باباءِ سنڌ جي جدوجهد ۽ شهيد مائي بختاور لاشاري جي قرباني
سڄو ڏيهه ڏانٽا اُڀا جي ڪري،لکين عيد جا چنڊ اُڀري پون۔
باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي هاري هلچل کي منظم نموني سان هلائي رهيو هو. ڪامريڊ حيدربخش جتوئي پورهيت انقلابي رهنما هئڻ سان گڏ هڪ بهترين انقلابي شاعر به هو، سندس شاعري هارين جي ڪچهرين ۽ عام جلسن ۾ گونجندي هئي.
جئي سنڌ جئي سنڌ، سنڌين جي هي امان سنڌ، جئي سنڌ،
جئي سنڌ، جام محبت پئي سنڌ، جئي هاري ۽ مزدور،
جئي هارياڻي پر نور جئي جمالو، ڇلو ڏور.
ايوان اقتدار کان ٻاهر هوندي به ان جدوجھد ۾ هارين جي حقن جا مطالبا مڃرايا هئا. ان ڪامياب ۽ عظيم جدوجھد جي نتيجي ۾ سنڌ اسيمبلي مان ٽيننسي ايڪٽ 1950ع “هارپ جو قانون” پاس ڪرايو ويو. يعني هارين جي حقن لاءِ مڪمل قانون سازي ٿي. هاري تحريڪ جي جدوجھد جي عروج واري زماني ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي جلسن ۾ هاري ۽ پورهيت طبقو وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿي ٻڌي ۽ اتحاد جو ثبوت ڏيئي جاگيردار سامراج جي ڀاري بُرجن کي لوڏي وجھندو هو. ان وقت ڪانگريس جي جلسن کانپوءِ سنڌ هاري ڪاميٽي جي جلسن ۾ عوام جو وڏو سمنڊ هوندو هو. سنڌ جون واهڻ ، وستيون، ڳوٺ ۽ گام هاري هلچل جو محور بڻيل هئا. جنهن ۾ خاص طور حيدرآباد، ميرپورخاص، بدين، ٺٺو، سانگھڙ ۽ نواب شاهه جي ٻهراڙين ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي جو سياسي ڪم ۽ تنظيم ڪاري وڌيڪ هئي.
انگريز سرڪار جي پڇاڙڪي دور ۾ هارين جا سمنڊ جيئن ڇوليون هڻندڙ جلسا برطانيا سرڪار جي اک ۾ نه رڳو ٻاٻرو ڪنڊو بڻيل هئا پر سنڌ جي هارين جو شاندار اتحاد به سندن بي چيني جو وڏو سبب بڻيل هو. هوڏانهن پنجاب جي سرزمين ڄڻ نسلن کان فرنگين جي هُئي؟ جنهن ڪري پنجاب گورن جو منظور نظر هو. انگريز سرڪار پنهنجي خاص حوارين کي نوازڻ خاطر سنڌ جون هزارين ايڪڙ سون جھڙيون زمينون سنڌ جي مقامي باشندن کي ڏيڻ بجاءِ غيرقانوني طور پنجاب جي ماڻهن کي ڏيئي سنڌ جي ماڻهن جي تاريخي حق تلفي ڪئي وئي. پراڻي ٿرپارڪر ۽ هاڻوڪي عمرڪوٽ ضلعي جي پوڇڙ واري ننڍڙي ڳوٺاڻي شهر ٽالهي ۾ به پنجاب جي قاديانين کي نفيس نگر اسٽيٽ مفت ۾ ڏني وئي.
ورهاڱي بعد ڪيترن ئي رٽائرڊ فوجي آفيسرن ۽ رانديگرن کي سڄي سنڌ سميت خاص طور پُراڻو ٿرپارڪر، سانگھڙ ۽ بدين ضلعي ۾ زمينون ڏنيون ويون هيون. انهن علائقن ۾ پنجاب مان آيل زميندار ڏاڍ ۽ جبر ذريعي سنڌ جي مسڪين ماڻهن تي ناانصافين جا پهاڙ ڪيرائي ڇڏيا هئا. مقامي ماڻهن سان سندن ناانصافين، جبر ۽ ظلم وڌندو ويو. سنڌ جي عظيم شهيد هارياڻي مائي بختاور لاشاري به انهن ظالم زميندارن جي بنڌوق جو کاڄ بڻجي وئي. شهيد مائي بختاور لاشاري به ٻاهران آيل جاگيردار وٽ هارپو ڪندي هئي.
“جيڪوکيڙي سو کائي” جو نعرو جيتوڻيڪ هن ڌرتيءَ تي پورهيتن جو قانون ته نه بڻجي سگھيو جيڪو پورهيتن جو فطري حق به آهي پر ان سڏ هڪڙي بغاوت کي جنم ڏنو. اهو سڏ سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ اڃان تائين به گونجي رهيو آهي. صدين کان پورهيتن جو اُپايل اناج ظالم جاگيردار ڏاڍ، جبر ۽ دٻاءُ ذريعي هاري جي حصي سميت چڪتو کڻي ويندا رهيا آهن. هن وقت به سنڌ ۾ هارين سان اهڙين وارتائن جا قصا ميڊيا ذريعي منظرعام تي ايندا رهندا آهن.
شهيد هارياڻي مائي بختاور لاشاري به وڏي محنت ۽ جفاڪشي سان پنهنجي گھرڀاتين سان گڏجي ڪڻڪ پوکي هئي. جڏهن لابارو ڪري دن جو ڳاهه ڳاهڻ بعد اڌو اڌ جي ورهاست جو وقت آيو ته زميندار اکيون ڦيري “اڌ بٽئي” ڪرڻ بدران ڪڻڪ جي سموري کوڙي زبردستي کڻڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تان مائي بختاور جي من اندر ۾ به بغاوت ڪر کنيو. 22 جون 1947ع تي ٽاڪ منجهند جي ٽاڻي هارياڻي مائي بختاور لاشاري به پنهنجي ڪڻڪ جي کوڙي تي ڏانگ کڻي چُني چيلهه سان ٻڌي اناج جي ڍڳ تي ويهي رهي ۽ چيائين ته “اُپت جو پورو اڌ ڪريو ته ٺيڪ آهي نه ته جيستائين اسان جا مرد هاري حقدارن جي جهڏي واري جلسي مان واپس نٿا اچن تيستائين ڪڻڪ جي کوڙي کي ڪو هٿ به نه لاهيندو”
ظالم زميندار پاران زبردستي ان کڻڻ تان روڪڻ ۽ مزاحمت ڪرڻ تي زميندار ڏمرجي مائي بختاور تي بندوق جا سڌا فائر ڪري ڪڻڪ جي کري تي شهيد ڪري ڇڏيو. سندس جسم مان ٺينڍيون ڪري وهيل رت سان ڪڻڪ جي کوڙي ڳاڙهي ٿي وئي. جيئن شڪاگو جي شهيدن جي رت سان سندن قميصون ڳاڙهيون لال ٿي ويون هيون جيڪي اڄ ڏينهن تائين پورهيتن جو عالمي جهنڊو بڻيل آهن. مائي بختاور لاشاري سنڌ جي پهرين شهيد هارياڻي هئي جنهن هارين جي حصي “اڌ بٽئي” لاءِ وڙهندي شهادت جو جام پيتو. شهيد مائي بختاور جي شهادت “اڌ بٽئي تحريڪ” ۾ نئون روح ڦوڪي ڇڏيو پنجاب سامراج سان لاڳاپيل ظالم جاگيردارن اڌ بٽئي لاءِ مزاحمت تي مائي بختاور جي پٽ صديق لاشاري کي پڻ شديد زخمي ڪيو هو. مائي بختاور هارين جي حقن لاءِ جاگيرداراڻي سماج جي ڏاڍ، جبر خلاف بغاوت ڪندي عمل جي ميدان تي ويڙهه وڙهندي پنهنجي جان جو نذرانو ڏنو. سندس خون جا آخري ڦڙا هن ڌرتيءَ کي لال لهو سان ريج ڏيئي ويا. سنڌ جي حقن لاءِ ٿيندڙ جدوجھدن ۾ شامل هزارين سنڌياڻيون شهيد هارياڻي مائي بختاور لاشاري جي جدوجهد جو تسلسل بڻجي پنهنجي وطن جو ڳاٽ اوچو ڪيو آهي. مائي بختاور جي شهادت واري ڏينهن سندس ڳوٺ ٽالهي کان سڏ پنڌ تي جھڏو ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي پاران “آل سنڌ هاري ڪانفرنس” ڪوٺائي وئي هئي. جنهن ۾ شهيد هارياڻي مائي بختاور لاشاري جي گھر جا سمورا مرد شرڪت لاءِ ويل هئا. هزارين هارين جي ان شاندار جلسي ۾ باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي، جي ايم سيد، پارسي جمشيد نسروانجي مهتا (ڪراچي جو پهريون ميئر) ڪيرت ٻاٻاڻي (هنڌ سنڌ جو برک اديب)، مير علي بخش ٽالپر ۽ قاضي فيض محمد پڻ موجود هئا. ان جلسي ۾ مائي بختاور جي شهادت جي خبر باهه جيئن پکڙجي وئي. جنهن بعد هاري ڪارڪنن ۾ وڏو تاءُ هو. پر ان وقت سنڌ هاري ڪاميٽي جي اڳواڻن وڏي ڌيرج ۽ سنجيدگي سان قانوني رستو ورتو. جيڪڏهن ان وقت هزارين هارين کي سندن اڳواڻ هڪ اشارو به ڪن ها ته شهيد هارياڻي مائي بختاور لاشاري جي قاتل پنجاب جي انهن ظالم زميندار جاگيردارن کي تمام وڏو جاني ۽ مالي نقصان ڀوڳڻو پوي ها ۽ ٽالهي شهر ۽ ان جي آسپاس ۾ رهندڙ انهن سيٽلر جاگيردارن کي وڏي تاريخي خون جو درياهه پار ڪرڻو پوي ها. شهيد هارياڻي مائي بختاور لاشاري جي شهادت جي ڄاڻ ملندي ئي جلسي جي مرڪزي قيادت مائي بختاور جي ڳوٺ رواني ٿي وئي. سنڌ هاري ڪاميٽي جا مکيه اڳواڻ جاءِ واردات جي حد سان لاڳاپيل ٿاڻي نبي سرروڊ پهچي ان وقت جي صوبيدار عنايت ابڙو سان ملاقات ڪري شهيد هارياڻي مائي بختاور لاشاري جي قتل جو ڪيس 13 ڄڻن خلاف داخل ڪرايو. ساماري مان شهيد مائي بختاور جو پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو. سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي اڳواڻن جي صلاح مثلت سان مائي بختاور جو ڪيس ان دور جي نامياري قانوندان وڪيل بينارام وڙهيو. جنهن شهيد هارياڻي مائي بختاور لاشاري جي قاتلن کي سزائون ڏياريون ويون.
سنڌ جي شهيد هارياڻي مائي بختاور جي شهادت جي ترت ئي پوءِ سنڌ ٽيننسي ايڪٽ (هارين جو قانون) پاس ٿيو. پُرامن جدوجھد ذريعي سنڌ اسيمبلي مان هارين جو قانون پاس ڪرائڻ پڻ سنڌ جي هارين جي وڏي فتح هئي. ان بعد هاري تحريڪ سنڌ ۾ تمام گھڻي مضبوط ٿي. “اڌ بٽئي تحريڪ” هاري زميندار جي حساب ڪتاب لاءِ هاري تحريڪ جا اڳواڻ هارين سان گڏجي کرن تي وڃي بروقت حساب چُڪتو ڪري هاري کي پنهنجو اڌ حصو وٺي ڏيندا هئا. جنهن ۾ چمبڙ وارو مشهور هاري اڳواڻ ڪامريڊ احمد لغاري پڻ هاري عدالتون لڳائي فيصلا ٻڌائيندو هو. انهن فيصلن زميندار طبقي ۾ وڏو تاءُ پکيڙي ڇڏيو هو. جنهن جي نتيجي ۾ هاري اڳواڻن خلاف وڏيون انتقامي ڪاروايون پڻ ٿينديون هيون. جاگيردارن پاران هاري ڪارڪنن تي ڦر، چوري ۽ فسادن جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي کين جيلن جا عذاب ڏنا ويندا هئا ته جيئن هو ان جدوجهد تان هٿ کڻي وڃن. پر سرخ سلام آهي انهن پورهيت اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي جيڪي ظالم جاگيردارن جا ستم، صعوبتون ۽ عذاب ڀوڳي به پنهنجن حقن لاءِ جدوجهد جي ميدان تي ثابت قدمي سان ڄمي بيٺا رهيا.
مون سي ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پرين کي،تنين سندي ڪاءِ ڪري نه سگھان ڳالهڙي.
باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جڏهن سنڌ هاري ڪاميٽي جون واڳون سنڀاليون ته سڄي سنڌ ۾ هاري هلچل جو هُل مچي ويو. هي دور سنڌ هاري ڪاميٽي جي سڃاڻپ جو دور بڻجي ويو، هن دور ۾ سنڌ جي پورهيت هاري طبقي جي وارثي ٿي، هارين جي پورهيت پارٽي جهرجهنگ ۾ هارين جي سياسي تربيت ۽ حقن بابت جاڳرتا لاءِ جاکوڙي رهي هُئي. هن کان اڳ هارپ بابت ڪو قانون نه هو. هاري زميندار وچ ۾ فقط راڄوڻي سمجهوتي تحت ڪارهنوار صدين کان هلندڙ هو۔ سنڌ ۾ ان وقت ورهاڱي جي وڍن جا زخم تازا هئا. لڏپلاڻ ڪري ويل واڻين ۽ سکن جي زمينن ۾ مقامي جاگيردار ۽ بااثرن جون اکيون اٽڪيل هيون. نوان آيل مهاجر به ڪليمن ذريعي سنڌ جون سون جهڙيون ٻنيون ۽ ٻيون جائدادون حاصل ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيا هئا. زمينون حاصل ڪرڻ واري ان سنهري موقعي مان به سنڌ جا پورهيت هاري ۽ مزدور ڪو فائدو وٺي نه سگهيا. جنهنڪري اهي پورهيت اڄ تائين بي زمين رهجي ويا.
ان وقت ڪامريڊ حيدربخش جتوئي، سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي قيادت ۽ پورهيت هارين جي شاندار جدوجهد جي نتيجي ۾ 11 مئي 1950ع تي سنڌ اسيمبلي مان “هارپ جو قانون، ٽيننسي ايڪٽ” پاس ڪرايو. ايوان کان ٻاهر هوندي به سنڌ جي پورهيتن پرامن جمهوري جدوجهد ذريعي هارپ جو قانون پاس ڪرائي هڪ نئين تاريخ رقم ڪرڻ سان گڏ جدوجهد ۽ تحريڪن ۾ عوامي اعتماد جي بحالي جو شاندار مثال قائم ڪري ڇڏيو. سرحد جي هُن پار چين ۾ مائوزي تنگ جي اڳواڻي ۾ “هاري انقلاب” اچي چڪو هو. جنهنڪري سنڌ جي هاري طبقي ۾ پورهيت انقلاب جي آس وڌندي وئي. دنيا جي سموري تاريخ ۾ قبضاگير طاقتور سرمائدار قوتون ايتريون ته مضبوط هيون جو انهن خلاف غلام پورهيتن پاران بغاوت جو سوچڻ به گناهه سمجھيو ويندو هو، جڏهن ته چين ۽ روس جي انقلاب کان اڳ پورهيت انقلاب جو تصور ئي اجايو سمجھيو ويندو هو. پر پورهيتن ناممڪن کي ممڪن بڻائي ڇڏيو.
سنڌ اسيمبلي مان “هارپ جو قانون” پاس ٿيڻ بعد سنڌ ۾ هارين کي ڪجهه قدر پنهنجا جائز قانوني حق ملڻ لڳا هئا. جتي جاگيردار ان قانون جي انحرافي ڪري رهيا هئا ته اُتي سنڌ هاري ڪاميٽي جا اڳواڻ پهچي هارين جي قانوني مدد ڪندا هئا. سنڌ ٽيننسي ايڪٽ ۾ هارين ۽ زميندار وچ ۾ سمورن زرعي مسئلن تي چڱي ريت ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي هُئي، جنهن ۾ قانوني نظرداري لاءِ باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جو شاندار ۽ تاريخي ڪردار هو. هارپ جي قانون ۾ ٻج، ڀاڻ، کيڙي، اُپت يا پيداوار، اڌبٽئي، دائمي هاري (پڪو هاري) عارضي هاري (ڪچو هاري) ڇيڙ، بيگر، گپڇيڙ، زمين، هاري، زميندار، مخادم، زراعت، هارپي جو حق، جاگير، جاگيردار، ڌوڙوائي، ابواب، سڌارو، هاري ۽ زميندار جي وچ ۾ پيدا ٿيل مسئلن جي حل لاءِ ٽربيونل جو قيام، هاري ۽ زميندار جا فرض ۽ ذميواريون ۽ قرض سميت ٻين ڪيترين ئي ڳالهين بابت چٽيون قانوني وضاحتون ٿيل آهن. ٽيننسي ايڪٽ جي قانون موجب هاري ۽ زميندار ٻئي ان ايڪٽ جا مڪمل پابند بڻيل آهن. موجوده دور جي تيزترين جديد زرعي سائنسي ايجادن جي تبديلين سبب 1950ع واري قانون جون ڪيتريون ئي ڳالهيون هاڻ ڪارآمد نه آهن. جنهن ۾ پڻ ترميم جي سخت ضرورت آهي. پر وري به جاگيردارن جون پورهيت هارين سان صدين کان هلندڙ ناانصافيون ۽ استحصال کي مدنطر رکندي هي قانون ڪنهن حد تائين هارين کي تحفظ فراهم ڪري ٿو جيڪڏهن ان تي مڪمل عمل ڪرايو وڃي. ؟ جاگيردارن پاران نسل در نسل غلام بڻايل پورهيت هارين جي ڪمائي ايمانداري سان انهن کي ڏني وڃي ته سنڌ جا هاري خوشحال ٿي وڃن. پر هتي ته ٽيننسي ايڪٽ جي خلاف ورزي ڪندڙ زميندار ان قانون تي عمل ڪرڻ بجاءِ پنهنجا هٿ جا قانون ٺاهيو ويٺا آهن. جنهن جي نتيجي ۾ فصل تي ٿيندڙ گھڻو خرچ اڻپڙهيل هارين جي کاتي ۾ لکي انهن سان وڏي ڪُپت ڪئي وڃي ٿي. جنهنڪري هاري طبقو نسل در نسل قرضن جي ڪوڙهه ۾ ڦاٿل رهڻ ڪري غلامن واري زندگي گھاري رهيو آهي. تقاوي جو نظام غيرقانوني آهي جنهن تحت هڪ زميندار کان ٻي زميندار تائين اڻسدي طرح هارين جي خريد فروخت ٿئي ٿي. ان رواج تي پڻ قانوني پابندي هجڻ گھرجي. مسڪين هاري ظلمن کان تنگ ٿي هاري ڪورٽن جا در کڙڪائن ٿا. هاري ڪيمپن ۾ به گھڻو تڻو زميندارن جو ستايل طبقو آهي. پر هاڻ ڪجهه ڌندوڙي ڪامريڊن هارين کي “آزادي” جي نالي تي ورغلائي اٻوجھه پورهيتن کي ڪيمپن جي جيل ۾ قيد ڪرايو آهي. جتي سندن مستقبل تباهه ٿي ويو آهي. هاري زميندار ۾ تضاد پيدا ڪري سنڌ جي زراعت کي ڪاپاري ڌڪ هنيو آهي. سنڌ جي زراعت جي ترقي هاري ۽ زميندار ۾ پيدا ٿيل تضاد کي حل ڪرڻ لاءِ سياسي، سماجي ۽ لاڳاپيل اعلى اختيارن کي سنجيدگي سان غور ۽ فڪر ڪري مستقبل لاءِ مستقل حل ڪڍڻا پوندا، جنهن سان زراعت سان وابسطاهاري ۽ زميندار طبقو خوشحال بڻجي سگھي ٿو. سنڌ هاري ڪاميٽي جي عروج واري زماني ۾ هاري ڪاميٽي جا سرگرم اڳواڻ انقلابي ايمانداري، جوش، جذبو ۽ سچائي سان جاکوڙيندا هئا. جن ۾ خاص طور سنڌ جي ماضي جي تاريخ ۾ هارين جي حقن لاءِ جدوجھد ڪندڙ سنڌ جا مشهور هاري اڳواڻ ڪامريڊ غلام محمد لغاري “ناگو” (سچائي منزل وارو) غلام رسول سهتو، ڦوٽو رستماڻي، رسول بخش ڏيٿو عرف جبل سنڌي، ڪامريڊ مانڌل شر، علي سوڍو، عثمان لغاري، قادر بخش طالباڻي، سيد اڪبر، شيرخان لنڊ، عزيز سلام بخاري، حمزو هاري، باقر سنائي، علي محمد خاصخيلي، محب نظاماڻي، شاهه رضا خان، قاضي غفار، عزيزالله جروار، رئيس بروهي،علي احمد قريشي، سالورام ڀيل، پٽيل انب ڀيل، زٽوزنگيجو، لطيف مڱريو، مولا بخش کوسو سميت ٻيا لاتعداد نالا آهن جيڪي سڄي حياتي مظلومن جو ساٿ ڏيئي انهن جي حقن لاءِ جدوجهدن جي ميدان تي ثابت قدمي سان ڄمي بيٺا رهيا. هارين ۾ سياسي سجاڳي، جاڳرتا ۽ تربيت سبب هاري ڪارڪن تمام سنجيده بحث مباحثا ڪري ٻهراڙين ۾ پنهنجي تنظيمي ڪم کي وڌائيندا هئا. جي ايم سيد، حيدربخش جتوئي، رسول بخش پليجو، حفيظ قريشي، ڄام ساقي، شهيد فاضل راهو، عبدالواحد آريسر، قاضي فيض محمد، عثمان ڏيپلائي، ابن حيات پنهور، قاسم پٿر، اسماعيل سوهو، امداد قاضي، سوڀو گيانچنداڻي، ميرمحمد ٽالپر، هاشم کوسو، محمد عثمان ناطق، روچي رام وڪيل، ڏاڏا عبدالقادر رانٽو، ماما عارب ڪيڙانو، دادا علي بخش، شميم واسطي، صالح بلو، مظهر جتوئي، اظهرجتوئي، سهيل سانگي، شيخ اياز، نياز همايوني، ابراهيم منشي، استاد بخاري، سرويچ سجاولي، محمدخان مجيدي ۽ ٻيا ڪيترائي ناميارا پورهيت دوست انسان سياسي، سماجي ۽ ادبي مورچن تي هارين جا ڀرجهلا ٿي بيٺا رهيا. هي عظيم انسان ڪڏهن به نام نهاد ظالم جاگيردار وڏيراشاهي آڏو ڪونه جُهڪيا. ان سفر ۾ وڏيراشاهي جا حملا، ڪوڙا ڪيس، جيلون، ڦٽڪا، ازيتون، عتاب، سزائون، مصيبتون، صعوبتون سهي به لُٽيل طبقي جو ساٿ ڏيندا رهيا. سڄي سنڌ ۾ هارين حقدار جي نعري هيٺ هاري هلچل هلي رهي هُئي پر خاص طور چمبڙ جي هاري تحريڪ مثال بڻجي وئي هُئي. جتي ڪامريڊ احمد لغاري کي سنڌ هاري ڪاميٽي پاران هاري ڪورٽن لاءِ چيف جسٽس مقرر ڪيو ويو. چمبڙ ۾ ڪامريڊ فوٽو رستماڻي، علي محمد خاصخيلي، ڪامريڊ عثمان لغاري، امين حيدر ۽ ٻين هاري اڳواڻن پاران هارين جي حقن لاءِ ڀرپور عملي جدوجهد ڪرڻ سبب چمبڙ کي ويٽنام ڪوٺيو ويندو هو. چمبڙ جي ٻهراڙي جي ڳوٺن ۾ جتي هاري پارٽي جو ڪم مضبوط هوندو هو انهن ڳوٺن ۾ سنڌ جا ڪيترائي شهيد نظير عباسي جهرا ناميارا سياسي اڳواڻ روپوشي جا ڏينهن گھاري چڪا آهن. چمبڙ جي سرزمين انهن لاءِ محفوظ پناهه گاهه هُئي. اهو پورهيت سياست جي عشق جو زمانو هو جنهن ۾ ڪامريڊ فوٽورستماڻي ۽ احمد لغاري جهڙن هاري اڳواڻن پنهنجيون حياتيون ان جدوجهد کي ارپي ڇڏيون. جوانيون جيلن ۾ ڳاري ڇڏيون. هن وقت ڪامريڊ علي محمد خاصخيلي، ڪامريڊ فوٽو رستماڻي ۽ ڪامريڊ احمد لغاري اکين کان نابين، ڪنن جون ڪمزور سماعتون، غربت ۽ قسم پرسي واري حالت باوجود به سندن انقلابي جوش ۽ جذبا هماليا جيئن بلند آهن. هنن جو ايمان اڄ به پورهيت انقلاب تي پختو آهي. هو جهونا ڪامريڊ اڄ به ڪامريڊ ستار جروار، گلاب ڀيل، ارباب رستماڻي ۽ ممتاز جروار کان اخبار جو خبرون ۽ ڪالم پڙهائي ٻڌن ٿا. هر روز بي بي سي جون خبرون ٻڌي نه رڳو باخبر رهن ٿا پر سنڌ سميت سموري دنيا جي موجوده حالتن تي بحث مباحثا ۽ تبصرا به ڪن ٿا. انهن ڪامريڊن وٽ باقاعدي ڪنهن مڃيل يونيورسٽين جون ڪاغذي ڊگريون ته نه آهن پر دنيا جي مڃيل يونيورسٽين ۽ تعليمي ادارن جي اعلى تعليم يافته اهل علم ماڻهن جي دماغن ۾ شايد ايترو علم ۽ ڄاڻ هجي؟ اڀرن لٽن ۾ ملبوس هو سادڙا ۽ جھونڙا ڪامريڊ تمام گھرو مطالعو رکن ٿا، هو ڳاڙن ڪتابن جا ياد حافظ آهن. هنن جي ڪچهرين ۾ استاد ڪارل مارڪس، لينن، مائو، اسٽالن، هوچي منهه، ڪامريڊ چي گويرا، هوگو شاويز، ڪامريڊ ڪاسترو، آنگ سان سوچي ۽ نيلسن منڊيلا جا مثال ۽ ڳالهيون هونديون آهن. سڄي حياتي انا، ذاتيات، لالچ ۽ خوف سان مهاڏو اٽڪائي اٽل ٿي بيهڻ ۽ سياسي مستقل مزاجي، انقلاب جي آس، سچائي جو جذبو پورهيت دوستي جو نتيجو آهي. سخت مارشلا جي زمانن ۾ ان پورهيت دوست انقلابي پارٽي، سندس مرڪزي قيادت ۽ هاري ڪارڪنن جون قربانيون پورهيت انقلابن جي تاريخ جو شاندار مثال آهن. جاگيردار طبقا هر دور جي اسٽيبلشمينٽ ۽ سامراج جا حامي هئڻ ڪري انهن هر دور ۾ پورهيت جدوجهدن کي چيڀاٽڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. سندن حق جي آواز کي دٻائڻ لاءِ هر قسم جا غيرانساني غيرجمهوري طريقا استعمال ڪري ظلم، انياءُ، بربريت ۽ ستم جا سوين ڏکوئيندڙ داستان تاريخي جي منهن تي ڪاراٺ ملين ٿا۔
***