ناول

اڌ ماڻهو سڄو سچ

”اڌ ماڻهو سڄو سچ“ نامياري شاعر ۽ ليکڪ مشتاق سعيد جو لکيل ناول آهي. اياز امر شيخ لکي ٿو:
”هن وقت سنڌ ۾ هتي ناول لاءِ چيو وڃي ٿو ته ناول پنهنجي معيار کان موٽ کائي چُڪو آهي، پر اڄ آئون جڏهن هي مشتاق سعيد جو ناول اڌ ماڻهو سڄو سچ پڙهڻ ويٺس ته منهنجي سوچ ۽ حيرت ۾ هڪ نئين اُٿل پٿل جاڳڻ لڳي، ۽ آئون پائلو ڪوھلو کان ٿيندو اوريانافلاسي جي ڪردارن جا قصا ماپڻ لڳس ۽ اهو احساس ساهه ۾ ويساهه جيئان ويهي رهيو ته سنڌ ڪڏهن به ڪنهن به صنف ۾ سُنڍ ناهي ٿيئڻي.
مشتاق سعيد جي ناول ’اڌ ماڻهو سڄو سچ‘ جا موضوع ۽ ڊائلاگ ايڏا ته معنيٰ خيز آهن جن مان وقت کي هڪ وڏي لاڀ حاصل ٿيڻي آهي. ۽ هي ناول سنڌي ادب ۾ پنهنجو الڳ مقام ۽ پنهنجي الڳ حيثيت سان ضرور سُڃاتو ويندو،“
  • 4.5/5.0
  • 2787
  • 1233
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • مشتاق سعيد
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اڌ ماڻهو سڄو سچ

[6]

شازو جو سڄو بدن تشدد سبب سُڄي پيو هو، اکيون ڳاڙهيون ٿي پيون هوس ڄڻ ته اِجهو ٿو انهن مان رت ٽمي، پٺن ۽ ٻانهن تي ڪارا نشان ٺهي پيا هوس جن مان چمڙي جي اندران ڄميل رت ڏسجي رهيو هو، سندس هڪ ٻانهن ۾ هٿڪڙي لڳل هئي جنهن جي زنجير کوليءَ جي وينٽيليٽر ۾ ٻڌل هئي، لڳاتار اڀي پير بيهڻ سبب سندس پيرن جا ترا سُڄي پيا هئا، هلڪيون ڪنجھون ڪرڻ جي به منجهس سگهه نه رهي هئي، هن ڀانيو ته سندس جسم به سندس پنهنجو نه هو، هڪ بوجهه جيان سندس جسم ساڻس ٻَڌو ويو هو، ايترو سڀ ڪجهه سَهڻ کانپوءِ شازو محسوس ڪيو ته اڃا به ڪا لاٽ آهي جيڪا سندس اندر ٻري رهي آهي، اڃا به اندر ۾ ڪو لاوو آهي جيڪو ٻرندڙ جبل جيان ڦاٽي ٻاهر نڪرڻ لاءِ آتو آهي، هن کي سمجهه ۾ به نه آيو ته سچ جي دعويدار دنيا ۾ سچ جي بدلي ايڏي سزا ڇو؟ هن سوچيو ته دنيا جا سمورا منصف، عالم،استاد، شاگرد ۽ ملازم سچ جو ڍنڍرو پٽيندا رهيا آهن پر سچ ته سندن برداشت کان ٻاهرآهي، هو ٻاهر ٻوٿ تي سچ جو غلاف چاڙهي هلن ٿا، پر اندر ۾ سچ کان ڪيڏا نه ڊنل آهن؟؟ هو صرف مدي خارج روايتن تي اکيون پوري هلندڙ لڪير جا فقير آهن، هو جيترو اعلي قسم جي لباسن ۾ ملبوس آهن، جيترن وڏن بنگلن ۾ رهن ٿا ۽ وڏين گاڏين ۾ چڙهن ٿا ، اندر ۾ اوترائي ننڍڙا ماڻهو آهن، صفا ڄامڙا آهن، آخر به ته شازوءَ جو ڪهڙو ڏوھ هو، هن سموري زندگي ڪنهن کي ڏکايو ڪين هو، ڪنهن جي معاملن ۾ به مداخلت نه ڪئي هئي، هن ڪڏهن نه ته مردن سان لهه وچڙ ڪئي نه ئي عورتن سان ويجهو هو، ها هن جو هڪ ڏوھ هو ته هو ٺينگا بابا سان وڃي گڏ رهيو ، هن جو ڏوھ هو ته هن پنهنجي اندر ۾ ٻرندڙ روشني جي لاٽ کي عيان ڪرڻ چاهيو، هن جو اھو ئي ڏوھ هو ته هن سچ ڳالهايو هو
شازو محسوس ڪيو ته سندس واڇن مان رت جا ڦڙا ٽمي فرش تي ڪري رهيا هئا، کيس چپن ۾ تڪليف محسوس ٿي رهي هئي، ائين جيئن ڪنهن سندس چپن ۾ ڪنڊي هڻي چپ واڇن وٽان چيري ڇڏيا هجن، هن کي سمورو منظر ذهن تي تري آيو، هن پنهنجي ٻانهن ۾ ڪو سگهارو هٿ ڦٻندي محسوس ڪيو هو جيڪو کيس زوري ڇڪيندو هال کان ٻاهر گهليندو ويو هو، هال کان ٻاهر نڪرندي ئي مٿس گارين جي ڀوڇاڙ ۽ لتن ڪمن جو وسڪارو ٿي ويو هو، ڪنهن اوچتو کيس ڳٿر مان جهلي پوليس گاڏي اندر اڇلايو هو ۽ گاڏي تيز ڊوڙڻ لڳي هئي، هن کي ڪجهه سمجهه ۾ نه اچي رهيو هو سندسن حواس في الحال خطا ٿي ويا هئا، کيس جڏهن سامت آئي هئي ته هن پاڻ کي ڪال ڪوٺڙي ۾ ڏٺو هو، سندس سَنڌ سَنڌ سور ڪري رهيو هو، پوليس کيس ماري ماري اڌ مئو ڪري ڇڏيو هو
شازوءَ کي ياد آيو ته پوليس وارن کيس لتن، مڪن ۽ ڏنڊن سان مارڻ وقت بار بار سوال پئي پڇيا ته ٻڌائي ڪنهن جو ايجنٽ آهين ؟ ڪنهن جي چوڻ تي تون موجوده نظام خلاف پريوپئگنڊا ڪري رهيو آهين؟ ٻڌائي تنهنجا ٻيا ساٿي ڪٿي ۽ ڪهڙا آهن؟ اوهان جو آئينده لاءَ ڪهڙو منصوبو آهي؟؟
هي اهي سوال هئا جن شازوءَ کي وائڙو ڪري ڇڏيو ، کيس سمجهه ۾ نه ٿي آيو ته هو ڪنهن جو ايجنٽ آهي، سندس ٻيا ساٿي ڪهڙا آهن؟ هڪ لمحي کيس خيال آيو ته هو چئي ڏئي ته “ آئون خدا جو ايجنٽ آهيان، منهنجا ٻيا ساٿي ٺينگا بابا ، گوتم ٻڌ ۽ رجنيش اوشو آهن پر وري ٻئي لمحي شازوءَ محسوس ڪيو ته ڄڻ پوليس سندس نه پر ڪنهن ٻئي جي جسم کي ماري رهي هئي، هو ته بس خاموش تماشائي هو، ۽ جسم کي ڪٽجندي تماشو ڏسي رهيو هو، هن محسوس ڪيو ته سندس اندر جي هستي ۽ جسم جو هڪٻئي سان ڪو لاڳاپو ناهي، مارڪٽ سان سندس ڪو سروڪار ناهي، هي ته شانت هو، مڪمل ماٺار ۾ ۽ جسم تي لڳندڙ ڌڪن مان لطف اندوز ٿي رهيو هو، ائين تشدد مان لطف اندوز ٿيندي هو مراقبائي ڪيفيت ۾ هليو ويو، ذهن مان لاذهن بڻجي پيو اهڙي مقام تي پهچي ويو جتي ماٺار ئي ماٺار هئي، موهن جي دڙي جي کنڊرن جي ماٺار، ٿر جي ٺريل واريءَ جهڙي ماٺار پوءِ نه ڄاڻ ڪيڏي مهل پوليس کيس هٿڪڙي هڻي اڀي پير بيهاري هلي وئي هئي ۽ هو ڪوٺيءَ ۾ اڪيلو رهجي ويو هو، اڀي پير ٻَڌو ٻيٺو هو، کيس ڪوٺڙي ۾ ڪا خبر نه پئي ته ڪڏهن ڏينهن ٿيو ڪڏهن رات ٿي ڪڏهن سج اڀريو، ڪڏهن لٿو، ڪڏهن چنڊ چڙهيو، ڪڏهن ستارن اڀ تي جهرمر ڪئي ۽ ڪڏهن گگهه اونداھ ڏينهن کي ڳڙڪائي وئي، شازوءَ لاءِ وقت بيهجي ويو، لمحا ساڪن ٿي ويا هئا، گهڙيالن جا ڪانٽا رڪجي ويا هئا ۽ ڪائنات جي چرپر برف جيان ڄمي پئي هئي،
شازوءَ کي ياد آيو ته هڪ شام جو پاڻ ۽ عليزا ڍنڍ جي ڪناري تي گهمي رهيا هئا، لهرون اجهل ٻارڙن جيان رومڙ ڪري سندس پيرن تائين آيون پئي ۽ سندس پيرن سان مٿو ٽڪرائي واپس موٽي ٿي ويون، ان وقت عليزا اوچتو شازوءَ کان سوال ڪيوهو ته شازو تون دنيا جي ٻين عورتن ۾ ۽ مون ۾ ڪهڙو فرق محسوس ٿو ڪرين؟
شازوءَ وراڻيو“ عليزا تون دنيا جي شايد پهرين عورت آهين جيڪا اهڙي شخص سان محبت ڪري ٿي جيڪو نامرد آهي ، هن کان اڳ دنيا جي تاريخ ۾ اهڙي معاشقي جو مثال ئي نه ٿو ملي، عاشقن جي تاريخ کي کولي ڏسبو ته انهن ۾ سمورن قصن ۾ ٻه محرڪ نمايان نظر ايندا هڪ سونهن ، ٻي جنس، پر ياد رکو ته سونهن جي ڪشش به جنس جي ئي باعث هوندي آهي، مرد ڪيڏو به خوبصورت هجي جو ڪا عورت ان تي هرکجي پوي پر جڏهن عورت کي خبر پوي ته هو نامرد آهي جنسي عمل جي قابل ڪونهي ته هُن جي نظرن مان سونهن جي پنوتري اڏامي گم ٿي ويندي آهي ۽ سندس محبت نفرت ۽ ڪنارا ڪشي ۾ بدلجي ويندي آهي، ساڳي حالت مردن سان به آهي جڏهن کين ڪنهن عورت مان جنسي لطف جو آسرو اميد نه هوندو آهي ته سندس نظر ۾ اها عورت بدصورت ۽ ناپسنديده بڻجي ويندي آهي، پيار ماضي ۾ ماڻهن لاءِ سدائين جنس جي باعث ئي رهيو آهي پر تون پهرين عورت آهين جنهن اهو ڄاڻيندي به ته آئون جنسي عمل جي قابل ڪونه آهيان، مونکي چاهيو آهي ۽ مونکي پاڻ سان گڏ رهايو آهي
سقراط چيو هو ته پيار هيمشه خوبصورتي سان ٿيندو آهي ڇو ته پيار پاڻ بدصورت آهي ، وٽس سونهن جي کوٽ آهي انڪري هو خوبصورتي ۽ سونهن کي تلاش ڪندو آهي، پر آ ئون سقراط جي ان ڳالهه سان متفق ناهيان منهنجي خيال ۾ خوبصورتي صرف ماڻهن کي پاڻ ڏانهن متوجه ڪري سگهي ٿي، ۽ جڏهن ماڻهو خوبصورتي ۽ سونهن جي سحر ۾ وٺجي ويندا آهن ته اهي هڪ نفسياتي بيماري ۾ وٺجي ويندا آهن، خوبصورتي جو سحر هڪ نفسياتي بيماري آهي، پر اها بيماري ڪٿي ڪٿي حقيقي محبت ڏانهن کُلندڙ دري جو ڪم ڏئي ويندي آهي، ها ظاهري طور جسماني خوبصورتي، حيقيقي محبت ڏانهن کلندڙ هڪ دري ته ٿي سگهي پر اها بذات خود محبت نه هوندي آهي محبت نه خوبصورت آهي نه بدصورت، محبت جڏهن حسد ۽ ساڙ سان لاڳاپجي ويندي آهي ته بدصورت بڻجي ويندي آهي ۽ جڏهن سڪون ۽ شناسائي سان لاڳاپجي ويندي آهي ته خوبصورت لڳندي آهي، خوبصورتي ۽ بدصورتي ته صرف لباس آهن اصل ۾ محبت ته اهڙو جذبو آهي جيڪو سوناري جو ڪم ڪري ٿو، جيئن سونارو ڪچي ڌاتو کي ڳاري، گَهڙي هڪ خوبصورت زيور ٺاهي سگهندو آهي تيئن محبت انسان کي ڳاري گهڙي هڪ خوبصورت زيور بنائي ڇڏيندي آهي، اصل ۾ جيڪو ماڻهو ڪنهن حسد ۽ ڪنهن غرض کان مٿاهين محبت ڪندو آهي ته هو پاڻ خوبصورت بڻجي ويندو آهي ۽ کيس هر شيءِ خوبصورت نظر ايندي آهي، سو تون محبت جي ان روپ کان واقف آهين.
عليزا تون محبت جي انهن بلندين کي ڇُهي ڏٺو آهي، جتي هر شيءَ خوبصورت ۽ پر سڪون آهي، ڇا تون ڄاڻين ٿي ته دنيا جون عورتون هار سينگار کي ايتري اهميت ڇو ٿيون ڏين؟ بيوٽي پالر ڇو ٿيون وڃن؟
“ نه ” عليزا جواب ڏنو
انساني تاريخ جي اوائلي دور کان وٺي مردن جسماني طاقت جو فائدو وٺندي ۽ ٻار ڄڻڻ جي ذميواري کان آجو هئڻ جو فائدو وٺندي اهڙو سماج تخليق ڪيو آهي جنهن ۾ عورت جي ڪابه اهيمت نه آهي، سماج جي ٺاهيل قائدن ۽ قانونن موجب عورت کي چئو ديواري ۾ بند رکي مانيون پچائڻيون آهن ۽ ٻار ڄڻڻا آهن، چو ديواري کان ٻاهر واري سماج ۾ سندس ڪو عمل دخل ڪونهي، صدين تائين اهڙي روش جو شڪار ٿيل عورت پنهنجي اندر ۾ پيدا ٿيندڙ احساس ڪمتري جي ڪري محسوس ڪندي رهي آهي ته واقعي هو سماج ۾ ڪنهن به نموني ڪارگر ڪونهي، سواءِ ان جي جو هو مردن جي خدمت ڪندي رهي، اهڙي احساس ڪمتري جيڪا هزارين سالن کان عورتن جي اندر ۾ پلجندي رهي آهي، ان لاشعوري طور عورت کي بغاوت لاءِ اُڀاريو آهي، جسماني طور ڪمزور هئڻ سبب عورت مردن سان جنگ ته نه ڪري سگهي آهي پر سماج ۾ ڪجهه اهڙو ڪرڻ لاءِ ،جنهن سان ماڻهو ڏانهنس متوجه ٿين، عورت ٻه گس ورتا آهن، هڪ حسد ۽ ساڙ جو رستو، ٻيو هار سينگار جو رستو
عورتون هڪٻئي کان حسد ۽ ساڙ ڪن ٿيون، ان لاءِ ته جتي به هڪ کان وڌيڪ عورتون رهن ٿيون، اهو چاهي گهر هجي، آفيس هجي يا ڪا ٻئي جاءِ، اتي هر عورت لاشعوري طور چاهيندي آهي ته ٻيا ڏانهنس متوجه ٿين، ماڻهو کيس برتر سمجهن، ان ڪوشش ۾ هو ٻين موجود عورتن کان ساڙ ۽ حسد ڪندي آهي ته پاڻ کي ٻين کان نمايان ڪرڻ جي جهدوجهد پڻ ڪندي آهي
عورت لاشعوري طور اها جاکوڙ ڪري ٿي ته سماج ۾ کيس رتبو ملي، ماڻهو ڏانهنس متوجه ٿين ۽ کيس اهميت ڏين، ان لاءِ هُن هار سينگار ڪرڻ ۽ خوبصورت نظر اچڻ جو رستو ڳولي ڪڍيو آهي، عورت هار سينگار ڪري ٿي، بيوٽي پالر وڃي ٿي، هر لحاظ کان خوبصورت نظر اچڻ جا جتن ڪري ٿي، ته جيئن مرد ڏانهس متوجه ٿين کيس اهميت ڏين ۽ سماج ۾ کيس ڪنهن ليکي ۾ آندو وڃي، عورت فطري طور اهو به ڄاڻي ٿي ته مرد جنسي طور هٻڇي آهن، ان ڪري عورتون پاڻ کي جنسي ي طور پُر ڪشش بنائڻ لاءِ به سينگار ڪن ٿيون، اهڙا لباس پائن ٿيون جو هو جنسي ڪشش جو مرڪز بڻجي وڃن ان سان هو لاشعوري طور سماج ۾ پاڻ کي برتري ڏيارڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيون آهن، مرداڻي سماج ۾ پاڻ کي اهميت ڏيارڻ ۽ پنهنجي معقول جاءِ ٺاهڻ لاءَ احمقانه ڪوشش ڪري رهيون آهن
لاشعوري طور شايد عليزا تو ۾ به اهي ڳالهيون هجن پر وري به تون ٻين سڀني عورتن کان اتم آهين جو تون ڄاڻين ٿي ته تون ڪيتري به خوبصورتي ظاهر ڪري، پاڻ ۾ جنسي ڪشش پيدا ڪرين، پر مون لاءِ اها شيءَ ڪا به اهميت نه رکندي ڇا ڪاڻ ته آئون جنسي عمل جي قابل ناهيان، ان باوجود تون مونکي پاڻ سان گڏ رهائين پئي، مونسان محبت ڪرين ٿي ان لاءِ تون ٻين عورتن کان اتم آهين، پر اڃا به تنهنجي منزل پري آهي، توکي اڃا به محبت جي حقيقي مرڪز تائين پهچڻو پوندو
اوچتو ڪال ڪوٺڙي جي لوهي سيخن واري دروازي تي ٺڪا ٿيو، شازوءَ جي خيال جي زنجير مان هڪ ڪڙي نڪري وئي ۽ زنجير ٽٽي پئي، سپاهي سيخن جي آڏو بيٺو هو “ملاقات آئي اٿئي” سپاهي کهري آواز ۾ چيو سپاهي کولي جو دروزاو کوليو اندر اچي شازوءَ جي هٿ جي ڪڙي کولي ڇڏيائين ۽ شازو بي ست بدن سان سيخن ۾ هٿ وجهي هيٺ ويهي رهيو، سپاهي ٻيهر ٻاهر نڪتو ۽ دروازو ٻاهر ان بند ڪري ڇڏيائين، ان وقت کولي جي سامهون واري ٻاهرين دروازي مان باک ڦٽي پئي، عليزا جا لڙڪن هاڻا نيڻ شازوءَ کي تڪي رهيا هئا، اکين ۾ ڇلڪندڙ جوت زمان ۽ مڪان کان لاپرواھ ٿي شازوءَ کي گهوري رهي ئي، ۽ عليزا جا قدم هوريان هوريان وڌي رهيا هئا ، عليزا به سيخن وٽ پهچي ٻاهرين پاسي کان ويهي رهي
ڪي پل عليزا ائين شازوءَ تي نظرون ڄمائي شازو جو جائزو وٺي رهي هي جيئن ڪو پکي پنهنجي آڏو پنهنجي زخمي ٻچڙي کي ڏسندو آهي، “هي سڀ ڪجهه ڇا ٿي ويو شازو” درد جي شدت کان نڙيءَ ۾ وچرندڙ لفظ عليزا جي چپن تي آيا “اها خبر هجيم ها ته توسان ائين ٿيندو ته آئون ڪڏهن به توکي پنهنجي تنظيم ۾ شامل ٿيڻ نه ڏيان ها، اهو منهنجو ئي ڏوھ آهي، اوهان منهنجي ئي ڪري هن مصيبت ۾ ڦاٿا آهيو”.
“نه عليزا” شازو جهيڻي آواز ۾ وراڻيو “ان ۾ تنهنجو ڪو به ڏوھ ناهي، ان ۾ ڪنهنجو به ڪو ڏوھ ناهي، منهنجي اندر ۾ اڀامندڙ لاٽ جو ڏوھ آهي، سچ جي اها اڀاڳي ريت ازل کان رهي آهي ته جنهن جي من ۾ کاٽ هڻي ٿو تنهن جو سارو چين کڻي ٿو”.
،ڊاڪٽر رانا ائين ڇو ڪيو” عليزا حيراني مان پڇيو
شازو جي چپن تي مرڪ جي جهرڪي هلڪي چُون چُون ڪرڻ شروع ڪئي، چور جيان پير پير ۾ پائي آيل مرڪ شازوءَ جي مک تي ڦلهجي وئي، ۽ ٻڌايائين “جڏهن مونکي مردانگي نه هئڻ جو احساس ٿيو هو تڏهن ڪيترن ئي ڊاڪٽرن کان علاج ڪرائڻ باوجود ڪو کيڙ تيل نه نڪتو، آخر ۾ آئون ڊاڪٽر رانا وٽ ويو هوس هن مونکي چڪاسڻ بعد چيو هو ، ڪو به علاج ناهي تون پيدائشي نامرد آهين، مڙهي وَسائي وڃي ويهي رهو، تڏهن مون چيو هوس “رانا صاحب منهنجي جاءِ مڙهي ناهي، آئون دنيا ۾ پنهنجي جاءِ تلاش ڪندس”.
ڊاڪٽر رانا ٽهڪ ڏيندي چيو هو ته “هن سماج ۾ تنهنجي لاءِ ٻي ڪا به جاءِ ناهي.”
“آئون اهڙي جاءِ تلاش ڪندس جتي مونکي ڏسي توهان پاڻ حيران ٿي ويندا ڊاڪٽر صاحب” مون چيو هو ۽ ۽ رانا جا ٽهڪ ٻُريا آئون اسپتال مان نڪري آيو هوس.
مونکي خبر آهي ته ڊاڪٽر رانا، پڙهيل لکيل ماهر ڊاڪٽر هجڻ باوجود مذهبي جنوني آهي، اوهانجي تنظيم ۾ اچڻ کانپوءِ مونکي مختلف پروگرامن ۽ سيمينارن ۾ جيڪو ڪجهه ڳالهائڻ جو موقعو ۽ پذيرائي ملي ان تي رانا سميت ڪيترائي ماڻهو حسد ۾ وٺجي ويا هئا، انڪري اهي منهنجي خلاف پروپئگنڊا ڪندا رهيا ، ۽ مون جيڪي زندگيءَ جون تلخ حقيقتون بيان ٿي ڪيون، اهي نام نهاد مذهبي جنونيت لاءِ خطرو هيون، اهو ئي سبب آهي جو رانا ۽ ان جهڙن ٻين ماڻهن مونکي هتي پهچايو آهي، پر آئون نه ته موت کان ڊڄان ٿو نه قيد کان، آئون ته موت کي ماري چڪو آهيان، ٺينگا بابا مونکي جيڪي ڏانءُ ڏنا آهن انهن وسيلي آئون موت کي گهڻو اڳ مات ڏئي چڪو آهيان، موت جي سايي کي ته آئون ڍنڍ ۾ لوڙهي آيو آهيان، ۽ پيرسن مهاڻي جي جهوپڙي مان نئين حياتي جي روشني کڻي آيو آهيان،اها ابدي روشني آهي، مونکي ائين محسوس ٿئي ٿو ته ٺينگا بابا مون اندر سمائجي ويو آهي، ۽ آئون هن مدي خارج دنيا کان گهڻو اڳيان آهيان، تون فڪر نه ڪر عليزا، منهنجي زندگيءَ سقراط جي زهر واري پيالي مان ڦٽي نڪتل آهي آئون اهڙي پر سڪون واديءَ ۾ آهيان جتي موت مون لاءِ ڪا به معنيٰ نٿو رکي .
عليزا جي ڳورن ڳلن تان اکين جي ماڪ رقص ڪري کاڏيءَ کان هيٺ لهي رهي هئي، ان وقت سپاهيءَ جو آواز آيو “ملاقات جو وقت پورو ٿيو”

وقت جا ڇيڙا سوڙها ٿيندا ويا ۽ عليزا جا قدم پري ٿيندا ويا ، وقت پنهنجي پاڻ ۾ وچڙي پيو هو ۽ عليزا ۽ شازوءَ جي وچ ۾ فاصلو پئجي رهيو هو، کولي جو ٻاهريون دروازو بند ٿيڻ سان ڄڻ ته تاريخ جو دروازو بند ٿي ويو، وقت جا سمورا ماپا ۽ معيار ان در کان ٻاهر رهجي ويا ۽ اندر صرف شازو....! هر احساس کان خالي، پولار جهڙو وشال ۽ خالي شازو رهجي ويو.
شازوءَ جا ڪن سَرلا ٿي ويا، هن دروازي کان ٻاهران به عليزا جي قدمن جو آواز ٻڌڻ ٿي چاهيو، ان وقت ٻاهران عليزا جو آواز آيو، هوءَ سپاهي کان پڇي رهي هئي ته
“ آخر ڇا ٿيندو شازوءَ جو”؟.
“ شايد ڦاسي ڏينس ....! ” سپاهي تلخي سان وراڻيو“ کيس سڀاڻي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، آئون سمهجان ٿو ته عيقدن خلاف پروپئگينڊا ڪرڻ جي ڏوھ ۾ ڦاسي ڏيندس...!”
سانت ڇائنجي وئي....!
شازوءَ جي مک تي هلڪي مُرڪ ڦهلجي وئي، هن اندر جي برف کي ڳرندي محسوس ڪيو، هن کي پنهنجي اکين ۾ ٺينگا بابا جو عڪس ترندي نظر آيو، اندر ۾ هڪ جهرڻو ڦٽندي محسوس ڪيائين جيڪو سندس اندر کي لوڙهي کڻي ويو....!
کولي مان اڀ جا تارا به نظر نه ٿي آيا شازو جي دل جي حسرت اڀري ته هو کُليو اڀ ڏسي تارن جي وشال وشالتا ۾ تحليل ٿي وڃي، چنڊ کي ڀاڪرن ۾ ڀري وٺي ۽ ڪڪرن سان رهاڻيون ڪري پر سندس آرزو اڻ ڦٽيل ٻج جيان اندر جي غلاف ۾ بند ئي رهجي وئي، مڪمل خاموشيءَ ۾ هو پنهنجي ساهن جو آواز ائين ٻڌي رهيو هو، جئين اڌ رات جي سناٽي ۾ اڪيلي ڪمري ۾ گهڙيال جي ڪانٽن جي ٽڪ ٽڪ صاف ٻڌڻ ۾ ايندي آهي، نه ڄاڻ ڪيڏي مهل سندس اکيون پورجي ويون...!
صبح ٿي چڪو هو، هڪ سپاهي کولي اندر اچي شازوءَ کي ٿڏو هڻي اُٿاريو ۽ ٻانهن ۾ هٿڪڙيون هڻي کيس ٻاھر وٺي ويو، قيدين واري بند گاڏي ۾ سندس اکيون ٻڌي کيس ويهاريو ويو ۽ گاڏي شرڙاٽ ڪندي رستي تي هلڻ لڳي