ڌرتيءَ ڌڻيءَ لاڏائو پورهيت
سموري تاريخ ۾ ڌرتيءَ ڌڻين سان جيڪو ظلم، بربريت، ناانصافي، اڻبرابري، انياءُ ۽ انڌوڪار ڪئي وئي، ان جبر، ڏاڍ ۽ ستم جو حساب ڪير ڏيندو؟ اهو حساب ڪير چڪتو ڪندو؟ اهو حساب ڪنهن کان ورتو ويندو؟ ڇا دنيا جي تاريخ ۾ ڪي اهڙا مظلوم ماڻهو آهن جن صدين جي ظلمتن جو پلاند نه ڪيو هجي؟ جن بغاوت نه ڪئي هجي؟ ظالم ۽ مظلومن ۾ موجود تضاد ئي انقلاب جو سبب بڻجن ٿا. تاريخ جو مزاج پنهنجو هوندو آهي. تاريخ ۾ هر ان هاڪاري ڪم جي مخالفت ڪري تضاد پيدا ڪيو ويندو رهيو آهي، اهو تضاد ئي ڪائنات جي وجود جي بقاءُ جو مثال آهي. تضاد ئي سمجهه، هوشياري ۽ جاڳرتا پيدا ڪندا آهن، تضاد سان اکيون کلن ٿيون ۽ اکيون کلڻ سان روشني پسجي ٿي، ۽ روشني ئي حياتي جو اهم جُز آهي. ڪيتريون ئي ڳالهيون مظلوم انسانن جي گھڻائي جي فائدي ۾ هونديون آهن. جنهن سان مظلوم انسانن جي تقدير کي پرامن جمهوري انداز سان بدلائي سگهجي ٿو، هن وقت جڏهن تاريخ ڌرتيءَ ڌڻين کي اهڙو موقعو فراهم ڪيو ته ان ۾ پورهيت دشمن سامراج لاتعداد رڪاوٽو ن ۽ تضاد پيدا ڪري پنهنجا ڪرائي جا ڇاڙتا مظلوم ماڻهن تي بڇي انهن جي ٻڌي، اتحاد ۽ ايڪي کي ڇيهو رسائڻ جي خطرناڪ ڪوشش ڪري منجهن نفرتون ۽ دراڙون پيدا ڪرڻ جي انتهاپسنداڻي سازش ڪئي.
ڇُلي ڇڏ م ڇپرين، ڏلي ڇڏ م ڏيهه
پسيو وڻ وطن جا، وڙڪيو اچيو ويهه،
سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسي وسري،
حيف تنهين کي هو وطن جن وساريو.
سنڌ وطن جي اصل وارث پورهيتن هزارين صعوبتون سهڻ جي باوجود پنهنجي وطن جي مٽي جو عشق آهن، اهي نه ڪڏهن ڌرتيءَ ڇڏي ڀڳا آهن ۽ نه ئي ڪٿان ڀڄي آيل ڀاڄوڪڙ آهن. اهي نه ڪڏهن لُڏيا، وڪيا، جهڪيا آهن، ۽ ذرو به ڪڏهن هٽيا يا ڦِريا به ناهن، هنن جو گھر موهن جو دڙو آهي، هنن جو مڙهه مقام ۽ پاڙون ڍڀن جيئن سنڌ جي پاتال ۾ آهن. جنهن کي وقت جا سامراجي گڏهه چري ويندا آهن ۽ اهي وري انگورجي ايندا آهن. انهن جي پنهنجي مٺڙي ماءُ جي لولي جهڙي سنڌي ٻاٻاڻي ٻولي آهي، انهن ٿڃ جي ٻولي ملهائي آهي. هنن جي پنهنجي شاهڪار ثقافت آهي، هنن جي پنهنجي شاندار تهذيب ۽ تمندن آهي، هنن جا پنهنجا گھٽ، گھيڙ ۽ پتڻ آهن. هنن جو پنهنجو محبوب دادلو درياهه آهي، اُن سنڌو جا آر ۽ انگل اهي ئي ڄاڻن اهي ئي پرکن. هنن جي مزاج، طبعيت ۽ ڪيفيت کي سمجهڻو آهي ته سنڌو درياهه بادشاهه جي ڪيفيت کي سمجهڻو پوندو. ڪڏهن ماٺو ته ڪڏهن مست رقصان، هنن جي رڳن ۾ اڄ به اهوئي رت ٽهڪي ٿو جيڪو صديون اڳ موهن جي دڙي ۾ انهن جي ڏاڏن پڙ ڏاڏن جي رڳن ۾ گردش ڪندو هو
هنن پورهيتن جو پنهنجو لاڙ، اُتر، ڪاڇو، وچولو آهي، هنن ئي دنيا کي تهذيب سيکاري آهي، هنن جي ڏاڏن ۽ پڙ ڏاڏن پنج کان ڏهه هزار سال اڳ ۾ ڦيٿو (ڍڳا گاڏي) ايجاد ڪري دنيا کي تيز ترين ترقي جو شاندار تصور ڏنو آهي، هنن جي ديس ۾ ڪپهه جام ٿئي، اي انگ اگهاڙا سامراج! هنن هزارين سال اڳ ڪپڙو پائڻ شروع ڪيو جڏهن گھڻي دنيا اوگھڙ ڍڪي نه سگھي هئي. هنن هزارين سال اڳ شهر آباد ڪري پڪن گهرن ۾ پئي رهيا. تڏهن دنيا جي اڪثريت جهنگلن ۾ وڻن جي ٽارين تي چڙهيو ويٺي هئي، هنن جا صديون اڳ پڪا گھر اوطاقون، ماڙيون، محل، بنگلا، پڪا کوهه هنن جي مهذبپڻي جو شاندار مثال آهن. ڪرنسي جو سسٽم به هنن جي سڪن مان ملي ٿو، هنن پورهيتن ته پنج هزار سال اڳ لکڻ پڙهڻ جو تصور پڪٽوگراف (تصويرن کي سڃاڻي پڙهڻ) جو نظام آندو ، هنن وٽ سنبارا جو رقص آهي، هنن وٽ آرٽ آهي، هنن وٽ سوچ، ويچار، فڪر، فن سميت موسيقي جا مڌر سُر آهن، هنن وٽ ٻيڙي آهي، هنن وٽ رڇ آهن، هنن وٽ ڪوڏر، ڪهاڙي، هر، سهاڳو، کانڀاڻي، گليل، ڪاترجا ڪڙڪاٽ آهن ۽ هاڻ ته هنن پورهيتن وٽ قلم، ڪتاب، لائبريريون آهن. (جيڪي پورهيت دشمن سامراج کان قطئي ڏينهن قيام جي هضم ڪونه ٿيندا ) وڏي ڳالهه ته هنن پورهيتن جا لڱ لوهه آهن، هي ڌرتيءَ جو سينو چيري دنيا جو پيٽ ڀرين ٿا. هي رڪ پگهارين ٿا، ڪنڊا ۽ لنڊيون لتاڙي اناج اُپاين ٿا، هنن وٽ پگهر جو پورهيو آهي. هي محنت ڪش پورهيت آهن. ڪتاب کولي ڏس ته پورهيت جي اهميت ڇا آهي؟
پٿون ٿيل پيرن هيٺان پنهنجي ئي ڌرتيءَ کسڪڻ جي درد جي ڪيفيت ۽ ان جي محسوسات جو زهر جهڙو ذائقو ۽ پنج سئو صدين جي غلامي جو احساس ڌرتيءَ جي ڌڻيءَ کان وڌ ڪير ٿو محسوس ڪري سگھي؟ سانحن جا سور ته انهن جي سينن ۾ صدين کان سانڍيل آهن، اهي سور ۽ پور لاوي جيئن پچي ڪڏهن آتش فشان جيئن ڦاٽي سگهن ٿا؟ علم، شعور، تعليم ۽ ترقي کان ڪوهين ڏور سنڌ جا هي اصل پورهيت پيٽ گذر خاطر مختلف مزدوريون ۽ پورهيا ڪن ٿا. تنهنڪري اهي نالي ماتر ترقي نه ڪري سگھيا آهن. زراعت سان لاڳاپيل ڀيل، ڪولهي ميگھواڙ ، اوڏ شامل آهن اهي ذاتيون لڏپلاڻ جي دوران به زراعت سان لاڳاپيل رهيون آهن ۽ انهن ماڻهن ويهڻ لاءِ ٻهراڙين توڙي شهرن ۾ پنهنجا پلاٽ خريد ڪيا آهن. ٻني ٻارو ۽ محنت مزدوري ڪري ڌرتيءَ جي هنن پورهيت ماڻهن لڏپلاڻ سان گڏ هڪ هند ويهي زندگي جي سفر کي اڳتي وڌائڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي آهي. ان جي باوجود هنن پورهيت قبيلن جا لکين ماڻهو اڄ به روزي ڪارڻ لڏپلاڻ ڪن ٿا. انهن جي اڪثريت ميرپورخاص، بدين، عمرڪوٽ، حيدرآباد، ٽنڊوالهيار، سانگھڙ، نواب شاهه، ٺٺو آهن. جڏهن ته انهن جي آبادي جي وڏي اڪثريت ٿرپارڪر ضلعي ۾ رهي ٿي جتي هارپ سان گڏ انهن ماڻهن جون پنهنجيون زمينداريون به آهن. جتي انهن جا مڙهه، مقام، ٻنيون، ڳوٺ، گام، اجها ۽ آشيانا آهن. پر ان جي باوجود هرسال ٿر جي هنن قبيلن جي لکين ماڻهن کي لڏپلاڻ ڪرڻي پوي ٿي. جنهن جو وڏو سبب ڏڪار سان گڏ غربت آهي. بک، بيروزگاري، بي وسي، بدحالي ۽ لاچاري کين خانه بدوش بڻائي ٿي. هو سنڌ ۾ ڪٿي به پيٽ گذر ڪارڻ لڏپلاڻ ڪري مزدوري تي ويا هجن پر “وٺي جون واڌايون” ملندي ئي پنهنجي ملڪ ملير تي مينهن واءُ ڪندي پڄي ويندا آهن. جيڪڏهن سال سامهون آيو ۽ مندائتي مينهن جي ڪري ٻارهن مهينن جو قوت ڪٺو ٿيو ته ٺيڪ نه ته وري “ساري سنڌ پرين جو پاڇو” جوڳي رمتا ڀلا، پنهنجن ڪکائن جھوپن کي ڍينگهر ڏيئي پورهيت سنڌ جي بئراجي علائقن ۾ واپس ورندا آهن. لارين ۽ ڇکڙن جون ڇتون ٿر جي ڀٽن مان پورهيتن سان ٻڪرين ۽ رڍن جيئن سٿجي نڪرنديون آهن. بسن جي اڏن تي ان وقت فقط انهن ماڻهن جي وڏي پيهه نظر ايندي ڄڻ هو فلسطين جا پناهه گير هجن؟ انهن جي ايندڙ منزل ساريالا ۽ مرچ، ڦٽي وارا علائقا هوندا آهن. جتي هو ٻن مهينن تائين لابارو ۽ مرچ ڦٽي جي چونڍائي بعد ڪمند جي ڪٽائي تي سانگھڙ، نواب شاهه، حيدرآباد سميت انهن علائقن جو رخ ڪندا آهن جتي زرعي مزدوري گھڻي هجي. ائين ئي هو بک کي رولڻ جي ڪوشش ۾ پاڻ رلندا ۽ دربدر ٿيندا رهن ٿا. ٿر، لاڙ ۽ اُتر جا علائقا لتاڙي هو ٻيهر پنهنجي ڪکن ۾ اچن ٿا. اهو رولاڪين جو سفر صدين پڄاڻان ان ئي محور ۾ ڦرندو رهي ٿو. ان لڏپلاڻ سبب انهن پورهيت قبيلن جي مستقبل جا معمار معصوم ٻچڙا به تعليم جي زيور کان وانجھيل رهجي ويندا آهن. علم کان دوري سبب هنن ۾ شعور جي ڪمي فطري عمل آهي جنهن ڪري لاڏائو پورهيت قديمي ريتن، رسمن ۽ رواجن ۾ جڪڙيل هئڻ ڪري لاتعداد عقوبتون پڻ ڀوڳين ٿا.
***