جنهن سماج ۾ جيئي ٿو ان معاشري ۾ سندس ڳالهين کي سمجھڻ وارا ماڻهو ڪيترا آهن؟
پُرامن، قومي، عوامي ۽ جمهوري جدوجھد، پورهيت انقلاب جو سائنسي نظريو داس ڪيپيٽل، تاريخي ۽ جدلي ماديت، ڪميونسٽ مينوفيسٽو، سامراج جون سائنسي حرامپايون ۽ هوشياريون، غريب جو غريب ترين ٿيڻ ۽ امير جو اميرترين ٿيڻ جو فارمولو ۽ سامراجي راز سمجھڻ، سرپلس ويليو، نفي جي نفي ڇا آهي؟ شين جو ٺهڻ، جڙڻ ۽ فنا ٿيڻ، ڪائنات ۽ ارتقا، مذهبن جي تاريخ، سماجيات معنى ته ڪتابن پورهيت ڪارڪن ڪامريڊ اشرف رند کي هزارين موضوع، سوال ۽ جواب ڏنا. پنهنجي وقت جي مشهور سياسي ڪارڪنن ۽ مزدور ۽ هاري اڳواڻن مرحوم نانا الهجڙيو ٿيٻو، ڪرم ڪلوئي، مرحوم ڪامريڊ الهڏتو لغاري، آفتاب ڪلوئي سان گڏ سنڌ ۾ مارڪس، لينن ۽ مائو جي طرز سياست تي عمل پيرا رسول بخش پليجو جي پارٽي سنڌ عوامي تحريڪ ۾ سرگرم ٿيو۔
[b]ڪرم ڪلوئي
[/b] ڪائنات ۾ نئين کي پُراڻو ڪرڻ ۽ پُراڻي کي نئون ڪرڻ جي سوچ ۽ عمل ئي تبديلي جو ڪارڻ بڻجي ٿو، هن ڌرتي ماتا جي گولي تي اربين انسانن جنم ورتو، زندگي بسر ڪئي ۽ فنا ٿي ويا. تاريخ ڪنهن کي ياد ڪيو آهي، ڇو ياد ڪيو آهي ۽ ڪهڙن لفظن ۾ ياد ڪيو آهي؟ ڪير ماضي جو باب بڻجي تاريخ جي ورقن مان ڪچي مس جي اکرن جيئن مٽجي ويو؟ فنا ڪير ٿو ٿئي ۽ ڇو ٿو ٿئي؟ موت ڪنهن کي ٿو اچي ۽ تاريخ ۾ زندهه ڪير ٿو رهي؟ انهن سوالن جي جوابن جو فيصلو تاريخ کي نهايت ئي باريڪ بيني ۽ ايمانداري سان ڪرڻو آهي. ان مامري ۾ تاريخ بي ريا آهي. اهي سوال زندگي جي فلسفي جي وضاحت طلبين ٿا. اهي سوال ئي فرد جي هاڪاري ۽ ناڪاري ڪردار جو تعين ڪن ٿا. اهي سوال ئي فرد ۽ سندس ڪردار کي تاريخ ۾ زندهه به رکن ٿا ته مسخ به ڪن ٿا. اهي سوال ئي ڪائنات جي زندگي جي سلسلن کي ڳنڍين، ٽوڙين ۽ مروڙين به ٿا. انهن سوالن جو پيدا ٿيڻ ۽ گردش ڪرڻ ئي ڪائنات جي وجود جي بقاءُ لاءِ لازمي آهي. پر ان وسيع سرشٽي جي لوڪ ساگر ۾ “نه ڪي کڻن پاڻ سين، نه ڪي ساڻن پاڻ ” جي راهه تي حياتي جي ڳالهه هڪ نقطي ۾ مُڪائڻ وارا ماڻهو ئي برابر تاريخ ٿين ٿا. هاري جي حقن لاءِ پتوڙيندڙ ڪامريڊ ڪرم ڪلوئي جھڙا چند آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو اڄ به هن ڪائنات تي انقلاب جو سج اُڀرڻ جا آسوند آهن.
دربدري جي حالاتن ۾ پڙهندي ڇهين درجي ۾ هاءِ اسڪول جھڏو ۾ داخل ٿيو جتي هن جي ملاقات هڪ نامياري سوشلسٽ استاد مير فيض محمد ٽالپر سان ٿي. جنهن هن کي انقلاب جي بنيادي تربيت ڪندي ڪتابن جي دنيا ۾ مست رقصان ڪري ڇڏيو. سجاگ ٻار تحريڪ کان سياست جي شروعات ڪندڙ ڪرم ڪلوئي سنڌ جي جھرجھنگ ۾ پورهيت انقلاب جا هوڪا ڏيندي سڄي سنڌ جي ٻهراڙين ڪنڌڪوٽ کان ڪراچي تائين، ڪوٽ ٻنڌي کان ڪيٽي بندر تائين ڳوٺ، گام، واهڻ، وستين تايئن هن جا انقلابي ليڪچر، تحريرون ۽ تقريرون سامراج لاءِ هڪ للڪار بڻجي ويون. عالمي سطح جي گھري مطالعي ۽ پليجو صاحب جي تربيت جي اثر ۾ ترقي پسند سوچ سبب ڪرم ڪلوئي هن انتهاپسند ۽ رجعت پرست معاشري جي اک ۾ ڪنڊو بڻيل رهيو آهي۔
[b]آفتاب ڪلوئي
[/b]ڪامريڊ آفتاب ڪريم ڪلوئي جهڏو لڳ پنهنجي ئي ڳوٺ ۾ رهائش پذيرآهي. هي ڪامريڊ شاگردي واري زماني ۾ سائين فيض محمد ٽالپر جي تربيت سبب انقلابي بڻيو. ڏکين ۽ مشڪل حالاتن سان وڙهندو پورهيتن جي جدوجهد ۾ اڳتي وڌندو رهيو. فڪر پليجو سندس رڳ رڳ ۾ رچيل آهي. آفتاب ڪلوئي سنڌ جي حقن لاءِ عملي جدوجهد سان گڏ هن سنڌ جي واهڻ وستين ۾ بغاوت جا گيت “گھٽي گھٽي بغاوتون”ڳاتا، مان اوڀر جو مظلوم انسان آهيان. ٽڪي جا ماڻهو ٽڪي وڪاڻا جهڙا شاهڪار ۽ تاريخي گيت سرجيندڙ انقلابي انسان آفتاب ڪلوئي اڄ به پورهيت انقلاب لاءِ پراميد آهي. آفتاب ڪلوئي هن جي سموري حياتي سنڌ جي مسڪين ۽ مظلوم پورهيتن لاءِ جدوجهد ڪندي گذري آهي. هن سميت هن جا گھر ڀاتي ۽ پٽ رحيم ڪلوئي، ساحر ڪلوئي به هن جي ئي نقش قدم تي هلندي جدوجهد جي ميدان تي ثابت قدم ٿي بيٺل آهن.
[b]ڪامريڊ نورمحمد کوسو
[/b]ساٿي نورمحمد کوسو بنيادي طور رئيس گھراڻي سان تعلق رکي ٿو. پاڻ وچولو آبادگار آهي. پر اسڪول واري زماني کان سائين فيض محمد ٽالپر ۽ ٻين ساٿين جي تربيت جي نتيجي ۾ پورهيت نطريي سان واڳجي ويو. جتي اڄ ڏينهن تائين هماليا جيڏن حوصلن سان بيٺو آهي. سدائين هارين جو پاسو وٺڻ ڪري ظالم زميندار هن تي ڪرٽيون کائن ٿا. هن کي ڏسي گھڻو ڪري چوندا آهن ته هارين جو دماغ نورمحمد جهڙن ڪامريڊن خراب ڪيو آهي. ڪامريڊ نورمحمد کوسو پارٽي جي سڏ سان گڏ رهيو آهي. پاڻي جي جدوجهد هجي يا ٻٽو نظام، مشرفي آمريت جا ڪارا قانون هجن يا عدليه بحالي تحريڪ هاري اڳواڻ نورمحمدکوسو اڳين صفن ۾ رهيو آهي. سندس مستقل مزاجي سان انقلابي قافلي ۾ ڊگھي زماني تائين سرگرم رهڻ واقعي ئي مشڪل ڪم آهي. جنهن کي نور محمد نهايت ئي انقلابي ايمانداري سان نڀايو آهي.
[b]ڊاڪٽر منظور جروار
[/b]ڪامريڊ منظور جروار بنيادي طرح ايم بي بي ايس ڊاڪٽر آهي. پر شاگردي واري زماني ۾ هن کي پورهيت انقلاب سان جيڪا لنئون لڳي هو ان عشق سان اڄ ڏينهن تائين وڏي ايمانداري سان نڀائيندو اچي. ماڻهو پنهنجو ڪلاس تبديل ٿيڻ کان پوءِ پاڻ به ان سماجي مٽا سٽا واري عمل ۾ مٽجي ويندا آهن. پر هي شخص اڄ به اباڻي لوڏ ۾ هلي پيو.
اي نه مارن ريت، جو سيڻ مٽائن سون تي
اچي عمرڪوٽ ۾ ڪنديس ڪانه ڪريت
پکن جي وريت ماڙين سين نه مٽيان.
ڊاڪٽر منظور جروار جي زندگي توڙي جو تمام مصروف ترين هوندي به هن مون سنڌ جي هر سڏ ۾ سڀن کان اڳيان ڏٺو آهي. پنهنجي وطن ۽ ديس جي سانگيڙن سان سندس سڱ تمام مضبوط آهي. هو پورهيت انقلاب جو آسوند آهي. هو سنڌ کي شهيد شاهه عنايت، شاهه لطيف، باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيربخش جتوئي، شهيد فاضل راهو ۽ رسول بخش پليجو جي خوابن جي سنڌ ڏسڻ ٿو چاهي، سندس خواب ضرور ساڀيان ماڻيندا. سنڌ تي سرخ انقلاب جو سج اڀرندو، پورهيت جي هٿن مان سامراج جي غلامي جون زنجيرون ٽٽنديون.
[b]ڪامريڊ آدرش ڪولهي
[/b]دنيا جا لاتعداد ماڻهو صرف پاڻ لاءِ جيئن ٿا ۽ ڪائنات ۾ تمام ٿورڙا بندا آهن جيڪي ٻين لاءِ حياتي وقف ڪن ٿا. اهي ماڻهو اٽي جو زيان ۽ ڪائنات ۾ اجايو بوجھه آهن، مفادن جي مياڻي ۾ هارايل واپاري لوڪن جو وطن جي حب سان ڪهڙو واسطو؟ انهن جي ڪهڙي ڌرتي؟ انهن جو ڪهڙو ايمان؟ انهن جا ڪهڙا نظريا؟ اهي ته بس هن سرشٽي تي پيٽ پوجا لاءِ اچن ٿا ۽ ماني کايو، پئسا ڳڻيو مريو وڃن. پر ان ئي ڌرتي تي جتي لاڌيو چمار هو اُتي روپا، مڏا ۽ چترا به هئا، جتي چنيسر هو اُتي دودا به هئا، پر فرق صرف اهو آهي ته ڪي ماڻهو وطن سان غدارين لاءِ پيدا ٿيا ته ڪي ماڻهو قوم ۽ وطن سان وفا جو مثال بڻجي ويا. سو ڌرتي ماتا جي گولي تي هر ماڻهو پنهنجو پنهنجو ڪم ڪندو آهي. ڪي ماڻهو قوم ۽ وطن دوستي لاءِ پيدا ٿيندا آهن. واقعي جيڪڏهن چنيسر نه هجن ته دودن جي قدر ڪيئن ٿئي؟ دولهه درياهه خان جي ديس ۾ پنهنجي مظلوم قوم ۽ محبوب وطن لاءِ سر ڏيڻ وارا آدرشي انسان به آهن. انهن وطن جي عاشقن مان سم سورهڏي جو سائين ڌارشي ڪولهي عرف “آدرش” به هو.
سائين آدرش هڪ استاد هئڻ سان گڏ مارڪسي نظريي جو شاگرد به هو، سنڌ وطن جي مسڪين ۽ اٻوجھه پورهيت هاري ماڻهن جي تقدير کي بدلائڻ لاءِ هن جا سمورا پنڌ ۽ وکون جدوجھد جي عملي ميدان ۾ هڪ تاريخ آهن. هن کي حياتي تمام محدود موقعو ڏنو جنهن ۾ هن شخص هارين لاءِ شاندار ڪم ڪيو. آدرش ڪولهي جو ايمان انقلابي جدوجھد ۾ پختو هو. “فڪر پليجو” جي نظرياتي سياست جي انقلابي پيچرن تي پاڻ پنهنجي جيون ساٿياڻي سان گڏ ۽ معصوم ٻارڙن سميت مڪمل انقلابي ايمانداري سان ساهه جي آخري گھڙي تائين ثابت قدم رهيو. آدرش عام رواجي دنياداري کان الگ هڪ محبوب انقلابي ماڻهو هو.
هاري اڳواڻ ڪامريڊ آدرش ڪولهي هر وقت قومي اجتماعي ٻڌي واري سوچ ۾ يقين رکندڙ انقلابي هو جنهن ڪڏهن به ذات پرستي وائي آني جهڙي احساس محرومي واري سياست ۾ ڪڏهن به پير نه پاتو. 26 آگسٽ 2011ع تي شام پنج وڳي هڪ زهر جهڙو نياپو موبائل جي اسڪرين وارد ٿيو جنهن ۾ لکيل هو “سائين آدرش اسان وٽ ناهي رهيو” پوءِ سڄي رات ننڊ ڪونه آئي، سائين سان ڪيل انيڪ ڪچهريون ياد اينديون رهيون. پنهنجي اولاد ۽ گھر واري کي سنڌ لاءِ قربان ٿيڻ جي وصعيت ڪندڙ آدرش جون اکيون انقلاب لاءِ آسوند رهجي ويون. جڏهن سنڌ تي پورهيت انقلاب جو سج اڀرندو تڏهن آدرش جا انقلاب ڪيل پنڌ ياد ڪيا ويندا.
[b]ڪامريڊ پٽيل انب ڀيل
[/b]پٽيل انب ڀيل سنڌ جي پورهيت لاءِ وڏو ڏڍ رهيو. سنڌ جي هاري تحريڪ ۾ هي پورهيت ڪردار تمام منفرد ۽ انوکو رهيو آهي. ڪامريڊ پٽيل انب ڀيل 1942ع ۾ پٽيل مريد ڀيل جي گھر ۾ جنم ورتو. سندس اصل ڳوٺ ڏاهنورو لڳ جهڏو آهي. ڪامريڊ صفا اڻپڙهيل هو. پر سندس عقل، سوچ ۽ ويچار اهڙا هئا جو کيس ڪير به پرکي نه سگھندو هو ته پورهيت اڳواڻ اڻپڙهيل آهي؟ جواني کان وٺي پيرسني تائين سندس طبعيت مڪمل پرهيزگار رهي. هي هاري دوست ڪامريڊ باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي کان تمام گھڻو متاثر ٿيڻ ڪري سنڌ هاري ڪميٽي جو ڪارڪن رهيو. پنهنجي وس آهر سموري زندگي پورهيتن جو ساٿاري بڻيل رهيو. ڪامريڊ پٽيل انب ڀيل پورهيت اڳواڻن حيدربخش جتوئي، مظهر جتوئي، ميرعلي بخش ٽالپر، ڄام ساقي، ڏامرو مل، روچي رام، عاصماجهانگير، شڪيل پٺاڻ، فهميده قريشي، حفيظ قريشي، غلام قادر مرڙاڻي، ڪامريڊ لاکو ڀيل، ڪامريڊ پوڙهو ڀيل سميت ٻين مظلوم دوست ساٿين سان گڏجي پورهيت هارين جي حقن لاءِ زندگي جي آخري لمحن تائين جدوجهد جي ميدان تي ثابت قدم رهيو. سنڌ جو پورهيت اڳواڻ ڪامريڊ پٽيل انب ڀيل تمام دلير، باصلاحيت بيباڪ ماڻهو هو. هن پنهنجي زندگي سدائين پورهيتن هارين جي ڳالهه ڪئي جنهن ڪري هو سنڌ جي رئيس، مير، پير ۽ ظالم جاگيردار سامراج جي اک جو ڪنڊو بڻيل رهيو. جابر وڏيراشاهي کيس دور ۾ ڌمڪائڻ، جهڪائڻ ۽ پورهيت جدوجهد تان هٿ کڻائڻ لاءِ سرگرم هوندي هئي. پر ان جدوجهد ۾ هزارين ڏکن، سورن، تڪليفن جي باوجود هاري رهنما ڪامريڊ انب ڀيل رڪ بڻجي بيٺل رهيو. هُن جا هاري ۽ زميندار جي وچ ۾ پيدا ٿيل تڪرارن جا هزارين فيصلا ڪيل هئا. هن کي حق جي ڳالهه ڪرڻ کان دنيا جي ڪابه طاقت روکي نه سگھندي هئي.
هن جي منهن تي چوڻ واري عادت ڪيترن ئي چڱن خاصن کي قطئه نه وڻندي هئي پر هو پنهنجي ضمير هٿان سخت مجبور هئڻ ڪري وڏن وڏن جاگيردارن کي بنان ڪنهن رک رکال جي منهن تي ڦڪائي ڏيندو هو. هو اڻپرهيل هوندي به شاندار سوچ جو ماڻهو هو. پورهيت جدوجهد ۾ ڪامريڊ انب ڀيل جهڙا انسان واقعي هڪ معجزو هوندا آهن. ڪامريڊ پٽيل انب ڀيل 15 سيپٽمبر 2016ع تي وفات ڪئي. سندس آخري رسمن پورهيت ماڻهن هزارن جي تعداد ۾ شرڪت ڪري کيس محبتن جي ڀيٽا پيش ڪئي.
[b]پورهيت رهنما گھمن سنگھه ڀيل
[/b]. گھمن سنگھه ڀيل جنهن پٺتي پيل قبيلن ڀيل، ڪولهي، ميگھواڙن جي همٿ افزائي ڪري علم حاصل ڪرڻ لاءِ گھر گھر وڃي جاڳرتا مُهم هلائي کين اتسايو. معاشري ۾خراب ريتن ۽ رسمن کي ختم ڪرڻ بابت سُجاڳي ڏيندو رهيو. هن جهالت جي ان اونداهي دور ۾ اهو نعرو بلند ڪيو ته سنڌ جا پورهيت هاريو! “ سخت مزدوريون ڪريون، پورهيا ڪريو، مشڪل کان مشڪل ترين تڪليفون برداش ڪريو پر هر حال ۾ پنهنجن ٻچن کي تعليم ڏيو” هي نيڪ دل، ارڏو ۽ مظلوم پورهيت دوست انسان گھمن سنگھه ڀيل ننگرپارڪر تعلقي جي يونين ڪائونسل پيلو جي ڳوٺ ڪاٺو ڀيل ۾ 1918ع ۾ موتيرام ڀيل جي گھر جنم ورتو. گھمن سنگھه کي شروعاتي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ انگريز دور ۾ کُليل هريجن ڌرم شالا اسڪول ننگرپارڪر ۾1929ع ۾ داخل ڪرايو ويو جتي ان وقت گُجراتي پڙهائي ويندي هئي. 1935ع ۾ هن 6 درجا (فائنل) پاس ڪيا، 1936ع ۾ جڏهن سنڌ بمبئي کان الڳ ٿي تڏهن صوبائي سرڪار ڌرم شالا اسڪول ۾ سنڌي (لازمي) پڙهائڻ جو فيصلو ڪيو. گھمن سنگھه ڀيل کي ننڍي هوندي ئي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي سان بيحد محبت هئي. انهيءَ ڪري هُن سنڌي پڙهڻ جو فيصلو ڪيو. 1941ع ۾ سنڌي جا 6 درجا (فائنل) پاس ڪيا. ڊسمبر 1941ع ۾ انهيءَ دور جي سينئر سُپرنٽنڊنٽ آف پوليس راءِ صاحب ٻهراڙي جي تعليم يافته ۽ قدآور شاگردن کي ميرٽ تي پوليس ۾ ڀرتي ڪيو پئي. جنهن ۾ گھمن سنگھه ڀيل سپاهي طور ڀرتي ٿيو. پنهنجي قابليت ۽ هوشياري جي ڪري 1950ع ۾ هيڊ ڪانسٽيبل طور پروموشن حاصل ڪيائين. نوڪري ڪرڻ جي دوران مسڪين هاري پورهيتن جي گھر گھر وڃي پنهنجي ٻارن کي پڙهائڻ، سماج جي اٻوجھه ماڻهن مان مرڻن، پرڻن، ڪُنين، مانين، ٻارسن بابت اجايا فضول خرچ ڪرڻ، مفت خور منوسمرتائي ٽولن جي رستا روڪ ۽ انسان دشمن مدي خارج ريتون رسمون ۽ رواجن کي ترڪ ڪري هڪ مڪمل نئون باشعور معاشرو اڏڻ لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون. انهي ڪوششن جي نتيجي ۾ ڪافي حد تائين بهتري آئي.
رنگ، نسل، ذات، پات مذهب جي مت ڀيد کانسواءِ سماج جي هر مسڪين، مظلوم ۽ غريب جي سهائتا ڪرڻ ۽ انهي جي هر سڏ ۾ شامل ٿيڻ سندس زندگي جي اصُولن ۾ شامل هو. ٿرپارڪر ۾ گھمن سنگھه ڀيل، مسڪين جھان خان کوسو (سامي ويري ننگرپارڪر)، پُنهون مل هميراڻي ميگھواڙ (گوڙهيار) سچل جنجھي (صالح جنجھي) سُڳاڙچند ميگھواڙ (آڌيگام) اڳئين صفن ۾ هئا. مرحوم مسڪين جهان خان کوسو سان ايتري قربداري هئي جو هو پندرهن کان ويھه ڏينهن لاڳيتو اچي گھمن سنگھه ڀيل جي ڳوٺ ڪاٺو ۾ ترسندو هو جتي هي ٻئي مسڪين ماڻهن جا اڳواڻ تعليم ۽ ٻين مسئلن بابت گڏجي جاڳرتا هلائي اٻوجھه ماروئڙن ۾ شعور ۽ سجاگي پيدا ڪندا هئا.
1953ع ۾ غريب هارين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ لاءِ گهمن سنگهه ڀيل پنهجي نوڪري تان استعفا ڏيئي ڇڏي. 1958ع ۾ مخالفن وري گھمن سنگھه ڀيل تي انتقامي ڪاروايون ڪندي اغوا جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو، ٿر جي بااثر سياسي شخصيت راڻو چندر سنگھه جيڪو ٺڪرن جو راڻو هو، تنهن گھمن سنگھه ڀيل کي هڪ جلسي ۾ چيو ته “تون ڀيل آهين، “سنگھه” ڇو ٿو سڏائين؟ سنگهه ته صرف اسان ٺڪر ئي سڏائي سگھون ٿا”. انهي ته گھمن سنگھه ڀيل چيو ته “راڻا صاحب، آءُ ڀيل آهيان، غريب آهيان، آئون هن ڌرتي جو ڄائو آهيان منهنجا “سڱ” ثابت آهن ۽ تنهنجو هڪڙو سڱ کانڏو ( ٽُٽل) آهي، اسان مسڪينن سان وقت جا ظالم ڏاڍ، جبر ۽ ظلمن جي انتها ڪن ٿا، اسان جون نياڻيون اغوا ڪرايون وڃن ٿيون يا هو پنهنجي رضا خوشي سان گھر ڇڏي وڃي ٿيون، پر اسان ڪنهن غير ڏاڍي ماڻهو کي پنهنجي نياڻي هٿ سان جھلي ڪونه ڏيون ان ڪري اسان کي ئي فقط “سنگھه” سڏائڻ جو حق حاصل آهي” اهو ٻڌي راڻي چندر سنگھه تي ماڪ پئجي وئي.
8 مارچ 1970ع تي ٿر جو هي کاهوڙي ڪردار گھمن سنگھه ڀيل ديهانت ڪري ويو. گھمن سنگھه ڀيل جي خاندان جو شمار ٿرپارڪر ۾ پڙهيل لکيل ۽ باشعور خاندان طور ٿئي ٿو. سندس ست ئي پٽ لالجي، تنيراج ڀيل، نرسنگھه ڀيل، جسونت سنگھه ڀيل (مرحوم)، سردارسنگھه ڀيل، اُڌيسنگھه ڀيل، گُلجي ڀيل پڻ مختلف سرڪاري کاتن ۾ ملازم آهن ۽ سندس پوٽو پهلاج ڀيل پڻ اعلى تعليم يافته، سنجيده ۽ باشعور نوجوان آهي. هن خاندان جون نياڻيون پڻ تعليم يافته آهن.
[b]ڪامريڊ پارو ڪولهي
[/b]پارڪر جي پٽن تي هڪڙو روپلو ڪولهي هو جنهن فيل مست انگريز سامراج کي ڏينهن جا تارا ڏيکاري ڇڏيا هئا. جنرل تروٽ توڙي جو روپلي کي ڦاسي ڏيئي شهيد ڪيائين پرهو به برطانيه وڃي راڄن کي ڏس ڏيندو ته کيس هڪ ڪولهي پنهنجي جوانن سان گڏجي ڪاتر، کانڀاڻين ۽ گليلن سان گوريلا جنگ لڙي فرنگين جون وايون بتال ڪري ڇڏيون هيون. انگريزن کي رڪ جا چڻا روپلي چٻايا هئا. امر شهيد روپلي ڪولهي کانپوءِ ان قبيلي مان ڪو شهرت يافته ماڻهو پيدا ٿيو ته يقينن اهو ڪامريڊ پارو ڪولهي هو.
پاري نگر ويجھو ڳوٺ چڻيدا جو پارڪريو ڪولهي پارو مل ان دور ۾ هزارين مشڪلاتن باوجود علم حاصل ڪري ماستري جي نوڪري ورتائين. زندگي جو گھڻو عرصو نبي سرروڊ شهر ۾ گذاريائين. سنڌ جي مشهور هاري اڳواڻ ڪامريڊ غلام محمد لغاري (ناگو) سان سندس سنگت کيس رٽائرمينٽ بعد عملي سياست ۾ آندو. ڪامريڊ پارو ڪولهي جئي سنڌ سان پڻ لاڳاپيل رهيو.
1985ع اليڪشن ۾ ايم اين اي جي سيٽ تي فارم ڀرايائين. ان اليڪشن ۾ پورهيتن ماڻهن کيس شاندار موٽ ڏيندي اليڪشن ۾ وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪرايو. پهريون دفعو سنڌ جو هڪ حقيقي باشندو اسيمبلي ۾ پهتو. پارو ڪولهي جي اندر ۾ هن اڻبرابري واري سماج کان بغاوت ڀريل هئي. جنهن جو اظهار هي هاري اڳواڻ وقت به وقت پنهنجي لکڻين، شاعري، تقريرن، ڪچهرين ۾ به ڪندو هو. ڪامريڊ پارو ڪولهي شعلا بيان مقرر، موسيقي جو پارکو، رقص جو قدردان، اديب، شاعر هئڻ سان گڏ ڪامياب پارليامينٽرين هو. هن وٽ موسيقي جا سمورا ساز موجود هئا. جن ۾ هو ڪيترائي ساز وڄائي به ڄاڻندو هو. پارڪري رقص جو هو پاڻ وڏو ماهر هو. هو فقير منش ڪامريڊ ايم اين اي هوندي به اڪثر شادين ۽ محفلن ۾ ڏانڊيا رقص ڪري حاضرين کي حيران ڪري ڇڏيندو هو. هن جا 6 عدد ڪتاب لکيل آهن. جن ۾ هڪ ڇپيل ڪتاب “لوڪ ساگر جا موتي” ناياب هئڻ ڪري مارڪيٽ مان اڻلڀ آهي. هن جو مسڪين پورهيت انسانن جي تقدير کي بدلائڻ لاءِ ڪيل ڪوششون ۽ عملي جدوجهدون تاريخ جي ورڪن ۾ ڪڏهن به رائگان نه وينديون. هن پنهنجي وس آهر هاري طبقي ۾ وڏي سجاگي ۽ جاڳرتا پيدا ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ وڏو شعور آيو. ڪامريڊ رڻشال ڪولهي هن الستي ڪامريڊ جون ورسيون ملهائي کيس خراج تحسين پيش ڪندو رهندو آهي.
[b]ڪامريڊ مير محمد ٽالپر
[/b]ڪامريڊ مير محمد ٽالپر ٽنڊي ڄام ۾ سال 1924ع ۾ مير غلام رسول جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هن جو والد مير غلام رسول ٽالپر خاڪسار جماعت ۾ شامل هو. جڏهن ته سندس چاچو مير دوست علي خان پڻ ڪانگريس ۽ خلافت تحريڪ سان واسطو رکندڙ هو جنهن ڪري انگريز سرڪار کيس 3 سال جيل جي سزا پڻ ڏني.
ڪامريڊ مير محمد جي سياسي تربيت ان ڪري ٿي جو سندس بابا ۽ چاچو اڳ ۾ ئي سياست ۾ هئا.
ٽنڊوڄام ۾ ڪامريڊ عبدالقادر وارن سنڌ جي مسڪين ۽ مظلوم پورهيتن کي گڏ ڪري جلسا شروع ڪيا هئا. انهن ۾ ڪامريڊ ميرمحمد ٽالپر پڻ شريڪ ٿيندو هو. جتان سندس بنيادي سياسي تربيت ٿي. ڪامريڊ طب جي علم ۾ وڏو شوق رکندو هو جنهن ڪري هن طب جو علم حاصل ڪرڻ لاءِ لاهور جي ڪاليج ۾ داخلا ورتي. لاهور ۾ رهڻ ڪري هو لاهور جي سياسي اڳواڻن جون تقريرون ٻڌندو هو. بعد ۾ ڪامريڊ لاهور کي الوداع ڪري اچي نواب شاهه ۾ دواخانو کوليائين. پر ڪجهه عرصي ۾ سياست ۾ سرگرم ٿي ويو.
انهي وقت ڪامريڊ هاسارام ۽ سندس ساٿين هارين ۾ جاڳرتا لاءِ نوابشاهه ۾ هاري جماعت جي دفتر کولي هئي. ڪامريڊ اتي ڦيرا ڏيندوهو ان اچ وڃ بعد پاڻ باضابطا طور هاري تحريڪ ۾ حصو ٿي ويو. ان وقت نوابشاهه ۾ رهندڙ وڪيل قاضي فيض محمد به هاري تحريڪ ۾ شامل ٿيو هو. هنن هاري رهنمائن جي ڪوششن سان نواب شاهه ۾ شاندار هاري ڪانفرنس ڪوٺائي هئي. جنهن ۾ هارين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي هئي.
هارين جي ان ميڙ ۾ اهو فيصلو به ڪيو ويو ته اڌواڌ بٽئي جي تحريڪ هلائجي جيئن هاري کي اپت جو اڌ ملي. ان بعد هارين ۽ هاري ڪميٽي جي ورڪرن جا جٿا ڪري کرن تي ڌرڻا هڻي ويهي رهندا هئا ۽ زميندار کان پورو اڌ وٺندا هئا. اها تحريڪ سنڌ ۾ ذور شور سان هلي ڪاميابي ماڻي. بعد ۾ سنڌ اندر اڌواڌ بٽئي تي مزاحمتون به ٿيڻ لڳيو مائي بختاور جي شهادت به ان تحريڪ جو مثال آهي.
ڪميونسٽ اڳواڻ جمال دين بخاري جڏهن نواب شاهه آيو هو ته هن ڪامريڊ ميرمحمد ٽالپر کي ڪميونسٽ پارٽي ۾ ميمبر ڪيو. ڪامريڊ ڪل وقتي ڪارڪن بڻجي ڪم ڪيو. ڪامريد غلام محمد ٽالپرتي پارٽي پاران ٿرپارڪر ضلعي ۾ ڪم ڪرڻ جي ذميواري رکي وئي هئي. وڏي مشڪلاتن بعد کيس آفيس ملي جتي هن پورهيتن لاءِ ڪم جي شروعات ڪئي.
عمر ڪوٽ سان تعلق رکندڙ سنڌ هاري ڪميٽي جو سيڪريٽري جان محمد پلي هارين جي آفيس ۾ اچي وهندوجتي روز ڪيترائي هاري شڪايتون کڻي آفيس ۾ايندا هئا. اهو لقا ڏسي تر جي زميندارن ڪليڪٽر کي چيو ته هڪ ميٽنگ گهرايو جنهن ۾ زميندارن ۽ هارين جا عيوضي ويهن، ڪليڪٽر ميٽنگ گهرائي جنهن ۾ هارين طرفان ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، ڪامريڊ غلام محمد لغاري ۽ جان محمد پلي شريڪ ٿيا. ان ميٽنگ ۾ زميندارن اها ڳالهه مڃي ته اسان اڌ بٽئي ڏينداسون ۽ هارين کي بي دخل به نه ڪنداسين.
تنظيمي حڪم تحت ڪامريڊ مير محمد ٽالپر جو ساٿي ڪامريڊ غلام محمد لغاري نبي سر روڊ وڃي رهيو. ان وقت اتي هارين سان وڏا ظلم هئا. انگريزن جي اسٽيٽ ڊيني سر ۽ قاديانين جي وڏي زمينداري ۾ هاري ظلم جي گهاڻي ۾ پيڙهجي رهيا هئا. ان وقت ڪامريڊ مير محمد ٽالپر ۽ ڪامريڊ غلام محمد لغاري پاڻ ۾ان ڳالهه تي متفق ٿيا ته ظالم جاگيردارن جي مقابلي ڪرڻ جو عزم ڪيو. جنهنڪري هنن نبي سر روڊ ۾ هارين جي آفيس کولي، جتي پڻ هارين جي وڏي رش ٿيندي هئي. هنن ڪامريڊن ڳوٺ ڳوٺ گام گام ۾هارين کي سجاگي جا سڏ ڏنا تنظيم ڪاري ڪري هارين کي متحد ڪيو. اهڙي سرگرمي مڪامي چوڌرين ۽ قاديانين کي نه وڻي. انهن جتن ڪيا ته ڪيئن به ڪري هنن ڪامريڊن کي جڪڙ ۾ آڻجي. سرڪار سڳوري هوشياري سان ڪامريڊ مير محمد ۽ ڪامريڊ غلام محمد کي سيفٽي ايڪٽ ۾ گرفتار ڪري حيدرآباد جيل ۾ ٽي مهينا قيد رکيو. پرپوءِ به پورهيتن جدوجهد هلندي رهي. ان وقت ٿرپارڪر ضلعي جي ٿر ۾ بارشون نه وسڻ ڪري سخت ڏڪار آيل هو. جنهن سبب ٿرواسي بدحالي جو شڪارهئا. ڪامريڊ مير محمد ٽالپر ۽ ڪامريڊ غلام محمد لغاري ٿرجي دوري تي ويا ته مسڪين ماروئڙن شڪايتون ڪيو ته امدادي اناج آفيسر ۽ واپاري ملي ڀڳت ڪريو کايو وڃن. مستحق غريبن کي داڻو به ڪونه ٿو ملي. جنهن بعد هنن ڪامريڊن ٿر جي مختلف شهرن ۾ جلسا ڪيا جنهن ۾ ٿرواسين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ملوث ڪامورن جي ڪردار کي پڌرو ڪيو. جنهن ڪري آفيسرشاهي کي هنن تي وڏي ناراضگي هئي. ٽنڊي جان محمد ۾ هارين واري جلسي ۾ تقريرڪرڻ تي بغاوت جو ڪيس درج ڪيو ويو. اسپيشل ڪورٽ ميرپورخاص ۾ اهو ڪيس پنج مهينا هليو ۽ هنن ڪامريڊن کي ڇهه سال جيل جي سزا ڏني وئي. اها سزا هنن حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ گذاري.
ڪامريڊ مير محمد ٽالپر پ پ سنڌ جو پهريون جنرل سيڪريٽري ٿيو. هو پ پ باني ميمبرن مان به هڪ هو. هو اُن وقت شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي کي به اصولن جي بنيادن تي منهن تي سچ چئي ڇڏيندو هو. ڪامريڊ مير محمد ٽالپر 70 واري ڏهاڪي ۾ اچي ٽنڊوڄام وسايو. ڪامريڊ مير محمد ٽالپر 6 ڪتاب لکيا. جنهن ۾ “آديسي اُٿي ويا”، “پُڇاڻو”، “اکين ڏٺو ڪنن ٻڌو” “وٺ روڪڙو جواب”، “ڪارا منهن، موچارا منهن”، ۽ “يادگيرين جو سفر”، شامل آهن. سنڌ ڌرتي جو هي سپوت پٽ ڪامريڊ مير محمد ٽالپر 16 اپريل 2013ع تي لاڏاڻو ڪري ويو.
[b]سائين فيض محمد ٽالپر
[/b]عوامي تحريڪ جو بنيادي ڪارڪنن مان ڪي شخص اڃان به مڙس ٿيو ميدان ملهائن پيا انهن مان سائين فيض محمد ٽالپر به هڪ آهي. سائين فيض محمد ٽالپر منهنجي انقلابي استادن جو به استاد آهي. سندس علم جي ڇا ته ڳالهه ڪجي، وٽس مختلف ٻارنهن عدد تعليمي ڊگريون آهن. هو روس، چين، ڪيوبا، وينزويلا، ويٽنام سميت دنيا جي انقلابن تي ائين ڳالهائيندو آهي ٻڌڻ وارا حيران رهجو وڃن. ڄڻ هو چيچ مان جهلي روس ۽ چين ۾ لينن ۽ مائو سان ملائيندو هجي. هي جهونو ڪامريڊ به ٽالپر گھراڻي جو فرد هئڻ ڪري وٽس نوڪري (رٽائرڊ) ۽ ڪجهه ٻني به آهي. پر ان جي باوجود هو سڄي حياتي ارام پسندي جو سخت خلاف رهيو آهي. جهڏي جو فيڊل ڪاسترو سنڌ م انقلاب جو ٻج پوکيندڙ سياسي ڪارڪن آهي. گھڻو ڪر ي سموري سنڌ هن پيرين پنڌ هلي پورهيتن کي متحد ڪيو آهي. سائين فيض محمد ٽالپر ڪيترن ئي هاري اڳواڻن جو انقلابي استاد آهي. جيڪي کيس نهايت ئي عقيدت ۽ احترام سان پيش اچن ٿا. مون خود استاد پليجو صاحب کي جهڏو پاڻي ڪانفرنس واري جلسي ۾ سندس آجيان ۾ بيهندي ڏٺو. اهڙو شرف هر ماڻهو جي نصيب ۾ ڪٿي؟ جڏهن دنيا جا پورهيت هڪ ٿيندا. انقلابي اڳواڻن جو ڪيل جدوجهدون رنگ لاهينديون، مظلوم انسان جاگيردارن جي قيد مان آزاد ٿيندا، پورهيت زنداه باد جو نعرا لڳندا تڏهن سائين فيض محمد ٽالپر جي جدوجهد تاريخ ۾ پاڻ ڳالهائيندي.
[b]سچائي منزل وارو ڪامريڊ غلام محمد لغاري (ناگو)
[/b]ڪامريڊ غلام محمد لغاري پنهنجي سموري زندگي مسڪينن، مظلومن، هارين ۽ مزدورن جي حقن واري جدوجهد ۾ وقف ڪئي. هي اهو مانجهي مرد هو جنهن جي جواني کان وٺي مرڻ تائين سمورا ڏينهن مسڪين ماڻهن جي حقن لاءِ ڏاڍن سان جهيڙندي گذاريا. ڪامريڊ اهڙو ته مڙس مٿير هو جيڪو ڪڏهن به ڏاڍ اڳيان نه جهڪيو. ڪامريڊ پاڻ به هڪ پورهيت جو پٽ هو. ڪامريڊ غلام محمد لغاري ٻارنهن سال جي ڄمار ۾ آزادي واري علامه مشرقي جي خاڪسار تحريڪ ۾ وڃي شامل ٿيو. خانيوال اسٽيشن تان ٻين خاڪسارن سان گڏ انگريز فوج مزاحمت کان پوءِ زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيو ۽ ملتان جي جيل ۾ ويو. کيس چار سال سخت پورهئي ساڻ سزا آئي. جيل ۾ کيس ڪيترائي نالي وارا ماڻهو مليا خاص طور مشهور ڪميونسٽ هاري اڳواڻ ڪامريڊ موني سنگهه به شامل آهي. ڪامريڊ جيل ۾ انگريزي اي بي سي پڙهي، مارڪسي نظريي سميت هارين جي پيڙائن لاءِ پتوڙڻ جو گس به کيس نظرياتي مطالعي مان مليو. ڪامريڊ غلام محمد مدرسي جو پڙهيل هو. جنهن ڪري کيس ڦارسي ۽ عربي جي چڱي ڄاڻ هُئي. ڪامريڊ جو والد محمد خان لغاري ملاقات دوران کيس متوجهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين ته ڪامريڊ جي آزادي لاءِ ملتاني پير سان ڳالهايو آهي. هو رڳو کيس معافي لکي ڏي پر ڪامريڊ جيل قبولي پر انگريز سرڪار کان معافي نه ورتائين اُتي جيل ۾ کٽن ڪو واڻ ۽ نوار ٺاهڻ وارو پورهيو ڪندي سخت گرمين ۾ ٽي بي اچي وڪوڙيو جنهن سبب ڪامريڊ جسماني طور صفا هيڻو هوندي به سندس جذبا جوان هئا.. 1940ع ۾ ڪامريڊ چار سال جيل جي سزا ڪاٽي آزاد ٿيو.
گهڻا ماڻهو جيل ڪاٽڻ بعد مايوسين جي ڪُن ۾ ڦاسي پو ندا آهن پر هن ڪامريڊ جو همت ۽ حوصلو ويتر وڌي ويو. اهو پروڙ ان مان پوي ٿي ته ڪامريڊ غلام محمد لغاري زندگي جا 24 سال ست مهينا مختلف جيلن ۾ گذاريا. جن ۾ عمرڪوٽ، ميرپورخاص، حيدرآباد، ڪراچي، ڪوٽ لکپت، خيرپور، سکر، ملتان، ساهيوال، فيصل آباد ۽ لاهور جو قلعو جيل شامل آهن. هن جو گناهه فقط پورهيت غريبن، مسڪينن، هارين، مزدورن، ۽ مظلومن جي حقن خاطر ظالمن ۽ ڏاڍن سان ويڙهه ڪندو رهيو. هن پنهنجي حسين حياتي پورهيتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندي گذاري ڇڏي. ڪامريڊ پنهنجي پيءَ ۽ امڙ جي وفات وقت به جيل ۾ هجڻ ڪري سندن ڪلهي ڪانڌي نه ٿي سگهيو.
ڪامريڊ غلام محمد لغاري جو نالو سنڌ لاءِ باعث فخر آهي. ڪامريڊ بنان ڪنهن ذات، پات، مذهب، رنگ، نسل جي فقط انسانيت جي بنياد تي مظلوم پورهيتن جو ساٿ ڏيندو هو. هو ڪنهن ڏاڍي اڳيان جهڪيو ڪون. مال ميڙڻ ۽ ڌن دولت ٺاهڻ جي خلاف هو. مزدور بنجي پن جون ٻيڙيون ٻڌائين. پورهيتن سان گڏجي مزدوري ڪيائين. پر ڪنهن وڏي ماڻهو جي ڪاڻ نه ڪڍيائين. سدائين غاصبن سان سندس جهيڙو رهيو. ان ڪري کيس جيل کان علاوه به ڪيئي اذيتون سهڻيون پيون. طاقت جي نشي ۾ ڌت ڏاڍن جي حوارين مٿس حملا ڪيا. ساڻس جهيڙن ڪرڻ کان علاوه کيس قتل ڪرڻ لاءِ مٺائي ۾ زهر ملائي ڏنو ويو. باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کان پوءِ ڪامريڊ غلام محمد لغاري جو هاري تحريڪ ۾ وڏو ڪردار رهيو آهي. اڌ بٽئي تحريڪ دوران شهيد مائي بختاور لاشاري جي شهادت تي پڻ ٻين ساٿين سان گڏ ڪامريڊ غلام محمد لغاري سرزرمين تي پهتو هو ۽ بااثر ڌر هجڻ باوجود ڪيس داخل ڪرائڻ قاتلن کي سزا ڏيارڻ تائين ڪامريڊ غلام محمد ڪوشش ڪئي. ۽ اڌ بٽئي جو قانون پاس ڪرائڻ لاءِ به ڪامريڊ جي جدوجهد هئي.
ڪامريڊ غلام محمد لغاري ميرپورخاص ۾ سچائي منزل تي رهائش اختيار ڪئي. انهي سچائي منزل تي سياسي، ادبي دوستن جو ميڙ متل هوندو هو ته ڪيئي ستايل هاري ۽ مزدور پنهنجي درد ڀري دانهن کڻي ڪامريڊ وٽ ايندا هئا ۽ ڪيترن شاگردن پڻ سچائي منزل تي رهي تعليم حاصل ڪي. ٿر ۾ ڏڪار آيو ته سچائي منزل وٽ هوٽل کولي جنهن ۾ مسڪين ماڻهن کي آني ۾ دال ماني ملندي هئي. 1968ع ۾ مرحوم مير رسول بخش ٽالپر پارٽي جو بنياد وجهڻ لاءِ ميرپورخاص آيو ته هڙئي مير پير صدر ايوب خان جي ڊپ مان لڪي ويا، پوءِ نيٺ سچائي منزل تي اجلاس ڪري پارٽي جو بنياد رکيائون، نتيجي ۾ ڪامريڊ يارهن مهينا جيل ۾ گذرايا.
ڪامريڊ تقرير جي فن جو ماهر هو. هو پرجوش انداز ۾ عوام سان مخاطب ٿيندو هو ته ظالم وڏيراشاهي ۾ ٻڙدڪ مچي ويندي هُئي. ڪامريڊ لغاري ميرپورخاص مان هفتيوار سچائي ۽ بيداري اخبارون باقاعدگي سان شايع ڪندو رهيو، لاتعداد دفعا اخبارن تي بندش، پريس جي ضبطگي ۽ جيلون ڀوڳيائين. ڀٽي سرڪار جي ڏينهن ۾ گرفتاري جا وارنٽ نڪرڻ سبب ڪوئيٽا ۾ جلاوطني جي حياتي گذاريائين ۽ اتان کان به روزانه سچائي اردو ۾ جاري ڪيائين ۽ پاڻ ميرپور خاص پريس ڪلب جي بنيادي ميمبرن مان آهي.
ڪامريڊ لغاري ته جيل مان به ميرپورخاص ميونسپل جو ميمبر ۽ آخري ڀيرو 1980ع ۾ ضلع ڪائونسل ميرپور خاص جو ميمبر چونڊيو ويو هو. سندس سٿ جا ساٿي خان غفار خان، مولانا ڀاشاني، شيخ مجيب، جي ايم سيد، ولي خان، ، سي آر اسلم، مرزا ابراهيم، سجاد ظهير، قصور گرديزي، مفتي محمود خير بخش مري، غوث بخش بزنجو، عطاالله مينگل، اڪبر خان بگٽي، شاهه مردان شاهه پاڳارو، ڪيرت ٻاٻاڻي، سوڀوگيانچنداڻي ۽ ٻيا سوين سياستدان، اديب، شاعر، فنڪار، ڪارڪن وغيره شامل هئا. ڪامريڊ پنهنجي طبيعت ۾ طنز و مزاح سان ڪچهري کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيندو هو. سندس ڪچهرين جو اکين ڏٺو احوال چاچو غلام محمد لاشاري زبردست نموني سان ٻڌائيندو آهي. ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، مير علي بخش ٽالپر، مولانا عبدالحق رباني ۽ ڪامريڊ روچي رام، حيدربخش جتوئي، قاضي فيض محمد، مير رسول بخش ٽالپر، سان هن پورهيت رهنما جا محبتن وارا رشتا هئا.
14 آڪٽوبر 1982ع تي دل جو دورو پوڻ سبب غريبن، مسڪينن، هارين مزدورن ۽ مظومن جو ساٿي، سنڌ ڌرتي جو هي سپوٽ پٽ لاڏاڻو ڪري ويو.
[b]غلام مصطفى لغاري
[/b]ڪامريڊ غلام مصطفى لغاري توڙي جو ميرپورخاص تر جو چڱو خاصو زميندار هوندي به هن فقير منش انسان پورهيتن جو پاسو ورتو. هُن پنهنجي حياتي ۾ قائدانقلاب محترم رسول بخش پليجو جو پارٽي ۾ سرگرم رهيو آهي. هارين جي جدوجهد ۾ ميرواهه لڳ هڪ ظالم زميندار جي ظلم جو شڪار 450 هارين جو ڪيس لڙي کين پنهنجي ٻني ۾ لڏائي وهاريو. پورهيتن جو هر طرح جو تحفظ ڪيو. جنهن چار ايڪڙ ٻني ۾ ڪامريڊ غلام مصطفى لغاري انهن هارين کي رهائش ڏني اها ٻني ڪيلو پوکڻ لاءِ سنوت ۾ آندي وئي هئي پر جڏهن هن هارين کي دربدر ڏٺو ته کين پنهنجي ٻني ۾ پناهه ڏني. هن جو چوڻ آهي ته هاري اڌ جو ڀائيوار هوندي به ڏکي زندگي گذاري ٿو. سندن ٻچا نسل در نسل عذاب ڀوڳين ٿا. زميندار طبقي کي گھرجي ته هارين کي پنهنجن ٻچن جيئن سمجهن.
مون ڪامريڊ غلام مصطفى لغاري کي پارٽي جي سڏ تي سدائين جدوجهد جي ميدان تي ثابت قدمي سان اڳين صفن ۾ ڏٺو آهي. سنڌ جي هر سڏ تي وطن جي حقن جي حاصلات لاءِ، پاڻي جي جدوجهد، ٻٽو نظام، هارين جي حقن جدوجهد سميت عدليه بحالي تحريڪ ۾ سندس ڪردار تاريخ ۾ شاندار حيثيت سان ياد ڪيو ويندو. 12 مئي 2007ع تي جڏهن اسان چيف جسٽس افتخار چودري ۽ پليجو صاحب جي ريلي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ويندي کورواهه تان کنڀجي گولاڙچي ۾ واڙيا ويا هئاسين ان ئي ڏينهن ڪراچي ۾ مشرف ۽ الطاف حسين پاران انساني رت جي هولي کيڏي وئي هئي. ان هولي ۾ ڪامريڊ غلام مصطفى لغاري گولين جي وسندڙ مينهن سينو سُپر ڪيو ڪراچي جي روڊن تي دهشتگردن کي للڪاري رهيو هو. هُن جي همت کي سڄي سنڌ ٽي وي تي لائيو ڏسي رهي هُئي. هو انصاف جي بحالي لاءِ پارٽي جو لال جهنڊو جهولائيندو مسلسل اڳتي وڌي رهيو هو، ان سمي ٽي وي تان سندس شهادت جي خبر به هلي وئي. پر ڪلاڪ پوءِ ان جي ترديد ڪري سندس زنده هجڻ جي خبر هلائي وئي پر جيڪا گولي ڪامريڊ غلام مصطفى لغاري لاءِ آئي پئي ان جي اڳيان سنڌ جو عظيم شهيد سورهيه پٽ نواز ڪنراڻي اچي ويو. سو ڳالهه جو حاصل مطلب ته ڪامريڊ غلام مصطفى لغاري وٽ ايترو رزق آهي جو ويهي رڳو پيو کاهي تڏهن به کُٽڻ جو ڪونهي. پر هو فڪر پليجو جو سچو سپاهي آهي، بيمارين ۽ مشڪلاتن ۾ به پارٽي جي سڏ تي حاضر رهبو. سندس پورهيتن جي جدوجهد هاري تحريڪ جي تاريخ ۾ کيس سرخرو ڪندي.
[b]ڪامريڊ الهڏتو لغاري
[/b] ڪامريڊ الهڏتو لغاري جهڏي لڳ ڳوٺ نورمحمد لغاري جي ڳوٺ جو رهواسي هو. هُن سڄي حياتي پيرين پنڌ هارين ۾ گھر گھر وڃي جاڳرتا پيدا ڪري کين سجاگي جو سڏ ڏنو. مونکي عوامي تحريڪ ۾ عملي طرح توڙي جو ساٿي اياز کوسي آندو پر تربيت ڪندڙ استادن ۾ ڪامريڊ الهڏتي لغاري جو وڏو هٿ آهي. ڪامريڊ الهڏتي لغاري سان کوڙ ساريون يادون وابسطه آهن. اسان جدوجهدن جي سفر ۾ ڪيترائي گڏيل پنڌ ڪياسين. تنظيم سازي لاءِ ڳوٺ، گام، واهڻ، وستيون، شهرن جا سفر ڪياسين. پر خاص طور يادگار پنڌ ڪنڌڪوٽ کان ڪراچي جو 46 ڏينهن وارو لانگ مارچ هو. طبعيت جي ناسازي باوجود هو لکڻي ڪميٽي ۾ پنهنجي ذميواري انقلابي ايمانداري سان نڀائي آيو. ڪامريڊ الهڏتو لغاري به بنيادي طور نهايت غربت واري حياتي گھاري پنهنجي محنت ۽ پورهيي سان زميندار ٿيو. پر هو آخري گھڙي تائين پورهيتن جي حقن لاءِ وڙهندو رهيو. ڪامريڊ الهڏتو لغاري هاري زميندار جي تضاد ۾ ڪنهن به ريت ڪيس ۽ ڦڏن فسادن جي حق ۾ نه هو، ان حوالي سان سندس موقف هوندو هو ته پهرين راڄوڻي جون ڪوششون ڪجن، ٻئي ڌريون ٺهي وڃن ته ٺيڪ آهي نه ٻيلي ڪيسن وارا ڪامريڊ اسان ڪونه آهيون. جنهن ڪري هن پنهنجي حياتي ۾ هارين ۽ زميندارن جا سوين انصاف ڀريا فيصلا ڪيا. ان ئي سبب کيس عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو.
[b]خيرمحمد لغاري
[/b] خيرمحمد لغاري ولد احمد خان لغاري ڳوٺ سعيد خان لغاري ويجهو ڏهون ميل ميرواهه ضلعو ميرپورخاص. هن مهان مڙس جو نالو ٻڌندا اچون. ڪيترائي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي پنهنجي نالي جي شهرت لاءِ به جوتون ڏيندا آهن. پر ان معاشري ۾ خيرمحمد لغاري جهڙا پورهيت دوست انقلابي ماڻهو ٿي گذريا آهن. جيڪي سمورا سياسي ڪم پردي پويان ڪندا هئا. عوامي تحريڪ جا جلسا، جلوس ۽ سياسي پروگرام ٿيندا هئا. پر خيرمحمد لغاري ڪڏهن به اسٽيج تي نه آيو هر پروگرام ۾ حاضر هجبو پر هجبو جلسي جي پويان. پروگرام ختم ٿيو. خرچ ڪيترو آيو. اهو رڳو خيرمحمد لغاري کي ڪن ۾ ٻڌائڻو پوندو هو. يعني پورهيتن جي تاريخي جدوجهد ۾ هو پورهيتن جا حق غصب ڪندڙ سماراج سان گڏ بيهڻ بجاءِ مسڪين مظلوم اٻوجهه هارين سان گڏ بيٺو رهيو. اهو ئي سندس عظمت جو وڏو مثال آهي. جنهن کيس تاريخ جي ورقن ۾ زنده رکيو آهي. تمام ٿورڙا ماڻهو اهرا هوندا آهن. جيڪي ظاهري طور ته صفا عام ۽ ساڌڙا نظر ايندا آهن. پر انهن جو سياسي پورهيو، خدمت، جدوجهد شاندار هوندي آهي. خيرمحمد لغاري به اهڙن مٿير مڙسن مان هو.
[b]ڊاڪٽر دلدار لغاري
[/b]مون پنهنجي زندگي ۾ ڪجهه ڪميٽيد سياسي ورڪرن کي ويجهي کان ڏٺو آهي. انهن سان گڏ جدوجهدون ڪيون آهن. انهن کي پرکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پر انهن ٿورڙن ماڻهن ۾ ڪنگوري لڳ ڳوٺ دودو خان لغاري جو ڊاڪٽر دلدارلغاري ولد گل حسن لغاري به شامل آهي. جيڪو عام زندگي ۾ ٿورڳالهائو ماڻهو آهي، هن شخص سدائين ڊگھي ڳالهين بجاءِ عملي ڪم کي اهميت ڏني آهي. هن جي سياسي زندگي جي شروعات 1983ع (ايم آر ڊي تحريڪ جو زمانو) ايل ايم سي مان ٿي. جتي بدر چنا کيس سنڌي شاگرد تحريڪ ۾ شامل ڪيائين. پوءِ اهو سياسي نيهن جو ناتو حياتي ڀر جو ناتو ٿي ويو. ڊاڪٽر دلدارلغاري اهو عشق اڃان نڀائيندو اچي. ايم بي بي ايس ڊاڪٽر ٿيڻ کان پوءِ هن جا ٻيا ڪيترائي ساٿي مال گڏ ڪرڻ جي جدوجهد ۾ جنبي پيا پر هي الستي انسان پورهيتن جي جدوجهد ۾ اڄ ڏينهن تائين انقلابي ايمانداري ۽ سچائي سان ثابت قدم رهيو آهي. ان ڪنڊن جي سيج تي هن سياسي انتقامي ڪاروايون ڀوڳيون.
هارياڻي مشو ڪولهڻ جي هاءِ پروفائيل ڪيس ۾ هي شخص ظالم جاگيردار سامهون هماليا بڻجي بيٺو رهيو. ان وقت ۾ هڪ نام نهاد ٽرانسپورٽر جي بس ڳوٺاڻن جي بيل گاڏي کي ٽڪر هڻي پنجن پورهيتن کي پڙ تي موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو هو. ان وقت ڊاڪٽر دلدارلغاري متاثر پورهيتن سان گڏ بيٺو رهيو. ان کان علاوه ان تر ۾ ظالم جاگيردار زميندارن پاران مسڪين پورهيتن سان ظلمتن جي عروج وارو زمانو هو. ان دوران روز هارين سان انياءُ جون انيڪ وارداتون ٿينديون هيون. پورهيتن جو پاسو وٺڻ ڪري ڀوتار هن ڪامريڊ ڊاڪٽر دلدارلغاري تي تمام گھڻا ڏمريل هئا. انتقامي ڪارواين جي نتيجي ۾ بدمست ظالم وڏيراشاهي کيس ڌاڙيلن هٿان اغوا ڪرائي ڇڏيو. ڌاڙيل ڪيمپ ۾ هن قيامت جهڙا 35 ڏينهن سخت ذهني توڙي جسماني ٽارچر ۾ گذاريا. ان وقت عوامي تحريڪ سندس بازيابي لاءِ جيئن احتجاج شروع ڪيا. تيئن ڌاڙيل ڊاڪٽر دلدارلغاري تي سختين جا پهاڙ ڪيرائي ڇڏيا. ڳالهه اُتي وڃي پهتي جو سندس حياتي سخت خطري ۾ اچي وئي. جنهن ڪري سندس زندگي کي ظالم جي چنبن مان آزاد ڪرائڻ خاطر وري احتجاجي تحريڪ کي ٿڌو ڪرڻو پيو هو. بازيابي بعد گھڻن ماڻهن جي ذهن ۾ هو ته هاڻ همراهه غريبن واري جدوجهد تان هٿ کڻي ويندو. پر ٿيو بلڪل ان خيال جي اُبتڙ، همراهه مهينو کن آرام ڪري وري ساڳيو ڳن ساڳيو ڪهاڙو. ڊاڪٽر دلدارلغاري مسڪين هاري جي جدوجهد جتان ڇڏيائين اُتان شروع ڪري وري سڀن کي حيران ڪري ڇڏيائين. يعني ثابت اهو ٿيو ته جدوجهد جي ميدان جو هي ڪارونجهر پهاڙ هٽائڻ ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي. اسان جا ماني مڇي وارا ڪامريڊ دوست واقعي جس لائق آهن. جيڪي توڙي جو مال ملڪيت وارا هوندي به پنهنجو ڪلاس تبديل نٿا ڪن. هنن جو اُٿڻ وهڻ وري به پنهنجي سماج جي مسڪين ۽ مظلوم ماڻهن سان آهي پر ڊاڪٽر دلدار لغاري جهڙا ڪيترائي دوست آهن جيڪي ته عملي جدوجهد ۾ پورهيتن سان گڏ هوندا آهن.
[b]ايڊوڪيٽ غفار ناريجو
[/b]ڪامريڊ غفار ناريجو اصل ڪنڊياري واري پاسي جو رهواسي آهي. پر سندس گھڻو لڳ لاڳاپو ميرپورخاص سان رهيو آهي. مون ڪاري ڪوٽ ۾ جيڪو من جو اڇو ماڻهو ڏٺو سو ڪامريڊ ايڊوڪيٽ غفار ناريجو آهي. پئسن سان (في) وارا ڪيس ته هن وٽ برابر گھڻا آهن. پر اسان پنهنجي حياتي ۾ سدائين کيس مسڪين پورهيتن جا ڪيس ڏنا جيڪي هن بنا ڪنهن فيس جي لڙي کٽي ڏنا. ميرپورخاص ۾ غفار ناريجو ويٺو آهي ته معني پورهيتن کي پرواهه ناهي. مظلومن سان لاڳاپيل هر اشو تي سندس آواز ضرور بلند ٿيندو آهي. جهڏي ۾ ظلمتن جو شڪار ڪيترائي هاري پورهيتن جا ڪيس اسان جي پارٽي اڄ به وڪيل غفار ناريجي ڏانهن موڪليندي آهي. مسڪين پورهيت هاري ۽ مزدورن جي حقن جي جدوجهد، عدليه بحالي تحريڪ، سنڌ ۾ ٻٽو نظام، ڌارين جي آبادڪاري جي خلاف پنهنجي پارٽي عوامي تحريڪ جي پليٽ فارم تان وڪيل غفار ناريجو سچو پچو مڙس ماڻهو ٿي ثابت قدمي سان جاکوڙيو آهي. پورهيتن لاءِ سندس جدوجهد ۽ جاکوڙ تاريخ ۾ اوچي ڳاٽ سان لکيل هوندي.
[b]اياز کوسو
[/b]ڪامريڊ اياز کوسو بنيادي طور جهڏو شهر جو رهواسي آهي. مونکي عوامي تحريڪ ۾ وٺي اچڻ وارو پهريون انقلابي استاد آهي. هي ڪامريڊ هاءِ اسڪول جهڏو ۾ سائين فيض محمد ٽالپر جي تربيت جي نتيجي ۾ سياست ۾ پختائي سان ڄمي بيٺل رهيو آهي. ڪيترائي واهه گُھليا پر هو نه لڏيو. ڪامريڊ اياز کوسو فڪر پليجو جو سچو سپاهي آهي. ڪامريڊ اياز کوسو سنڌ جي هارين جي انقلابي تنظيم سنڌ هاري تحريڪ جو مرڪزي صدر رهيو آهي ان پليٽ فارم تان ڪامريڊ اياز کوسي سڄي سنڌ ۾ تنظيم سازي لاءِ ڪارونجهر جا پٽ، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، ڪيٽي بندر، عمرڪوٽ کان ٺٺي تائين واهڻ، وستي، ڳوٺ، گام، شهر ۽ ٻهراڙيون لتاڙيون آهن. هن گھٽي گھٽي ۾ سنڌ جي پورهيتن کي جاڳرتا جا هوڪا ڏنا آهن. پورهيتن جو پاسو وٺڻ جي ڪري ظالم وڏيراشاهي جي من تي هي ڪامريڊ مڱ ڏريندو آهي. مونکي هن سان جدوجهدن ۾ هلندي ويهه سال ٿيا آهن پر هن جي وات مان پورهيت، انقلاب ۽ پارٽي کان سواءِ ٻي ڳالهه ٻيلي مون ڪونه ٻڌي.
سندس حياتي جو هر پل سنڌ وطن جي اٻوجهه ۽ مسڪين پورهيتن جي حقن لاءِ عملي جدوجهد ڪندي گذري ٿو. ڪالاباغ ڊيم ۽ گريٽر ٿل ڪينال کان ويندي سندس ٻني واري شاخ بگي مائنر تائين پاڻي جي جدوجهد ۾ سڀن کان اڳيان رهيو آهي. ڪامريڊ اياز کوسو سنڌ تي ٿيندڙ هر وار خلاف پنهنجن ٻچن سميت جدوجهد جي ميدان تي ملهائڻ وارو ماڻهو آهي. سنڌ جي پورهيت هارين لاءِ سندس کنيل وکون انقلاب جي پيچرن طرف وينديون. شال ان راهه تي سندس جدوجهد سڦل وڃي. هن وطن تي انقلاب جو روشن سج اُڀري، مظلوم ۽ پورهيتن جي فتح ٿئي. دوکي جي ديوار ڪري پٽ پوي۔
[b] ميرواهه گورچاڻي جا هاري اڳواڻ
[/b]ڪامريڊ ڪرڙ رٻاري، خوشحال ميگھواڙ، ڪامريڊ شگن هي ٽي ساٿي هتي پورهيتن جا ڀرجھلا رهيا آهن. ڪنهن به پوريهت هاري سان ظالم وڏيراشاهي سان ڪا ظلم ۽ زيادتي ٿيندي ته هي ميرواهه ۾ سڀ پهرين ڀير تي ڏونڪو هڻي ميدان تي ايندا. سندن اهڙي سياست جي ڪري هي سدائين نشان تي رهيا آهن. آسپاس جا مير، پير، ڀوتار، ايم پي اي، ايم اين اي سينيٽر ڪن هڻندا آهن. هنن عوامي تحريڪ جي پليت فارم تان سنڌ لاءِ جدوجهد جا ميدان ملهايا آهن. هنن کي ظالم جاگيرداري جو ڪو سڪو خريد ناهي ڪري سگهندو. سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ ميرواهه جا هي ٽئي ڪامريڊ اڳين صِفن ۾ نظر ايندا آهن. عهدي ۽ شهرت جي بيماري کان بچيل هي هاري اڳواڻ هاري تحريڪ ۾ هڪ شاندار مثال آهن. جن تي سڄي سنڌ فخر ڪري ٿي۔
***