هاري کي باغباني جو حصو ڇو نٿو ملي؟
ٽيننسي ايڪٽ کان اڳ ۾ سنڌ ۾ هارپ بابت ڪو باقاعدي قانون نه هئڻ ڪري هاري ۽ زميندار وچ ۾ راڄوڻي زرعي مهاهدي تحت ڪارهنوار هلايو ويندو هو. جيڪو هر علائقي جي هر زميندار جو پنهنجي مفادن سان وابسطه هو. پر جڏهن سنڌ هاري ڪاميٽي اهو آئين پاس ڪرايو ته هارين لاءِ ڪجهه بهتري جي اميد پيدا ٿي. پر ان هوندي به زميندار طبقو باغ باني واريون زرعي جنسون جهڙوڪ ڪيلا، چڪو، انب، زيتون، ليمان، توت، ڄمون، ٻيرن جا باغ وغيره ۾ پورهيو هاري کان ڪرايو ويندو آهي. انهن ۾ ڪيلن کان سواءِ ٻين باغن ۾ مختلف فصل ۽ گاهه پوکيا ويندا آهن. جنهن ۾ ڪڻڪ، توريو، اسپينگر، آريو، سورج مکي، ووئنڻ، مرچ، بصر ۽ ٻيون ڀاڄيون پڻ پوکيون وينديون آهن. باغن ۾ پوکجندڙ فصلن جي کيڙي، ڀاڻ، اسپري ۽ هاري جي پورهيي سان اڌو اڌ فائدو باغن کي ٿيندو آهي. پر انهن باغن جي اُپت فقط زميندار کڻي ٿو. اهو نظام پورهيت دشمن آهي.
جنهن زرعي باغ باني واري فصل يا جنس تي اڻسڌي طرح ٿيندڙ خرچ جو برابر حصو هاري ڀريندي به اُپت جي حصي کان محروم رهجو وڃي. اهڙو عمل هاري سان ناانصافي ۾ شمار ٿئي ٿو. جنهن سام هاري ترقي ڪرڻ بجاءِ وڌيڪ قرضن جي ڪوڙهه ۾ جڪڙجو وڃي. هاري سان لاڳاپيل انهن سمورن مسئلن تي سنڌ جو اٻوجهه هاري آواز بلند ڪرڻ بجاءِ خاموشي سان معاشي قتلام، استحصالي جو شڪار ٿيندو رهيو آهي. زمانا گذرڻ باوجود ان مسئلي جو ڪو حل نه نڪري سگھيو آهي. پورهيتن جي حقن تي ڪم ڪندڙ سماجي ادارا، سياسي پارٽيون ۽ هن ديس جو قانون بي فائدا بڻيل آهن. سندن اهڙي خاموشي جو جاگيردار مسلسل غيرجمهوري فائدو حاصل ڪري مچي مواڙ ٿي رهيو آهي. جڏهن ته هاري بک جي پاڙ بڻجي عذاب جهڙي حياتي گھاري رهيو آهي. اهو قهر ۽ ڪلور جو ڪو دنگ ايندو؟ پورهيتن سان انصاف ٿيندو؟ هنن محنت ڪش انسانن جي دانهن ڪوڪ ڪو وس وارو بااثر ٻڌڻ جي عنايت ڪندو؟ هاري پورهيتن جي دردن جا داستان ڪن کڻائڻ ٿا يا هي سماج جمود جو شڪار ٿي ويو آهي؟ جاگيردارن جي هي غيرجمهوري ڏاڍ، جبر، ظلم، بربريت جو گھاڻو هارين کي آخر ڪيستائين پيڙهيندو رهندو؟ اهي سوال جواب طلبين ٿا. جن جوابن سان ڪروڙين مسڪين پورهيتن جي ماني جو بندوبست لاڳاپيل آهي. ان مسئلي جي حل سان محنت ڪشن جي گھر جي دانگي چڙهڻ ۽ لهڻ جو اشو واڳيل آهي. ان مسئلي جي حل سان پورهيتن جي پيٽ جي بک اُجهڻ جا امڪان ڪجهه چِٽا نظر اچن ٿا. جيڪي امڪان پورهيت جي ترقي جو سبب بڻجي سگھجڻ ڪري ئي ان اڳيان لاتعداد رڪاوٽون کڙيون ڪيو ويون آهن. اھڙي خطرناڪ هاري دشمن صورتحال ۾ ٽيننسي ايڪٽ آخر ڪهڙي مرض جي دوا آهي؟ اهو قانون هارين کي ڪهڙو فائدو ڏيئي سگھندو؟
[b]زمينداري سيري:
[/b]سنڌ ۾ زميندارن جي اڪثريت هاري کي آبادي لاءِ گنجائش کان گھٽ زمين ڏيئي ٻني جو گھڻو حصو سيري طور پوکائي غيرقانوني بيگار تي سيري جو ڪم ڪرائي مڪمل اُپت زميندار کڻندو رهيو آهي. جنهن ڪري هاري کي سيري جي ڪري به گھڻو نقصان ٿئي ٿو. هڪ طرف پورهيت کي پوکائي لاءِ گھربل زمين نٿي ملي، ٻيو ته آف دي رڪارڊ ان سيري جو ڪم وري به اڻسڌي طرح هاري کي ئي ڪرڻو پوي ٿو. جنهن ڪري هاري وري به ٻٽو نقصان ڀوڳي ٿو. جنهن سبب سنڌ جو پورهيت ترقي بجاءِ نهايت غربت ۽ غلامي واري حياتي ۾ نسل در نسل صدين کان سورن ۾ آهي.
[b]ٽيننسي ايڪٽ ۾ ترميم جي ضرورت آهي؟
[/b]سنڌ جي پورهيت هارين جي محبوب رهنما باباءِ سنڌڪامريڊ حيدربخش جتوئي جي سنڌ هاري ڪاميٽي جي شاندار ۽ تاريخي جدوجهد جي نتيجي ۾ پاس ڪرايل ٽيننسي ايڪٽ (هارپ جو قانون) ان دؤر جي زرعي ۽ معاشي حالاتن جي نظر ۽ سنڌ جي زميني حالتن جي سائنسي حقيقتن موجب ته هڪ وڏو ڪارنامو هو. جنهن قانون تحت سنڌ جي زرعي نظام ۾ خاطر خواهه انقلابي تبديلي توڙي جو نه آئي هئي/ آهي. پر سنڌ جي معشيت ۾ ڪرنگهي جي هڏي سمجهي ويندڙ زراعت ۾ هاري ۽ زميندار جي وچ ۾ ذميوارين، پيداوار، سيڙپ، پورهيو ۽ اُپت بابت هڪ قانون ته موجود آهي. جيڪڏهن ان آئين جي ٻنهي ڌرين مان ڪير به انحرافي ڪندو ته اهو قانون جي ڀڃڪڙي سمجهيو ويندو. جڏهن ته ان بابت معامرا نبيرڻ لاءِ ٽربيونل موجود آهن. انهن ۾ دير سوير مسئلا حل ٿيڻ طرف وڌن يا نه پر مسئلا ٻڌا ته ويندا آهن. هيستائين ته مڪمل طور ٽيننسي ايڪٽ تي عمل به نه ٿي سگهيو آهي. ڪيتريون ئي سنڌي هاري تحريڪ جهڙيون پورهيت سياسي پارٽيون ٽيننسي ايڪٽ تي عمل جا مطالبا ڪنديون رهنديون آهن. ان کان علاوه اصل ڳالهه آهي ٽيننسي ايڪٽ ۾ ترميم جي سو دنيا جي قانونن ۾ وقت جي مناسبت سان ترميمون ٿينديون رهنديون آهن. تنهن ڪري ٽيننسي ايڪٽ 1950ع بابت به سرڪار کي سنجيدگي سان غور ۽ ويچار ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. ان لاءِ سرڪار کي هاري ۽ زميندار سميت زرعي قانوني ماهر، پورهيت سياست ڪندڙ باشعور سياسي ڌرين جي نمائيندن تي مشتمل هڪ بورڊ جوڙي سنڌ جي ماضي جي زرعي حالتن کي مدنظر رکي موجوده حال ۽ مستقبل لاءِ هاري ۽ زميندار ٻنهي آبادگار ڀائيوارن جي وچ ۾ بهتر زرعي سڌارن وارو آئين آڻڻ گھرجي. جنهن سان ٻنهي ڌرين کي برابري جي بنياد تي حق حاصل ٿيڻ سان گڏ فائدو ٿي سگھي. هاري ۽ زميندار وچ ۾ وڌي ٿيل تضاد سنڌ جي زرعي نظام کي تمام گھڻو ڌڪ ڏنو آهي. ڪيمپن واري سوچ جو هاري ۽ پورهيت دشمن موقعي پرست زميندار جي سوچ ۽ ڪردار جي ڪري عزتدار انصاف پسند زميندار ۽ پُرامن ڪمائو هاري به پنهنجو اعتماد وڃائي چڪا آهن. جنهن ڪري ٻنهي ڌرين ۾ عدم اعتماد وارو ماحول جُڙيل آهي. ان ماحول جي تباهي جا اثر سنڌ جي زراعت تي پيا آهن. ڪيمپن ۾ ٺڳي ٺڙڪي تي هلندڙ هاري هاڻ خود ڪيمپن جا اڳواڻ بڻجي فقط هاري ڀڄائڻ واري ڪم کي ڪاروبار ٺاهي ڇڏيو آهي. هارين ۽ زميندارن وچ ۾ ٽياڪڙيون ڪرائڻ، ٻنهي ڌرين ۾ امڪاني ٺاهه واري صورتحال کي ختم ڪرائي ويڇا وڌائڻ، هاري ۽ زميندار وچ ۾ پيدا ٿيل تڪرار ئي اصل ۾ ڪيمپن وارن ڪامريڊن جي روزي روٽي جو ذريعو بڻيل آهي. اهي ڪرائي جا ڪامريڊ ڪورٽن اڳيان ٽولا ڪيو پيا مسڪين اٻوجهه هارين کي تاڙيندا آهن. ٻيا وري ٻهراڙين ۾ وڃي هارين کان حال احوال ڪري کين ڪيس ڪري ڪيمپ ۾ هلڻ لاءِ آماده ڪرڻ جو ماحول جوڙيندا آهن. جنهن ڪري اهي مسڪين پورهيت پنهنجي اباڻن علائقن ۽ ڪکن مان رات پيٽ ۾ ڪورٽن جي بازيابي واري آرڊر تي پناهه گيرن جيئن پيش ڪيا ويندا آهن. جتي 491 جي درخواست تي مختصر ٻڌڻي بعد کين آزادي جي نالي تي هميشه لاءِ ڪيمپن جي قهر جهڙي قيد ۾ قابو ٿيڻو پوندو آهي. جتي سندن سندن نسل پگهر جو پورهيو ڪرڻ ۽ تعليم حاصل ڪرڻ بجاءِ حيدرآباد جي گلين ۾ پني پيٽ پالي ٿو. انسانيت جي اهڙي تذليل توهين آزادي جي نالي تي غلامي جو ڳرو طوق آهي. موجوده وقت جي زميني حقيقتن ۽ حالاتن جي پيش نظر هاري ۽ مُجيري وچ ۾ جوڙيل زرعي قانون جي ڪافي شقن ۾ تبديلي جي پڻ ضرورت آهي. انهن کي نئين سر قانونسازي لاءِ حڪمت عملي جوڙي هاري ۽ زميندار جي وچ ۾ پيدا ٿيل تڪرار جو مڪمل حل ڪڍڻ جي سخت ضرورت آهي. اهڙي ڪو شش سان سنڌ جي زراعت کي مستقبل کي بچائي سگھجي ٿو. ٻي صورت ۾ ڪيمپ واري ان تضاد کي به هاڻ ذري گھٽ ٽيهه سال جو ڊگھو عرصو گذري چڪو آهي. پر اهو ڪم توڙي جو هاڻ عروج مان زوال طرف وڌندي به روان دوان ضرور آهي.