ليکڪ پاران
موضوع ٻيا به لاتعداد پيا آهن پر الئه ڇو مونکان انهن تي نٿو لکجي، تنهنڪري آئون هِتان هُتان ڦريو هاري، مزدور ۽ پورهيتن تي بيٺو آهيان. ان جا ٻيا ته الئه ڪهڙا سبب آهن پر هڪ ته آئون پاڻ سمجهان ٿو سو اهو آهي ته آئون خود پورهيت ماءُ ۽ پورهيت پيءَ جو پٽ آهيان. منهنجو بابا سائين اڌ ته ڇا پر سرڙيو هاري به رهيو آهي. مون پاڻ به ٻين جي ٻنين مان پنهنجي روزي سمجھي گڏون ڪڍيون آهن. منهنجي پورهيت هٿن تي لڦن جا نشان ظالم جاگيرداري نظام تي اڄ به سلطاني گواهه بڻيل آهن. فصل جي جن سلن کي اسان پنهنجي ٻچن جيئن نپايو تن جي اناج ۽ جنسن جا ٽالها جاگيردارن پاران اڌ جي ڌڻي کان بنان پڇڻ جي کڻندي هنن اکين ڏٺو. مون هارين جي معصوم ٻچڙن کي بک ۾ ٻاڪارون ڪندي ٻڌو آهي، مون بنان علاج جي بي موت مرندڙ هزارين هارين جي ٻارڙن، عورتن توڙي پيرسنن کي آخري هڏڪيون ڏيندي به ڏٺو آهي. مون عيد توڙي ٻين سڀاڳن ڏڻن تي هارين کي لنگهڻ ويلا ڪاٽيندي ويجهي کان ڏٺو آهي. پنهنجي ٻار جي علاج لاءِ هارياڻي کي نڪ جي ڦلڙي ڪڍي پنهنجي پورهيت پتي کي وڪڻڻ لاءِ ڏيڻ جي ازيت کي مون اکين سان پسيو آهي. جنهن کي واڻيي وٺڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو. انهن مجبور پورهيتن جا سرد شوڪارا منهنجي ڪنن ۾ گونجندا رهن ٿا جيڪي پنهنجي مري ويل پورهيت ماءُ کي ڪفن ڏيڻ جي پڄت به نٿا رکن ۽ ڪفن دفن جو سامان به وڏيري جي چٺي تي کاتي ۾ ٿا کڻن ان ڪفن تي پڻ وياج لڳي ٿو. اوچتي مهمان جي اچڻ تي ڪاري چانهه جي ڪوپ لاءِ گھربل کنڊ پتي جي ذري لاءِ به پورهيت ور جي ڪن ۾ سس پس ڪندڙ هارياڻي ڪانڌ جي مجبوري سمجھندي ٻارڙن کي “ٻڪ” ۾ داڻن جو مليل سير ڳوٺاڻي هٽ تي کپائي ڦاٽل چُني جي پلئه ۾ 3 روپين واري پتي جي پڙي ۽ 100 گرام کنڊ جو ذخيرو کڻي اچي پتي جي پت رکي ٿي.
هر سال سيڻن کي ڪنيا جي شڀ لگن جا ڏينهن ڏيئي غربت سبب پرڻائي نه ڏيندڙ پورهيت پيءَ کي چيٽ ۾ ليٽ نڪرڻ جو آسرو آسرو ئي رهجي وڃي ٿو. غربت سبب ڏاج نه هئڻ ڪري جوانين کي موٽ کائيندي مون ڏٺو آهي. ڪکائن جهڳين مان سسڪين جا آواز من اندر ۾ وڍ وجهڻ لاءِ ڪنهن به ريت گھٽ نه آهن. سموري دنيا جي اميرن جا لاهي اُڇلايل لٽا، سوئٽر، اوني ٽوپيون، نيلامي جوتا ريڙهن تي سستي اگھه نه ملن ته ڪائنات جي گھڻي پورهيت آبادي جا نه رڳو پير پر انگ به اگھاڙا هجن. ڪائنات ۾ انسانيت هاڻ ڪوٺي جو اگهاڙو رقص ٿيندي وڃي. جتي مجبوريون نچن ٿيون، جنهن ماڻهپي جي تذليل جي رقص کي سامراجي ڇتا ڪتا اکيون ڦاڙي گگون ڳاڙي تڪين ٿا. سامراجي آدمخور معصوم انسانيت جون ٻوٽيون پٽي رتورت ڪرڻ چاهين ٿا. پورهيتن جا لاش، لڏا ۽ ڄڃون کڻڻ لاءِ رڳو ٽريڪٽر ٽالها آهن جيڪي انهن جو اُپايل سمورو اناج به کڻي وڃن ٿا. مٿي ذڪر ڪيل هارين جي زندگي جي حالاتن جو مشاهدو مونکي ان ڪري به وڌيڪ آهي جو مون ٿورڙو عرصو اڳ ڪوڏر اُڇلائي قلم کنيو آهي جڏهن ته منهنجا سمورا رشتيدار اڄ به هارپو ڪن ٿا. اڄ به انهن جا حالات اهڙا آهن جن تي ڪاري رات جو سوچيندي سوچيندي وار اُڀا ٿي ويندا آهن.
هاري ۽ زميندار ٻئي اڌ جا ڌڻي آهن پر ٻنهي جي حالاتن کي ڏسي اندازو ٿي ويندو ته ڪُپت ڪنهن ۾ آهي؟ سڀ زميندار هڪجهڙا به ڪونهي انهن ۾ ڪي پورهيت دوست چڱا به آهن. جاگيردارن جي ڏاڍ مڙسي واري غيرانساني نظام مان هاري جي جند تڏهن آجي ٿيندي جڏهن هو انهن حالتن جو سخت مقابلو ڪندي پنهنجي ٻچن کي پڙهائيندو ۽ شهر جو رخ ڪندو، جتي سندس ايندڙ نسل وڏيراشاهي جي حڪمراني کان آجو ۽ محفوظ هوندو.
مونکي قطئه ان ڳالهه جو افسوس ناهي ته جنهن طبقي جي ماڻهن لاءِ منهنجو لکڻ، پڙهڻ، رات ڏينهن انهن جي تقدير کي بدلائڻ جون ڳالهيون سوچڻ، پنهنجي غريباڻي وس آهر جدوجهد ڪرڻ بلڪه بابا فريد واري ڳالهه جيئن “ميڏا يار وي تون ميڏا عشق به تون” انهن سان عشق ڪرڻ جي باوجود به انهن منهنجي معشوق ماروئڙن کي ان ازلي عشق جو پتو به ناهي، تڏهن ته هو گھڻو ڪري وڏيرن جي ونگارو واٺڙين جي چمڪ دمڪ ڏسي انهن جي ڄار ۾ ڦاسندا رهيا آهن. اسان واري انگ ونگڙي ۽ ورن وڪڙن واري انقلاب جي ڳالهه انهن جي دماغ ۾ نٿي اچي.
منهنجو هاري تحريڪ جي تاريخ، ڪردارن، جدجهدن، قربانين جي قصن، ماضي ۽ حال بابت هي ڪتاب هڪ معمولي ڪوشش آهي. جنهن مان گھڻو مطمئن نٿو ٿي سگھجي، واقعي مطمئن ٿي وڃڻ مري وڃڻ جي برابر آهي. تنهنڪري هاري تحريڪ جي ڪم تي اڃان به گھڻي قلمي ڪم جي ضرورت آهي. اڳتي حياتي رهي ته وري هن ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو به ڇپائبو، في الحال لاتعداد کوٽن، خامين، غلطين جي باوجود به هي ڪتاب توهان جي هٿن تائين پهچائڻ جي هجت ڪري رهيو آهيان. آئون فقير اڳ به اوهان سڄڻن جي محبتن جو تمام گھڻو مقروض آهيان. اوهان جي بي لوث محبتن کانسواءِ ٻي ڪنهن سرٽيفڪيٽ جي ڪڏهن گھرج ئي نه رهي آهي. شڪرگذار آهيان پنهنجي محسنن فتح محمد شهزاد ثيٻو، پرڪاش ڪرمواڻي، اوشو ڀيل، ايوب کوسو، روحل ڪالرو، اخترحفيظ، عمر احمداڻي، پهلاج ڪولهي، هرجي مل ميگھواڙ، اوشو نارو ڀيل، پريم ميگهواڙ، ادي راڌا ڀيل، ادي امر سنڌو، ايف سي راٺوڙ، جئي شنڪر ڪولهي، ديدار ڀيل، گينو ڪولهي، پونم پاسڪل ڪولهي، قيوم بلوچ، صوفي سچل کوسو، فقيرسليمان لغاري، مدد جروار، شمس مڱريو، ميوو ڀيل، پٽيل ڪانجي ڀيل، عثمان راهوڪڙو، شبير لغاري، جيرام آزاد، غلام شبير لغاري، ڊاڪٽر گلاب ڀيل، ڀلجي ڀيل، چيتن ڀيل، وڪيل تلوڪ چند ڀيل، وڪيل آسن ڀيل، ڊاڪٽر رميش ڪمار ڀيل جو دلي طور احسانمند آهيان.
محب ڀيل
ڀيل هائوس وارڊ نمبر 9 جهڏو
ڳوٺ پٽيل انب ڀيل تعلقو جهڏو
ضلعو ميرپورخاص
03002682036
muhibbheel@gmail. com
جُون 2017ع