[4]
چانڊوڪي ۾ وهنتل رات ۾ چنڊ جا ڪرڻا جهوپڙيءَ جي ڳڙکين مان ليئا پائي رهيا هئا، جهوپڙيءَ جي وچ واري ڪاٺ جي ٿنڀ ۾ لالٽين ٽنگيل هئي، جنهن جي زرد روشني ڪکائين جهوپڙيءَ جي ڪُنڊن تائين ڦهليل هئي، هڪ کٽ تي شازو نيم بيهوشيءَ جي حالت ۾ پيو هو، سندس چهري تي پوندڙ چانڊوڪيءَ جي ترورن مٿان لالٽين جي زرد روشني جا ڪرڻا حاوي پئجي ويا هئا، شازو جو زرد چهرو لالٽين جي روشنيءَ ۾ ڦِڪو پيلو نظر اچي رهيو.هو. اڌ رات جو وقت هو جو شازو ٿورڙي چرپر ڪئي ۽ آهستي آهستي اکيون کوليون، اکين جي کلڻ سان ئي سندس نظر ٿنڀ ۾ ٽنگيل لالٽين تي پئي، هن ڀانيو ته کيس ٻيو جنم مليو آهي ۽ دنيا ۾ اک کولڻ سان ئي کيس روشني نظر آئي، هن سوچيو ته دنيا ته روشني جو نالو آهي زندگي سهائي آهي، جو کيس پهريون ڀيرو روشني ڏسڻ سان ئي احساس ٿيو ته کيس نئين زندگي ملي آهي، انسان ڪيڏو نه روشني جو متلاشي رهيو آهي ..؟ قديم ارتقائي دور ۾ جڏهن انسان جا وڏڙا جابلو غارن ۾ رهندا هئا تڏهن ٻرندڙ باھ ئي سندن وڏو جيئندان ۽ سهارو هئي، اها باھ ئي هئي جيڪا انڌيري غار کي روشن ڪندي هئي ، اها باھه ھئي جيڪا کيس کاڌو پچائڻ لاءِ ڪتب ايندي هئي، حمله آور خونخوار جانورن کي ڀڄائڻ لاءِ سهارو بنبي هئي، اها باھ ئي هئي جيڪا ڪچي مٽي کي پچائي پڪو ٺڪر جو ٿانءَ ٺاهي ڏيندي هئي باھ واقعي هڪ مادي کي ٻئي مادي ۾ بدلائي ڇڏي ٿي، باھ لوھ کي پگهاري پاڻي بنائي ٿي، ڪک پن ڪاٺ ساڙي رک ٺاهي ٿي، مٽي کي پچائي ٺڪر بنائي ٿي، هزارين طريقن سان باھ انسانن لاءِ ڪارآمد هوندي هئي ۽ آهي ايترا فائدا ڏيڻ سان گڏوگڏ اها ساڳي باھ هوندي هئي جيڪا ٻيلا جهنگ، چراگاھ ۽ شڪارگاھ ساڙي رک ڪري ڇڏيندي هئي جنهن ڪري انسان جو عقيدو پختو ٿيندو ويو ته اها باھ هڪ ديوتا آهي جيڪا راضي ٿي ٿئي ته انسان جي سهڪاري آهي ۽ ناراض ٿئي ته انسان لاءِ تباهي آهي، اهو ئي سبب هو جو انسان باھ کي ديوتا بنائي پوڄڻ شروع ڪيو، اها باھ جيڪا روشنيءَ جو ذريعو هئي ۽ قدرت جي قانونن ۾ انقلاب آڻڻ جو سبب هئي، قدرتي ڪتاب ۾ رات جو اونداھ ۽ سياري ۾ سردي لکيل آهي پر باھ انهن قانونن کي ٽوڙي ڇڏيو، رات کي روشن ۽ سرديءَ کي گرمي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.
شازو کي ٺينگا بابا جا لفظ ياد آيا ، ته تنهنجي اندر ۾ روشني آهي جيڪا توکي منزل ڏيکاريندي ، وجود جي عين مرڪز ۾ داخل ٿي اتي موجود روشنيءَ کي ڏس، اها لافاني روشني آهي ۽ ابد تائين تنهنجو سونهون بڻبي شازوءَ کان هلڪو ڇرڪ نڪري ويو، جسم ۾ سيءَ جي لهر ڊوڙندي محسوس ڪيائين، بابا جي ياد ايندي ئي، کيس گذريل واقعا ياد اچڻ لڳا، ساڻس ڇا ٿيو هو؟ شازوءَ کي ياد پيو ته هو ڍنڍ جي ٿڌي برف جهڙي پاڻيءَ ۾ ٽٻڪندو ٿي ويو، جسم ۾ سرد پاڻي ائين محسوس ٿي رهيو هوس، جيئن ڪو ڪاتيءَ سان سندس ماس ڪُوري رهيو هجي، يا ٽانڊي جي ڄڀي سان سندس کل ساڙي رهيوهجي، هو ڍنڍ جي تري ۾ پيهندو ٿي ويو، ۽ پوءِ سندس ساھ بند ٿي ويو، هن ڀانيو ته هو ڄمي ويو آهي، وشال پاڻيءَ جي ڪائنات کيس ڳڙڪائي وئي هئي، ۽ پوءِ سندس حواس ختم ٿي ويا هئا، پوءِ ڇا ٿيو هو، کيس ڪا خبر ڪا نه هئي.
شازو آھستگيءَ سان کٽ تي اُٿي ويٺو، جهوپڙيءَ ۾ پاڻ اڪيلو هو، اڌ رات جو وقت هو، هر طرف ماٺار ڇانيل هئي، چنڊ جا تڙڪا ۽ لالٽين جي زرد روشني ماحول کي جادو ئي بنائي ڇڏيو هو، هن ڏٺو ته جهوپڙيءَ جي دروازي ڀرسان ڪاٺ جي منجڻ تي پاڻي جو مٽ رکيل هو ۽ ان مٿان ڪاٺ جو ٽڪرو ڍڪ طور رکيل هو، ان ڪاٺ جي ٽڪري مٿان ڪوپر جو گلاس اونڌو پيل هو، سخت سيءَ هئڻ باوجود شازوءَ جي نڙي خشڪ ٿي وئي هئي، کيس شديد اُڃ محسوس ٿي، هو آهستگي سان اٿيو ۽ پير پير ۾ وجهندو مٽ تائين آيو ڪوپر جو گلاس مَٽَ مان ڀري يڪسا هي ڏوڪي ويو، ۽ ڪي گهڙيون مَٽَ ڀرسان ئي بيٺو رهيو ، ذهن جي ڦِرِ موٽي ابتو ڦيرو ڦِري، کيس ٻيهر وڌيڪ ڪجهه ياد اچڻ لڳو، هن جي ڪنن ۾ بابا جا لفظ ائين ٽڙڪاٽ ڪندا گونجيا جيئن تيز هوائن جي جهونڪن سان گهاٽن وڻن جا پن پڙلاءَ پيدا ڪندا آهن، بابا کيس چئي رهيو هو ته آئون تو ۾ شامل آهيان ، تون ڍنڍ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏ ، هي ڍنڍ تنهنجي آجيان ڪندي ، هي فطري مظهر آهي، ڍنڍ جي گهرائيءَ ۾ توکي هيرا موتي ته شايد ڪونه ملندا پر تون امرتا کي ماڻي وٺندين“ شازو پنهنجو ذهن برفاني تهه جيان ڄمندي محسوس ڪيو هو ۽ اوچتو ڍنڍ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو هئائين.
اوچتو جهوپڙي ٻاهران ڪنهن جي قدمن جو آواز آيو، هڪ صفيد ننڍي ڏاڙهيءَ سان پيرسن مهاڻو اندر لنگهي آيو، شازوءَ کي مٽ ڀرسان بيٺل ڏسي کائنس حيرت ۽ تجسس مان ”اوھ... جو لفظ زبان چيري ٻاهر نڪري ويو“ مالڪ جا لک شڪر ، تون هوش ۾ اچي وئين، ان کان اڳ جو شازو ڪو جواب ڏي پيرسن مهاڻي، سڏڪيو ايمڻا، او ايمڻا ڏس ته هي نوجوان هوش ۾ اچي ويو آهي، جلدي اچ” ٻئي پل پيرسن مهاڻي جي زال ايمڻا به در کان اندر لنگهي آئي هاڻي ايمڻا، پيرسن مهاڻو ۽ شازو هڪٻئي جي سامهون بيٺا هئا، لالٽين جي زرد روشني جي ڪري ٽنهي جا پاڇولا ٻيءَ ڀت تي ڊگهن ڪارن ديون جيان نظر پئي آيا ڄڻ ته ڪارا پاڇولا پنهنجي خاموش زبان ۾ اهو چوندا هجن ته انسان اندر جو ڪيڏو نه ڪاروآهي ، سندس وجود ڪيڏو نه ڪارو آهي جو پاڇولو به ڌنڌڪاري جهڙو ٿو لڳي ۽ ڪيڏو نه بي ڊولو، اڻچٽو ۽ خوفائتو آهي.
مالڪ جا لک شڪر“ پوڙهي ايمڻا جو آواز آيو، ” آئون چانهه ٺاهي ٿي اچان“ پوڙهي ايمڻا تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻندي ڀرواري جهوپڙيءَ ۾ هلي وئي ، پيرسن مهاڻي شازوءَ جي ڪلهي تي هٿ رکي چيو پٽ هلي آ، کٽ تي ويهه تنهنجي طبيعت اڃا ٺيڪ نه آهي، ڊاڪٽرياڻي صبح سوير ايندي، ائين چئي پوڙهو شازو کي ٻانهن کان جهلي کٽ تائين وٺي آيو ۽ ٻئي ڄڻا کٽ تي ويهي رهيا، کٽ تي اڌ ڇنل واڻ مٿان چٽن وارين چتين سان ٺهيل رلي وڇايل هئي ۽ هڪ وهاڻو هو.
“ مونکي ڇا ٿيو هو؟ ” شازو پهريون ڀيرو ڳالهايو “۽ آئون هتي ڪيئن پهتس”؟ پوڙهي مهاڻي گهور ڪري شازوءَ جي اکين ۾ نهاريو، پوڙهي جي اکين جي اجهاميل روشني آهستي آهستي چمڪڻ لڳي ڄڻ ماضي جا پنا اٿلائيندي ڪجهه ياد ڪري ورتو هئائين، “پٽ” پوڙهي چيو “تون ڪالهه رات کان يڪو بيهوش هئين، ڍنڍ ڪناري تي بيهوشي جي حالت ۾ مليو هئين”
کن پل جي ماٺ کانپوءِ پوڙهي ٻيهر چيو ته اسان روز سانجهيءَ جو بتيلو ڪاهي ڍنڍ ۾ ويندا آهيون، سڄي رات مڇي جو شڪار ڪري اسر ويلي موٽندا آهيون، ڪالهه رات اسان بتيلو هاڪاري ڍنڍ ۾ وڃڻ لڳاسين ته ٽڪريءَ واري پاسي تون ڍنڍ جي ڪناري تي بيهوشي جي حالت ۾ پيل مليو هئين، پٽ هي ڍنڍ خطرناڪ آهي هن ڍنڍ جي پاڻي ۾ هن کان اڳ ۾ جيڪو به ٻُڏو آهي اهو زندهه نه بچيو آهي ، تون شايد ڍنڍ ۾ ڪري پيو هئين ، يا ڪنهن توکي ٽڪري تان ڌڪو ڏئي ڍنڍ ۾ ڪيرايو هو، پر مونکي حيرت آهي ته تون ڪناري تائين ڪيئن پهتين ؟ ۽ زنده ڪئين بچي وئين ؟ مونکي لڳي ٿو ته ڍنڍ پاڻ توکي هڪ ماءُ جيان لوري ڏئي ننڊ سمهاري پوءِ آرام سان ڪناري تي پهچائي ڇڏيو هو، ته جيئن تون زنده رهين، شايد تو ۾ ڪا طلسمي قوت آهي يا تون هن دنيا جو غيرمعمولي نوجوان آهين ، جو ڍنڍ توسان اهڙو پيارو ورتاءُ ڪيو، شايد دنيا کي تنهنجي ضرورت آهي، تون اهڙو نور آهين جنهن سان دنيا کي منور ٿيڻو آهي، تون برابر غير معمولي نوجوان آهين، خير اسان توکي بتيلي تي کڻي شڪار ڪرڻ بدران هتي کڻي آياسين.
شهر جي هڪ تنظيم جا غريبن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري ٿي،ان جي هڪ ڊاڪٽرياڻي اسانجي ڳوٺ ۾ روز صبح جو ايندي آهي ۽ هتان جي مسڪين مهاڻن کي دوائون ڏيندي آهي، ڊاڪٽرياڻي صبح مهل توکي ڏٺو هو، سُيون هنيائين بوتل چاڙهئين ۽ چيائين ته تون ٺيڪ ٿي ويندين، مونکي اوس پڪ هئي ته تون ضرور ٺيڪ ٿي ويندين ڇو ته تون پنهنجي وجود ۾ ڪا اهڙي شڪتي رکين ٿو جيڪا غيرمعمولي آهي.
پوڙهي مهاڻي ڪنڌ لوڏيو ۽ چيو ته تون بيهوشي جي حالت ۾ به ڪجهه ڳالهائي رهيو هئين ، تنهنجا لفظ ته سمجهه ۾ ڪونه آيا پر ائين لڳو پئي ڄڻ تون پنهنجي وجود ۾ ڪيتريون ئي شخصيتون رکين ٿو، ۽ اهي شخصيتون تنهنجي وجود ۾ هڪٻئي سان ڳالهائي رهيون هيون، خير پر ٻچڙا تون آهين ڪير؟ ۽ ڍنڍ ۾ ڪيئن ڪري پيئن؟
بابا مونکي خود خبر ناهي ته آئون ڪير آهيان؟ شازوءَ وراڻيو آئون هن دنيا ۾ اڪيلو آهيان، ڍنڍ تي مونکي منهنجو محسن وٺي آيو هو ۽ ان ئي مونکي چيوته ”ڍنڍ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏ“
”ڇا“ پوڙهي حيرت سان چيو ، کيس ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو ، ايمڻا در کان اندر لنگهي آئي ۽ چانهه جون ٻه پياليون کڻي آئي، هڪ پيالي شازوءَ کي ٻي پيالي مڙس کي ڏنائين ۽ چيائين هي ٻچڙو ٻن ڏينهن جو بکايل آهي، اوهان چانهه پيئو تيسين آئون ماني پچائي وٺان.
ان کان اڳ جو ايمڻا واپس مُڙي ، شازو چيو نه امان ، مونکي ماني نه ٿي گهرجي، منهنجي طبيعت اڃا ٺيڪ نه آهي ماني نه ٿي وڻي، ماني صبح جو کائيندس ايمڻا ڪجهه سوچيندي ، ڪنڌ کي هائوڪار واري انداز ۾ لوڏو ڏنو ۽ ٻاهر نڪري ڀر واري جهوپڙي ۾ هلي وئي.
کن پل لاءِ ٻيهر ماحول ماٺو ٿي ويو ۽ پوءِ پوڙهي مهاڻي چيو، پٽ مونکي تنهنجي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ، توکي تنهنجو محسن ڍنڍ تي وٺي آيو ۽ ان توکي چيو ته ٽپو ڏئي ڇڏ، ڇا تنهنجو مطلب آهي ته ڪنهن توکي قتل ڪرڻ لاءِ ڍنڍ ۾ ٻوڙيو..؟
”نه “شازو يڪدم وارڻيو، نه بابا مونکي ڪنهن به نه ٻوڙيو هو، مون پاڻ ٽپو ڏنو هو.
خودڪشي ڪرڻ لاءِ ” پوڙهي اچرج مان چيو.
نه شازوءَ وراڻيو مون کي معلوم ٿيو ته هيءَ ڍنڍ هڪ دروازو آهي ٻي دنيا ۾ کُلي ٿو مون ٻي دنيا ۾ وڃڻ پئي چاهيو ان ڪري مون پاڻ ٽپو ڏنو.
پوڙهي کي ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو ، هُن اندازو لڳايو ته شايد نوجوان جو دماغ اڃا تائين درست حالت ۾ ڪم نه ٿو ڪري ، شايد هو صدمي ۾آهي، بيمار آهي پوڙهي ڪجهه سوچي چيو ” چڱو پٽ تون اڃا بيمار آهين، تون آرام ڪر، صبح سويري ڊاڪٽرياڻي ايندي ، پوءِ مالڪ چڱائي ڪندو ، آئون به هاڻي وڃي ٿو سمهان ، تنهنجي الڪي ۾ ننڊ نه ٿي آئي ، سو شڪر ٿيو جو تون به هوش ۾ اچي ويو آهين وري صبح جو سوير تائين مالڪ ڀلائي ڪندو.
” ٺيڪ بابا “ شازوءَ مختصر جواب ڏنو، پوڙهو کٽ تان اٿيو ۽ قدم کڻندو جهوپڙي جي دروازي مان ٻاهر نڪري ڀر واري جهوپڙي ۾ هليو ويو شازو تمام گهڻي ٿڪاوٽ محسوس ڪري رهيو هو ، آهستي آهستي ٿي کٽ تي ليٽي پيو ۽ وهاڻي تي ڪنڌ رکي ڇڏيائين هن ڀانيو ٿي ته ٿڪاوٽ سبب کيس ترت ننڊ اچي ويندي ، پر سندس ذهن سوچ جي ڪُنڊي ۾ ائين ڦاٿل هو جيئن مهاڻي جي ڪُنڊي ۾ مڇي ڦاسندي آهي ۽ پوءِ پاڻ ڇڏائڻ لاءِ ڦڪندي آهي، شازو جو ذهن به مڇي جيا ڦٿڪڻ لڳو ، خيال سندس ذهن تي هٿوڙا هڻڻ لڳا.
ٺينگا بابا ائين ڇو ڪيو هو ؟ ڇا بابا مونکان ناراض هو؟ هن مونکي مارڻ چاهيو ٿي جو مونکي چيائين ته ڍنڍ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏ ؟ پر نه ائين نه ٿو ٿي سگهي ، بابا ته هڪ ڪامل انسان هو، ڪنهن جي جان نه ٿي وٺي سگهيو ضرور ان ڳالهه ۾ به ڪا رمز هئي جو بابا مونکي چيو ته ڍنڍ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏ، شازو کي بابا جا لفظ ياد آيا ته ڍنڍ ۾ توکي هيرا موتي ته شايد نه ملن پر تون امر ٿي ويندين .. ڇا آئون واقعي امر ٿي ويو آهيان ؟ شازو سوچيو ، مون ۾ ته ڪا تبديلي نه آئي آهي، آئون ته اڄ به اهڙو آهيان جهڙو اڳ هوس ، پوءِ اها ڪهڙي امرتا آهي جنهن جو ٺينگا بابا ذڪر ڪيو هو؟
شازو کي ڪجهه سمجهه ۾ نه ٿي آيو، هن سوچيو ته مونکي ڍنڍ ۾ ٽپو ڏيڻ لاءِ چئي پوءِ بابا ڪيڏانهن ويو هوندو؟ ڇا آئون ساڻس زبردستي چهٽي پيو هوس جو مون مان جان ڇڏائڻ لاءِ بابا مونکي ڍنڍ جي نذر ڪرڻ ٿي چاهيو؟ خيالن جا ڏانوڻ سندس ذهن کي گهيري ويا، ڪجهه به سمجهه ۾ نه پئي آيس ته ڇو ٿيو، ڇاٿيو، هن پيرسن مهاڻي بابت سوچيو ته پيرسن کيس پاڻ سان گڏ ڇو کڻي آيو؟ ڇو هن جي حياتي بچايائين؟ آخر ڪهڙو رشتو آهي هن جو پيرسن مهاڻي سان ؟ هن کي ياد آيو ته انسانيت به هڪ لفظ آهي، برابر انسانيت به ڪا شيءَ آهي، هن کي سراج جا لفظ ياد آيا ته ” درد جا رشتا ڄاڻ سڃاڻ جا محتاج ناهن هوندا“ ها ڪي رشتا واقعي ئي درد جي لڙي ۾ پوئيل هوندا آهن درد هڪ اهڙي مالها آهي جنهن ۾ جڙيل سمورا انسان هڪٻئي جا حال ڀائي آهن، انهن سڀني وٽ ساڳيا احساس آهن، ساڳيا ڏک ۽ ساڳيون محروميون آهن، اهي اهڙا رشتا آهن جيڪي واقعي به ڪنهن ڄاڻ سڃاڻ جا محتاج ناهن هوندا.
ائين سوچن جي صحرا ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪندي نه ڄاڻ ڪنهن لمحي شازو جي اک لڳي وئي ۽ ننڊ جي ديوي هن کي ھنج ۾ وٺي جهولائڻ لڳي.
سج چڙهي آيو هو ۽ تڙڪن سان سنڌ کي روشن ڪري بيٺو هو جهوپڙين جي ڳڙکين ۽ وٿين مان روشني صدين جي ڏکايل مهاڻن جي انڌيري دنيا ۾ ڪاهي آئي هئي ، هي مهاڻا اهڙا ته پيڙهيل هئا جو هر نئون سج، نئين روشني سان گڏ هنن لاءِ دردن جو هڪ نئون هجوم کڻي ايندو هو، ۽ هي حسرت ۽ ڏک گاڏڙ ڪاوڙ مان نئين سج کي تڪيندا هئا، ڄڻ کيس چئي رهيا هجن ته تون به اسانجو سڄڻ ناهين سج، تون به ڏاڍن ۽ ظالمن جو سهڪاري آهين، تون به انهن کي روز پنهنجي فتح جو احساس ڏيارين ٿو، ۽ اسان لاءِ تون وٽ به ڪا خوشخبري ناهي.
سج جي تپش ڪافي وڌي وئي هئي شازوءَ جي اک کُلي ته پنهنجي مٿان هڪ خوبصورت نوجوان عورت کي جهڪيل ڏٺائين ، جيئن ئي شازوءَ جي اک کُلي ته هن خوبصورت عورت مرڪي ڏنو، هوءَ ڊاڪٽرياڻي هئي عليزا، عيسائي هئي.
شازوءَ کان هلڪو ڇرڪ نڪري ويو هن زندگيءِ ۾ ڪنهن نوجوان عورت کي پهريون دفعو پنهنجي ايترو ويجهو ڏٺو هو، هن جي جسم تي ڄڻ ماڪوڙيون سُرڻ لڳيون هي سٽ ڏئي کٽ تي اٿي ويهي رهيو، ان مهل پيرسن مهاڻو به جهوپڙي اندر گهڙي آيو، پيرسن جي منهن تي به مُرڪ هئي، پيرسن چيو ته هي عليزا آهي، ڊاڪٽرياڻي آهي، شهر ۾ هڪ ڀلائي جي تنظيم جي طرفان اسانجي ڳوٺ ۾ ايندي آهي ۽ سمورن مريضن جو مفت ۾ علاج ڪندي آهي ۽ مفت ۾ دوائون ڏئي ويندي آهي ، جڏهن توکي بيهوشي حالت ۾ هتي کڻي آيا هئاسين ، تڏهن به هن اچي توکي سُيون هنيون هيون.
شازوءَ جي اکين ۾ هڪ چمڪ تري آئي ۽ پوءِ ڏسندي ڏسندي اها چمڪ عليزا جي اکين ۾ منتقل ٿي وئي ، عليزا جا گلابي چپ ڪنهن گلاب جي پنکڙين کان گهٽ نه هئا ۽ مسڪرائڻ سان سندس ٻنهي ڳلن ۾ کڏون ٿي پئجي ويون، ڳلن ۾ پوندڙ اهي کڏون شازوءَ کي ڪنهن درياھ ۾ ڦيريون کائيندڙ ڪُن جيان لڳيون شازوءَ جي دل سيني ۾ اڇُلون کائڻ لڳي، ڀانيائين ته ڪر ڳلن جي ان ڪُن ۾ ٻڏي وڃي، پر انهيءَ پل کيس ياد آيو ته هوءَ عورت هئي، ۽ شازو ڇاهو؟ نه مرد نه عورت، شازوءَجي اکين جي جوت اجهامي وئي، هي سماج ته انسان جو ناهي هي ته صرف عورتن، مردن ٻڍڙن ۽ ٻارڙن جو آهي، ۽ شازو نه ته عورت هو، نه مرد، نه ٻڍڙو، ۽ نه ٻار، ته پوءِ آخر ڇاهو صرف انسان، هي سماج انسانن لاءِ ته آهي ئي ڪونه، هُن کي ياد آيو ته جيڪي ماڻهو ۽ ٽولا انسان جي حقن جو ڳالهيون ڪندا هئا، اهي به انساني حقن جي نالي ۾ يا ته عورتن جي حقن جي پرچار ڪندا هئا ياته نوجوانن ۽ مردن جي ياته ٻڍڙن جي ياته ٻارڙن جي.....!
ڪابه اهڙي تنظيم،ڪو ٽولو ، ڪو ماڻهو اهڙو نه هو جيڪو چوي ته اسان نه مردن جي حقن جي ڳالهه ڪريون ٿا نه عورتن جي حقن جي، نه ٻڍڙن جي ۽ نه ٻارڙنجي، اسان صرف انسانن جي حقن جي ڳالهه ٿا ڪريون، اهڙا انسان جيڪي صرف ئي صرف انسان آهن، نه ٻڍڙا نه ٻار، نه عورتون نه مرد،
“ڪيئن آھيو”؟ عليزا جي آواز شازوءَ کي سندس ڳلن جي کڏن مان ڇڪي ڪڍي ورتو..
“جي” اٻهرائپ مان شازو جي زبان مان آواز نڪري ويو،
“ خودڪشي جا ٻيا به کوڙ طريقا آهن” عليزا مسڪرائيندي چيو “ پوءِ ڍنڍ ۾ ٽپو ڏيڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي”..؟
“مون خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي هئي ” شازوءَ وراڻيو
“ته پوءِ” عليزا جي زبان مان اچاريل هي سوال، اکين مان جهاتيون پائڻ لڳو“ خير جيڪو به ٿيو، پر چڱو ٿيو جو تون زندھه ۽ صحيح سلامت آهين، توکي هاڻ مونسان گڏ شهر هلڻو پوندو، اتي اسانجي انساني حقن ۽ انساني ڀلائي جي تنظيم جي آفيس آهي تنهنجي اتي داخلا ٿيندي، ان بعد اگر تون وڃڻ چاهيندين ته توکي اجازت هوندي، نه ته اسانجي تنظيم تنهنجي لاءِ ڪو انتظام ڪندي...
زندگيءَ ۾ هي پهريون ڀيرو هو جو شازو ڪنهن عورت سان گڏ گاڏي ۾ ويٺو هو، ڪار رستا لتاڙيندي، ڌوڙ اڏائيندي شهر طرف وڃي رهي هئي ، ڌوڙ جي اڏاڻل ڪڪرن سان گڏ شازوءَ جو ماضي به اڏامندو پوئتي رهنجدو ٿي ويو تيز لڳندڙ سرد هوا شازوءَ ۾ هڪ اڄاتي قوت ڀري رهي هئي، شازو هاڻي پاڻ ۾ هڪ وڏي تبديلي محسوس ڪري رهيو هو، اڳ ۾ هن کي عورتن کان نفرت هئي پر اڄ هو عورت سان گڏ گاڏي ۾ ويٺو هو، عليزا ڊرائيونگ ڪري رهي هئي ۽ هي ان جي ڀر واري سيٽ تي ويٺو هو، هن پاڻ ۾ وڏي تبديلي محسوس ڪئي، هن کي هاڻي عورتن کان نفرت نه ٿي رهي هئي هن مردن جي باري ۾ سوچيو پر هن جي ذهن ۾ ته هاڻي مردن لاءِ به نفرت نه رهي هئي هن ذهن جي ڪنڊ ڪڙڇ جي تلاشي ورتي پر هن کي ڪٿي به نفرت نظر نه آئي، پنهني وجود جي مرڪز ۾ داخل ٿي هن نفرت کي ڳوليو پر کيس ڪٿي به نفرت ڏسڻ ۾ نه آئي، هي حيران ٿي ويو آخر ڪيڏانهن وئي اها نفرت جيڪا هن نندپڻ کان هيستائين پاڻ سان سانڍي رکي هئي، جنهن نفرت کي پنهنجي وجود ۾ پالي وڏو ڪيو هو، ڇا اها ساري نفرت هاڻي محبت ۾ بدلجي وئي هئي؟هن پنهنجي سڄي وجود کي سراپا محبت محسوس ڪيو ، ڪٿي به ڪنهن لاءِ به هن وٽ نفرت نه بچي هئي ، هن ڪار جي دري مان ٻاهر نهاريو، آسپاس جون ٻنيون ۽ انهن ۾ بيٺل ساوا فصل رستن جي ڀرسان جهومندڙ ڊگها ڊگها بيدمشڪ جا وڻ هن کي پُر رونق ۽ وڻندڙ لڳا هاڻي دنيا هن کي خوبصورت نظر اچي رهي هئي.
“ هي مونکي ڇا ٿي ويو آهي” شازو پنهنجو پاڻ کان سوال ڪيو، آئون جيڪو سراپا نفرت هوس سوهاڻي سراپا محبت ڪيئن بڻجي ويس، هن کي بابا جا لفظ ياد آيا “ هر سوال جو جواب تنهنجي اندر۾ موجود آهي” تنهنجي جاءِ پنهنجي اندر ۾ آهي وجود جي عين مرڪز ۾ آهي
ڇا مون پنهنجي وجود جو مرڪز ڳولي ورتو آهي، ڇا آئون پنهنجي وجود جي مرڪز تائين پهچي چڪو آهيان؟؟ بابا چيو هو ته ڍنڍ جي تري ۾ شايد توکي هيرا موتي نه ملن پر هيءَ ڍنڍ توکي امر ڪري ڇڏيندي، هن سوچيو ته آئون شايد امر ته نه ٿي سگهيو آهيان پر مون ۾ هڪ وڏي تبديلي ضرور اچي وئي آهي، منهنجي اندر ۾ روشني جي ڪو آتش فشان ضرور نروار ٿي پيو آهي .
“نالو ڇا اٿو”؟ عليزا جي آواز تي هن جي خيالن جا ڪنگر ڪري پيا ،جي” شازوءِ اوچتو ٽٽل خيالن کي سهيڙندي چيو “شازو”.
“شازو” عليزا حيرت مان پڇيو.
“ها نالو شهزور اٿم پر سڀ شازو سڏيندا آهن” هن وارڻيو.
“او”...! عليزا چيو “ڪٿي رهندا آهيو؟ ۽ ڇا ڪندا آهيو”؟
“ڪجهه به نه” شازو بنا عليزا ڏانهن ڏسڻ جي چيو.
هاڻي شازوءَ جي من ۾ ڪابه چڙ نه هئي ۽ نه ئي نفرت نه بيزاري، ان ڪِري هن پنهنجي وجود کي هلڪو محسوس ڪيو ته دل چيس ته سڀڪجهه ٻڌائي ڇڏي، هن چيو بابا ۽ امان گهڻو اڳ دنيا ڇڏي ويا، چاچا ۽ چاچيءَ پاليو، اهي به هاڻي ناهن رهيا، رت جي رشتي ۾ ڪوبه نه رهيو آهي ڳوٺ ڇڏي شهر آيس ۽ اتان دربدريءَ جي زندگيءَ مان بيزار ٿي ٺينگا بابا وٽ پهتس جتان پوءِ..!
ان کان اڳ جو شازوءَ جملو پُورو ڪري عليزا هڪدم چيو “او”ٺينگا بابا جيڪو پڻ هيءَ دنيا ڇڏي چڪو آهي”.
“ڇا” هڪ رڙ واڪو ڪري شازوءَ جي وجود مان پڙاڏا ٺاهيندي نڪري آئي ۽ پهريون ڀيرو شازو گُهوري عليزا جي منهن ۾ ڏسڻ لڳو.
“ ها ٺينگا بابا ته ان رات ئي جهان ڇڏي ويو جنهن رات تون ڍنڍ ۾ ڪِرِيو هئين، چون ٿا ته ٺينگا بابا ان رات پنهنجي آسپاس جي عقيدت مندن ۽ فقيرن کي پاڻ وٽ سڏايو هو، ۽ پهريون ڀيرو انهن سان دل کولي ڳالهايو هئائين چون ٿا ته هن کان اڳ ٺينگا بابا ڪنهن سان به ايترو گهڻو نه ڳالهايو هو، ۽ بابا پاڻ مريدن ۽ معتقدن کي ٻڌايو هو ته ته هُو هاڻي دنيا مان وڃي پيو
شازوءَ جو مٿو چڪرائڻ لڳو، سندس هنياءُ ڪچو ٿيڻ لڳو ۽ اوچتو کيس الٽي اچي وئي، هن ڪار جي دروازي مان ڳچي ٻاهر ڪڍي آت ڏني، عليزا ڪار بيهاري ڇڏي ۽ يڪدم لهي اچي شازوءَ جو دروازو کولي کيس هيٺ لاٿائين ۽ ٻانهن کان جهلي شازوءَ کي رستي ڀرسان آندائين، شازو رستي ڀرسان ويهي پيٽ تي هٿ ڏئي اٻڙڪا ڏيڻ لڳو
عليزا گاڏي مان پاڻي جي بوتل ڪڍي آئي ۽ شازوءَ کي ڏنائين، شازوءَ گرڙي ڪئي ٿورو پاڻي پيتو ۽ پاڻي سان منهن ڌوئي، اکين کي ڇنڊا هڻي سامت ۾ آيو.
“ڇا ٿيو” عليزا حيراني سان پڇيو “خير ته آهي، ڇا تنهنجي طبيئت اڃا مڪمل ٺيڪ نه آهي، خير اسان جلد شهر جي اسپتال ڏانهن هلون ٿا”
“نه” شازوءَ ٿڌو ساھ کڻندي چيو ، “مونکي ٺينگا بابا جي جهوپڙي ڏانهن وٺي هل”.
عليزا هڪ ڳنڀير ۽ حيراني واري نظر شازوءَ تي وڌي ۽ ڪجهه چوڻ بنا، شازوءَ کي ٻانهن مان جهلي ڪار ۾ ويهاريائين ۽ پاڻ به ويهي رهي، ڪار رستي تان واپس مُڙي ٽڪري طرف ڊوڙڻ لڳي
ٺينگا بابا جي جهوپڙي ان ئي حالت ۾ هئي جنهن حالت ۾ شازو ڇڏي ويو هو، جهوپڙي ڀرسان بيلچو ان ئي حالت ۾ پيل هو، وڻن جي پاڙن ۾ اڌ زمين گُڏ ٿيل هئ، هڪ لمحي لاءِ شازوءَ جي ذهن تي بابا جي تصوير تري آئي ، هو بابا کي وڻن جي پاڙ ۾ گُڏ ڪندي ڏسي رهيو هو، شازوءَ جي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا، هٿ ۽ جسم ڏڪڻ لڳس، هن جسم ۾ سگهه نه ڀانئي ۽ مٽي ۾ ويهي رهيو، عليزا به شازوءَ جي ڪلهن تي هٿ رکندي ساڻس گڏ ويهي رهي، جهوپڙي آڏو بابا جا ڪيترائي عقيد تمند ويٺل هئا ، موت کانپوءَ پٿر تي گڏ ٿيل هي ماڻهن جو ميڙ بنهه مختلف هو اڪثر ڪري مري ويل جي تڏي تي گڏ ٿيل ماڻهو، افسوس ڪندي گهٽ نظر ايندا آهن، پر هڪٻئي سان ڪچهريون ڪندي ۽ دنيا جون ڳالهيون ڪندي نظر ايندا آهن، پر هتي منظر بنهه مختلف هو، مڪمل سانت ۽ خاموشي هئي، ايتري گهري خاموشي، يورپ ۾ جنگ جي يادگار ڏينهن تي هڪ منٽ جي ٿيندڙ خاموشي به نه هوندي آهي جهڙي گهري خاموشي هتي هئي
بابا جي جهوپڙي جي دروازي جي بلڪل ڀرسان بابا جي قبر ٺاهيل هئي جنهن تي مٽي اڃا به آلي هئي ۽ آلي مٽي مٿان، سندس عقيد تمندن پاران وڌل ڪپڙي جون چادرون ۽ تازا گل هئا.
چند گهڙين جي خاموشي کانپوءِ شازو همت ڪري بابا جي هڪ فقير جي ڪلهي تي هٿ رکيو، هن فقير کي گيڙو رنگ جا ڪپڙا پاتل هئا ۽ ڳچي ۾ وڏن مَڻين وارو هار هوس، شازوءَ جي هٿ رکڻ سان فقير مُڙي نهاريو.
“ بابا کي ڇاٿيو” شازو آهستگي سان پڇيو
جيڪو وقت شازو بابا سان گڏ رهيوهو، ان دوران هڪ ٻه ڀيرا هي فقير به بابا جو درشن ڪرڻ آيو هو ، ان ڪري فقير شازوءَ کي سڃاتو ۽ عجب نظرن سان ڏسندي ئي سوال ڪيائين شازو تون ڪيڏانهن هليو ويو هئين؟
شازوءَ جي اکين ۾ ٻيهر لڙڪ ڀرجي آيا پنبڻين ۾ جرڪندڙ لڙڪ ڏسي فقير پنهنجو سوال وساري ڇڏيو، شازوءَ کي ٻُڌائڻ شروع ڪيو بابا ان شام جو ديري تي پهتو ته هڪ فقير وٽس آيل هو ، ان هٿان بابا سڀني فقيرن ۽ عقيد تمندن کي نياپو ڪرائي گهرايو ۽ پاڻ گهڻي پاڻي سان وهنجي صفيد لباس پاتو هئائين، بابا سڀني آيل فقيرن ۽ عقيد تمندن کي مخاطب ٿيندي چيو هو اڄ آئون شايد زندگيءَ ۾ آخري ڀيرو اوهان کي مخاطب ٿي رهيو آهيان، هن کان پوءِ ٻيهر مونکي اوهان سان مخاطب ٿيڻ جو موقعو نه ملندو مون ڪڏهن به اوهان سان ائين مخاطب ٿي نه ڳالهايو آهي، اوهان مونکي هميشه خاموش ڏٺو هوندو پر اڄ توهان سان گهڻو ڳالهائڻ چاهيان ٿو، منهنجي هميشه خاموش رهڻ مان اهو مطلب نه هو جيئن توهان ٻين سياڻن کان ٻُڌو هوندو ته خاموش رهڻ عقلمندي جي نشاني هوندي آهي، بلڪل نه آئون نٿو سمهجان ته عقلمند ماڻهو خاموش رهي سگهي ٿو، دنيا ۾ عقلمند اهي ٿي گذريا آهن جن وڏي واڪي ڳالهايو آهي سورويٽ کان سقراط تائين، مخدوم بلاول کان مسيح تائين، گوتم ٻڌ کان رجنيش اوشو تائين سمورن عقلمند ماڻهن وڏي واڪي ڳالهايو آهي، انهن جي ڳالهائڻ بلڪه ائين چوان ته سچ ڳالهائڻ جي سزا طور کين صليب تي چاڙهيو ويوهو، لٽڪايو ويو پر هنن پنهنجي ڳالهه تان هٿ نه کنيو، ماڻهن کي خاموش بنائڻ لاءِ اهو محاورو وقت جي حڪمرانن جوڙايو هو ته عقلمند خاموش رهندا آهن، ته جيئن هر بيوقوف پاڻ کي عقلمند ثابت ڪرڻ لاءِ خاموش رهي ائين سڄي رعيت ماٺ ٿي ويندي، پر آئون خاموش ان ڪري هوس جو مون زندگيءَ جي گهرائيءَ تائين وڃڻ ٿي چاهيو، زندگيءَ جي گهرائي تائين پهچي اڄ آئون پنهنجي زندگي ڪنهن ٻئي ۾ منتقل ڪري چڪو آهيان، هاڻ آئون توهان کي هڪ نئين روپ ۾ ملڻ وارو آهيان، منهنجو اهو روپ ڳالهائيندڙ هوندو، سچ جي پرچار ڪندڙ هوندو، ڀر واري ڍنڍ ۾ آئون اهو آواز منتقل ڪري آيو آهيان، اهو جلد توهان وٽ ايندو ۽ توهان کي زندگيءَ جا سمورا فلسفا سمجهائيندو.
پر ان کان اڳ آئون آخر ۾ توهان کي ڪجهه ڳالهايون سمجهائڻ گهران ٿو دنيا ۾ هڪ طبقو پنهنجي بالادستي قائم رکڻ لاءِ ٻين کي غلام بڻائيندو رهيو آهي ، ماڻهن کي غلام بنائي مٿن حڪمراني ڪرڻ لاءِ غلامي جا انيڪ روپ تخليق ڪيا ويا آهن، مون غلاميءَ کي ڪيترن ئي روپن ۾ ڏٺو آهي ، غلاميءَ جا ڪجهه روپ اهڙا هوندا آهن جن کان ماڻهن کي ڪراهت ٿيندي آهي، بيزاري ٿيندي آهي ۽ انسان ان غلاميءَ جو ڳٽ ڳچي مان ڪڍي اڇلائڻ لاءِ جاکوڙ ۽ جنگ ڪندو آهي، جڏهن ڪو انسان غلامي جي غليظ روپ محسوس ڪري وٺندو آهي تڏهن غلاميءَ مان جند ڇڏائڻ لاءِ جان جي به پروا ھ نه ڪندو آهي توهان دنيا ۾ ڪيترائي اهڙا ماڻهو ۽ اهڙيون قومون ڏٺيون يا ٻڌيون هونديون جن غلامي مان آجو ٿي آزاديءَ کي ماڻڻ لاءِ جانين جا نذرانا ڏنا آهن، اوريانا فلاشي لکيو آهي ته آزادي جي لفظ جو به ايترو ته غير ضروري ورجاءُ ڪيو ويو آهي جو هاڻي آزادي لفظ پنهنجو وقعت وڃائي ويٺو آهي.
بحرحال آزاديءَ بابت في االحال ڪجهه به نٿو چوان ، هن وقت آئون غلامي بابت چوندس ته غلامي ايتري ته غليظ آهي جو جيڪو ماڻهو غلاميءَ جي غلاظت کان باخبر ٿي وڃي ٿو اهو جان ڏيڻ کي ترجيح ڏئي ٿو پر غلاميءَ کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي پر ان باوجود ڪوبه انسان ڪوبه ساهوارو غلاميءَ مان جند آجي ڪرائي نه سگهيو آهي، فطرتي طور سڀ ساهوارا غلام آهن، فطرت اهڙا ته پنجوڙ ٺاهيا آهن جن مان نڪرڻ ڪنهن ساهواري جي وس جي ڳالهه ناهي ايلينا سيگال پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته وڻن تي رهندڙ پکي اتي جي ماحول جا غلام آهن، اهي هيٺ ميدان ۾ نه ٿا رهي سگهن ، ۽ ميدان ۾ رهندڙ ڪوئا وڻن تي گهر ٺاهي رهي نه ٿا سگهن ، اهي سڀ پنهنجي پنهنجي ماحولن جا غلام آهن ۽ نظر نه ايندڙ فطري زنجيرن ۾ جڪڙيل آهن.
ان مان ثابت ٿئي ٿو ته فطرت غلام بنائيندڙ آهي، جيتوڻيڪ انسان اهو واحد ساهوارو آهي جنهن ازل کان وٺي فطري قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندي فطرت تي غلبو حاصل ڪيو آهي ، فطرت پکين کي پرواز عطا ڪري ٿي پر انسان کي پَرَ ناهن، ان باوجود انسان هٿرادن جهازن ذريعي پکين کان به گهڻي بلند ۽ تيز پرواز حاصل ڪري ورتي آهي، بحرحال ايترين ڪوششن باوجود انسان اڃا تائين مڪمل آزادي حاصل نه ڪري سگهيو آهي، ۽ اڃا تائين غلامي ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ سندس مقدر بڻيل آهي.
نام نهاد مذهب غلاميءَ جو هڪ نادر نمونو آهن، هيءَ اهڙي غلامي آهي جنهن ۾ انسان شعوري توڙي لاشعوري طور پاڻ کي خوشنصيب سمهجي ٿو، ذهني آسودگي محسوس ڪري ٿو، جيتوڻيڪ مذهبن جا قانون جمود جو شڪار ۽ طرز حياتي کي مڪمل طور جڪڙي رکندڙ آهن، پر پوءِ به انسان غلاميءَ جي ان روپ کي وڏي خوشي سان قبولين ٿا ۽ مُسرت محسوس ڪن ٿا.
غلاميءَ جو هڪ ٻيو روپ به آهي جنهن کي وفاداري جو نالو ڏنو ويو آهي، وفاداري اصل ۾ غلاميءَ جو خوبصورت نالو آهي، مون ڪيترن ئي انسانن کي ڏٺو آهي جيڪي وڏيرن، پيرن، ميرن، حڪمرانن، ۽ پيشوائن جا غلام هوندا آهن ۽ انهن جي هرحڪم کي اکيون پوري مڃندا آهن، ان فرمابنداري کي ۽ لڳاتار غلاميءَ ۾ گهارڻ کي وفاداريءَ جو نالو ڏنو ويندو آهي، جڏهن به ڪو چوي ٿو ته هي منهنجو وفادار نوڪر آهي، وفادار ساٿي آهي، وفادار دوست يا وفادار مريد آهي ته ان وقت ان جو مطلب اهو هوندو آهي ته هي منهنجو بهترين غلام آهي جيڪو لڳاتار منهنجي فرمانبرداري ڪندو رهي ٿو ۽ منهنجي هر چوڻ کي بنا سوچڻ ۽ سمجهڻ جي قبول ڪري وٺي ٿو مون ڪيترائي اهڙا انسان ڏٺا آهن جيڪي پاڻ کي وفادار سڏرائڻ ۾ فخر محسوس ڪندا آهن کين اها بلڪل به خبر نه هوندي آهي ته هو وفادار هجڻ جي نالي ۾ بهترين غلام آهن، هو جنهن سان وفا ڪري رهيا هوندا آهن ته ان جو مطلب هو ان جي اوتري وڌيڪ غلامي ڪري رهيا هوندا آهن مڙھيل پابندين موجب زندگي گذاري رهيا هوندا آهن.
مون اهڙا به ڪيترائي ماڻهو ڏٺا آهن جيڪي ڪنهن وڏي مير، پير، يا رئيس جو خاص ماڻهو سڏرائڻ ۾ خوشي محسوس ڪندا آهن، جڏهن ڪو پير، مير، يا رئيس سندس لاءِ چوندو آهي ته هي اسانجو خاص ماڻهو آهي ته هو خوش ٿيندا آهن ، هو ان حقيقت کان بنهه بي خبر هوندا آهن ته خاص ماڻهو جو مطلب خاص غلام آهي ڇوته هو خاص ماڻهو تڏهن ئي ٿي سگهندا آهن جڏهن تمام، گهڻا فرمانبردار هجن، هر حڪم اکيون پوري مڃندا هجن، اهائي ته غلامي آهي.
اهڙي ريت غليظ غلامي جا انيڪ خوبصورت نالا جوڙي انسانن کي لڳاتار غلام بنائڻ لاءِ هڪ اهڙو ڄار اُڻيو ويو آهي جنهن مان انسان جو نڪرڻ محال آهي
آئون توهان سڀني کي آخر ۾ اهو ياد ڏياريندو هلان ته آئون ٻيهر ان ڏيهه ڏانهن اسهڻ وارو آهيان جتي جنم وٺڻ کان اڳ ۾ هوس، آئون ٻيهر عدم ۾ وڃڻ وارو آهيان، توهان کي هڪ نصيحت ٿو ڪريان ته مون پنهنجي زندگي ڪنهن ٻئي ۾ منتقل ڪري ڇڏي آهي ، جيڪو جلد توهان وٽ اچڻ وارو آهي ۽ منهنجي جاءِ سنڀاليندو ۽ توهان انجون ڳالهيون غور سان ٻڌجو، هاڻي منهنجي وڃڻ جو وقت اچي ويو آهي ، توهان مونکان پوءِ زندگيءَ جي مسرتن کي ضرور محسوس ڪندا رهجو اڌ رات جو ٻٻر جي وڻن ۽ اڪن تي پوندڙ چانڊوڪي ، ڍنڍ تي ترندڙ لهرون ۽ سرد هوا جا سوساٽ فطرت جو آواز ۽ روپ آهن انهن کي ڌيان سان ڏسجو ۽ پنهنجي اندر جي ڪائنات کي محسوس ڪجو، ڇو ته توهانجي اندر ۾ ڪُل ڪائنات سمايل آهي
فقير جون اکيون ڀرجي آيون ۽ هڪ ساعت لاءِ رُڪجي ٻيهر ڀريل گلي سان ڏکوئيندڙ آواز ۾ چيائين پوءِ بابا اکيون پوري ڇڏيون، ڪجهه دير کان پوءِ بابا اکيون کوليون ۽ ورجايو پنهنجي اندر جي ڪائنات کي محسوس ڪجو ۽ غلاميءَ کي محسوس ڪرڻ ۽ ڏسڻ لاءِ اکيون ۽ حواس کليل رکجو، ائين چئي بابا ٻيهر اکيون پوريون ۽ منهن مونن ۾ هڻي ويهي رهيو.
ڪادير خاموشي ڇائنجي وئي نه بابا ڳالهايو ۽ نه وري ڪنهن ٻئي، خاموشي طويل ٿيندي وئي ماضي ۽ حال جو رشتو مستقبل سان ٽٽندو ويو، وقت جي تند ٽٽي پئي، هڪ لمحي لاءِ وقت بيهجي ويو، سمورو ماحول جمود جو شڪار ٿي ويو، سڪتي جي حالت ڊگهي ٿيندي وئي، لمحا ڪلاڪن ۾ تبديل ٿي ويا ڪنهن نه ڳالهايو نه ئي بابا ڪنڌ مٿي کنيو آهستي آهستي جمود مٿان بي چيني غالب پوندي هئي، سڄو ماحول هوريان هوريان بي چين ٿيندو ويو خاموشيءَ ۾ آهستي آهستي ساھ پوڻ شروع ٿيو سس پس ٿيڻ لڳي.
نيٺ هڪ فقير چيو ته “بابا ”
ڪو جواب نه آيو ٻيهر سڏيو ويو “بابا”.
ڪا وراڻي نه ملي فقيرن هڪٻئي ۾ نهاريو، اکين اکين ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي، سڀني جي اکين جي چمڪ اجهامي وئي، نيٺ هڪ فقير اٿي بابا جي ويجهو آيو، هن بابا جي ڪلهن تي هٿ رکيو، بابا ڪا به چرپر نه ڪئي، هن بابا کي کاڏيءَ کان هٿ ڏئي ڪنڌ مٿي ڪيو، حال ۽ مستقبل ورڇجي چڪا هئا، بابا جي ساهن جو سلسلو ٽٽي چڪو هو هڪ اوڇنگار جو پڙاڏو ٿيو، صدين تي ڄميل خاموشي جي برف پگهري وئي ۽ اکين مان ريلا شروع ٿي ويا، پنبڻيون ڌنڌلا عڪس پسڻ لڳيون هيون ۽ سڄو ماحول اڇنگارن جي مڌر سُر سان منڊجي ويو.
عين ان لمحي فقير جي اکين مان پاڻي جا ٻه موتي جرڪي ڇُلڪي پيا، ۽ فقير ڏٺو ته شازوءَ جي اکين جا ڪنارا به ڀُري رهيا هئا ۽ بيٺل درياھ اٿلي پيو هو،
شازوءَ ڏڪندڙ چپن ۽ ڌڏندڙ ٽنگن سان اٿيو ته عليزا به ساڻس گڏ اٿي، شازوءَ لڙکڙائيدڙ قدمن سان آهستي آهستي هلندو بابا جي قبر تي پهتو ۽ هيٺ جهڪيو ان وقت ٻه لڙڪ شازو جي اکين مان ٽڙڪي بابا جي قبر جي آلي مٽيءَ ۾ جذب ٿي ويا شازو بابا جي قبر جي پيراندي کان مٽي جي چپٽي کڻي سنڌ ۾ سندور جيان مکي ڇڏي عليزا ۽ ٻيا فقير حيرت مان اهو سڀ ڪجهه ڏسندا رهيا، شازو بنا ڪنهن ڏانهن نهارڻ جي ٽمندڙ نيڻن سان اٿيو ۽ هلندو اچي ڪار تائين پهتو ۽ دروازو کولي اندر ويهي رهيو، سندس پويان عليزا به هلندي آئي ۽ اچي ڊرائيونگ سيٽ تي ويٺي، ٻئي لمحي ڪار ڄڻ هوا سان ڳالهيون ڪري رهي هئي.
عليزا هن سموري منظر مان گهڻو ڪجهه سمجهي وئي هئي، سڄي واٽ ٻنهي مان ڪنهن به ڪجهه نه ڳالهايو، هاڻي شازو پاڻ ۾ هڪ نئين قوت محسوس ڪري رهيو هو ، اندر ۾ نئين روشني جو نئون سورج اڀرندي محسوس ڪري رهيو هو، هن کي بابا جون ڳالهيون سمجهه ۾ اچڻ لڳيون هيون، هن کي گمان ٿيو ته شايد بابا ڍنڍ ۾ ٽپو ڏيڻ جو چئي هن ۾ ازلي روشني ڀرڻ ٿي چاهي، جيڪا هن ۾ شايد نروار ٿي چڪي هئي شايد بابا هن کي پنهنجو جانشين مقرر ڪرڻ ٿي چاهيو، ڇاهاڻي هي ئي بابا جي جاءِ والاريندو؟ ڇا بابا روحاني رمزون هن ۾ منتقل ڪري ڇڏيون هيون ؟ اهو سوچيندي ئي هن پاڻ ۾ اٿاھ ساگر کي ڇوليون هڻندي محسوس ڪيو، ڪنهن مهل ڀانيائين ته هو آسمانن ۾ اڏامي رهيو هو، ته ڪنهن مهل ڀانيائين هو پاتال ۾ اونداهي غارن ۾ ڪري رهيو آهي ڪڏهن چنڊ کان مٿي ستارن ۾ تڙڳي رهيو هو ته ڪڏهن وشال ڪائنات جي ڪڪشائن ۾ ڀٽڪي رهيو هو، هن کي محسوس ٿيو ته هن جو روح هن جي زندگي صديون اڳ ۾ وجود ۾ آئي هئي، ۽ صدين تائين رهندي، هي ته فقط هن جو هڪ جنم ۽ هڪ روپ هو، پر هاڻي هن کي ڇا ڪرڻ کپي؟ ڇا بابا جي مزار جو گادي نشين ٿي ويهي رهي؟ “نه” هن سوچيو آئون ڪنهن مندر، مسجد، ديول ڪنهن ڪليسا ۽ مزارن جو رکوالو ٿي نه ٿو سگهان، مونکي اتي بلڪل سڪون نه ايندو
شازوءِ کي درسگاھن ، ۽ عبدتگاهن توڙي مزران کان نفرت هئي، هي اهي جايون هيون جيڪي هي اڳ ۾ وڙولي چڪو هو، هن کي محسوس ٿيو هو ته اهي سڀ جايون هڪ فريب ۽ مڪر جي بنياد تي ٺاهيل آهن، انهن جاين خدا ۽ انسانيت کي طبقن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي ، هن فيصلو ڪيو ته هو ائين هرگز نه ڪندو ، هو بابا جي مزار تي نه رهندو “پر ڪيڏانهن ويندس” ؟ هن سوچيو.
منهنجو ته ڪو گهر ڪونهي، منهنجي زندگي جو ته ڪو مقصد به ناهي منهنجي ته منزل به ڪانهي، آئون ڪوبه علم نه ٿو ڄاڻان، پر علم جي ضرورت به ته ناهي مونکي، آئون ته نه مرد آهيان نه عورت، آئون ڪهڙي سانچي ۾ اچي سگهان ٿو؟
هن کي رجينش اوشوءَ جا لفظ ياد آيا ته “ علم ته پنهنجو نه هوندو آهي اهو ته اوڌارو ورتل هوندو آهي ، والدين، استادن، سماج، ۽ مذهبي رهنمائن کان سکيل ڳالهيون علم چوائن ٿيون، اهي سڀ ته پَرايون ڳالهيون آهن جيڪي اسانجي ذهن تي ٿاڦيون وينديون آهن، علم ۾ اسانجي ته پنهنجي ڪابه شيءِ ناهي.
شازوءَ کي عليزا جا لفظ ياد آيا آفيس ۾ تنهنجي داخلا رکبي ان کان پوءِ تون وڃڻ چاهيندين ته توکي اجازت هوندي ۽ جي رهڻ چاهيندين ته اسان تنهنجي لاءِ ڪو انتظام ڪنداسين، هن فيصلو ڪيو ته هو عليزا کي ٻڌائيندو ته دنيا ۾ هن جو ڪوبه ناهي، سندس تنظيم ئي هن لاءِ ڪو انتظام ڪري
اوچتو ڪار جي بريڪ جي جهٽڪي سان شازوءَ جي خيالن جو ڍير ڀڄي ڀُري ڪري پيو، هو آفيس جي اڳيان پهچي چڪا هئا.
عليزا هن کي لهڻ جو اشارو ڪيو ۽ هو عليزا جي پويان پويان خاموشي سان آفيس اندر داخل ٿيو، ضروري لک پڙھ کان پوءِ جڏهن آفيس کان ٻاهر نڪتا ته هن عليزا کي اهو سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو جيڪو هن ڪار ۾ ايندي سوچيو هو عليزا کيس چيو ته ٺيڪ آهي تون مونسان گڏ رهي سگهين ٿو، اسانجي تنظيم لاءِ رضاڪار طور توکي ڪم ڪرڻو پوندو ۽ تنظيم توکي کاڌو پيتو وغيره ڏيندي رضاڪار طور ڪم ڪرڻ جي شرط کي شازوءَ فوري طور قبول ڪري ورتو ۽ ٻيهر آفيس وڃي عليزا هن کان هڪ فارم ڀرايو ۽ پوءِ ٻئي ٻاهر نڪري آيا ۽ عليزا جي رهائش طرف هلڻ لڳا جيڪا آفيس کان چند قدمن جي فاصلي تي هئي هاڻي عليزا جي چهري تي هڪ خاموش شرارتي ۽ معنيٰ خيز مرڪ تري آئي هئي.
شازوءِ تاڙي ورتو هو ته ان مرڪ جو مطلب ڇا آهي ، پهريون ڀيرو مهاڻي جي جهوپڙي ۾ جڏهن شازوءَ جون اکيون عليزا جي نظرن سان مليون هيون تڏهن به هن عليزا جي اکين ۾ هڪ لڪيل تحرير پڙهي ورتي هئي، شازو واقعي به ايترو خوبصورت هو جنهن تي ڪا به ڇوڪري فدا ٿي سگهي، هن عليزاجا لفظ ياد ڪيا ته“ آفيس ۾ داخلا کانپوءِ تون وڃڻ چاهين ته وڃي سگهين ٿو نه ته اسان تنهنجي لاءِ ڪو انتظام ڪنداسين،
جملي جي آخري حصي “ اسان تنهنجي لاءِ ڪو انتظام ڪنداسين” ۾ به هڪ معنيٰ لڪل هئي، ۽ اهي لفظ چوڻ وقت عليزا جي چهري جي ٻهڪ ٻڌائي رهي هئي ته هوءِ شازوءَ تي موهت ٿي پئي آهي.
هڪ نوجوان ڪرسچن ناري جيڪا اڪيلي رهندي هئي، ۽ شازوءَ کي پاڻ سان گڏ رهائڻ لاءِ آماده هئي، ان جو مطلب ڇا ٿي سگهيو ٿي ؟
“پر آئون ته خود به هُن جهڙي عورت مثل آهيان، نامرد آهيان ” شازوءَ سوچيو پوءِ ڇا ٿيندو؟ ڇا ڪرڻ کپي؟
هڪ لمحي لاءِ شازوءِ سوچيو ته هو ڀڄي وڃي، تيز ڊوڙ پائي عليزا کان ڏور هليو وڃي، يا کيس ان حيقيت کان آگاھ ڪري ته هو نامرد آهي، ان سان ته هڪ راز فاش ٿي ويندو، هو ائين نه ڪري سگهيو ، هو ڪو به فيصلو نه ڪري سگهيو.
ان وقت هن تالي ۾ چاٻي ڦيرائڻ جو آواز ٻڌو، هو عليزا جي گهر وٽ پهچي چڪا هئا ۽ عليزا دروزاي جو تالو کولي رهي هئي، ٻئي گهر اندر داخل ٿيا، 10 فوٽن جو لان هو جنهن ۾ ڇٻر جي ساوڪ هئي ان بعد ڪجهه فوٽن جو ورانڊو، ڀرسان رڌڻو ۽ ٻه ڪمرا ، هو ڪمري ۾ داخل ٿيا
”تون وهنجي تازو ٿي وٺ آئون به وهنجي اچان ٿي ائين چئي عليزا ٻئي ڪمري ۾ هلي وئي ڪمرن ۾ اٽيج باٿروم هئا، شام لڙي چڪي هئي، سورج ديوتا اولهه ۾ ٻڏي ويو هو، ۽ بجلي جا بلب ڪمرن کي روشن ڪري رهيا هئا، شازو باٿ روم ۾ داخل ٿيو ، شاور هيٺان وهنجندي هن ائين محسوس ڪيو ته سندس ماضيءَ وارو سمورو وجود ڌوٻجي مير جيان وَهي نڪري ويو هو ۽ هڪ نئون وجود نکار ۾ اچي ويو هو.
ڪپڙا پائي هو ڪمري ۾ صوفا تي اچي ويٺو، ٽيبل تي چانهه جا ٻه ڪوپ رکيا هئا ۽ عليزا ويٺي هئي جيڪا وهنجي تازي ٿي آئي هئي ۽ پهرين کان وڌيڪ پُرڪشش ۽ خوبصورت لڳي رهي هئي.
ٻنهي چانهه پيئندي ڪجهه عام رواجي ڪچهري ڪئي ، رات اونداھ ٿي چڪي هئي بلب جي مڌر روشني ڪمري کي جرڪائي ڇڏيو هو، عليزا اٿي بيٺي ۽ مرڪ سندس چپن تي رقص ڪري رهي هئي، شازوءَ اندر ۾ کڏ پوندي محسوس ڪئي اوچتو عليزا بلب جو بٽڻ بند ڪري ڇڏيو ۽ شازوءَ کي ڀاڪرن ۾ ڀري ورتو کيس اک ڇنڀ ۾ پلنگ تي ليٽائي ڇڏيو