تاريخ، فلسفو ۽ سياست

هن رتائين راهه ۾(سنڌ جي هاري تحريڪ)

محب ڀيل جو هي ڪتاب سنڌ جي هاري تحريڪ جي جدوجهد جي مختلف دؤرن بابت آهي. محب ڀيل جي لکڻين جا موضوع سماج جي عام موضوعن کان بنهه مختلف هوندا آهن. جنهن ڪري سندس مضمونن کي اخبارن، رسالن، ميگزين ۾ پڙهندڙن جو وڏو حلقو ملي ٿو. هن جي تحرير جي ٻولي ۾ هن سماج جي بُکين، ڏکوئلن، پيڙهيل ۽ ناانصافين جو شڪار ٿيل ماڻهن جو درد جون حقيقتون شامل هونديون آهن. هن ڪتاب ۾ ليکڪ پورهيت دشمن جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي راتاهين ۽ طريقي واردات کي منظرعام تي آندو آهي. سندس قلمي ڪاوش تاريخ ۾ هڪڙي ننڍڙي جُرئت آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2711
  • 1052
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • محب ڀيل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book هن رتائين راهه ۾(سنڌ جي هاري تحريڪ)

شهيد شاهه عنايت جي جدوجهد ”جيڪو کيڙي سو کائي“

جيئڻ ڪارڻ انسان جو مسلسل ذهني توڙي جسماني پورهيو، جستجو ۽ جدوجھد ئي آهي جنهن سبب انسان هن ڪائنات ۾ پنهنجو وجود جي بقاءُ جي جنگ لڙي پنهنجي نسل کي برقرار رکندو اچي. ان پنڌ ۾ ماڻهو لکين سالن کان پنهنجا پير پٿون ڪندو اچي هن سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي جديد ترين دور ۾ داخل ٿيو آهي. زندگي جي مشڪل ۽ پيچيده پيچرن تي ڪائنات جي ارتقا جا انيڪ رنگ بدلجندا رهيا آهن. انسان انهن بدلجندڙ رنگن کي ويجھڙائي کان پسيو آهي. ماڻهو پٿر جي زماني کان ويندي هن تيز ترين دور تائين جي ڪروڙين سالن جي سفر ۾ مشڪلاتن جا هزارين سمنڊ جهاڳيا آهن. فطرت جي تبديلين جون لاتعداد ڀوڳنائون ڀوڳيون آهن. مينهن، طوفان، ٻوڏون، زلزلا، گرمي، سردي، بک، بيماري ۽ ڏڪار جا خطرناڪ عذاب انسان اگھاڙي انگ ۽ بُکئي پيٽ سان کُلئي آسمان هيٺ ٻيلن ۽ غارن ۾ گذاريو آهي. انهن تڪليفن ماڻهو جي قوت مدافيت ۾ زبردست اضافو ڪندي جتي کيس ڪائنات ۾ سڀ کان وڌيڪ مضبوط ساهواري جو درجو ڏنو اُتي ماڻهو جيئڻ جا پڻ ڪيترائي نوان ڍنگ ۽ طريقا سکي ويو. ان اوائلي ڏينهن ۾ انسان جي شاهڪار عقل جي نتيجي ۾ اڄ جو انسان سُک ۽ آسائشن واري حياتي جو جيون گھاري رهيو آهي. ان آسائشن پويان لکين سالن جا سور ۽ پورهيا به شامل آهن. حالتون ۽ لقاءُ بدلجندا رهيا، شيون شڪليون مٽائينديون رهيون، جڳ جو چرخو لاتعداد تبديلين سان روان دوان رهيو، ارتقائي دور کان ماڻهو قدرتي ۽ فطري آفتن کي منهن ڏيندو طوفانن سان اٽڪندو پرسڪون زندگي جي ڳولا ۾ ڪائنات لتاڙيندو اڳتي وڌندو رهيو آهي. پٿر جا تراشيل اوزار، لٺ، ڏڦو ماڻهو جي تحفظ جو ذريعو بڻيل رهيا. جهنگ جا ڦل، ميوا آڙڪ ڀاڄيون، سبزيون اناج سان گڏ شڪار انساني نسل جي بقاءُ جو اهم ذريعو بڻيل رهيا. اوائلي انسان ۾ مرد گھڻو ڪري ويڙهه ۽ شڪار ڪيو جڏهن ته عورت گھريلو ڪارهنوار کي بهتر طريقي سان هلائڻ ۽ مختلف اناجن جا ٻج سنڀالي رکڻ گھرن جي آسپاس ٿيل اناج ۽ ڦلن کي چونڊي محفوظ ڪرڻ جھڙا ڪم ڪري هن وسيع ڪائنات ۾ انسان کي زنده رکڻ لاءِ اهم ذميواري نڀائي آهي. داڻن لاءِ مٽي جي گُندي ۽ ڀاڄيون سڪائي رکڻ جو هنر به عورت جي تجربن جو حصو آهي. هن جديد دور ۾ زراعت چاهي ڪيتري به ترقي جا قراقرم پار ڪري پر ان پويان وري شروعاتي وکون عورت جون کنيل آهن. يعني عورت کيتي ٻاري جي موجد آهي. يعني عورت هن ڪائنات جي پهرين پورهيت هاري رهي آهي. عورت جي ئي ابتدائي خيال جو اهو نتيجو آهي جنهن ۾ پيٽ جي اجگر دوزخ کي اُجھائڻ لاءِ زراعت اهم ذريعو بڻي آهي. جيڪو انساني نسل جي بک دُور ڪري نسل جي بقاءُ کي برقرار رکي سگهي ٿو. اڄ به دنيا جي اٺ ارب جي لڳ ڀڳ انساني آبادي لاءِ خوراڪ جو پورائو گھڻي ڀاڱي زراعت ذريعي ٿئي ٿو. ان جي باوجود به دنيا جا ڪيترائي ملڪ خوراڪ جي شديد کوٽ جو شڪار آهن. ان جو بنيادي سبب هي آهي ته دنيا جي آبادي چار ارب هئي تڏهن به ڌرتيءَ جي پيمائش ساڳي هئي ۽ اڄ جڏهن دنيا ۾ انساني آبادي ساڍا ست ارب کان ٽپي پئي تڏهن به زمين ته اوتري ئي آهي بلڪه ڪيترن ئي ملڪن ۾ مٺي پاڻي جي کوٽ جي ڪري لکين ايڪڙ آباد زرعي زمين سمنڊ پائي چڪو آهي. جنهنڪري انساني آبادي لاءِ انهن ملڪن ۾ خوراڪ جي خطرناڪ حد تائين کوٽ توڙي لٽي ۽ اجھي جا بيحد گھڻا مسئلا پيدا ٿيڻ پڻ فطري عمل آهي.
ڪائنات جي ارتقائي دور ۾ غاصب قوتن پاران غلام بڻايل هيڻن طبقن کي پنهنجي پيٽ گذر لاءِ خوراڪ جا زخيرا گڏ ڪرڻ خاطر شڪار سميت زراعت جي ڪم ڪار لاءِ باندي بڻائي ٻني ٻارو ڪرايو ويندو هو. ان دور ۾ غلام قبيلا ڏاڍن ماڻهن وٽ اوائلي هارپو ڪندا هئا. هارپ بابت ڪوبه قانون ۽ آئين جُڙيل نه هو. جنهنڪري ان دور جو کيت مزدور بنان اجوري فقط زنده رهڻ خاطر پنهنجي سموري خاندان سان گڏ پيٽ گذر لاءِ اجتماعي پورهيو ڪندي به انهن جابر قوتن وٽ قيد هو. انساني تاريخ جي ارتقائي ڏينهن ۾ ماڻهو جڏهن اڃان ماڻهپي ۾ ڪونه آيو هو تڏهن به ماڻهو زندگي لاءِ موت سان مهاڏو اٽڪائيندو رهيو، ماڻهو مسلسل جاکوڙ، جستجو، سخت پورهيا، انيڪ تجربا، ڪوششون ڪندو پنهنجو نسل برقرار رکندو رهيو آهي. پر ان ڪرت ۾ ڪائنات اندر ڪال، ڪروڌ ۽ ڪلفتون به هن ڌرتيءَ ماتا کي رت سان رڱينديون رهيو ن آهن. هومو اريڪٽس، هومو ميگنان، هومو شيپين ۽ هيومن يعني سالم دماغ سان اُڀو هلڻ واري مڪمل انسان ٿيڻ جي سفر ۾ جدل جو جنون بنيادي طرح آهي ئي بقاءُ جي جنگ، سو ماڻهو شعور جي شروعاتي وکن کان وٺي هيل تائين فقط بقاءُ جي جنگ ۾ حياتيون وڃائيندو رهيو آهي. ڪائنات جي اوائلي زماني ۾ ڇڙوڇڙ ٿيل ماڻهو گڏ ٿي ٽولن جي صورت ۾ رهڻ لڳا ۽ ٽولن جي صورت ۾ لڏپلاڻ ڪرڻ لڳا. ان دور جي ماڻهن باهه، پاڻي، ٻوڏون، طوفان، زلزلا، شديدگرمين ۽ سخت سردين سميت ٻين لاتعداد قدرتي آفتن، موسمي تبديلين جا راز پروڙيا، سمجھيا ۽ انهن جا حل ۽ بچاءُ جا طريقا ڪڍيا. هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تائين لڏپلاڻ جا سبب قدرتي آفتون ۽ موسمي تبديلين سان منسلڪ هئا. يعني ان اوائلي دور جو هر ماڻهو پيٽ گذر لاءِ هٿ پير هڻندو رهيو ۽ زندگي جا عذاب ڀوڳيندو رهيو. بلڪه انسانن جي وڏي اڪثريت اڄ ڏينهن تائين انهن عذابن مان آجي نه ٿي سگھي آهي. جنهن جو مثال هن دور جا ڪروڙين پورهيت آهن جيڪي جاگيرداري ۽ سرمائداري جي ڄار ۾ سوگها آهن. نسل در نسل سندن حياتيون ڳري ختم ٿي ويون آهن.
ان شروعاتي زماني جي ماڻهو (اڻ سڌريل انسان) جي پيٽ گذر جا ذريعا شڪار، جهنگ جا آڙڪ ڦل فروٽ، اناج هو. زخيرااندوزي جي سوچ ماڻهو جي دماغ ۾ تڏهن به گھر ڪري ويٺل هُئي. جنهنڪري اهي ارتقائي ماڻهو خوراڪ جو زخيرو ڪري رکندا هئا. ڏاڍا قبيلا هيڻن تي هلان ڪري سندن خوراڪ جا گڏ ڪيل زخيرا لُٽي کڻي وڃي پاڻ کائيندا هئا. انهن ماڻهن کي غلام بڻائي جبر ۽ ڏاڍ سان سخت پورهيا ڪرائي پنهنجي قبيلن لاءِ سک ۽ آسائشون ميسر ڪيون وينديون رهيون آهن. جديد دور جي سرمائدارن پاران ڏاڍمڙسي جو ڪارهنوار اڄ به جاري آهي پر طريقي واردات منفرد، جديد ۽ نئين آهي. جنهن کي دنيا جا قانون انڪري سپورٽ ڪن ٿا جو اهي قانون جوڙيل ئي انهن سرمائدارن جا آهن. پٿر جي دور وارن ماڻهن جو هڪٻي سان شروعاتي تضاد به خوراڪ جي گڏ ڪيل زخيرن تي قبضي جي سبب ڪري ٿيو هو ۽ اهو اڄ به جاري آهي. ان دور جا ماڻهو پيٽ گذر خاطر ٽولن جي صورت ۾ لڏپلاڻ ڪري اهي محفوظ جايون ڳوليندا هئا جتي کين خوراڪ سميت جان ۽ مال جو تحفظ هجي ۽ زندگي جو گاڏو گھلجي سگھي. روزي ڪارڻ اڻ ڏٺل منزلن تي لڏپلاڻ جي دربدرين جو اهو سفر لاتعداد ڏکن، سورن، پيڙائن سان ڀريل هوندو هو. پيٽ خاطر لڏپلان ڪندڙ اوائلي پورهيت انسانن جا ڪافلا لٽجڻ جو ڪيئن ڪٿائون ۽ وارتائون آهن. ڪروڙين سال پوئتي ماضي جي تاريخ ۾ جھاتي پائڻ کانسواءِ به ويجھي تاريخ ۾ اهڙيون لڏپلاڻون ٿينديون رهيون آهن. اڄ به هڪ زميندار کان ٻي زميندار تائين پورهيتن جو تقاوي تي اڻسڌي ريت وڪرو ۽ لڏپلاڻ جاري آهي. ماني پويان پورهيتن جي ڊگھي پنڌن جا پير ڌرتيءَ جي گولي تي ڳيري وک آهن. مظلوم طبقن تي ڪاهون ڪندڙ ڏاڍا نسل در نسل ڏاڍا بڻجي دنيا جي هيڻن جي روزي روٽي تي ڌاڙا هڻندا رهيا آهن.
اسان جي ديس جا پورهيت ڏاڍن جا عتاب ڀوڳي دربدري جو جيون جيئن ٿا. سماج بدلجڻ، ترقي ڪرڻ، علم پرائڻ، بنيادي انساني، جمهوري حق حاصل ڪرڻ سان سندن ڪو سروڪار ناهي. هو بس سموري حياتي روزي جي رولاڪين ۾ دربدر ٿي زندگيءَ جي راهن تي موت جو سفر ڪن ٿا. ماني لولي جي حاصلات لاءِ گرمين، سردين، آڙنگن ۽ جهولن جون رولاڪيون هنن جي قسمت تي ٿاڦجي ويون آهن. هو مقدر جا سڪندر ڪڏهن ٿي ڪونه سگھيا آهن. پر مقدر ۽ ڀاڳ هنن کان رٺل ئي رهيو آهي.
هو جاگيرداري نظام ۾ غلامي جي دربدرين جي رڻن ۾ ڄمن ٿا، بکن ۽ بيمارين ۾ پلجن ٿا، رڙهن ٿا، رڙن ٿا، چنگھن ٿا، چُرن ٿا، ڦٿڪن ٿا، تڙپن ٿا، هو لاشعوري ۾ مست الست ٿي غلامي جي جيون کي انجواءِ ڪن ٿا، مڌ جي مدهوشي ۾ نچن ٿا، ڪڏن ٿا، ڪرن ٿا، جُھرن ٿا. سستن سگريٽن ۾ سڙن ٿا، تاريخ جي غم کي ڀُلائڻ لاءِ ڪچي ٺري جي ٻاٽلي ۾ پناهه وٺن ٿا، ٿڙن ٿا، ٿاٻڙجن ٿا، وري پين ٿا ۽ مرڻ لاءِ وري جيئن ٿا.
پورهيتن جا مرڻا، پرڻا، تڏا، خوشيون، غم سڀ جاگيردار جي ڊپ ۽ دٻاءُ جي ماحول ۾ ٿين ٿا. هو نيلي آسمان جي ڇپر ۽ ڇانءَ ۾ زهر جهڙي زندگي سان نڀاءُ ڪن ٿا. هنن جو سهاڳ راتيون ڪکائن جهوپن ۾ ۽ تڏا بدمست بندوقن جي بک بڻجي قتل ٿيل پکين جي مرتيي جيئن آسمان ۾ وڇايل هوندا آهن. هنن جا لڙڪ جلد کُٽيو وڃن ڇو ته هنن جي اکين صدين کان رت رُنو آهي.
سنڌ ڌرتيءَ کي سنڌو درياهه سيراب ڪندو وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو ان ڪري هتي پڻ درياهه جي پاڻي تي آبادي سان گڏ وارياسين علائقن ۾ هارپ جو نظام صدين کان موجود آهي. پنج هزار سال کان به قديم ۽ شاهڪار تهذيب موئن جي دڙي مان پڻ ڍڳي گاڏي سميت ٻيا زرعي آلات مليا آهن. جنهن مان ثابت ٿيو ته سنڌ زرعي طور صدين کان خوشحال رهي آهي. پر نهري نظام کان اڳ زرعي آبادي هڪ طرف درياهه جي اٿل تي هئي ته ٻي طرف ريگستاني علائقا بارش تي آباد ٿيندا هئا ۽ اڄ به سنڌ ۾ زراعت جو ساڳيو ڪارهنوار هلندڙ آهي. ٿر توڙي بئراج ۾ هارپ جو قانون ٿوري گھڻي فرق سان ساڳي طور طريقن سان لاڳو آهي.
جاگيرداري سڄي دنيا جيئن سنڌ ۾ به عروج تي رهي آهي. هزارين ايڪڙ زرعي زمين جو اڪيلو وارث بااثر جاگيردار هزارين پورهيت هارين جي پگھر جي ڪمائي کي صدين کان هڙپ ڪري پنهنجو ڀڀ ڀري غريب هارين جو استحصال ڪندو رهيو آهي. نتيجي ۾ پورهيت جو حال بدتر ٿيندو ويو ۽ جاگيردار مچي مواڙ ٿيندو رهيو. سڄي دنيا جي بااثر جاگيردارن جو رويو هارين لاءِ هڪجھڙو آهي. انهن جي دل ۾ انهن پورهيتن لاءِ ذرو به رحم ناهي جيڪي صدين کان نسل در نسل هڪ مخصوص ماڻهن لاءِ ڪمائي رهيا آهن. دنيا ۾ قائم ٿيل جمهوريتن ۾ هاري طبقي لاءِ ڪو اهڙو آئين جوڙيل آهي جنهن تحت انهن جي زندگي ۾ ڪو خاطر خواه تبديلي يا سڌارو يقيني آيو هجي؟ دنيا جو هي واحد هاري پورهيت طبقو آهي جيڪو ڪائنات جي ڪروڙين انسانن لاءِ خوراڪ اُپائي پاڻ بک جا عذاب ڀوڳي ٿو. ڪروڙين ٽن اناج، ڦل، ڀاڄيون پيدا ڪري به پاڻ انهن نعمتن کان محروم رهي ٿو. جاگيرداري ذهينيت سموري ڪائنات ۾ هڪڙي ئي سوچ رکي ٿي ته “پورهيت هاري کي غلام ڪيئن رکجي؟” انهي سوچ تي عمل ڪرائڻ لاءِ نوان قانون ۽ آئين جوڙيا وڃن ٿا. سنڌ ۾ هارپ جي نظام بابت لاتعداد ڳالهيون اڃان تائين منجهيل آهن. جاگيردار طبقو پنهنجا هٿ جا قانون ٺاهي پنهنجا مفاد ماڻي رهيو آهي ۽ هاري مسلسل پيڙجي رهيو آهي. ان پيڙاهه، درد ۽ عذابن جو ڪٿي دنگ ٿيندو؟ اهي سور ۽ پور هارين جو نصيب بڻايا ويا آهن.
بک، بدحالي تنگدستي انهن جو نه بدلجندڙ مقدر ڇو بڻجي وئي آهي؟ اهڙو قانون “جيڪو ڪمائي ٿو سو نٿو کائي” ڪهڙي منجهه حساب ڪُل وقتي لاڳو ٿي چڪو آهي جنهن ۾ ترميم جي ڪابه گنجائش موجود ئي ناهي. “جيڪو کيڙي سو کائي” جهڙو ڪائنات جو حقيقي فطري نعرو بي مقصد بڻائڻ پويان جاگيردارن جي ڪهڙي سامراجي سازش شامل آهي؟ ان پورهيت طبقي کي ڇڙوڇڙ ڪري سندن ٻڌي ۽ طاقت کي ٽوڙڻ جو راز ڇا آهي؟ آخر دنيا جا طاقتور طبقا انهن کان ڊنل ڇو آهن؟ صدين کان دنيا کي ڪمائي کارائيندڙ پورهيت طبقي کي پنهنجي بک جو سبب ڪڏهن سمجهه ۾ ايندو؟ غلامي جون سنگھرون ڪڏهن چڪناچور ٿينديون؟ انسان ازل کان ڪيئن آجو آهي؟ لاتعداد سوال جواب طلبين ٿا.
ڪائنات وجود ۾ اچڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ڪروڙين پورهيت انسان ظالم جاگيرداري جي بدترين ڄار ۾ ڦاٿل آهن. انساني آبادي جو وڏو حصو غلامي جي صورتحال م جڪڙيل هوندي به دنيا لاءِ خوراڪ جو بندوبست ڪري ٿو. لڱ ساڙيندڙ لُڪن ۽ ڏيل ڏڪائيندڙ گرمين ۾ ڌرتيءَ جو سينو چيري اناج پيدا ڪندڙ پورهيت کيتن ۾ لنڊيون لتاڙي ۽ ڪنڊن سان پير ڇنائي زمين کي سرسبز بڻائي ٿو، ڪروڙين ٽن اناج، سبزيون، ميوا پيدا ڪرڻ جي باوجود به سندس حياتي سورن کان آجي ناهي. صدين کان سندس دردن جو درمان نه ٿي سگيو آهي. فرينچ انقلاب، روسي انقلاب، چيني انقلاب، ويٽنام انقلاب کان به اڳ سنڌ جي هڪ عظيم سوشلٽ صوفي شهيد شاهه عنايت “جيڪو کيڙي سو کائي” جو نعرو ڏيئي سڄي دنيا جي پورهيتن کي اهو پيغام ڏنو ته پگھر جو پورهيو ڪندڙ محنت ڪش ماڻهو ئي اصل هن کائنات جي ترقي جو اهم سبب ۽ ذريعو آهن پورهيتن جي مضبوط هٿن هن ڪائنات جي تعمير ۽ ترقي ممڪن بڻجي سگهي آهي. برابر جيڪو کيڙي ٿو ان کي ئي کائڻ جو حق حاصل آهي. مظلوم طبقن تي قابض ظالم قوتون ڏاڍ ۽ جبر، انياءُ سان پورهيتن جي محنت تي راتاهو هڻي غريب، اٻوجھه انسانن کي يرغمال بڻائي انهن جي روزي روٽي ۾ انيڪ رڪاوٽون پيدا ڪري مشڪلاتن ۾ اضافو ڪيو آهي. هڪ هاري نسل در نسل لکين سالن کان هاري آهي ڇا اهيو هن ڪائنات جو الميو ناهي ؟ دنيا جي ترقي جي ڊوڙ ۾ هاري شامل ئي ناهي. سرمائيداراڻي سوچ رکندڙ جاگيردار انهن جي هٿ ۾ ڪتاب ۽ قلم بجاءِ فقط ڪوڏر، ڪهاڙي، ڏانٽو ۽ رنبو ڏسڻ چاهين ٿا. دنيا جي ڏاهن کي ڪمائي جو اهو فارمولو سمجهه ۾ ڪڏهن ايندو؟ جنهن ۾ هاري ۽ زميندار ٻئي اڌ جا ڌڻي آهن. پر زميندار محلن جي زندگي گذاري ٿو ۽ هاري جهوپن ۾ جيون گھاري ٿو، بکن ۾ پاهه ٿئي ٿو، سورن ۾ سڙي ٿو
اسين اڌ ڍاوا، اوهين وڌ ڍاوا،
اسين ڦٿڪون ٿا، اوهين ڦاٽو ٿا.
ڪائنات جي سموري تاريخ ۾ اڻ ٿيڻيون ۽ ناممڪن شيون ممڪن بڻيون آهن. پورهيتن پنهنجي ٻڌي، اتحاد ۽ ايڪي سان شاندار جدوجھدون ڪري سرمائدارن جا ڀاري بُرج لوڏي ڇڏيا هوندا. لينن جي اڳواڻي ۾ روس جو مزدور انقلاب ۽ مائوزيتنگ جي اڳواڻي ۾ چين جو عظيم هاري انقلاب، ڏٻرن ڏيلن ۽ اڀرن ويٽنامين هوچي منهه جي اڳواڻي ۾ آيل انقلاب ۽ چي گويرا سان گڏجي ڪاسترو جهڙي جوان ڪيوبا ۾ انقلاب آڻي شاهڪار مثال قائم ڪيوآهي. انهن عظيم انقلابن آمريڪا جهڙن سپر پاور سرمائيدارن ۽ ان جي حواري جاگيردارن کي ڏندين آڱريون ڏيئي ڇڏيون. پورهيت انقلاب لاءِ “مارڪسزم” دنيا جو سائنسي نظريو آهي. دنيا جا سمورا سُرخا مارڪسزم تي متفق ٿي جدوجهدون ۽ پرولتاري تحريڪون هلائي انقلاب لاءِ راهه هموار ڪري رهيا آهن. پر دنيا جي سمورن ملڪن جون زميني حقيقتون مختلف آهن. ان ڪري اُتي جدوجھهدن جا طريقا پڻ جدا آهن. سنڌ ۾ به پورهيت جدوجھدن جي زميني حقيقت الڳ آهي. جنهنڪري سنڌ ۾ هاري تحريڪ جي به هڪ الڳ منفرد حيثيت آهي. جنهن تحت پورهيتن جي ان تحريڪ وقت به وقت زبردست ڪاميابيون حاصل ڪندي جدوجھدن جي نئين تاريخ رقم ڪئي آهي.
سرمائيدارن جو اوچيون اوچيون محلاتون، ماڙيون، بنگلا، ملون، ڪارخانا ۽ فيڪٽريون مسڪين پورهيتن جي رت مان ٺهيل آهن. انهن محلن جي گدامن ۾ زخيرو ڪيل اناج به انهن پورهيت هٿن جو اُپايل آهي جيڪي پورهيت هٿ گرهه گرهه لاءِ سڪن ٿا. پورهيت هٿن جي لڦن جي درد کي فقط پورهيتن جي سينن ۾ ڌڙڪندڙ دلين سان محسوس ڪري سگھجي ٿو. پورهيت طبقن جو متحد ٿيڻ سرمائدارن جي ڀاري برجن ڌرتيءَ تي لکن سالن کان ڏاڍ، جبر ۽ دوکيبازي جو دستور روان دوان رهيو آهي. ڪوڙ، ڪُپت ۽ دوکيبازي جو اهو دستور بنيادي طرح ڌرتيءَ جي پورهيت ماڻهن جي وڏي آبادي کي چند چالباز ماڻهن پنهنجن انفرادي مفادن خاطر جاري رکيو آهي زمانن کان ڏاڍن ماڻهن هيڻن کي هيسائي زندگي جي گذر سان لاڳاپيل سمورن اهم وسيلن ۽ ذريعن تي قبضو ڪيو آهي. اهيو سلسلو اڄ ڏينهن تائين جاري آهي. نتيجي ۾ جاگيرداري ۽ سرمائداري وڌيڪ مضبوط ٿيندي رهي آهي. دنيا جي سمورن سرمائدار ماڻهن جو مالي مفادن ڪارڻ پنهنجو پاڻ ۾ اڻ ٽٽ رشتو آهي. ان جي ڀيٽ ۾ پورهيت کي عالمي سامراجي سازشين سدائين ڇڙوڇڙ ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. جنهنڪري دنيا جي پورهيتن جي طاقت جو توازن برقرار ناهي رهيو.
سنڌ مان هڪ عظيم سوشلسٽ صوفي شاهه عنايت شهيد “جيڪو کيڙي سو کائي” جو نعرو هڻي جاگيرداراڻي سماج ۾ محنت ڪش ماڻهن جي اجتماعي زرعي نظام جي ڳالهه ڪري سنڌ جي سرمائدار ۽ جاگيردارن جون وايون بتال ڪري ڇڏيون هيون. سنڌ جي لکين پورهيتن جي اڳواڻي ڪندڙ عظيم رهنما صوفي شاهه عنايت شهيد سک ۽ آسائشن جي زندگي گھارڻ بجاءِ ڏکن، سورن ۽ تڪليفن واري جيون جي چونڊ ڪئي جيڪڏهن صوفي شاهه عنايت شهيد چاهي ها ته وقت جي هاري دشمن حاڪمن جا حڪم مڃي زندگي جا سمورا خوبصورت رنگ ماڻي سگھيو پئي. پر مخدوم فضل الله لانگاهه جي فرزند صوفي شاهه عنايت شهيد هاري حقدارن جو علم بلند ڪيو. اها انقلابي جدوجهد جو دائرو وقت سان گڏوگڏ وسيع ٿيندو ويو هارين جي اها مضبوط تحريڪ جھوڪ جي حدن مان نڪري سنڌ جي ٻين علائقن تائين ڦهلجي چُڪي هُئي. جنهنڪري هارين جا حق غضب ڪندڙ جاگيردار طبقي جي پريشاني پڻ وڌندي وئي. صوفي شاهه عنايت شهيد پنهنجي ڌرتيءَ تي مسڪين، پورهيت ۽ هيڻن هاري طبقن تي جاگيردارن جا ظلم، زيادتيون، انياءُ، ڏاڍ ۽ جبر سهڻ بجاءِ ان خلاف ڀرپور جدوجهد هلائي. صوفي ازم کي پورهيتن جي حقن جي ويڙهه لاءِ عملي ميدان ۾ آندو. گيڙو ويس صوفي فقيرن جا ٽولا هڪ طرف پيار، پاٻوهه ۽ پريت سان ديس جي مسڪينن کي جدوجهد جو سڏ به ڏيئي رهيا هئا ته باغي بڻجي سر قربان به ڪري رهيا هئا.
اصل عاشق پنهنجي سسي نه سانڊين،
لاهيو سِر لطيف چئي، ساهه سلهاڙيو ڏين،
ڪُلهون ڪاٽين پڇن پوءِ پريتڻيون.
هر طرف “حق موجود، سدا موجود ۽ جيڪو کيڙي سو کائي” جا نعرا بلند ٿي رهيا هئا. اهو نعرو پورهيت دشمن سامراج جي ننڊ ڦٽائڻ جو باعث بڻجي ويو هو. وقت جي صاحب لوڪن جي صاحبي خطري ۾ پئجي وئي هُئي. ان پورهيت جدوجھد دوران شهيد شاهه عنايت شهيد حاڪم ۽ ظالم جاگيردار طبقي جي اک ۾ ٻاٻرو ڪنڊو بڻجي هُري رهيو هو. جيڪڏهن صوفي شاهه عنايت شهيد جي سڏ “جيڪو کيڙي سو کائي” تي پنجاهه سيڪڙو به عمل ٿئي ته پوءِ لکين سالن کي ٻين جي پگھر جي پورهئي تي پلجندڙ سرمائدار ۽ جاگيردارن جي پيٽ گذر جو ذريعو ڪهڙو بچندو؟ ورن وڪڙن وارن سُرخ گلابن جهڙن انقلابن بجاءِ شهيد شاهه عنايت شهيد ته ان نعري ۾ هڪ سادي ڳالهه ڪئي هئي جيڪا سنڌ جي هارين کي آساني سان سمجھ ۾ اچي وئي. جنهن جي نتيجي ۾ صوفي شاهه عنايت شهيد جي اڳواڻي ۾ سنڌ جي هاري تحريڪ ذور ورتو. اها جدوجھد پورهيت انقلاب لاءِ پهرين وک هُئي. يعني انقلاب جي اها شروعات سڀ کان پهرين سنڌ مان ٿي هُئي. اها انقلابي تحريڪ سڄي دنيا جي پورهيتن لاءِ اتساهه جو پيغام هُئي. ڪارل مارڪس جي سڏ “دنيا جا پورهيتو هڪ ٿي وڃو” کان به صدي اڳ سنڌ جي سرزمين تان هڪ عظيم صوفي شهيد شاهه عنايت شهيد “هي ڌرتيءَ رب سائين جي آهي، جيڪو کيڙي سو کائي” جو نعرو بلند ڪري ڪائنات جي سمورن پورهيتن کي پنهنجي محنت ۽ پگھر جي پورهئي جي اهميت جو احساس ڏياري ٿو پر عملي جدوجھد جي ميدان ۾ ساهه جي آخري گھڙي تائين حق جي ويڙهه وڙهڻ جو نظريو به ڏي ٿو. سنڌ جي اها شاندار پورهيت جدوجھد ذات، پات، رنگ، نسل، اوچ، نيچ، مذهب جي مت ڀيد کان آجي هُئي. سنڌ جي پورهيتن جي هاري تحريڪ فقط محنت ڪش مظلوم طبقي کي پنهنجي پگھر جي پورهئي جو مڪمل اجورو ڏيارڻ لاءِ هُئي. صوفي شاهه عنايت شهيد جي جدوجھد ڌرتيءَ تي لکين سالن کان پورهيو ڪندڙ هارين کي سندن سمورا بنيادي انساني حق ڏيارڻ لاءِ هُئي. سنڌ جي هارين جي ان عظيم جدوجھد کان ڊنل غاصب حڪمران قوتون ۽ پورهيت دشمن جاگيردار سامراج پنهنجن حوارين سان گڏجي هن تاريخي هاري تحريڪ کي ڪمزور ڪرڻ خاطر دشمني تي لهي آيا. صوفي شاهه عنايت شهيد هاري دشمن قوتن جي سمورين چالبازين، انقلاب دشمن اٽڪلن، هٿ ڪنڊن، موقعي پرستي ۽ سازشن جو گھرائي سان مشاهدو ڪري چڪو هو.
جنهن بعد صوفي شاهه عنايت شهيد ۽ سندس ساٿين خلاف سازشون سٽجڻ لڳيون. لکين ايڪڙ زمين تي قبضو ڪري هارين جو استحصال ڪندڙ مغل حڪمران، ظالم جاگيردار، پير، پنڊت طبقو پير عبدالواسع، نورمحمد پليجو ۽ حمل جت جهڙن سامراجي سوچ رکندڙ جاگيردارن جي اڳواڻي ۾ ان عظيم جدوجھد کي ڪُچلي ختم ڪرڻ لاءِ گھاٽ گھڙڻ لڳو ۽ جنهن بعد اڻکٽ سازشن جو سلسلو شروع ٿي ويو. صوفي شاهه عنايت شهيد ۽ سندس ساٿين تي رهزنن هٿان لاتعداد حملا ڪيا ويا پر سندن بهادري ۽ حڪمت عملي اڳيان جاگيردارن جون سازشون مٽي ۾ ملنديون ويون. محنت ڪش پورهيتن جي گڏيل پورهيي ۾ يقين رکندڙ صوفي شاهه عنايت شهيد جي فقيرن جي عظيم جدجهد ۽ پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ حق جي ويڙهه جاري رهي. سوين سختين باوجود به پورهيتن جو عظيم رهنما شهيد صوفي شاهه عنايت شهيد پنهنجن پورهيت ساٿين سان گڏجي جدوجھد ڪندو رهيو. “جيڪي کيڙي سو کائي” جي نعري هيٺ هلندڙ هاري جدوجھد جا سورما وقت جي حاڪم نواب آعظم ۽ سندس حوارين سان وڏي بهادري سان مهاڏو اٽڪائي کين رُڪ جا چڻا چٻائيندا رهيا. جدوجهدن ۽ جنگ جي تاريخ ۾ منفرد ۽ انوکي انقلابي ويڙهه وڙهندڙ شهيد صوفي شاهه عنايت شهيد ۽ سندس ساٿين مسلسل ٻن کان چار مهينن تائين جھوڪ شريف جو گھيرو ڪري بيٺل هٿياربندن کي فتح نصيب نه ٿي. ان دوران سڄي سنڌ جي جاگيردا طبقن کي هن هاري جدوجهد مان خطرو محسوس ٿيڻ لڳو. جنهن ڪري انهن ظالم قوتن جو اڻ اعلانيل اتحاد آهستي آهستي جڙڻ لڳو انهن جاگيردارن گڏجي هن تحريڪ کي ختم ڪرڻ لاءِ حيلا هلائڻ لڳا. پر کين ان ويڙهه ۾ ناڪامي نصيب ٿي. هارين جي ٻڌي، اتحاد، يڪجهتي، انقلابي جوش ۽ جذبو هن جدوجهد کي وڏي سگھ بخشي
سنڌ جي ظالم حڪمرانن ۽ جاگيردارن کي جڏهن ان ويڙهه ۾ ڪاميابي نصيب نه ٿي ته انهن سازشن جا طور طريقا تبديل ڪيا. “جيڪو کيڙي، سوکائي” جي نعري هيٺ هلندڙ هارين جي جدوجهد جا مخالف حڪمران ۽ جاگيردار هٿياربند ويڙهه جي واٽ تان دستبردار ٿي صوفي باغين جي خلاف نئين سر منصوبا ٺاهي سازشن جا ڄار وڇائڻ لڳا. ظالم حڪمرانن ۽ جاگيردار حملي آورن دوکي بازي جي چال هلائيندي صوفي شاهه عنايت شهيد کي ڳالهين جي آڇ ڪئي. جنهن لاءِ مقامي زميندار هٿان پيغام پهچايا ويا. گھڻي عرصي تائين ته هارين جو عظيم اڳواڻ صوفي شاهه عنايت شهيد انهن تي اعتماد نه ڪيائين پر جڏهن ان سازشي جاگيردار ٽولي ڳالهين جو ڍونگ رچائي وچ ۾ پاڪ ڪتاب جي ڳالهه ڪئي ته شاهه عنايت شهيد مٿن ڀروسو ڪيو.
پهرين جنوري 1718ع تي هاري تحريڪ جي هن عظيم سرواڻ صوفي شاهه عنايت شهيد سان قران شريف تي ٺاهه جي تجويز ڏني جنهن کي پاڻ اعتماد ڪندي قبول ڪيائون پر دشمن جي من ۾ مير هُئي. انهن کي چڱي ريت ڄاڻ هئي ته لکين هارين سان سڌي ريت ويڙهه وڙهڻ سان جاگيردارن کي نقصان پهچندو. ڇو ته هاري اڪثريت ۾ هئا ۽ چند جاگيردار ظالم حڪمرانن جي آڌار تي دنيا جي هن عظيم پورهيت جدوجهد کي مڪمل طور ختم ڪرڻ لاءِ ڪوشان هئا. انهن صلح نامي تي دستخط ڪرڻ بهاني صوفي شاهه عنايت شهيد کي نواب آعظم آڏو پيش ڪري گرفتار ڪيو ۽ بعد ۾ پورهيتن جي هن عظيم رهنما کي شهيد ڪيو ويو. ظالم جاگيرداراڻي سماج سنڌ کان هڪ عظيم سوشلسٽ کسي ورتو.
سر ڍونڍيان، ڌڙ نه لهان ڌڙ ڍونڍيان سر ناه،
هٿ ڪرايون آڱريون ويا ڪپجي ڪانه
وحدت جي وهانءِ جي ويا سي وڍيا.
پورهيتن جي ان عظيم انقلابي ۽ تاريخي ويڙهه ۾تاريخ جي شاهدي موجب پنجويهه هزار هاري پڻ شهيد ٿيا. جن جون اجتماعي قبرون پڻ جهوڪ شريف ۾ گنج جي نالي سان موجود آهن. جتي هر سال کين خراج عقيدت سان ياد ڪيو وڃي ٿو. سنڌ ۾ صوفي شاهه عنايت شهيد جي هاري جدوجهد سندس شهادت بعد ضرور ماٺي ٿي پر ان کي ختم ڪرڻ سنڌ جي جاگيردارن ته ڇا پر عالمي سامراج جي وس جي ڳالهه نه آهي. اڄ به سندس عظيم قرباني ۽ جدوجهد کي سموري دنيا خراج تحسين پيش ڪندي کيس سُرخ سلام پيش ڪري ٿي. اڄ به سوشلزم کان عالمي سامراج ڊنل آهي. پورهيتن جون بين القوامي تحريڪون ذور وٺن پيون. ضرور انقلاب جو سج اُڀرندو ۽ صوفي شاهه عنايت شهيد جي خوابن جي ساڀيان ٿيندي. پورهيت هارين کي پنهنجا حق ضرور ملندا. صوفي شاهه عنايت شهيد جي هاري تحريڪ سندس شهادت سميت پنجويهه هزار هاري ساٿين جي شهادت بعد پڄاڻي تي پهتي.
***