ناول

اڌ ماڻهو سڄو سچ

”اڌ ماڻهو سڄو سچ“ نامياري شاعر ۽ ليکڪ مشتاق سعيد جو لکيل ناول آهي. اياز امر شيخ لکي ٿو:
”هن وقت سنڌ ۾ هتي ناول لاءِ چيو وڃي ٿو ته ناول پنهنجي معيار کان موٽ کائي چُڪو آهي، پر اڄ آئون جڏهن هي مشتاق سعيد جو ناول اڌ ماڻهو سڄو سچ پڙهڻ ويٺس ته منهنجي سوچ ۽ حيرت ۾ هڪ نئين اُٿل پٿل جاڳڻ لڳي، ۽ آئون پائلو ڪوھلو کان ٿيندو اوريانافلاسي جي ڪردارن جا قصا ماپڻ لڳس ۽ اهو احساس ساهه ۾ ويساهه جيئان ويهي رهيو ته سنڌ ڪڏهن به ڪنهن به صنف ۾ سُنڍ ناهي ٿيئڻي.
مشتاق سعيد جي ناول ’اڌ ماڻهو سڄو سچ‘ جا موضوع ۽ ڊائلاگ ايڏا ته معنيٰ خيز آهن جن مان وقت کي هڪ وڏي لاڀ حاصل ٿيڻي آهي. ۽ هي ناول سنڌي ادب ۾ پنهنجو الڳ مقام ۽ پنهنجي الڳ حيثيت سان ضرور سُڃاتو ويندو،“
  • 4.5/5.0
  • 2788
  • 1235
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • مشتاق سعيد
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اڌ ماڻهو سڄو سچ

[3]

بس ۾ چڙهندي شازوءَ کي ڪرڀ محسوس ٿيڻ لڳي، هو سوچي رهيو هو ته مردن سان گڏ نه ويهي جو کيس مردن کان نفرت هئي، پر عورتن کان به کيس چڙ هئي ان ڪري هو عورتن سان گڏ به نه ٿي ويهي سگھيو ۽ وڏي ڳالهه ته هن کي عورتاڻو لباس به نه هو، مرداڻن ڪپڙن ۾ عورتن سان گڏ ويهڻ ناممڪن هو، شازو سوچڻ لڳو ته انسان جي جبلت آهي ته هو رشڪ ڪري ٿو، جيڪڏهن وٽس ڪا شيءِ نه آهي ۽ اها ساڳي شيءِ ٻين وٽ آهي ته هن کي ٻين کان رشڪ ٿيڻ لڳي ٿو، ريس ۽ حسد ٿيڻ لڳي ٿو، فرض ڪريو ته توهان مان ڪنهن وٽ ڀلي گاڏي نه آهي، ڀلو گھر نه آهي پر ڪنهن ٻئي وٽ آهي ته توهان کي ان ماڻهوءَ سان ريس ۽ رشڪ ٿيندو، شازوءَ وٽ مرداڻي قوت نه هئي ان ڪري شروع ۾ هُن کي مردن کان رشڪ ٿيندو هو پر پوءِ اهو رشڪ ۽ حسد آهستي آهستي نفرت ۾ بدلجي ويو، هڪ مستقل نفرت، ائين ڇو آهي ؟ هي سوال شازوءَ جي ذهن ۾ ائين پڙاڏا ڪرڻ لڳو جيئن کنڊرن مان گونجندڙ آواز يا غفائن مان ايندڙ پڪار ڪنن ۾ ٻُرڻ لڳندي آهي، اگر ڪو غريب آهي ته هن کي اميرن کان چڙ ۽ نفرت آهي، اگر ڪو امير آهي ته ان کي غريبن کان چڙ ۽ نفرت آهي. هن کي مئڪسم گورڪيءَ جا لفظ ذهن تي تري آيا ته “دنيا ۾ ڪابه قوم، قبيلو نه آهي پر سڀ انسان آهن، ۽ انهن انسانن ۾ صرف ٻه طبقا ٿين ٿا هڪ امير طبقو ۽ ٻيو غريب طبقو، اهي ٻئي طبقا ڪڏهن به هڪ ٿي نه ٿا سگھن”.
شازوءَ کي اميرن ۽ غريبن جي وچ ۾ فطري وڇوٽي سمجهه ۾ نه آئي، آخر ڇو ؟ خدا هڪ آهي، سندس نظام ۾ انصاف ۽ برابري آهي ته پوءِ طبقا ڇو ؟ ڇا اهو انصاف آهي ۽ برابري آهي جو هڪ طبقي وٽ کائڻ لاءِ ڪجهه به ناهي ته ٻين وٽ ايترو آهي جو اهي سنڀالي نه ٿا سگھن. شازوءَ کي خدا جو انصاف سمجهه ۾ نه آيو، هن کي ذهن ۾ اهو پادري تري آيو جنهن وٽ گرجا گھر ۾ هو سکڻ لاءِ ويندو هو. پادري شازوءَ کي هڪ دوست، هڪ پٽ جيان ڀائيندو هو ۽ کيس پنهنجو همراز پڻ سمجھندو هو، هن کي ياد آيو ته هڪ ڏينهن گرجا گھر جي اندر صليب تي ٽنگيل مسيح جي مجسمي کي فادر غور سان جانچي رهيو ته پٺيان بيٺي شازوءَ کائنس اوچتو سوال ڪيو هو ته “فادر مسيح کي صليب تي ڇو لٽڪايو ويو هو”
فادر بنا هن ڏانهن ڏسڻ جي جواب ڏنو هو ته “ان ڪري جو مسيح سچ جي پرچار ڪندو هو ۽ دنيا ۾ سچ جي پرچار ڪندڙن سان هميشه اهڙو سلوڪ ڪيو ويو آهي”.
شازوءَ جي ذهن ۾ هڪ کنوڻ چمڪي، هو ننڍپڻ کان ٻڌندو آيو هو ته ”سچ ته بيٺو نچ، هو ٻڌندو آيو هو ته هميشه سوڀ سچ جي ٿيندي آهي، ان ڪري هميشه سچ ڳالهائيندا رهو” ڇا هي سڀ ڪوڙ آهي ؟ هڪ طرف تلقين ڪئي ٿي وڃي ته هميشه سچ ڳالهايو، سچ جي پرچار ڪريو ته ٻئي طرف اهو ٻڌايو ٿو وڃي ته مسيح کي صليب تي ان ڪري لٽڪايو ويو هو جو هُو سچ جي پرچار ڪندو هو، ۽ سچ ڳالهائيندڙن کي هميشه اهڙيون سزائون ڏنيون وينديون آهن. شازو سوچڻ لڳو هو ته انسان پنهنجي ٻارن، شاگردن ۽ طالبن سان سچ ڇو نه ٿا ڳالهائين ته سچ بڇڙي شيءِ آهي، قابل سزا جرم آهي، جيڪو سچ چوندو ان کي لٽڪايو ويندو. اهو دوکو ڇو ٿو ڪيو وڃي جو ننڍن کي چئجي ته هميشه سچ ڳالهايو ۽ جڏهن اهي وڏا ٿي سچ ڳالهائين ته کين لٽڪايو وڃي. ڇا هي سماج سچ کان ايترو ڊنل ۽ خوفزدهه آهي جو سچ ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، اگر سماج ۾ سچ کي ناقابل معافي جرم سمجھيو وڃي ٿو ته پوءِ نون نسلن کي سچ ڳالهائڻ جي تلقين ڇو ٿي ڪئي وڃي ؟ هن فرسودهه ۽ دوکيباز سماج کي ڊاهڻ کپي، هڪ اهڙو سماج جوڙڻ کپي جنهن ۾ هڪ ڳالهه هجي جيڪا آفاقي حقيقت هجي، يا ته نون نسلن کي اهو سبق سيکاريو وڃي ته سچ ڳالهائڻ ڏوھ آهي، ڪڏهن به سچ نه ڳالهايو، جيڪو سچ ڳالهائيندو ان کي لٽڪايو ويندو، هميشه ڪوڙ ڳالهايو. ۽ جيڪڏهن ائين نه ٿو ڪيو وڃي ۽ نون نسلن کي سچ ڳالهائڻ جا درس ڏنا ٿا وڃن ته پوءِ سچ ٻڌڻ ۽ برداشت ڪرڻ جي سگهه به هئڻ کپي، ڪنهن به سچ ڳالهائيندڙ کي ڪابه سزا نه ڏني وڃي.
شازو آهستگي سان بس ۾ چڙهيو ۽ دريءَ ڀرسان هڪ خالي سيٽ تي ويهي رهيو، ڪجهه دير کانپوءِ بس آهستي آهستي هلڻ لڳي ۽ شهر ڏانهن رواني ٿي وئي، شازوءَ کي گذريل رات جا منظر ذهن تي پَرَ ڦڙڪائيندا محسوس ٿيا، هن کي ياد پيو ته اوچتو ٺڪاءُ ٻڌي هي ڊوڙي ڀر واري ڪمري ۾ ويو هو ته سندس چاچي فرش تي ليٽيل هئي، سندس وات مان گِجِ وهي رهي هئي، ۽ اکيون اڇيون ٿي ويون هوس، هي بي ساخته چاچي وت پهتو ۽ ويهي رهيو، چاچيءَ جو مٿو کڻي پنهنجي هنج ۾ رکيو هئائين، چاچي آخري ساھ کڻي رهي هئي۽ اڌ کليل اڇين اکين سان شازوءَ جي چهري کي گھورڻ لڳي هئي، ڄڻ ته شازوءَ جي چهري ۾ ڪا وڃايل شيءِ ڳولي رهي هئي شازوءَ جا چپ ڦڙڪي رهيا هئا، هو ڪجهه ڳالهائي نه سگھيو هو، سندس ڳالهائڻ جي سگهه موڪلائي وئي هئي، کن پل ۾ شازوءَ جي دنيا ويران ٿي وئي، رشتن جو آخري ڌاڳو به ٽٽي پيو هو، چاچيءَ جو روح پرواز ڪري ويو هو، ۽ شازوءَ پاڻ کي هڪ ڀڙڀانگ کنڊر ۾ بيٺل محسوس ڪيو، سندس من سڏڪي رهيو هو، روح رڙيون ڪري ۽ ٻاڪاري رهيو هو پر زبان مان ڪو لفظ نه اُڪليس، اکين مان ڪو پاڻيءَ ڦڙو نه لڙيو هوس، وجود ۾ هڪ لوڏو محسوس ڪيائين جيئن پاڻيءَ تي ترندڙ ٻيڙي اوچتو ڪنهن پٿر سان ٽڪرائجي ڌڏي ويندي آهي، هاڻي دنيا ۾ سندس ڪو به نه بچيو هو، جنهن سان سندس رت جو ڪو رشتو هجي، هن زندگيءَ کي کوکلو ڀانيو، هٿ پير ۽ جسم ڪنبڻ لڳس نيٺ ٻه خاموش لڙڪ لڙي چاچيءَ جي چهري تي ڪِري پيا ۽ ڪا نه سمجهه ۾ ايندڙ تحرير ٺاهي چاچيءَ جي چولي ۾ جذب ٿي ويا، هن زندگيءَ ۾ صرف موت بابت ٻڌو هو، موت جو ويجھي کان هن پهريون ڀيرو مشاهدو ڪيو هو، هن ڪيترائي ڀيرا ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته موت ڇا آهي، پر کيس پتو نه پئجي سگھيو هو، اڄ هُن ڄاڻي ورتو هو ته موت ڇا آهي، چاچيءَ جي چپن تي سجايل مُرڪ موت جا پيرا محسوس ٿيڻ لڳا هوس، هن سوچيو ته موت ته هڪ مُرڪ جو نالو آهي، هڪ سڪون جو نالو آهي، لڳاتار زندگيءَ جي وٺ وٺان ۾ ٿڪجڻ کانپوءِ شانتيءَ سان اک پوري مک تي مرڪ سجائڻ جو هڪ نانءُ آهي موت. موت هڪ اهڙو لقاءُ آهي جتي هر شي پل لاءِ ساڪن ٿي وڃي ٿي، ته پوءِ انسان موت کي ايڏو ڀوائتو ڪري ڇو ٿا پيش ڪن ؟ هو ٻين انسانن کي موت کان ڊيڄارين ڇو ٿا ؟ موت بابت اهڙا ته خوفائتا خاڪا پيش ٿا ڪيا وڃن جو ٻڌڻ سان زندگيءَ جو چَس ئي ختم ٿيڻ لڳي ٿو، جيڪڏهن موت ايترو بدترين ۽ ڏکوئيندڙ هوندو آهي ته پوءِ انهن انسانن کي موت نه اچڻ کپي جيڪي ديوتائن ۽ خدائن جا ويجھا ۽ نيڪ و ڪار ٻانها آهن، پر جيڪڏهن هر هڪ تي موت اوس اچڻو آهي ته پوءِ يقينن موت ايترو خطرناڪ ناهي، موت ته خوبصورت آهي ۽ خوبصورت هجڻ گھرجي..
چاچيءَ جي مڙھ کي ڌرتي امڙ جي هنج ۾ ليٽائيندي هن پاڻ کي هاڻ دنيا ۾ اڪيلو محسوس ڪيو، هن ڳوٺ سان هن جي زندگيءَ جا جيڪي ٻنڌڻ ٻڌل هئا اهي هاڻي هڪ هڪ ٿي ٽٽڻ لڳا، سمورا رشتا ناتا هاڻ ٽٽي چڪا هئا، هن سوچيو ته ابي، امڙ جي وڇڙڻ کانپوءِ چاچا ۽ چاچيءَ جي وڇڙڻ کان پوءِ هاڻي ڳوٺ ۾ هن جو ڪو به نه هو جنهن سان هن جو ڪو رت جو رشتو هجي، ڳوٺ سان ته ڇا پر هاڻي آدم جي هن پوري دنيا ۾ هن جو ڪو به نه هو، هاڻي شازو بلڪل اڪيلو هو هن محسوس ڪيو ته ڄڻ ورهين پڄاڻان چاچيءَ جون ڪُراڙيون اکيون صرف هن کي ڏسڻ جون منتظر هيون، هن کي ڏسي هيمشه لاءِ پُورجي ويون هاڻي شازو کي اڪيلي سر دنيا کي تياڳڻو هو، زندگيءَ جي اوڀارين لهوارين کي سمجهڻو هو، چاچيءَ جي قبر تي مٽيءَ جي آخري لپ وجهندي هن زندگيءَ جي سموري ماضيءَ تي آخري مٽيءَ جي لپ وجهي ڇڏي، هاڻي هن جي اکين ۾ ڪوبه لڙڪ نه هو، هن ماضي ۽ مستقبل جو رشتو ٽٽندي محسوس ڪيو .
اوچتو بس کي بريڪ جو جهٽڪو آيو ته هن جي خيالن جو سلسلو ٽٽي پيو، گاڏي هڪ ٻيو مسافر چاڙهي وري روڊ تي ڊوڙڻ لڳي، دريءَ کان ٻاهر وڻ، پويان ڊوڙندي محسوس ٿيا، ٿڌي هوا جي جهوٽن هن جي سرير ۾ نئون ساھ ڦوڪڻ شروع ڪيو، هاڻي ڪيڏانهن وڃان؟ هي سوال ڪاريهر جيان شازوءَ جي من ۾ ڪر کڻي بيهه رهيو، هن جي منزل ڪٿي آهي، دنيا ۾ هن جي جاءِ ڪٿي آهي؟ هڪ پل لاءِ هن سوچيو ته هن جي جاءِ يقينن اتي آهي جتي هن جهڙا هزارين ماڻهو زندگيءِ جو زهر پيئن ٿا، جيڪي نه مرد آهن ۽ نه ئي عورت آهن، ڇاهن کي به مڙهي ۾ وڃڻ گهرجي؟؟ هن سوچيو، پر کيس خيال آيو ته اتي اهڙي دنيا آباد آهي جيڪا مردن جي رحم ڪرم تي آباد آهي، اهي نامرد عورتون ته مردن جي سهاري جيئن ٿيون، هن ڪيترائي پاڻ جهڙا انسان ڏٺا هئا جيڪي عورتون نه هوندي به عورتن جهڙا لباس پهريندا هئا، ۽ ڪيتريون ئي ڪِرِتون عورتن جهڙيون ڪندا هئا، انهن جي مردن سان سنگت هئي، هن کي ان دنيا کان بُڇان اچڻ لڳي ، هن کي اڳ ۾ ئي خبر هئي ته جتي عورتون آهن اتي به ھن جي جاءِ ناهي، جتي مرد آهن اتي به هن جي جاءِ ناهي، ته پوءِ مسجدن، مندرن، ۽ گرجا گهرن ۾؟نه اتي به انسان هڪ خوبصورت ڊپ ۽ هڪ خوبصورت غلاميءَ ۾ جڪڙيل آهن، هڪ ذهني غلامي، اهڙي غلامي جنهن کي انسان وڏي خوشي سان قبول ڪن ٿا، بلڪ ان غلاميءَ ۾ فخر محسوس ڪن ٿا هن کي هڪ ڏاهي جو قول ياد آيوته ”بدترين غلام اهو آهي جيڪو غلامي مان جند ڇڏائڻ بدران پنهنجي غلامي جا جواز پيش ڪري“ برابر ڌرم جي پوڄاري ماڻهو اهڙا غلام آهن جيڪي پنهنجي غلامي جا جواز پيش ڪن ٿا، ۽ فخر محسوس ڪن ٿا سڄي حياتي ذهن تي هڪ خوف جو پاڇو ته سزا ڏني ويندي، غذاب ڏنو ويندو، ان لاءِ زندگي زهر ڪريو، خواهشن کي ترڪ ڪريو۽ ڊڄندي ڊڄندي زندگي گذاريو،،خواهش ته تحقيق جو بنياد آهي ۽ تحقيق سچ تائين پهچڻ جو رستو آهي، ته پوءِ اهي رهبر جيڪي خواهشون ترڪ ڪرڻ جو درس ڏين ٿا، اهي مئل آهن، اهي ڪابه تحقيق نه ٿا ڪري سگهن، ۽ نه ئي ڪڏهن سچ تائين پهچي ٿا سگهن. يقينن زندگي هڪ سچ آهي ۽ سچ جي تحقيق جو نالو آهي ، هن فيصلو ڪيو ته سچ جي تحقيق ڪندو ۽ ڪائنات جي ڳنڍ سلجهائڻ جي ڪوشش ڪندو، پر ڪيئن؟ اهو سوال هن جي ذهن ۾ ائين اُڀريو جيئن سانوڻيءَ جي برسات کانپوءِ وارياسن دڙن تي کُنڀيون اُڀري اينديون آهن. ڪهڙو سچو رهبر آهي جيڪو زندگيءَ جي حقيقي معنيٰ سلجهائي سگهندو؟ هن کي اهو فيض ڪنهن وٽان ملندو ؟ هي فيصلو نه ڪري سگهيو، اوچتو شازوءَ جي ذهن تي ٺينگا بابا جو چهرو تري آيو.
ٺينگا بابا، وڏو گول چهرو، وڌيل اڇي ڏاڙهي ، ٻنهي ٻانهن ۾ چُوڙا پاتل، وڏيون ۽ گهريون اکيون، اڪثر ان مسجد جي سامهون نظر ايندو هو جتي شازو هڪ معلم وٽ پڙهندو هو، ۽ جڏهن شازو هڪ مندر جي پنڊت کان زندگيءَ جا راز معلوم ڪرڻ لاءِ شهر جي وڏي مندر ۾ اچي رهيو هو ته هن ٺينگا بابا کي مندر ۾ به ڏٺو هو، ان بعد جڏهن شازو گرجاگهر ۾ پادريءَ وٽان فيض وٺڻ لاءِ ويو هو ته هن ٺينگا بابا کي گرجا گهر ۾ به ڏٺو هو، شازو حيران هو ته ٺينگا بابا جو مذهب ڪهڙو هو ؟؟ هو واقعي ئي مذهبن کان بالاتر شخص هو، شازوءَ بذات خود به مختلف مذهبن جي مقدس ڪتابن جو مطالعو ڪيو هو، هي ان لوڙ ۾ هو ته ڪنهن ڪتاب ۾ کيس ضرور سندس باري ۾به ڪو ذڪر نظر ايندو، هن انسانن جو ته ذڪر پڙهيو هو، ٻارن، ٻُڍن، مردن ۽ عورتن جو ته ذڪر پڙهيو هو، پر ڪنهن به صحيفي يا مقدس ڪتاب ۾ کيس انهن ماڻهن جو ذڪر نه مليو هو جيڪي نه مرد هجن نه عورت، شازو پريشان هو ته قدرت واري کيس ڪهڙي خاني ۾ فِٽِ ڪيو آهي؟ پل لاءِ هن سوچيو هو ته ڪٿي ٺينگا بابا به هن وانگي ته ناهي؟؟ ڇا ٺينگا بابا به نه مرد آهي نه عورت؟ شايد ٺينگا بابا به هن وانگر اهو ذڪر ڳولڻ نڪتو هو ته سندس جاءِ دنيا ۾ ڪٿي آهي ؟ پر نه ، ائين نه هو، ٺينگا بابا ته مرد هو، پر پنهنجي شعوري شخصيت ۾ هو مرد ن کان به بالاتر هو ته عورتن کان به بالاتر هو، واقعي ئي هو مرد به هو، عورت به هو.
هن اڪثر ڪري ڏٺو هو ته ٺينگا بابا ڪنهن سان به نه ڳالهائيندو هو، سوين ماڻهو کائنس دعائون وٺڻ ايندا هئا پر ٺينگا بابا ڳالهائيندو نه هو ، هو صرف سواليءَ جي پٺي ٺپري ڇڏيندو هو، ۽ سوالي خوش ٿي هليا ويندا هئا، سوالي هن کي پئسا ۽ ٻيون ڪيئي قيمتي شيون ڏيندا هئا ته هو نه وٺندو هو، صرف کاڌي پيتي جو شيون يا ماني وغيره وٺندو هو جنهن تي سندس گذر سفر هوندو هو. شازوءَ خود به ڪيترائي ڀيرا ٺينگا بابا کي هڪ ڪامل انسان سمجهي وٽائنس فيض وٺڻ لاءِ ساڻس ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر هو ڪجهه به نه ڳالهائيندو هو. ٺينگا بابا جا ڪيترائي عقيدت مند هئا، جيڪي ڏورانهن پنڌن کان ڪَهي هن سان ملڻ ايندا هئا، شازو سندس عقيدت مندن کان هڪ ڀيري پڇيو هو ته ٺينگا بابا جو اصل نالو ڇا آهي؟ ۽ هن کي ٺينگا بابا ڇو ٿو سڏيو وڃي؟ عقيدت مندن وراڻيوهو ته بابا جي اصل نالي جو ته ڪنهن کي به پتو ناهي پر هن کي ٺينگا بابا ان لاءِ سڏيو ٿو وڃي جو ڪي ماڻهو چون ٿا ته شروع شروع ۾ جڏهن بابا هن شهر جي ڀرسان هڪ ٽڪريءَ تي اچي ديرو ٺاهيو هو تڌهن ڪوبه ماڻهو ڪا مُراد کڻي سوالي ٿي وٽس ويندو هو ته بابا ڪو به جواب ڏيڻ يا ڳالهائڻ بدران سواليءَ کي صرف آگوٺو ڏيکاريندو هو، ائين بابا تي نالو ئي آگوٺي وارو بابا، ٺينگا بابا پئجي ويو.
شازو ٻه چار ڀيرا شهر جي ڀرسان ان ٽڪريءَ تي ٺينگا بابا جي ديري تي پڻ ويو هو، پر بابا سان ڳالهائڻ ۾ ناڪام ٿيو هو.
اوچتو بس جهٽڪي سان بيهه رهي، شهر جي مک اسٽاپ اچي ويوهو، سڀئي مسافر لهڻ لڳا، شازو به بس مان لهي آيو،چوڌاري ڦيريءَ وارن جو رڙيون هُيون، پڪوڙا، چڻا، شربت ۽ کاڌي پيتي جون ٻيون شيون وڪندڙ گھورڙيا بس کي گهيرو ڪري ويا هئا،هر طرف چهل پهل هئي ،شهر جي مصروف زندگي متحرڪ هئي، ماڻهو ايترا تيز ۽ پنهنجي پنهنجي ڪِرِت ۾ مصروف هئا جو ڪنهن کي به ايترو وقت نه هو جو ڪنهن ٻئي ڏانهن ڌيان ڏئي، هونئن به ڳوٺن ۽ شهر جي زندگيءَ ۾ بنيادي فرق اهو هوندو آهي ته شهر ۾ هجومن سان هوندي به انسان اڪيلو هوندو آهي ۽ ڳوٺن ۾ ڄڻ اڪليو هوندي به هجومن سان گڏ هوندو آهي. سنڌ جي روايت رهي آهي ته ڳوٺن ۾ رهندڙ ڪنهن به ماڻهوءَ تي ڪو مشڪل وقت ايندو آهي ته سمورا ڀرپاسي جا ماڻهو سندس ٻانهن ٻيلي ٿي بيهندا آهن ، ۽ هر خوشي ۾ به هر هڪ ڳوٺاڻو پنهنجي ذاتي خوشي سمهجي حصو وٺندو آهي، هر ماڻهو ٻئي ماڻهو جي سموري خبر چار رکندو آهي، ان جي برعڪس شهرن ۾ ڏسڻ ۾ ته تمام گهڻا ماڻهو آهن، وڏا هجوم آهن پر ڪنهن کي به اها فرصت ڪانهي ته هو ٻئي ڪنهن جي باري ۾ ڪا خبر چار رکي، ٻئي جي ڏک يا خوشيءَ ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿئي.
شازو تڪڙا تڪڙا قدم کڻندو پنهنجي منزل ڏانهن روانو ٿيو، ڪجهه دير کانپوءِ هو شهر جي هجومن واري اڪيلائيءَ کي پوئتي ڇڏي ٻاهر نڪري آيو، هاڻي شهر جو شور ڌيمو ٿيندو ويو ۽ آهستي آهستي بلڪل ختم ٿي ويو، شهر ڀرسان سرسبز ٻنين مان لنگهه هو ٽڪريءَ جي اوٽ وٺي هلڻ لڳو، ڪجهه منٽن کانپوءِ هو ٽڪريءَ تي چڙهي رهيو هو.
ٺينگا بابا جهوپڙي ڀرسان بيٺل نم جي وڻن جي پاڙن وٽ گُڏَ ڪري رهيو هو، شازو بنا ڪجهه ڳالهائڻ جي نم جي وڻن جي ويجھو اچي بيهه رهيو ۽ يڪ ٽڪ ٺينگا بابا کي ڏسڻ لڳو.
ٺينگا بابا هن ڏانهن ڪو به ڌيان نه ڏنو ۽ وڻن جي پاڙن ۾ کوٽائي ڪندو رهيو، پل ساعت ترسڻ کانپوءِ شازو ڀرسان زمين تي ويهي رهيو ۽ انتظار ڪرڻ لڳو ته بابا واندو ٿئي ته هي ساڻس دل جا احوال اوري، هن سوچيو ته هو بابا کي ڇا چوندو؟؟ هو بابا کي چوندو ته هو زندگيءَ جا راز معلوم ڪرڻ چاهي ٿو، هو طبقائي وڇوٽين ۽ خدا ۽ انسان جي وچ ۾ تعلق ۽ وهنوار کي سمهجڻ چاهي ٿو. هن سوچيو ته آئون بابا کي ٻڌائيندس ته هن دنيا ۾ منهنجو ڪوبه ناهي، آئون اڪيلو آهيان، آئون توهان سان گڏ هن ٽڪريءَ تي هن جهوپڙي ۾ رهڻ چاهيان ٿو. ۽ مونکي اهو معلوم ڪرڻو آهي ته هن دنيا ۾ منهنجي جاءِ ڪٿي ۽ ڪهڙي آهي؟ هن ۾ اتساھ پيدا ٿيو ٿو ته بابا کان هن کي ضرور انهن سڀني سوالن جا جواب ملي ويندا جن هن جي ذهن ۽ سوچ ۾ هو وڏو خال پيدا ڪري ڇڏيوهو. شازو کي ميخائيل ايلين جا لفظ ياد آيا ته ” جهالت انسان ۾ ڊپ پيدا ڪري ٿي ۽ علم انسان کي ويساھ ڏئي ٿو.
ها برابر علم انسان کي ويساھ ڏئي ٿو، خود شناسي ۽ خود اعتمادي پيدا ڪري ٿو، پر اهو ڪهڙو علم ؟ هن کي رجنيش اوشو جا لفظ ياد آياته ” علم انسان کي ساڃاھ ڏيندڙ نه پر ويتر منجهائيندڙ آهي، علم ته اُڌارو ورتل آهي، پنهننجو ذاتي نه هوندو آهي، استادن، وڏن، بزرگن، ۽ ڪتابن کان اڌارو ورتل، خالص پَرائي شيءَ ....! ته پوءِ اهو ڪهڙو علم آهي جيڪو ٺينگا بابا هن کي ڏئي سگهندو؟ خيال هن جي ذهن تي ائين اڏامڻ لڳا جيئن سانجهيءَ ويلي ڪيٽي بندر تان پکي قطار ڪري اڏامندا آهن، هن پاڻ کي ڪنهن اونهي کاهيءَ ۾ ڪِرندو محسوس ڪيو.. اوچتو هن ڏٺو ته ٺينگا بابا..... هن جي بلڪل سامهون بيٺل هو.
شازو ادب مان اُٿي بيهه رهيو، بابا هن کي غور سان ڏسي رهيو هو ، ان مهل سج ڳاڙهي ساڙهي اوڍي اولهه ۾ ٽٻي هڻي رهيو ،هو، ڪي ساعتون بابا هن کي گُهوريندو رهيو، هن ائين ڀانيو ته بابا جون نظرون هن جي جسم مان آر پار لنگهي رهيون آهن، بابا جي اکين ۾ جوت هئي، اهڙي جوت جيڪا گوتم ٻڌ ۽ مسيح جي اکين ۾ هوندي هئي، هن ڪجهه چوڻ چاهيو پر زبان مان اکر نه اُڪليس، نيٺ ڳيت ڏئي هي ايترو چئي سگهيو “ بابا...!” بابا جون تيز نظرون هن جي وجود جي تحرير پڙهي چڪيون هيون، بابا هن کان ڪجهه وڌيڪ ٻڌڻ بدران چيو ته تون ڪامل انسان هوندي به نامڪمل آهين ...!
صدين جو سفر پل ۾ طئه ٿي ويو، هن بابا کي اڳ ۾ ڪڏهن ڳالهائيندي نه ٻُڌو هو، هي پهريون ڀيرو هو جو شازوءَ بابا جي واتان ڪي لفظ ٻُڌا هئا، بابا جو آواز معصوم ۽ شفاف هو، ان کان اڳ جو شازو ڪجهه وراڻي ڏئي ، بابا جو آواز فضا ۾ پَرَ ڦڙڪائڻ لڳو ته، “تون نه مرد آهين نه عورت” شازوءَ کي نانگ ڏنگي ويو ، هن ڀانيو ته هڪ راز جيڪو هِنِ جي ئي دل ۾ دفن هو، سوته بابا تائين پهچي چڪو آهي، هي هراسجي ويو، ڪنن جون پاپڙيون تپي پيس، بابا جو آواز آيو ” هن دنيا ۾ ڪوبه انسان مرد ناهي، ڪوبه انسان عورت ناهي، جيڪڏهن ڪو مرد يا عورت آهي ته پوءِ اهو انسان ناهي، ۽ جيڪڏهن ڪو انسان آهي ته پوءِ نه مرد آهي نه عورت ، هن جبل جي ٽڪريءِ تي تون جيڪا آس کڻي آيو آهين، اها ماڻڻ لاءِ توکي پهرين انسان ٿيڻو پوندو، مرد نه، عورت نه..،
.شازوءَ جي ساهن جي رواني جائيتي ٿيڻ لڳي، هن پاڻ سنڀاليندي چيوته “بابا آئون مرد نه آهيان، عورت به نه آهيان، ڇو ته مون مقدس ڪتاب پڙهيا آهن، انهن ۾ به منهجو ذڪر نه آهي، مردن جو ذڪر آهي، عورتن جو ذڪر آهي. ۽ انسانن جو ذڪر آهي، جيڪڏهن مونکي خدا پنهنجي مرضيءَ سان پيدا ڪيو آهي ته پوءِ يقينن آئون صرف۽ صرف انسان ئي آهيان، ڇو ته آئون مرد نه آهيان نه ئي عورت آهيان ” کن پل سانت ٿي وئي بابا ۽ شازوءَ جي وچ ۾ هڪ ڊگهو خيالي فاصلو پئجي ويو ، اهڙو فاصلو جنهن جا ڇيڙا ازل ۽ ابد سان ڳنڍيل هئا، اهي فاصلا هاڻي ٻيهر گهٽجندا ويا ، ويجها ٿيندا ويا، تان جو هڪ ڀيرو ٻيهر شازوءَ ۽ بابا هڪٻئي جي آمهون سامهون بيهه رهيا.
وقت گذرندو رهيو ، شازو بابا جي جهوپڙي ۾ رهڻ لڳو ۽ سندس خاص طالب بڻجي ويو، رات جو ٻئي ڄڻا سڪل گاھ ۽ ڪک وڇائي جهوپڙيءَ ۾ سمهندا هئا، سڪل ماني پاڻي سان ٻوڙي کائيندا هئا ۽ جهوپڙيءَ جي آس پاس وڻن کي پاڻي ڏيئي ڏينهن گذاريندا هئا. شازو پاڻ کي اهو خوشنصيب محسوس ڪيو جنهن سان شايد بابا پهريون ڀيرو ڳالهايو هو ، يا شازوءَ پهريون ماڻهو هو جنهن سان بابا ڳالهايو هو. پر شازوءَ جي اندر ۾ جيڪا آنڌ مانڌ هئي ان بابت بابا ڪڏهن به ڪجهه نه ڳالهايو هو، ڪيترائي ڀيرا شازوءَ سوچيو ته همت ڪري بابا کان پڇي ته “ بابا زندگيءَ ڇا آهي؟ دنيا ۽ ڪائنات ڇا آهن؟ پر هر ڀيري بابا جي سامهون ايندي ئي سندس همت موڪلائي ويندي هئي ۽ چاهيندي به ڪجهه پُڇي نه سگهندو هو.
سرءُ جي پڄاڻي تي ايندڙ سياري جي هڪ اداس شام هئي، پهرين برف باري ٿي رهي هئي، جابلو ٽڪرين جي ڪڇ ۾ ننڍا وڏا وڻ برف جي اڇي ساڙهي سان ڍڪيل هئا، ڌرتي ماتا تي برف جي اڇاڻ چمڪي رهي هئي ، بابا شازوءَ کي ساڻ ڪري هلڻ لڳو، ٻئي ڄڻا ڳچ دير هلڻ کان پوءِ هڪ ڍنڍ جي ڪناري پهتا، ٽڪرين جي قدرتي ديوارن جي وچ ۾ اها ڍنڍ ڪنهن پيالي جو ڏيک ڏئي رهي هئي، ڍنڍ ڪناري پهچي بابا ڪي ساعتون خاموش ڪنڌي تي ويهي رهيو ، ساڻس گڏ شازوءَ به خاموش ويٺو رهيو ، شازوءَ محسوس ڪيو ته بابا ماضيءَ ۽ مسقبل کي ميڙي هڪ نقطي تي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، هن ڪائنات کي ڏنل ڳنڍ کي سلهجائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ، ازل کان وڃائجي ويل ابد جو ڇيڙو هٿ ڪرڻ لاءِ ذهن جو ذهن ۾ پتوڙي رهيو هو. ذهن واقعي ئي اهڙي قوت رکي ٿو جو ان سان ازل جا ڇيڙا ابد سان ڳنڍي سگهجن ٿا،انساني دماغ مان اهڙيون مقناطيسي لهرون نڪرن ٿيون جيڪي حال، ماضي ۽ مستقبل کي پَسي سگهن ٿيون، جيئن هڪڙي موبائيل فون جو ٽاور،ريڊيو جي ٽرانسميٽر ۽ ٽيليويزن جي سگنل کي انهن جا رسيور ڳولي وٺن ٿا ۽نڪرندڙ لهرن کي ڪٺي ڪري سگهن ٿا. بلڪل ائين انساني ذهن به آسپاس جون لهرون جَهٽي وٺي ٿو، بابا جو دماغ پولارن مان تارن جا تڙڪا وٺي وري ڌرتيءَ جي غفائن ۾گم ٿي رهيو هو ، ڪيتري ويل گذّري وئي، اوچتو بابا ڳالهايو.
” شازوءَ تون ڄاڻين ٿو ته جڏهن ڪو تکو اوزار ڪنهن ڪاٺ کي وڍڻ شروع ڪندو آهي ته ڪاٺ پنهنجي پوري طاقت لڳائي ان اوزار جي تکي ڌار سان وڙهندو آهي، آخرڪار جڏهن اوزار جي فتح ٿيندي آهي ته اوزار خوش نه ٿيندو آهي پر اوزار کي استعمال ڪرڻ وارو انسان خوش ٿيندو آهي ، جڏهن پاڻي ٺوٺ زمين تي اچي کيس ريجي ڇڏيندو آهي تڏهن زمين خوش نه ٿيندي آهي پر خوش هاري ٿيندو آهي ۽ زمين جي هنج ۾ پلنجدڙ ٻوٽا ۽ وڻ خوش ٿيندا آهن، بلڪل اهڙي طرح هي سموري ڪائنات هڪ اوزار مثل آهي ، انسان، جانور، مادا، شيون سڀ اوزار آهن انهن کي استعمال ڪندڙ قدرت آهي، هن سڄي عمل ۽ رد عمل تي خوش ته قدرت ٿيندي آهي ، هتي ٿيندڙ هر لقاءُ قدرت جو مظهر آهي پر افسوس جو انسان ڪن عملن ۽ لقائن کي قدرت جي خلاف ورزي قرار ڏئي واويلا مچائي ڇڏي آهي. انسان اهو نه ٿو سمهجي ته هر لقاءَ جو محرڪ قدرت ئي آهي، ڪاش اها حقيقت انسان سمهجي وڃي ها ته پوءِ دنيا جي ٻولين مان پاپ ، گناھ، حلال، حرام، جائز، ۽ ناجائز جا لفظ ئي ختم ٿي وڃن ها، هي وايومنڊل جنهن کي آسمان سڏيو ٿو وڃي اهو نر آهي ۽ هيءَ زمين ان جي مادي آهي، نر جڏهن ڪڪرن جي صورت ۾ وسي پوي ٿو ته ڌرتي گرڀ وتي ٿي پوندي آهي ۽ پنهنجي ڪُک مان ڪيترائي ٻچا، وڻن، ٽڻن، ۽ جاندران جي صورت ۾ ڄڻي وٺندي آهي، ۽ اهي ٻچا جڏهن انسان جي روپ ۾ هڪ سوچيندڙ مخلوق بڻجندا آهن ته وڳوڙ برپا ڪري وجهندا آهن، هتي ڪن ڪن انسانن حقيقت تان پردو کڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته انهن کي نيست ونابود ڪيو ويو آهي، مسيح کي به انهيءَ ڏوھ ۾صليب تي لٽڪايو ويو هو پر هتي مسيح اچڻ جو سلسلو جاري آهي، مون اڄ ڏينهن تائين ڪنهن سان به نه ڳالهايو آهي پر خبر اٿئي ته توسان ايترو ڇو ڳالهايو اٿم ، توکي پاڻ سان گڏ ڇو رهايم ؟ ان ڪري جو تو ۾ اها مڻيا نظر آئي اٿم جيڪا هن دنيا کي بدلائي سگهي ٿي، جيڪا سچ تان پردا هٽائي سگهي ٿي، تون نه مرد آهين نه عورت تون صرف انسان آهين ، حققيت کي اهي پرکي سگهندا آهن جيڪي صرف انسان هوندا آهن. توکي وڌيڪ ڪجهه چوڻ جي ضرورت نٿو سمجهان، ڇو ته مونکي پڪ آهي ته تنهنجي اندر ۾ تنهنجي وجود جي روشني جرڪڻ شروع ٿي وئي آهي ،پنهنجي اندر تي ڌيان ڏي پنهنجي وجود ۾ پنهنجو مرڪز ڳول، تون زندگيءَ ۾ ان ڪري پريشان رهيو آهين جو توکي اها خبر نه آهي ته دنيا ۾ تنهنجي جڳهه ڪٿي ۽ ڪهڙي آهي،پر اڄ تو تي آئون اهو راز عيان ڪريان ٿو ته تنهنجي جڳهه دنيا ۾ نه پر تنهنجي پنهنجي وجود ۾ آهي وجود جي عين مرڪز ۾،پنهنجي وجود جو مرڪز ڳول، ڌيان ڏي، مراقبو ڪر، معلوم ڪر تنهنجي وجود جو عين مرڪز ۾ ڇا ٿي رهيو آهي؟ اتي ڪهڙا لقاءَ برپا ٿي رهيا آهن، اکيون پور، پنهنجي اندر جي روشني کي ڏس ، ڏس ته توکي پنهنجي وجود جي مرڪز مان نفرت جو هڪ طوفان اٿندي نظر ايندو، ڪاوڙ جي هڪ لهر سامونڊي واچوڙي جيان وَٽ کائي نروار ٿي رهي آهي ، دنيا ۽ سماج تي ڪاوڙ، اندر ۾ تضاذن جا ٽڪراءَ ٿي رهيا آهن، نظرين، فڪرن ۽ فلسفن جي بوڇاڙ ۾ سڄو ماحول دونهاٽيل ۽ اڻ چٽو آهي ، پر اندر جي اک کي وڌيڪ چٽائي سان کول ، ڏس محسوس ڪر ته محبت جو هڪ وڏو سمنڊ تنهنجي وجود جي مرڪز ۾ ڇوليون هڻي رهيو آهي، اهي ڇوليون هڪ وڏي سامونڊي طوفان جو روپ ڌاري ٿيون وٺن، پوءِ ڪنارن تي چڙهي ٿيون اچن، هر شيءَ کي لوڙهي وڃن ٿيون، نفرت، ڌڪار، ڪاوڙ، ۽ هر شيءِ ٻڏي وڃي ٿي هاڻي تنهنجي وجود ۾ ماٺار ڇانئجي وڃي ٿي، پر سڪون ماٺ، گجندڙ سمنڊ ماٺو ٿي چڪو آهي ، هاڻ هرطرف محبت ئي محبت آهي، بس ...!
بابا جون اکيون ٽانڊاڻن جيان ٻَري ۽ اُجهامي رهيون هُيون ، سندس مُٺيون ڀڪوڙجي ويون هُيون ،کن پل ماٺ کانپوءِ ٻابا ٻيهر ڳالهائڻ شروع ڪيو ، تنهنجي اندر ۾ جيڪا روشني آهي ، اها ئي تنهنجو سُونهون آهي، آئون هاڻي زندگيءَ جي آخري ڪنڌي تي آهيان، اڄ کانپوءِ ٻيهر شايد آئون توسان گڏ نه هجان پر ياد رکجان، زندگيءِ ۾ ٻه شيون توکي حقيقت تائين پهچائي سگهن ٿيون، هڪ ڪامل رهبر تي يقين ۽ ٻيو هر سوال جو جواب پنهنجي اندر مان ڳولي لهڻ، ڇا اهي ٻئي شيون تون ڪري سگهين ٿو؟
بابا سواليه نگاهن سان شازوءِ تي اکيون ٽڪائي ڇڏيون.
” ها بابا“ شازو ڌيرج سان وارڻيو ” آئون اهي ٻئي ڪري سگهان ٿو.“
”تو پوءِ ياد رک“ بابا چيو اڄ کانپوءِ زندگيءَ ۾ ڪو به سوال تنهنجي سامهون اچي ته ان جو جواب فقط ئي فقط پنهنجي اندر ۾ تلاش ڪج، تنهنجي اندر ۾ تنهنجي وجود جي عين مرڪز ۾ هر سوال جو جواب موجود آهي، صرف اکيون پوري، ذهن خالي ڪري اندر جي جوت کي پَسڻو آهي، ۽ ٻي ڳالهه يقين جي آهي هڪ ڪامل رهبر تي يقين، توهان کي جڏهن بس ۾ سفر ڪرڻو هوندو آهي تڏهن توهان ڊرائيور تي ڪيترو يقين ڪريو ٿا....؟ توهان صرف پڇندا آهيو ته هيءَ بس ڪيڏانهن ويندي؟، جڏهن توهانکي ٻڌايو ويندو آهي ته هيءَ بس ان شهر يا ماڳ ڏانهن وڃي رهي آهي، جيڏانهن توهان وڃڻ چاهيو ٿا، ته توهان اطميان سان ٽڪيٽ وٺي ان گاڏي ۾ ويهي رهندا آهيو، ۽ گاڏي هلڻ وقت ڪو رسالو يا ڪا اخبار پڙهڻ ۾ مصروف ٿي ويندا آهيو، يا سيٽ تي ويٺي سمهي پوندا آهيو توهان اهو ڏسڻ ضروري نه سمهجندا آهيو ته گاڏي واقعي ان ماڳ ڏانهن وڃي پئي جيڏانهن توهان وڃڻ چاهيو ٿا يانه، ڊرائيور گاڏيءَ کي درست نموني هلائي رهيو آهي يا نه ، حادثن جي امڪان کان ڊرائيور احتياط ڪري پيو يا نه، توهان ته بس ڊرائيور تي اعتماد ڪري سمهي رهيا آهيو، اهو ته آهي يقين، ته ڇا جيڪڏهن آئون توکي ڪا ڳالهه چوان ته تون ان تي ايترو يقين ڪري سگهندين...؟
” ها بابا ضرور“ مونکي توهان تي پورو پورو اعتماد آهي” شازو وراڻيو
”ته پوءِ ٻڌ“ هن ڍنڍ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏ“
شازوءَ کي کن پل لاءِ هڪ جهٽڪو محسوس ٿيو، هوتڪڙ ۾ فيصلو نه ڪري سگهيو ته ڇا ڪري يا ڇا چوي
بابا جو آوازآيو ”آئون تو ۾ شامل آهيان ، تون ڍنڍ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏ هيءَ ڍنڍ تنهنجي آجيان ڪندي، هي فطري مظهر آهي، ڍنڍ جي گهرائيءَ ۾ توکي هيرا موتي ته شايد ڪونه ملندا پر تون امرتا کي ماڻي وٺندين، تون اهو ڪري سگهين ٿو، تون مون تي يقين ڪري سگهين ٿو، ڍنڍ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏ، هيءَ اها دري آهي جيڪا حال کان ويندي مستقبل ۾ کُلي ٿي ، اهو مستقبل جتي هر هڪ مڻيادار انسان لاکيڻو ۽ لال آهي جلد ڪر ٽپو ڏي، ٽپو ڏي .
شازو جو ذهن سڪتي ۾ اچي ويو ڄڻ کائنس سوچڻ سمهجڻ جي سگهه موڪلائي وئي هئي، هن کي ڪا طاقت ڍنڍ ڏانهن ڇڪڻ لڳي، اُمالڪ هن ڍنڍ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو، برف باري جو سرد پاڻي هن جا لڱ وڍيندو ويو، پاڻيءَ جي تري ۾ ويندي هن جو ساھ ٻوساٽجڻ لڳو، نظر بيهه رهي ۽ هي هوش وڃائي بيهوش ٿي ويو، ڍنڍ جي ڇولين ۾ الوپ ٿي ويو ڄڻ ڍنڍ کيس پنهنجي جهولي ۾ ننڊ سمهاري ڇڏيو