ڪتاب مان چونڊ
زندهه ماڻهو به زندگيءَ لاءِ واجھائي ٿو ته مرندڙ ماڻهو به زندگيءَ لاءِ واجھائي ٿو
اها جنسي قوت ئي آهي جيڪا زندگيءَ کي سواد بخشي ٿي
هي نظام وڏن، طاقتورن ۽ معتبر ماڻهن جو ٺاهيل آهي، ان ڪري هتي انهن جو ئي حڪم هلندو، ننڍن ۽ ڪمزورن جو ڪم صرف فرمانبرداري ڪرڻ آهي
انسان پنهنجوپاڻ کي جيترو مهذب بنائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي اوترو ئي پاڻ کي جڪڙي ڇڏيو آهي، تهذيب، اخلاق، قانون، پابنديون ۽ اصول، اهي سڀ شيون غلاميءَ جون نظر نه ايندڙ زنجيرون آهن
غلام ذهن غلام خواهشون ڄڻيندو آهي ۽ اهڙن غلام معاشرن ۾ پيدا ٿيندڙ هر نئون ٻار ڄمندي ئي غلام بنجي ويندو آهي.
ڌرم جا پوڄاري ماڻهو اهڙا غلام آهن جيڪي پنهنجي غلامي جا جواز پيش ڪن ٿا، ۽ فخر محسوس ڪن ٿا
ماڻهن کي خاموش بنائڻ لاءِ اهو محاورو وقت جي حڪمرانن جوڙايو هو ته عقلمند خاموش رهندا آهن
غلامي ايتري ته غليظ آهي جو جيڪو ماڻهو غلاميءَ جي غلاظت کان باخبر ٿي وڃي ٿو اهو جان ڏيڻ کي ترجيح ڏئي ٿو پر غلاميءَ کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي
نام نهاد مذهب غلاميءَ جو هڪ نادر نمونو آهن، هيءَ اهڙي غلامي آهي جنهن ۾ انسان شعوري توڙي لاشعوري طور پاڻ کي خوشنصيب سمهجي ٿو
روايتن جا پاپند ماڻهو غلامي ته ڪري سگهندا آهن پر محبت نه ڪري سگهندا آهن
مدي خارج قاعدن ۽ انا جي سبب اوهان پنهنجي فطري خواهش کي دٻائي ڇڏيندا آهيو
اوهان جي اندر ۾ مئل ۽ دٻايل محبت جڏهن ڳرڻ ۽ سڙڻ لڳندي آهي ته اها بدبودار ڪاوڙ ۽ نفرت ۾ بدلجي ويندي آهي
دنيا جا سمورا منصف، عالم،استاد، شاگرد ۽ ملازم سچ جو ڍنڍرو پٽيندا رهيا آهن پر سچ ته سندن برداشت کان ٻاهرآهي
خوبصورتي جو سحر هڪ نفسياتي بيماري آهي، پر اها بيماري ڪٿي ڪٿي حقيقي محبت ڏانهن کُلندڙ دري جو ڪم ڏئي ويندي آهي
جنهن مرد ۾ جنسي قوت جي کوٽ هوندي آهي اهو ذهني اشتعال جو شڪار هوندو آهي
زندگي ته لافاني آهي، ڪڏهن ختم نه ٿيندڙ سُر آهي، اها ته صرف روپ مٽائي ٿي پر ختم نٿي ٿئي
توهان جي وجود جي وڏي حصي ۾ ته عورت سمايل آهي، توهان اڌ عورت آهيو ۽ اڌ مرد آهيو
توهان جڏهن ڪنهن عورت کي ڏسو ٿا ته ان ۾ پنهنجي ئي زندگي جو عڪس ڏسو ٿا
ڊپ زندگيءَ جي توانائي جي مُڙي وڃڻ يا موٽ کائڻ جو ٻيو نالو آهي
موت به هڪ اهڙو مظهر آهي جنهن کي محسوس ڪري سگهجي ٿو پر لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي
موت ڪو بُرو لقاءَ ناهي، انتهائي خوبصورت مظهر آهي موت زندگي جي پڄاڻي ناهي پر زندگي جي منزل آهي
موت هڪ اهڙي منزل آهي جتي جذبا ۽ احساس گم ٿي وڃن ٿا.
آزادي هڪ اهڙي ڪيفيت جو نالو آهي جنهن ۾ انسان پنهنجي مرضيءَ موجب زندگي ۾ ڪجهه به ڪري سگهي ٿو
ذهن ۾ پيدا ٿيندڙ خيال ئي آهي جيڪو انسان تي بادشاهي ڪري ٿو،
دنيا جي ڪنهن به انسان کي اهو پتو ئي ناهي ته ڄمڻ وقت سندس ڪيفيت ڇاهئي، بلڪل اهڙي ريت کيس مرڻ جي وقت جي ڪيفيت جي به خبر ئي نه پوندي آهي ڇوته انهي ٻنهي گهڙين ۾ سوچيندڙ ذهن ساڪن هوندو آهي، شعور، لاشعور ۽ تحت الشعور هڪ مرڪز ۾ سمائجي جامد ٿي ويندا آهن ۽ اتان ئي ابديت جي شروعات ٿيندي آهي.