تاريخ، فلسفو ۽ سياست

هن رتائين راهه ۾(سنڌ جي هاري تحريڪ)

محب ڀيل جو هي ڪتاب سنڌ جي هاري تحريڪ جي جدوجهد جي مختلف دؤرن بابت آهي. محب ڀيل جي لکڻين جا موضوع سماج جي عام موضوعن کان بنهه مختلف هوندا آهن. جنهن ڪري سندس مضمونن کي اخبارن، رسالن، ميگزين ۾ پڙهندڙن جو وڏو حلقو ملي ٿو. هن جي تحرير جي ٻولي ۾ هن سماج جي بُکين، ڏکوئلن، پيڙهيل ۽ ناانصافين جو شڪار ٿيل ماڻهن جو درد جون حقيقتون شامل هونديون آهن. هن ڪتاب ۾ ليکڪ پورهيت دشمن جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي راتاهين ۽ طريقي واردات کي منظرعام تي آندو آهي. سندس قلمي ڪاوش تاريخ ۾ هڪڙي ننڍڙي جُرئت آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2698
  • 1046
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • محب ڀيل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book هن رتائين راهه ۾(سنڌ جي هاري تحريڪ)

ڌرتيءَ ڌڻي هاري ۽ ڪيمپ ڪهاڻي

سنڌ ۾ گھڻو هاري طبقو ڀيل، ڪولهي ۽ ميگھواڙ آهن. جيڪي هن سماج جا پيڙهيل ماڻهو آهن. انهن سان ظلم ۽ زيادتين جي ڊگھي ۽ ڏکوئيندڙ تاريخ جا لاتعداد باب ڀريل آهن. انسانيت سان ناانصافين جو اهو ڪارو باب انساني حقن تي ڪم ڪندڙ ادارن ۽ جمهوريت جي نالي تي حڪمراني جون واڳون غيرقانوني طور ولاريندڙ واپارين لاءِ هڪ سوال آهي. جنهن جو جواب اڄ ڏينهن تائين نه ملي سگهيو آهي. ان هيسيل هرڻي جهڙو من رکندڙ ماڻهن سان سنڌ جا سامراجي وڏيرا، مير، پير، جاگيردار هارپ جي نالي تي ڪهڙو ڪلور ڪن ٿا؟ انهن ظلمن جو داستان منظرعام تي اچڻ سان ڪيترا اڇا منهن ڪارا ٿي ويندا. سنڌ جي پورهيتن جي پٿون ٿيل پيرن هيٺان پنهنجي ئي ڌرتيءَ کسڪڻ جي درد جي ڪيفيت ۽ ان جي محسوسات جو زهر جهڙو ذائقو ۽ پنج سئو صدين جي غلامي جو احساس ڌرتيءَ جي دراوڙ پورهيتن کان وڌ ڪير ٿو محسوس ڪري سگھي؟ سانحن جا سور ته انهن جي سينن ۾ صدين کان سانڍيل آهن، اهي سور ۽ پور لاوي جيئن پچي ڪڏهن آتش فشان جيئن ڦاٽي سگهن ٿا؟ علم، شعور، تعليم ۽ ترقي کان ڪوهين ڏور سنڌ جا هي اصل وارث پيٽ گذر خاطر جگيردارن وٽ پورهيو ڪري پيٽ پالين ٿا. سنڌ جي هنن ڌڻين سان ايترو ته جبر ڪيو ويو آهي جو هو ڌرتيءَ جي گولي تي نالي ماتر ترقي ته نه ڪري سگھيا پر فقط پنهنجو وجود بچائي زنده رهي سگھيا آهن. سنڌ جي انهن وارثن ڀيل، ڪولهي، ميگھواڙ، جوڳي، گرگلا، راوڙا، سامي، جھنڊاوڙا، اوڏ وغيره ۾ ڀيل، ڪولهي ميگھواڙ ۽ اوڏ اهي جاتيون آهن جيڪي زراعت سان لاڳاپيل رهيون آهن. ٻني ٻارو ڪري پيٽ گذر ڪن ٿيون. ان جي باوجود به سنڌ جي هنن وارث قبيلن جا لکين ماڻهو اڄ به روزي ڪارڻ لڏپلاڻ ڪري دربدري جي زندگي بسر ڪن ٿا. سنڌ جي اُترين ضلعن ۾ انهن جاتين جا ماڻهو هارپ سان تمام گھٽ واڳيل آهن پر انهن جي اڪثريت ميرپورخاص، بدين، عمرڪوٽ، حيدرآباد، ٽنڊوالهيار، سانگھڙ، نواب شاهه، ٺٺو ۾ آهي. جڏهن ته انهن جي آبادي جي وڏي اڪثريت ٿرپارڪر ضلعي ۾ رهي ٿي. جتي انهن جا مڙهه، مقام، ٻنيون، ڳوٺ، گام، اجها ۽ آشيانا پنهنجاآهن. سنڌ جي زرعي پورهيت قبيلن جا ماڻهو جيڪي هارپ نٿا ڪن پر انهن جي روزگار جو ذريعو ۽ مزدوري ٻني ٻاري سان منسلڪ آهي. سنڌ جي انهن پورهيت قبيلن جون ڪجهه جاتيون ڀاڄيون، سبزيون، واڙيون ۽ باغ ٺيڪي تي کڻي پيٽ گذر ڪن ٿيون. هو سڄي سال زرعي مزوريون لابارو ۽ مرچ ڦٽي جي چونڍائي بعد ڪمند جي ڪٽائي تي سانگھڙ، نواب شاهه، حيدرآباد سميت انهن علائقن جو رخ ڪندا آهن جتي زرعي مزدوري گھڻي هجي. ائين ئي هو بک کي رولڻ جي ڪوشش ۾ پاڻ رلندا ۽ دربدر ٿيندا رهن ٿا. ٿر، لاڙ ۽ اُتر جا علائقا لتاڙي هو ٻيهر پنهنجي ڪکن ۾ اچن ٿا. اهو پورهيتن جي دربدرين جو اهو سفر صدين پڄاڻان ان ئي محور ۾ ڦرندو رهي ٿو.
سنڌ جي مسڪين ۽ مظلوم پورهيتن سان صدين کان انياءُ رهيو آهي جيڪو اڄ ڏينهن تائين قائم ۽ دائم آهي پر ڪوڙ جا اهي ڪوٽ هڪ ڏينهن ڀڄي ڀري پوندا، غلامي جون هٿ ڪڙيون ۽ پيرڪڙيون ضرور چڪناچور ٿينديون. انسان ازل کان آزاد آهي ۽ آجپو يقيني آهي۔
1990ع کانپوءِ سنڌ ۾ هارين جي حقن لاءِ سياسي تحريڪن کان وڌ اين جي اوز ۽ هيومن رائٽس جا ادارا سرگرم ٿي ويا. جن پروجيڪٽن جي حاصلات لاءِ پورهيت هارين کي پنهنجي ڪاروبار جو شاندار ذريعو بڻايو. انهن ادارن هاري ۽ زميندار ۾ ٽيننسي ايڪٽ تحت يا سياسي ۽ سماجي طريقن بجاءِ ڪورٽن ۾ آرٽيڪل 491 تحت سڌي درخواست يا وڪيل جي ذريعي داخل ڪرائي زميندارن جي مبينا نجي جيلن مان هارين کي آزاد ڪرائي هاري ڪيمپن حوالي ڪيو ويو. هاري ڪيمپون حيدرآباد جي آسپاس جي علائقن ۾ قائم آهن جنهن ۾ هاري ڪيمپ هوسڙي، هاري ڪيمپ چُکي، هاري ڪيمپ ڪوٽڙي، هاري ڪيمپ زيل پاڪ ڪالوني، هاري ڪيمپ ٽنڊو حيدر، هاري ڪيمپ قادر نگر قاسم آباد، هاري ڪيمپ بابا صلاح دين ڪوٽڙي ۽ ميرپورخاص ۾ ڪانجي راڻو ڪالوني واري ڪيمپ شامل آهن. هاري ڪيمپن ۾ انهن آزاد ٿيل هارين جي حياتي ڪيئن ٿي گذري ؟ اهو ڪيمپ ڪهاڻي جو هڪ ڏکوئيندڙ ڊگھو داستان آهي. جتي ڌرتيءَ جا اصلوڪا وارث موجوده دور جا مسڪين هاري خانه بدوش ڀيل ۽ ڪولهي دربدرين جا عذاب ڀوڳين ٿا. سنڌ ۾ هارين جا ڪيس وڙهندڙ مشهور وڪيل رسول بخش پليجو ۽ عاصما جهانگير جو ڪردار هاڪاري رهيو آهي. جنهن هارين جي حقن لاءِ زبردست ۽ قانوني ويڙهه ڪئي. وڪيل غلام الله چانگ، وڪيل ڪانجي راڻو ڀيل، وڪيل پونجو ڀيل، وڪيل ڀڳوانداس ڀيل، وڪيل خميسو شيواڻي ۽ سروڻ ڀيل پاران هارين جا هزارين ڪيس لڙي کين زميندارن جي قيد مان آزادي ڏياري.

[b]نجي جيل اصل حقيقت ڇا آهي؟
[/b]سنڌ جي ظالم زميندارن جي جاگيرن ۾ نجي جيلن جي حوالي سان گھڻي زماني کان ڪيتريون ئي ڳالهيون منجهيل آهن. ميڊيا به انهن معاملن کي منظر عام تي آڻي حقيقتون پڌريون ڪندي رهي آهي پر ڪجهه جاگيرون اهڙيون به آهن جتي اڄوڪي سائنس جي تيزترين دور ۾ به ميڊيا جي پهچ ممڪن ناهي. جتي پکي پر به نٿو هڻي سگھي. نجي جيلون ڪي باقاعدي لاڪپ ۽ سلاخن جي روپ ۾ نه آهن پر نجي جيلون پورهيتن جا اهي کليا جيل آهن جتي پورهيت انسان کي پنهنجي مرضي موجب زندگي گذارڻ جو حق حاصل نه هجي، جتي ڏينهن رات پهري هيٺ ساهه کڻڻ جي روايت هجي، جتي سوچڻ ۽ لوچڻ تي پابندي عائد ٿيل هجي، جتي پيرن ۾ سنگهرون هڻي پورهيو ڪرايو وڃي، جتي هاري ٻارن ٻچن سان گڏ اڌ بکئي پيٽ سان ڏينهن رات سخت پورهيو ڪري اناج جا انبار پيدا ڪرڻ جي باوجود به نسل در نسل قرضن جي ڪوڙهه ۾ ڦاٿل هجي، جتي سرد سيارن ۽ لڱ ساڙيندڙ گرمين ۾ اٽي، لٽو اجهي کان زندگي مڪمل آجي هجي، جتي پورهيت ماڻهو پنهجي رت جي رشتن جي مرڻن، پرڻن، خوشين، غمين ۾ ڄاڃي ۽ ڪانڌي نه ٿي سگھي، جتي روئڻ ۽ کلڻ تي پابندي هجي، جتي پورهيت هارين جي مستقبل جي معمارن کي قلم ۽ ڪتاب کان ڪوهين ڏور رکيو وڃي ته اهو زندگي جو اڻ اعلانيل قيد آهي. جنهن کي جاگيردار جي نجي جيل چئي سگھجي ٿو.
منو ڀيل جو ڪيس ان حوالي سان سڄي دنيا ۾ مشهور آهي. منو ڀيل جا 9 گھر ڀاتي جهڏو لڳ ڳوٺ حاجي حُسين مان زميندار عبدالرحمان مري ۽ سندس ڇاڙتن اغوا ڪيا جنهن جي ايف آءِ آر پڻ جهڏو ٿاڻي تي ڪٽيل آهي. جنهن بعد منو ڀيل پنهنجن گھر ڀاتين جي بازيابي لاءِ ڊگهي بک هڙتال ڪري عالمي رڪارڊ قائم ڪيو، انساني حقن جي عالمي ادارن ۽ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس افتخار محمد چودري پاران نوٽس وٺڻ بعد ڪيس سان لاڳاپيل مک جوابدار گرفتار ٿيا پر وري اهو ڪيس وقت جي وهڪري ۾ لڙهي ويو. فائلن تي مٽي جا تهه چڙهي ويا. منو ڀيل جا 9 گھر ڀاتي زمين کائي وئي يا آسمان اڄ ڏينهن تائين ڪا خبر پئجي نه سگھي آهي. هاري منو ڀيل به پنهنجن ٻچڙن جي آزادي جو آسرو لاهي مايوسين جي ڪُن ۾ زهر جهڙي زندگي جيئي پيو. ملڪ جا طاقتور قانون، عدالتون، اعلى عدليا، عوام جا چونڊيل مقدس ايوان، انساني حقوق جا علمبردار ادارا، سياسي، سماجي ۽ سول سوسائٽي سڀ گڏجي به هڪ جاگيردار کان مسڪين پورهيت هاري منو ڀيل جا گھر ڀاتي ڏياري نه سگھيا.
جاگيردارن پاران باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ سندس پارٽي سنڌ هاري ڪميٽي جي تاريخي جدوجهد کانپوءِ پاس ڪرايل ٽيننسي ايڪٽ کي پُٺي ڏيئي هارپي ۾ پنهنجا من پسند قانون رائج ڪرڻ سان سنڌ جي زرعي نظام ۾ هاري ۽ زميندار ۾ تضاد پيدا ٿيڻ ڪري هڪ طرف زراعت کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي ته ٻي طرف سنڌ جو اصل ڌرتيءَ ڌڻي هاري طبقو دنڌوڙي ڪامريڊن جي ور چڙهي هاري ڪيمپن ۾ دربدري جي زندگي گھاري رهيو آهي. جنهن کان پرائي ٻني ۾ ٺاهيل پنهجو گھر به کسجي ويو. اڻ ڏٺل ماڳ، ڦٽ پاٿ، ڪيمپن جو سوڙو ماحول، شهرن جون دونهون سندن ساڌڙي زندگي تي ڪارو داغ بڻجي ويو آهي. ڪيمپن ۾ پليل هارين جي مستقبل جا معمار صبح سويل درسگاهه وڃڻ بجاءِ ڪلهي ۾ ٻورو ٽنگي ڪاغذ جا گتا چونڍين ٿا يا وري پنن ٿا. ڪيمپن ۾ حياتي جي گذرندڙ لمحن کي “زندگي” بجاءِ تاريخ جي تذليل به چئي سگھجي ٿو. اهو تاريخ جو ڏکوئيندڙ الميو آهي پر هڪ خطرناڪ سانحو به آهي. جنهن تي تاريخ کي وار کولي ماتم ڪرڻ گھرجي. هر سال پوکائي جي منڌ کان هڪ مهينو اڳ هڪ جوءُ کان ٻي جوءُ تائين سنڌ جي پورهيت هارين جي ٿيل لڏپلاڻ جو صدين کان هلندڙ اڻکٽ سلسلو سندن خوشحالي نه پر بدحالي جو منظر آهي. اهو دربدري جو سفر انساني حقن جي اعلى اختيارن کي الئه ڇو نظر نٿو اچي؟ “مهذب سماج” اڏيندڙن پاران ڌرتيءَ جي پورهيتن جي ڪٽيل زبان انساني تاريخ جي وڏو سانحو آهي. پنهنجي ٻولي، تهذيب، ثقافت، ڌرتي ۽ درياهه جا ڌڻي لاوارثي جي عالم ۾ تاريخ جي بدترين زمانن مان گذرندي احساس محرومي جو شڪار ٿيندا رهيا آهن. ڌرتيءَ جي انهن پورهيتن کي هزارين صعوبتون برداش ڪرڻيون پيون.
سنڌ ۾ هارين سان ظلم، زيادتين، ناانصافين، اڻبرابري ۽ انياءَ جي هڪ ڊگھي درد ڀري تاريخ آهي. افسوس ان ڳالهه جو آهي ته سنڌ جي انهن پورهيتن جا مسئلا عملي طرح حل ڪرڻ بجاءِ ڌندوڙي ساڃاهه وندن ۽ دانشورن پاران ڪيل ڊگھيون تقريرون، سيمينار، تاريخدانن پاران لکيل تاريخون ۽ انقلاب جا زباني چسڪا به ڌرتيءَ جي پورهيتن جي تقدير کي بدلائڻ ۾ ناڪام ويا آهن. اهي من جون ماڙيون ٺاهڻ واريون مهانگين هوٽلن ۾ ڪيل ڳالهيون عارضي طور ته خوشي جي خوراڪ مهيا ڪنديون آهن پر پگھر جي پورهيي سان دنيا لاءِ اناج پيدا ڪندڙ هي پورهيت ماڻهو پاڻ اڄ به بکئي پيٽ سمهن ٿا.
سنڌ ۾ گھڻو ڪري هارپ سان لاڳاپيل ڪولهين ۽ ڀيلن سميت ٻيون انساني اڻبرابري ۽ اوچ نيچ جو شڪار ذاتيون آهن. موئن جي دڙي جي تهذيب جا حقيقي وارث پورهيت دربدري جي دورن مان گذرندي غلامي جي ڄار ۾ جڪڙجي چڪا آهن. جمهوريت پسندي جون دعويدار ڌريون سنڌ جي هنن مسڪين ۽ مظلوم هارين جي حقن جي حاصلات لاءِ ڪهڙا عملي قدم کنيا آهن؟ سياسي پارٽيون اعلى ايوانن ۾ غريب پورهيتن کي نمائندگي ڏيڻ بجاءِ ڏوڪڙن عيوض سيٽون من پسندن کي ورهايو ڇڏين جيڪي مخصوص نمائندا ايوانن ۾ مسڪين هارين جا مسئلا حل ڪرڻ بجاءِ گُتن جا پرمٽ، ترقياتي اسڪيمون، نوڪرين سميت ٻيون مراعتون حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشان هوندا آهن.
هن سماج ۾ گھڻو ڪري جن ماڻهن جا مالي حالات بهتر هوندا آهن يا آهستي بهتر ٿي ويندا آهن، يعني اهي اڳتي هلي پنهنجو سماجي ڪلاس تبديل ڪري سفيدپوشي جي خطرناڪ بيماري ۾ رات ڏينهن غرطان رهندا آهن. اها ڪوشش انهن ماڻهن لاءِ ذهني مرض کانسواءِ ڪجهه به ناهي. اسان جي پورهيت طبقي جي گھڻن ترقي ڪري امير ٿيل ماڻهن جي اميري تي اسان جون اکيون ٿڌيون آهن پر مالي طور ڪاميابين جا قراقرم پارڪرڻ کانپوءِ به پنهنجن انگ اگھاڙن، پيٽ بکايل ۽ وڏيراشاهي جي ڄار ۾ قيد ڀائرن کي ڪنهن به صورت ۾ وسارڻ نه گھرجي. ڇو ته اسان جا ڪلهي ڪانڌي ۽ ڄاڃي وري به اهي مسڪين ٿين ٿا جن کان مڊل ڪلاس ڀڄندو رهندو آهي. اهڙو عمل انسانيت کان ٻاهر آهي. مڊل ڪلاس ۾ پهتل ماڻهن جي ٽنگ پکيڙ مٿين ڪلاس ڏانهن گھڻي هوندي آهي. هو انهن جي “خوش آمد” ڪري پاڻ کي اجايو پيا هلڪا ڪندا آهن. جڏهن ته اپر ڪلاس ايترو ته رهزن هوندو آهي جو ڪنهن به صورت ۾ لوئر ڪلاس کي هضم ڪرڻ ته پري جي ڳالهه آهي (ڇو ته انهن اٻوجهه ماڻهن کي ٺلهو انسان به نٿو سمجھي ) تنهنڪري هو ڪنهن به ريت مڊل ڪلاس کي لفٽ نه ڪرائيندو آهي. وچولي طبقي کي اجائي ۽ بي مقصد خام خيالي مان نڪري حقيقت پسندي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. اپر ڪلاس فقط پنهنجي مفادن ڪارڻ ٻين ٻنهي ڪلاسن کي بري طرح استعمال ڪندو آهي. “ڪم نڪتو، ڪاڳر ڦاٽو” لوئر ڪلاس مان مڊل ڪلاس ۽ پوءِ مڊل ڪلاس مان اپر ڪلاس ۾ ٽپ ڏيڻ جي ڪوشش انهن ماڻهن کي ڪٿي جو به نه ڇڏيندي آهي. بنيادي طرح لوئر ڪلاس مان مڊل ڪلاس ۾ پهتل ماڻهو زمين ۽ آسمان جي وچ تي ٽنگيل هوندو آهي. جيڪو عام طور ان طبقي جو ڀاءُ ٿيڻ يا سڏائيڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي جنهن طبقي سان سندس بنيادي تعلق ۽ رت جو رشتو آهي. تنهن ڪري ڏک، سک، گرمين ۽ سردين جي ڏکين گھڙين ۾ پنهنجي طبقي جي مسڪين ماڻهن سان گڏ رهجي. پنهنجن پورهيت ڀائرن جي خوشين، غمين شادين، مرادين، مرڻن، پرڻن، ڪنين ۽ مانين ۾ اٿڻ ويهڻ هجڻ گھرجي. ڪيترائي اهڙا ڪامريڊ ساٿي آهن جن پنهنجو ڪلاس تبديل ٿيڻ کانپوءِ غريب، مسڪين ۽ پورهيت طبقي سان نفرت جو اظهار ڪري اهو ثابت ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي هوندي ته “سنڌ جي هنن پورهيت ماڻهن سان سندن ڪو تعلق ئي نه آهي” اهڙي سماجي لاتعلقي کين ڌوٻي جو ڪتو بڻائي ڇڏيندي آهي. پر انهن حالتن ۾ به ڪي ڪل جڳ ۾ ڪاپڙي آهن جيڪو ماڙين بنگلن جي آسائشن ۾ به پنهنجن مارو ماڻهن سان نينهن جو ناتو نڀايو اچن. اهي فقيرمنش پورهيتن جا ساٿي اڳواڻ سون تي هرگز سيڻ مٽائن جي ريت مان نه ڄاڻن. اهي ڪامريڊ هر دور ۾ هر زماني ۾ سنڌ جي مسڪين پورهيتن جي حقن لاءِ جاکوڙين ٿا. کين هر هر پرنام ۽ سرخ سلام آهي.

[b] نجي جيلن ۾ قيد هارين جا ٻه هزار کان مٿي ڪيس وڙهندڙ
[/b] وڪيل ڪانجي راڻو ڀيل جو موقف آهي ته “ هڪ طرف سڄي دنيا جي مسڪين ۽ مظلوم پورهيتن جي تحفظ ۽ ترقي لاءِ انساني حقن جا عالمي ادارا، سول سوسائٽي، صحافتي ادارا، عالمي توڙي ملڪي اعلى عدليا، دنيا جا سمورا بين القوامي سماجي ۽ جمهوري قانون، آئين، قاعدا ۽ ضابطا لاڳو ڪري مظلوم پورهيت ماڻهن کي بنيادي انساني حق ڏيارڻ لاءِ سرگرم عمل آهن ته ٻي طرف سنڌ جا پورهيت ماڻهو غيريقيني واري صورتحال ۾ عدم تحفظ جو شڪار آهن. سنڌ جي پورهيت هارين جا ٻچا محفوظ نه آهن ، انهن مسڪينن جي ننگن سان هٿ چراند روز جو معمول بڻجي وئي آهي”

[b]ڪامريڊ پونجو ڀيل
[/b]پُونجو مل ڀيل بنيادي طرح ھاري آسو مل ڀيل جو پُٽ آھي، پاڻ سياست جي شروعات عوامي تحريڪ جي پليٽ فارم تان ڪئي بعد ۾ ايم ڪيو ايم ۾ شامل ٿي 2 دفعا سنڌ اسيمبلي جو ميمبر ٿيو ۽ ھاڻ پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيو آھي۔ سندس سياست جي شروعات بہ ھارين جي مسئلن لاءِ پتوڙڻ سان ٿي۔ ظالم زميندار پاران قتل ٿيل ھاري آچار ڀيل جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ جدوجھد ڪرڻ کان پوءِ پونجي مل ڀيل جو نالو منظر عام تي آيو۔ وڪالت جي ڊگري حاصل ڪرڻ کانپوءِ ڪامريڊ پونجي مل ڀيل بہ پنھنجي قانوني ڪيريئر ۾ ھارين جا لاتعداد ڪيس لڙِي ھارين کي نجي جيلن مان بازياب ڪرايو۔

[b] ڪامريڊ نيم داس ڪولهي
[/b]ڪامريڊ پڻ جهوپڙي ۾ رهندڙ هڪ مسڪين هاري جي گھر ۾ جنم وٺي اڳتي وڌيو. جنهن ڏکين حالتن ۾ تعليم حاصل ڪئي. ڪاليج ۾ پڙهائي دوران ڪامريڊ نيم داس پڻ سنڌي شاگرد تحريڪ جي سياست سان جدوجهد جي ميدان ۾ پير پاتو. بعد پ پ پ ۾ آيو. اُتي به هن مسڪين پورهيتن لاءِ ڀرپور آواز بلند ڪيو. جڏهين به ڪنهن پورهيت هاري تي انياءُ ٿيو ته هن ان ڏاڍ ۽ جبر خلاف ڀرپور نموني سان جدوجهد ڪئي. ڪوٽ غلام محمد جي ڀڳوانداس ميگھواڙ جي هاري خاندان سان جاگيردارن پاران ٿيل ظلم خلاف هن جي جاکوڙ ساراهه جوڳي آهي. ڪامريڊ نيم داس ڪولهي هڪ پڙهيل لکيل پورهيت اڳواڻ آهي. جنهن وٽ ذات، پات، رنگ ۽ نسل جي مت ڀيد کانسواءِ انسانيت جي عظمت جو قدر آهي. جنهن تحت هو اڄ به پورهيتن جو مضبوط ۽ سگھارو آواز بڻيل آهي. هو جنهن پارٽي سان تعلق رکي ٿو اُتي جاگيردارن جي اڪثريت آهي. جتي شايد هن هاري جي ٻار کي ڪنهن اجلاس ۾ برابري جي بنياد تي ڪرسي تي ويٺل ڏسي هو ڏند ڪرٽيون به ڪندا هجن. پر هي انهن جي هينئي تي مڱ ڏري پورهيتن جو ڀرپور موقف رکندو رهيو آهي. جنهن جي کيس وقت به وقت سزا به ملندي رهي آهي. پر شايد جهڪي وڃڻ يا خاموش ٿي ويهي رهڻ هن جي ضمير ۾ شامل ناهي. جنهنڪري هن پنهنجي حال سارو پورهيتن لاءِ پتوڙڻ ۾ ڀلو سمجهيو آهي.

[b]ڪامريڊ ميوو ڀيل
[/b]ڪامريڊ ميوو ڀيل بنيادي طرح جهڏي سان تعلق رکندڙ آهي. ڪامريڊ بنيادي طرح سموري حياتي پورهيتن جي پاسي رهيو آهي. جنهن ڪري وڏيراشاهي جي اک ۾ به ڪٽر بڻجي هريو آهي. سنڌ جو هي دراوڙ ڪامريڊ پڙهيو لکيو انسان آهي. پنهنجي طبعيت ۾ حد درجي جو جذباتي هئڻ سان گڏ مور جي دل جهڙو نازڪ مزاج پڻ آهي. ظلم ۽ زيادتي کي ڪامريڊ ميوو ڀيل پنهنجي اکين سان ڪڏهن به ڏسي برداش نه ڪري سگهندو آهي. وس آهر ضرور آواز بلند ڪندو رهندو آهي. نجي جيلن جي عروج واري زماني ۾ ڪامريڊ ميوو ڀيل پورهيتن سان گڏ بيٺو رهيو. هن پڻ لاتعداد پورهيتن کي زميندارن جي قيد مان آجو ڪرايو. پر هي ذاتي طور هاري ڪيمپن جو سخت مخالف آهي. هن جو خيال آهي ته جيڪڏهن واقعي پورهيت سان ظالم زميندار پاران بي واجبي آهي. هاري جو حق غصب ڪيو پيو وڃي ته ان سڌو ڪيس ڪري هاري زميندار ۾ تضاد پيدا ڪري سنڌ جي زراعت کي تباهه ڪرڻ بجاءِ مقامي سطح تي ٽيننسي ايڪٽ موجب راڄوڻي ۾ فيصلو ڪرائي هاري کي ڪيمپن واري عذاب جي زندگي کان هر حال ۾ بچائڻ گھرجي. ڪيمپن ۾ انهن جي تاريخي تذليل ٿئي ٿي. راڄوڻي واري فيصلي سان هاري پنهنجي اباڻن ڪکن ۽ راڄ ۾ هوندو. پر ڪيس ڪرڻ کانپوءِ هاري زميندار جي ڊپ سبب ٻيهر ان علائقي ۾ منهن ئي نٿو ڪري جتي هن جي ابن ڏاڏن جا هڏا دفن ٿيل آهن. يعني هو پنهنجي وطن ۾ بي وطن ٿي ويندو آهي. اهڙو عمل تڪليف ڏيندڙ آهي، هڪ ڌرتيءَ جو ڌڻيءَ پنهنجن پيارن جي مرڻن، پرڻن، ڪُنين، مانين، هولين. ٿڌڙين سميت سمورين خوشين ۽ غمين مان جبري طور دور ڪرڻ انتهائي ڏکوئيندڙ وارتا آهي۔ ڪامريڊ ميوي ڀيل جو خيال آهي ته ڪيمپن ۾ هاري جو مستقبل تباهه ۽ برباد ڪيو وڃي ٿو. اتي دنڌوڙي ڪامريڊ هارين سان وڏيون ناانصافيون ڪن ٿا. جتي انهن جا معصوم ٻار ڌارئين ماحول ۾ پلجڻ ڪري هيسجي ويندا آهن. علم، ترقي ۽ تحفط نه ملڻ ڪري انهن جي حياتي ۽ مستقبل محفوظ نه هوندو آهي. انهن جا ٻار ۽ عورتون زمينداري قيد مان آجا ٿي هتي ڪيمپ جي قيد جا باندي بڻجي ويندا آهن. جتي سندن روزگار جو ذريعو فقط پنڻ آهي. ڪامريڊ ميوو ڀيل جو چوڻ آهي ته پورهيت هارين جي ٻچڙن کي پڙهڻ بجاءِ پندي ڏسون ٿا من اندر ۾ ماتام مچي ويندو آهي. ڪامريڊ ميوو ڀيل جي پورهيتن لاءِ ڪيل جدوجهد جا ساٿي شڪيل پٺاڻ، عاصمه جهانگير، حفيظ قريشي، آفتاب، ڪامريڊ پونجو ڀيل، ڪامريڊ ڪرشن ڀيل، رڻشالداس ڪولهي، ڪامريڊ ڏيبو ڀيل، پونجو کيراڻي، ڪامريڊ دودو ڀيل، ڪامريڊ پٽيل انب ڀيل، ڪامريڊ پوڙهو ڀيل، ڪامريڊ لاکو ڀيل پڻ رهيا آهن. هن کي جهڪائڻ لاءِ مختلف وقتن تي وڏيراشاهي ڪوڙا ڪيس، داٻا، دڙڪا ۽ ڌمڪيون پڻ ڏنيون پر ڪامريڊ هر حال ۾ پورهيتن جو ساٿي بڻيل رهيو آهي.

[b]ڪامريڊ مگھنو ڪولهي
[/b] سنڌ جي هن مشهور هاري اڳواڻ سان مون ڪئين پنڌ ڪيا آهن. پارڪر جي پٽن کان وٺي لاڙ، اُتر، ٿر، ڪاڇي سميت پورهيتن جي حقن جي حاصلات لاءِ ڪامريڊ مگهني ڪولهي سان گڏ هٿ هٿ ۾ ڏيئي اسان وڏيراشاهي جو ننڊون ڦٽايون آهن. هن جي ماضي جي زندگي بابت هن پنهنجي مک مان ڪڏهن ڪونه ٻوليو آهي ته هو هاري اڳواڻ ٿيڻ کان اڳ هو ڇا هو؟ پر مونکي ڪجهه پڪن ماڻهن ٻڌايو ته ڪامريڊ مگهنو ڪولهي سياست کان اڳ باغي ڌاڙيل رامجي ڪولهي جي ٽولي جي اول دستي جو ماڻهو هو، سندس اها زندگي ڪهڙي هئي؟ ان زندگي مان هي تبديل ٿي ڪامريڊ ڪيئن ٿيو؟ انهن سوالن کي ڇڏي آئون هتي فقط ان ڪامريڊ مگھني ڪولهي تي لکندس جنهن کي مون ڳاڙهو جهنڊو کڻي سنڌ جي واهڻ، وستي، ڳوٺ گام ۾ پورهيت انقلاب جا هوڪا ڏيندي ڏٺو ۽ ٻڌو آهي.
مون پنهنجي حياتي ۾ هن ڪامريڊ کي هزارين ماڻهن جي جلسن کي پارڪري، اردو ۽ سنڌي ۾ هڪ شعلا بيان مقرر جي حيثيت ۾ ٻڌو ۽ ڏٺو. جنهن جي تقرير کي سڄي سنڌ غور، فڪر ۽ سنجيدگي سان ٻڌندي آهي. ڪامريڊ مگھنو ڪولهي رسول بخش پليجو صاحب جي پارٽي ۾ شامل ٿيو، جتي هو اڄ ڏينهن تائين ڪارونجھر جيئن اوچي ڳاٽ سان بيٺو آهي. جيل، سزائون، لاڪپن هن کي روپلي جهڙو مضبوط ماڻهو بڻائي ڇڏيو. هو پارڪر ۾ جتي وڏيراشاهي جي اک جو ڪنڊو بڻيل آهي اتي برهمڻ سامراج جي ننڊ ۾ به رخنو رهيو آهي. وقت ۽ حالاتن اڳيان هي ڪڏهن جهڪيو ناهي، هو هر وقت هاري طبقي جي ماڻهن لاءِ جاکوڙيندي هن ذاتي طور ڪابه مال ملڪيت نه ٺاهي آهي. اڄ به اٽي جو مسئلو هن لاءِ مسئلي ڪشمير کان ڪنهن به صورت ۾ گھٽ نه رهيو آهي. هي اڻ پڙهيو پليجسٽ ڪامريڊ جڏهن پنهنجي تقرير ۾ مارڪس، لينن، هوچي منهه ۽ مائو جا مثال ڏيندي مرشد لطيف ۽ اياز جي شاعري پڙهندو آهي تڏهن يقين ٿيندو آهي ته هي ڪامريڊ واقعي پليجي صاحب جي ناياب پيش ڪش آهي۔ هن سنڌي هاري تحريڪ جي پليٽ فارم تان سنڌ وطن جي مسڪين پورهيتن جي حقن لاءِ عملي ويڙهه ڪئي آهي. سندس جدوجهد تاريخ ۾ شاندار مثال آهي۔

[b]ڪامريڊ ميرچند ڀيل
[/b]عمرڪوٽ جو نوجوان ميرچند ڀيل پنهنجن ساٿين پرکو مل گوئل ڪولهي، وڪيل منگھارم ڀيل، وڪيل پوپٽ ڪولهي سان گڏجي جدوجهد ڪندو رهيو آهي. سياسي طور ڪنهن پارٽي جو حصو نه هوندي به پنهنجي حال سارو سنڌ جي پورهيت هارين ۽ مظلوم ماڻهن لاءِ آواز بلند ڪيو رهيو آهي. انهن خدمتن عيوض مختلف ادارن پارن کيس مڃتا ايوارڊ پڻ مليا آهن. جيڪي هن لاءِ ڪنهن اعزاز کان گھٽ نه آهن. ميرچند ڀيل پنهنجي طبعيت ۾ فقيرمنش انسان آهي. پورهيت ماءُ ۽ پيءُ جو هي پورهيت پٽ اڄ به عمرڪوٽ جي گجو راڻا چوڪ تي ٽائرن جا پنڪچر ڪڍي ٻچن جي روزي روٽي جو بندوبست ڪري ٿو. پورهيتن جي هن ساٿي مظلومن جي ظلم خلاف سوين احتجاج ڪري ڏاڍ ۽ جبر کي للڪاريو آهي. سندس اها للڪار تر جي ظالم جاگيردارن جي ڀاري برجن ۾ لرزش پيدا ڪندي آهي. پر هو ٽڪر بڻجي ٽرڻ کان انڪاري آهي. سنڌ جو هي دراوڙ نوجوان ميرچند ڀيل پورهيتن جي مڪمل آزادي، تعليم ۽ ترقي ۾ يقين رکندي پنهنجي جاکوڙ جاري رکيو اچي.
ظالم قوتن پاران غريبن جي چادر ۽ ڪکن جو تقدس پائمال ڪري انساني حقن جي لتاڙ ڪئي وڃي ٿي. تاريخ جي ڏاڍن ماڻهن پاران هيڻن کي هيسائڻ جو سلسلو ڪٿي دنگ ڪندو؟ ڇا اُن ظلم جو نتيجو ڪنهن بغاوت کان سواءِ هوندو؟ ڇا تاريخ ۾ ڪڏهن ائين ٿيو آهي ته ظلم برداش ڪندڙ طبقا سدائين خاموش رهيا هجن ۽ انهن ڪڏهن مزاحمت نه ڪئي هجي؟ غريب ۽ بي پهچ پورهيتن جي ننگن کي اغوا ڪري اجتماعي ڏاڍائي جو نشانو بڻائڻ بعد قتل ڪرڻ کان پوءِ به جوابدار ديده دليري سان قانون جي پڪڙ کان آجا هجن، ڏاڍاين جا ڪيس رات پيٽ ۾ خارج ڪيا وڃن، سنڌ جي مسڪينن جون دانهون ۽ آهون ڪير ٻڌڻ وارو آهي؟ظالم زميندار هٿن زنا ڪري قتل ڪيل هارياڻي ڪڪو ڪولهڻ جي جوابدارن کي ڪهڙي سزا ملي؟ ٿر جي معصوم سيتا سان ڪهڙو انصاف ٿيو، وحشي درندن پاران سيتا جي لٽيل آبرو جو ڪهڙو حساب ٿيو؟ پارڪر جي ڪستوري ڪولهڻ جي عزت ۽ عصمت جو سودو گھڻي ۾ ٿيو ۽ ڪنهن ڪيو؟ ڪنري جي ليلان ڀيل ۽ کپري جي هارياڻي گڏي ڀيل جو اُٻڙڪا ڏيندڙ رت کي رائگان ڪرڻ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا پيا وڃن؟ ملڪ جي جمهوريت پسند پارٽين وٽ سنڌ جي محنت ڪش هارين لاءِ ڪهڙو پروگرام ۽ پاليسي آهي، جنهن تحت اهي پارٽيون اُن لٽيل طبقي جي تقدير کي بدلائي سگھن؟
هڪ شاندار تهذيب، ثقافت، ڌرتيءَ، درياهه، ٻولي، سڀيتا رکندڙ پرامن انسانن جي ڌرتيءَ تي پورهيتن سان ڪهڙا ڪلور ٿين ٿا. سڄي دنيا جي ماڻهن لاءِ خوراڪ ۽ اناج اُپائيندڙ پورهيت کي کائڻ لاءِ ڇا ملي ٿو؟ ڪپهه پوکي اُچن ڪپڙن لاءِ ڦٽي پيدا ڪندڙ پورهيت کي چتيون لڳل نيلامي ڪپڙن کانسواءِ انگ ڍڪڻ لاءِ ڪو لٽو ملي ٿو؟ سماجي قانونن ۽ ؟ هٿ ٺوڪيو جڙتو سماج ۾ پورهيت هاري جي حيثيت ڪهڙي آهي؟ جنهن پورهيت کي رب سائين جي دوست جو درجو حاصل آهي. سنڌ جي پورهيت هارين جي مستقل مسئلن بابت ماضي ۽ حال کي مدنظر رکي مستقبل لاءِ سنڌ جي باشعور ماڻهن کي سنجيدگي سان سوچي غور ۽ ويچار ڪرڻ گھرجي. سنڌ جي لکين پورهيت هاري ماڻهن کي جاگيردارن جا ڏنل گھاءُ ۽ احساس محرومي کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪهڙا ممڪن قدم کڻڻ گھرجن. ؟ انهن جي ترقي، تعليم ۽ تحفط لاءِ ڪهڙا اُپاءُ وٺي سگھجن ٿا؟ سندن مسئلن کي حل ڪرڻ رياست جي ذميواري ۽ فرض آهي. جيڪڏهن ڌرتيءَ جي پورهيتن جي مسئلن کي تڪڙن فني بنيادن تي حل نه ڪيو ويو ته هن غريب طبقي جا سور گھٽجڻ بجاءِ وڌي ويندا. پنهنجي ئي وطن ۾ تباهي ڪناري پهتل سنڌ جي مٽي جا ماڻهو محڪومي مان آجپي ۽ تشخص جي بحالي لاءِ ڪنهن مان اميد رکن؟ انهن جي درد جي دوا ڪيئن ممڪن آهي؟ انهن سمورن سوالن تي سوچڻ جي ضرورت آهي.
اصل ۾ مظلوم طبقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ ايترو آسان ڪم نه آهي. هي جدوجهد ڪنڊن جي سيج آهي. زندگي جا سک ۽ آسائيشون مسڪين ماڻهن جي حقن جي حاصلات جي جدوجهد ۾ قربان ڪرڻيون پون ٿيون. هي ڪم واقعي تمام گھڻو جوکائتو آهي. پر پوءِ به سڄي تاريخ سرفروشن سان ڀري پئي آهي. جيڪي هزارين مصيبتن سان مقابلو ڪري مظلوم طبقن جو آواز بڻجن ٿا. انهن کي واقعي سُرخ سلام آهي.
دنيا جي تاريخ ۾انساني اڻبرابري، مدي خارج ريتون، رُسمون، رواج، ڏاڍن ماڻهن جا هيڻن لاءِ هٿ ٺوڪيا قانون، ظالم ۽ ڦورو طبقن پاران مظلومن طبقن جو استحصال، انسانيت جي تذليل ۽ توهين جي ڊگھي ڏکوئيندڙ تاريخ جي ناانصافين، ظلم ۽ ذيادتين کي محسوس ڪري هن سماج کي ڊاهي نئون سماج ٺاهڻ جو خيال ۽ سوچ انقلاب جي پهرين وک آهي. ظالم ۽ مظلوم جي وچ وارو فاصلو ئي نه رڳو انقلاب لاءِ راهه هموار ڪري ٿو پر دنيا جي انقلاب دشمن قوتن جي هزارين هٿ ڪنڊن ۽ چالبازين کي به چڱي ريت وائکو ڪري ٿو. دنيا جون سموريون تبديليون ۽ جديد ترقي پسند خيالن جو سماج جي جوڙجڪ، معاشري ۾ انساني تشخص جي اورچائي ۽ انقلابن لاءِ ابتدائي سوچ جي ارتقا شروعاتي طور هڪ فرد جي ذهن جي معمولي پيداوار آهي جيڪا حقيقت جي نگاهه ۾ مظلوم ماڻهن جي اجتماعي حقن جي پاسداري آهي. هڪ انقلابي فرد جي اهو انفرادي ابتدائي انقلابي سوچ ئي مستقبل ۾ اجتماعيت جو اهم سبب ٿيڻ سان گڏ پورهيت طبقن جي ٻڌي، اتحاد ۽ يڪجھتي جو تاريخي مثال بڻجي ٿي، اها سوچ ئي سامراج جي ڀاري بُرجن کي لوڏي ٿي، اها سوچ ئي غلامي جي ڳٽ بڻيل طوق کي ڳچي مان ڪڍڻ جو سبب بڻجي ٿي. اها سوچ ئي دنيا کي بدلائڻ جي اهم سيڙي آهي. سماج ۾ انقلابي تبديلي جو سفر تمام مشڪل، اينگھائيندڙ، مصيبتن ۽ تڪليفن سان ڀرپور ان ڪري هوندو آهي جو انقلابي تبديلي سان لاڳاپيل سموريون ڳالهيون ۽ سوچون هن معاشري جي غيرجمهوري طاقتور قوتن ۽ ڌرين جي غيرقانوني ۽ غير انساني هڪ هٺي، جبر، ڏاڍ پُراڻي سماج کي ڊاهڻ جي شروعاتي بغاوت ۽ انقلابي مزاحمت آهن. ان ڪري تبديلي جون ڳالهيون هن معاشري جو سماجي هاضمو خراب ڪن ٿيون. انقلابي تبديلي جي ان عمل جا هاڪاري ۽ ناڪاري اثر انقلابي ماڻهو کي سخت ڀوڳڻا پون ٿا. پر انقلابي ڪاميابين جي حاصلات جي خوشي انقلابي ماڻهن جي زندگي جا رنگ بدلائي ڇڏڻ سان گڏ اها خوشي ئي انقلابين جي اصل عيد آهي.
پورهيت هاري جي حياتي سراپا سور ۽ دردن جو نالو آهي، جاگيردار غلامي هيٺ گھاريل جيون ۾ غربت، تاريخي احساس محرومي، ڏک، مفلسي، مجبوري، لاوارثي، سماجي اڻبرابرين جا تذليل آميز رويا ۽ معاشري جون شڪي نگاهون، علم، ادب، تعليم ۽ شعورکان دوري، بي مقصد حياتي، بنان منزل جي صدين جا سفر حياتي لاءِ ڪا معنى نٿا رکن. هُنن کي بس پگھر جو پورهيو ايمانداري سان ڪرڻو آهي.
پورهيت هاري پنهنجا ڪچا اجها ٺاهي دنگ مس ڪندا آهن ته ايندڙ سال کين لڏڻ جي بشارت ملندي آهي. لڏپلاڻ جي اڻ اعلانيل ڪُل وقتي ايمرجنسي واري صورتحال جو قهري قلم ڄڻ هنن تي عالمي قانون جي ادارن لاڳو ڪيو آهي، دنيا جي سمورن پورهيتن جي بدتر حالات پسي ان مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته دنيا سڀ جمهوريت پسند توڙي آمريتي راڄ وارا ملڪ قانون جي ڪتابن مان گم شده قانون تي سختي سان پابند بڻجي عمل پيرا آهن، ڄڻ اهو عالمي معاهدي جو نتيجو آهي ته پورهيتن جا حالات بدلائڻا ئي ناهن؟ اقوام متحده جا ادارا، عالمي عدالتون ۽ انساني حقن جا علمبردار ادارا پورهيتن جي دردن جي دوا لاءِ اڄ تائين ڪهڙو خاص پروگرام رکن ٿا؟ هنن کي بس حياتي جي ان چرخي کي مسلسل ان ئي محدود دائري ۾ چورڻو آهي. جيئن اکين تي کوپا ٻڌل نار جو ڍڳو يا اُٺ کي ڇوڙي وٿاڻ جي ڪلي ۾ ٻڌبو ته اُتي به ڦيرا پيو ڏيندو.
رستن جي دوڙ ۽ طوفاني واچوڙن جو محور به اڪثر غريبن جا لڏا ۽ سندن عارضي اجھا آهن، جن جو ڪک پن طوفانن جي زد ۾ ايندو آسمان جي بلندين تي اُڏندو رهي ٿو. هنن جي ذهنن کي عالمي سامراج جي ظالم نظام لاشعوري جا زنگيل تالا هڻي چاٻيون عميق سمنڊ ۾ اُڇلائي ڇڏيون آهن هاڻ هنن جون سوچون سامراج جي قيد ۾ آهن، هنن جا بيمارين ۾ جڪڙيل جسم سامراجي سنگھرن ۾ سوگھا آهن. ان ڏاڍ، جبر ۽ انياءُ خلاف هن انساني آزادي جي دور ۾ هنن جي اندر جو لائو ٿڌو ۽ شانت ڇو ٿي ويو آهي؟ هنن ۾ بغاوت جي آگ اُجھي وئي آهي؟ ڇا انهن جا آدرش، اميدون، آشائون بي موت مري ويون آهن؟
محنت ڪش هاري دنيا جي پورهيت انقلابن کان اڻڄاڻ آهن، هو “داس ڪيپيٽال” جي اکر اکر کان اڻواقف آهن جيڪو لکيو ئي دنيا جي سمورن لاورث، لاچار ۽ هيڻن انسانن لاءِ ويو آهي. هنن وٽ پئسو ئي ناهي ته بئنڪ اڪائونٽ به ڪٿي هوندا؟ نه ئي هنن وٽ ڪو سرمايو آهي نه ئي هنن “سرمايو” پڙهيو آهي. هنن وٽ ته بس بک ۽ بدحالي جو سرمايو آهي. هو ڦٽل تقدير کي سنوارڻ لاءِ ڪنهن معجزي جا متلاشي آهن، ڪائنات جا هي بيگانه ماڻهو معيشت جي پيچيده انگن، اکرن، ورن، وڪڙن، حسابن ۽ ڪتابن کان بلڪل بي خبر بڻيل رهيا آهن. پهرين ۽ ٻي عالمي جنگ جي سببن جي به هنن کي خبر ناهي. هنن جو اسٽاڪ ايڪسچينج جي هيٺ مٿاين سان ڪو به واسطو ناهي. سچ پڇو ته جي هاڻ دنيا ۾ ٽين عالمي جنگ لڳي ته ان ۾ به هنن مسڪين پورهيتن جو ڪو ڪردار نه هوندو، هو ته ڄڻ صدين کان اڻ اعلانيه جنگ جي خطرناڪ صورتحال ۾ آهن ۽ پنهنجن ٻچن کي بک جي ڏائڻ کان بچائڻ جي ڪوشش ۽ نسل در نسل درد سندن نصيب بڻجي ويو آهي. هن ڪائنات جا ڪروڙين پورهيت انسان اڻپڙيل آهن پر هنن کي ڪنهن انقلابي ميڪسم گورکي جو ناول “ماءُ” ۽ ڳاڙهو لالٽين به پڙهي ناهي ٻڌايو، هو غلامي جي انهي ڏاڪي تي پهتل آهن جتي سن زو ۽ نيپولين بونا پارٽ جي ويڙهه جا فن هنن لاءِ ڇٽل ڪاتوس جيئن ناڪاره بڻيل آهن.
هنن فقط ٻڌو هو “هي ڌرتيءَ مالڪ سائين جي آهي” پروقت جي وڏيراشاهي هنن کي چار پل ويهڻ به نٿي ڏي. هو انڌيري رات جي سانت ۾ بنان ڪنهن دانهن، ڪوڪ، رڙ ۽ مزاحمت جي تاريخ جي بي رحم خاموشي سان هڪ جاگير کان ٻي جاگير تائين لڏو کڻي وڃي غيرآباد ڪلراٺن پوٺن تي پڌاريندا آهن. پر هو فقط رات جي رهزنن کان روپوش ٿي پنهنجا ننگ بچائيندا رهن ٿا. ڇو ته اڪثر وڏيري جي لوفر پٽن جون اکيون پورهيتن جي جوان نياڻين ۾ ئي هونديون آهن. دنيا چاهي ترقين جا ڪيترائي قراقرم پار ڪري پر هو اڄ به جهنگ جا ماڻهو بڻيل آهن
جاگيردارانه سوچ هن حسين ڪائنات جي بهارن کي باهيون ڏيئي ڇڏيون آهن، ظالم وڏيراشاهي جي ان سوچ هن ڪائنات مان گلن جا فصل ڀيلاڙ ڪري دهشتگردي جا پلانٽ ۽ خون پياڪ بلائن جون نرسريون لڳايون آهن. ان قبائلي سوچ هن ڪائنات اندر “ماڻهپي” کي ست راڄي مان نيڪالي ڏيئي هُڪو پاڻي ۽ هٿ بند ڪري ڇڏيو آهي. ان سامراجي سوچ هن ڪائنات ۾ خون جا درياهه وهائي امن ۽ انصاف جي اڇي پکي کي رتورت ڪري ڇڏيو آهي. جنهن سوچ ڪتابن کي قتل ڪري لائبريريون برباد ڪري ڇڏيون آهن، ان سوچ مظلوم ماڻهو جي رت جا پياسا سفاڪ، وحشي درندا هن دنيا کي مقتل گاهه بڻائي ڇڏيو آهي. سڄي دنيا جي پورهيتن جا درد هڪجهڙا آهن، انهن دردن جي ڪرڀ ۽ محسوسات به ساڳي آهي. پورهيتن جو استحصال ڪندڙ سامراجي هٿ به ساڳيا آهن.
***