[7]
شازوءَ کي جڏهن پوليس عدالت ۾ پيش ڪيو ته ڪيس هلڻ کان اڳ ۾ ئي شازوءَ منصف کي عرض ڪيو هو ته سندس ڪيس عدالت جي بند ڪمري بدران کلي ميدان تي هلايو وڃي منصف سندس اهو عرض قبول ڪيو ۽ ڪيس عدالت جي ٻاهران کلي ميدان تي هلائڻ جو آڊر ڪندي اهو پڻ حڪم ڏنو ته سڄي شهر ۾ پڙهو گهمايو ته جئين سڀ شهري هي ڪيس ٻڌڻ چاهين ته اچن، آئون چاهيان ٿو ته هي ڪيس تاريخي مثال بڻجي وڃي.
عدالتي عمارت آڏو تنبو کوڙي عدالت لڳائي وئي هئي، ڪيس شروع ٿيندي ئي سرڪاري وڪيل ڪيس جو متن پڙهڻ شروع ڪيو.
جناب اعليٰ، هي سامهون ڪٽهڙي ۾ بٺيل جوبدار شازوآهي، هن خلاف لڳايل الزامن جي فهرست بيان ڪرڻ کان اڳ ۾ آئون هن جي اصليت ٻڌائڻ جي اجازت گهران ٿو ته جيئن هتي موجود سمورن معزز شهرين ۽ عدالت کي پتو پئجي سگهي ته هي ڪير آهي؟
“اجازت آهي” جج واراڻيو
“شازو ڄمندي ئي نامرد آهي، کدڙو آهي“ سرڪاري وڪيل ڳالهائڻ شروع ڪيو ”هي آهي ان جي ثابتي طور ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ“ وڪيل جج آڏو سرٽيفڪيٽ رکيو ” هي سرٽيفڪيٽ شهر جي مشهور ڊاڪٽر رانا جو آهي، جناب اعليٰ هي شازوءَ (اشاروڪندي) ڄمندي ئي کدڙو آهي، هن وٽ مرداڻي قوت نه هجڻ ڪري، هي ذهني اشتعال جو شڪار رهيو آهي ميڊيڪلي بنيادن تي اهو واضع ٿي چڪو آهي ته جنهن مرد ۾ جنسي قوت جي کوٽ هوندي آهي اهو ذهني اشتعال جو شڪار هوندو آهي ، جناب اعليٰ مونکي ڪجهه وقت اڳ ۾ڏٺل فلم جي آکاڻي ياد اچي ٿي، فلم ۾ ڏيکاريو ويو هو ته هڪ مرد جيڪو بعد ۾ نامرد بڻجي پيو هو، ذهني اشتعال ۽ نفرت سبب هو ڪال گرلس کي گهرائي قتل ڪري ڇڏيندوهو
بلڪل اهڙي ريت شازوءَ به ذهني اشتعال ۽ نفرت سان ڀريل آهي، هن پهرين مذهبي صحيفن ۾ ڳولڻ شروع ڪيو ته نامردن لاءِ کيس اتي ڇا ٿو ملي؟ جڏهن کيس اتي ڪجهه به نه مليو ته هن پنهنجي غليظ نفرت ۽ ڪروڌ سبب مذهبن کان باغياڻو رويو اختيار ڪيو، نه صرف ايترو پر هن خداوند سان ۽ مقدس صحيفن جي هدايتن سان پڻ باغياڻو رويو اختيار ڪيو، هن ماڻهن کي ورغلائڻ شروع ڪيو، هن مذهبن خلاف ۽ پاڪ هستي جي ڏنل هدايتن خلاف پروپئگنڊا شروع ڪئي، هن شهر جي ڪيترن ئي ماڻهن کي عقيدن خلاف ڀڙڪايو آهي ۽ لڳاتار عقيدن خلاف پروپئگنڊا ڪندو رهيو آهي، اڄ آئون سڄي شهر جي معزز ماڻهن کان اهو پڇڻ چاهيان ٿو ته ڇا هڪ کدڙي کي اهي اختيار آهن، ته هو صدين کان را.ئج عقيدن خلاف ماڻهن کي ڀڙڪائي ڇا هڪ کدڙي کي اهي اختيار آهن ته هو مردن ۽ عورتن مٿان پنهنجا فيصلا مڙهي ۽ اصل تعليمات کان پري ڪري ڇڏي؟ ڇا هن کي اهو حق آهي ته هو نوجوانن کي ڀڙڪائي ۽ بغاوت ٻج پکيڙي، اي شهر واسيو وڏي آواز ۾ ٻڌايو ڇا توهان چاهيو ٿا ته هڪ کدڙو اوهانجي نوجوان نسلن جو استاد بڻجي انهن جي قيام ڪاري ڪري جواب ڏيو؟
“ هرگز نه ” هڪ ئي وقت انبوھ مان آواز اڀريو.
اي شهر جا رهواسيو، کدڙن کي مڙهي ۾ رهي، عاشقن جي دل وندرائڻ کپي ، نه ڪي تهذيب يافته دنيا ۾ ڪو خلل وجهڻ کپي ، پر جيڪڏهن ڪو کدڙو مڙهي جي چار ديواري بدران ٻاهر سرعام شهر ۾ ڪا گندگي ڦهلائي رهيو هجي ته ڇا کيس ائين ڪرڻ لاءِ بخش ڪري ڇڏجي ، جواب ڏيو.
“هرگزنه” هجوم مان رڙ اٿي.
جناب اعليٰ، آئون عدالت ۾ هڪ گواھ طور ڊاڪٽر رانا کي پيش ڪرڻ جي اجازت گهران ٿو
“اجازت آهي” جج ڪنڌ لوڏيندي چيو
وڪيل جي اشاري تي ڊاڪٽر رانا اڳيان وڌي آيو
“تون ان ڏس ۾ ڇا ٿو چوڻ چاهين؟” جج سوال ڪيو
“جناب اعليٰ” ڊاڪٽر رانا چيو ته “آئون” پيشي جي لحاظ کان هڪ ڊاڪٽر آهيان شازو مون وٽ علاج لاءِ آيو هو ، هو پيدائشي نامرد آهي جڏهن مون کيس ٻڌايو ته هو مرد نٿو بڻجي سگهي، تڏهن هوڪاوڙ ۾ تپي ڳاڙهو ٿي ويو هو ۽ مونکي هڪ عجيب چريائيپ واري جذبات ۾ چيو هئائين ته منهنجي جڳهه مڙهي ناهي آئون دنيا ۾ پنهنجي جڳھ تلاش ڪندس، ۽ جيڪڏهن مونکي منهنجي جڳهه نه ملي ته آئون هن دنيا کي ئي بدلائي ڇڏيندس، هن مونکي اهو به چيو هو ته آئون دقيانوسي عقيدن جون پاڙون اکيڙي ڇڏيندس ان وقت مون هن جي انهن ڳالهين کي فضول سمجهيو هو، پر جناب اعليٰ هن اهو ڪري ڏيکاريو، هن مختلف هنڌن تي تقريرون ڪيون آهن ۽ هر هنڌ پنهنجي تقرير ۾ اسانجي مُقدس عقيدن خلاف باھ اوڳاڇي آهي، ۽ جناب اعليٰ اسانجي ڌرم جي خلاف ڳالهائيندڙ جي سزا موت آهي، هن جي تقريرن جي ريڪارڊ نگ پڻ ثبوت طور موجود آهي
ڊاڪٽر رانا هڪ ريڪاڊ نگ ڊسڪ اڳيان وڌائي جيڪا سرڪاري وڪيل وٺي جج جي آڏو رکي جج جي حڪم تي اها ريڪارڊنگ سڀني جي سامهون وڄائي وئي، هال ۾ موجود هجوم خاموشيءَ سان تقرير ٻڌڻ لڳو، تقرير ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون ڳاالهيون نوٽ ڪيو ويون جيڪي عقيدن جي خلاف هيون ان بعد ڪجهه ٻيا ماڻهو به شاهد طور پيش ڪيا ويا جن تقريرون ٻڌيون هيون ۽ مختلف هنڌن تي شازوءَ جون اهڙيون ڳالهيون ٻڌيون هيون جيڪي سندن عقيدن جي سراسر خلاف هيون،
هڪ ڀيرو ٻيهر سرڪاري وڪيل ڳالهائڻ شروع ڪيون “ جناب اعليٰ ، جيڪڏهن ڪو ماڻهو ٻئي ماڻهو سان روزي زنا ڪري ٿوته ان جي سزا به موت آهي ، ڇاڪاڻ ته جنهن جي عزت لٽجي وئي ان کي ٻيهر اها عزت ڪڏهن به نه ٿي ملي سگهي بلڪل اهڙي طرح انساني عقيدن کي ۽ خيالن کي بدلائڻ به ايترو ئي ڏوھ آهي، ڇوته هڪ دفعو ڪنهن جو اعتماد يا ايمان ٽٽي پيو ته اهو ٻيهر ڪنهن به قيمت تي کيس موٽي نه ملندو، هن مجرم ڪيترين ئي ماڻهن جا عقيدا ۽ ايمان ڦيرايا آهن، اهو به اهڙو ئي سنگين ڏوھ آهي، هن کي هرحال ۾ موت جي سزا ڏني وڃي.
جناب اعليٰ جيڪڏهن ڪو ماڻهو ٻئي ماڻهو کي قتل ڪري ٿو ته قاتل جي سزا به موت آهي بلڪل اهڙي طرح ڪنهن انسان جي مذهب کي يرائي ڇڏڻ، يا ڪنهن عقيدي کي ختم ڪرائڻ به ذهني ۽ شعوري قتل آهي، سوچن ۽ جذبن جو قتل آهي ، هن مجرم اهڙا ڪيترائي ذهني ۽ شعوري قتل ڪيا آهن ۽ جيڪڏهن هن کي ڪا هلڪي ڦلڪي سزا ڏني وئي ۽ ڇڏيو ويو ته هو آئينده ڪيترن ئي نسلن جا ذهني ۽ شعوري قتل ڪندو رهندو، جڏهن ڪنهن تلاءَ ۾ هڪ مئل ۽ ڪني بدبودار مڇي هوندي ته ان کي تلاءَ مان ٻاهر ڪڍي ڦٽو ڪيو ويندو آهي هن سماج ۾ هي به اهڙو ئي گندو ۽ بدبودار شخص آهي جنهن کي لازمي طور دنيا مان ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪرڻو پوندو ٻي صورت ۾ هي انتهائي خطرناڪ ۽ نقصانڪار ثابت ٿيندو ان لاءِ عدالت کي استدعا آهي ته هن کي موت جي سزا ڏني وڃي اهوئي سڀ آهي جناب اعليٰ....!
سرڪاري وڪيل خاموش ٿي پنهنجي ڪرسي تي ويهي رهيو، جج ڪيس جي ڪاغذن کي پڙهڻ لڳو ، ۽ ٻاهر پنڊال ۾ سُس پس جا آواز اچڻ لڳا ، ماڻهو هڪٻئي سان سرگوشين ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪري رهيا هئا، ڄڻ هو پاڻ منصف هجن هر ماڻهو پاڻ منصف بڻجي فيصلو ٻڌائي رهيو هو.
جج ڪاغذن تان نظرون هٽائي گهڙي کن شازوءَ جي اکين ۾ گهوريندو رهيو شازوءِ جي اکين ۾ ڪابه مايوسي نه هئي سندس اکين ۾ اهڙي چمڪ هئي جهڙي نئين پرڻيل ڪنوار جي اکين ۾ پهرين رات گذارڻ کانپوءِ صبح سويري هوندي آھي، سندس اکين تي ڪنهن معصوم ٻالڪ جهڙي مرڪ هئي، جج ڪاٺ جي مترڪي سان ميز تي ٺڪاءُ ڪري هجوم کي خاموش ڪرايو سناٽو ڇائنجي ويو جج ٻيهر شازوءَ جي اکين ۾ اکيون وجهي ڄڻ اجڙيل تاريخ جا وڃائجي ويل ورق ڳولڻ جي ڪوشش ڪندي ڳالهائڻ شروع ڪيو،
“شازو تنهنجي خلاف الزام آهي ته تون کدڙو آهين پر تو پنهنجي الڳ دنيا وسائڻ بدران مردن، عورتن ۽ نوجوان جي دنيا کي برباد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، توتي اهو پڻ الزام آهي ته تون مقدس ڪتابن عقيدن ۽ خداوند جي قانونن جي خلاف ڳالهايو آهي جنهن جي سزا موت آهي، توتي اهو پڻ الزام آهي ته سماجي زندگيءَ جو سڪون برباد ڪرڻ لاءِ پنهنجا غليظ نظريا ماڻهن کي ٻڌايا ۽ انهن جي سرعام پرچار ڪئي آهي، انهن سنگين ڏوهن ۾ توکي موت جي سزا کان گهٽ نه ملندي، هاڻي تون پنهنجي بچاءَ ۾ ڪو وڪيل پيش ڪرڻ چاهين ته توکي اهو حق حاصل آهي يا تون پنهنجي صفائي ۾ ڪجهه چوڻ چاهيندي ته ڇونه توکي سزا ڏني وڃي؟؟
شازوءَ جي چپن تي هڪ مرڪ ٻليءَ پير ايندي آهستي آهستي گذري وئي ،سندس اکين ۾ سانوڻي جي گهٽا جي گهرائپ ڇلڪڻ لڳي، هن وقت سندس چهري مان ٺينگا بابا جي جهلڪ پسجڻ لڳي، شازوءَ بنا ڪنهن جهجڪ جي چوڻ شروع ڪيو
“ جناب اعليٰ” هي اهڙِو ڪيس آهي جنهن جو فيصلو اڳواٽ طئي ٿيل آَهي، آئون ڄاڻان ٿو ته منهنجي صفائي ڏيڻ ۽ نه ڏيڻ سان ڪوبه فرق نه پوندو جناب اعليٰ ، مسيح کي صليب تي لٽڪايو ويو هو، مخدوم بلاول کي گهاڻي ۾ پيڙهيو ويو هو، شمس تبريزي جي کل لهرائي وئي هئي، ۽ ايراني شاعر رودڪي جون اکيون ڪڍرايون ويون هُيون، انهن سڀني جا زخم آئون پنهنجي پاڻ ۾ ڀانيان ٿو،انهن سڀني جو ڏوھ به فقط اهو هو ته هنن سچ ڳالهايو هو، ۽ آئون سمهجان ٿو ته آئون به ساڳيو ڏوھ ڪري رهيو آهيان، آئون سچ ڳالهائي رهيو آهيان ۽ سچ لاءِ اڳواٽ سزا طئه هوندي آهي، ان ڪري آئون ڪابه صفائي ڏيڻ نه ٿو چاهيان،
جناب اعليٰ صبح ساجهر ويلي ساون پنن تي ماڪ جا ڦڙا هڪ سچ آهن، سچ ۽ سڪون اهڙيون ٻه حقيقيتون آهن جيڪي هڪٻئي سان سلهاڙيل به آهن ته هڪ ٻئي جو ويري پڻ آهن،
آئون پنهنجي سچ تي اٽل هوس ۽ اٽل آهيان، اوهان مونکي موت جي سزا ڏئي مونکي ماري نه ٿا سگهو، ڇوته سچ ۽ زندگي قائم ۽ دائم آهن ۽ رهندا، موت ۾ فنا ته صرف هڪ جسم ٿيندو آهي ، مونکي هن جسم جي ڪابه پرواھ نه آهي اهو جسم، نه اڳ ۾ منهنجو هو نه هاڻي منهنجو آهي ۽ نه ئي وري هميشه منهنجو رهندو، مونکي هن جسم کان خود به ڇٽڪارو گهرجي ان لاءِ آئون بنا صفائي ڏيڻ جي پنهنجي سزا ٻڌڻ چاهيان ٿو جيڪا اڳواٽ طئه ٿيل آهي،
جناب اعليٰ آئون هتي صرف هڪ ڳالهه واضع ڪرڻ چاهيان ٿو ته نامرد هجڻ ڪو ڏوھ ناهي، عورت هجڻ ، مرد هجڻ يا نامرد هجڻ سان سچ تي، سوچ سمجهه ۽ شعور تي ڪوبه فرق نه ٿو پوي، ڇاڪاڻ ته رجنيش اوشو به چيو هو ته“ شعور نه عورت آهي نه مرد” شعور ته بس شعور آهي جيڪو عورت پڻي ۽ مرد پڻي کان اتم آهي،
جناب اعليٰ آئون شعور ۽ سچ جي ڳالهه ڪندو رهيو آهيان، ان جو مرد، نامرد يا عورت هجڻ سان ڪو سروڪار ڪونهي، آئون هتي صرف ٻه گذارشون ڪندس.
پهرين اها ته مونکي ڀل موت جي سزا ڏني وڃي پر جئين ته موت جا ڪيترائي طريقا هجن ٿا ، پر آئون چاهيان ٿو ته مونکي هڪ اعليٰ قسم جو موت ڏنو وڃي، مونکي صليب تي لٽڪائي منهنجي هٿن ۾ ،پيرن ۾ ۽ مٿي ۾ ڪوڪا ٺوڪيا وڃن ته جيئن اهي هٿ سزا ڀوڳين جيڪي سماج ۾ تبديلي لاٰ چرپر ڪن ٿا، اهي پير سزا ڀوڳين جيڪي هر نئين راھ ڏانهن هلڻ شروع ڪن ٿا ۽ ان دماغ کي سزا ملي جيڪو شعورکي جنم ڏئي ٿو،
ٻي گذارش اها ته منهنجي هڪ آخري خواهش پوري ڪئي وڃي، اها آخري خواهش اها آهي ته آئون هتي بيٺل هزارين ماڻهن کي زندگيءِ موت، ڊپ، فطرت ۽ خيال بابت بابا ٺينگا بابا کان حاصل ڪيل ڪجهه حقيقيتون ٻڌائڻ چاهيان ٿو، انڪري مونکي اجازت ڏني وڃي ته موت کان اڳ آئون آخري ڀيرو هنن کي مخاطب ٿي موت ، زندگيءَ ڊپ ۽ فطرت بابت ڪجهه حقيقتون ٻُڌايان،
جناب اعليٰ آئون پنهنجي هن آخري خطاب ۾ هنن ماڻهن کي ۽ عدالت کي هر گز اها لتجا نه ڪندس ته مونکي سزا کان معافي ڏني وڃي، نه ئي آئون اهڙي ڪا ڳالهه چوندس ته آئون دنيا جو هڪ عظيم ۽ ڏاهو انسان آهيان، مونکي ياد رکيو وڃي، نه هرگز نه، آئون اهڙي ڪابه ڳالهه نه ڪندس، آئون صرف ڪجهه حقيقتون هنن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو، جيڪي هنن جي ايندڙ نسلن تائين منتقل ٿين، ان کان پوءِ آئون هڪ گهري سڪون سان هميشه لاءِ آرامي ٿي ويندس ۽ منهنجي وجود جو سارو ٻوجهه لهي ويندو.
جج پنهنجي ڀر ۾ ويٺل ٻن ٻين ججن سان سس پس ۾ صلاح مشورو ڪيو، ان دوران پنڊال ۾ وري به بيچيني ڦلهجي وئي ۽ سرٻاٽن جا آوازاچڻ لڳا، جج ڪاٺ جي مترڪي ٽيبل تي ڦهڪائي ته ڄڻ وقت جا ڪانٽا ڌُٻي ويا پل لاءِ وقت بيهي رهيو۽ وري روان ٿيڻ لڳو، جج حڪم جاري ڪيو “شازو کي مقدس عيقدن بابت گهٽ وڌ ڳالهائڻ، انهن کي غلط ۽ پنهنجي غليظ نظرين کي صحيح ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ جي ڏوھ ۾ ۽ سماج ۾ ماڻهن کي عقيدن بابت ڀڙڪائڻ جي ڏوھ ۾ موت جي سزا ڏني وڃي ٿي ، پر گڏوگڏ سندس آخري خواهش کي پورو ڪندي کيس آخري موقعو ڏنو وڃي ٿو ته هو هن ميڙ سان آخري ڀيرو مخاطب ٿي جيڪو ڪجهه چوڻ چاهي ٿو سو ڀلي چئي وڃي .
هجوم ۾ ڄڻ ته تاريڪي ڇائنجي وئي شازو کي سپاهي ٿوري مٿانهين جڳهه تي آڻي بيهاريو جتان هي انبوھ کي اڇاتري نظر سان ڏسي سگهيو ٿي،کيس اجازت ڏني وئي ته هو ميڙ سان مخاطب ٿي سگهي ٿو.
چرندڙ پرندڙ ماڻهو بيٺل بت بڻجي ويا، سڀني جو اکيون پٿرائجي ويون، ماحول کي ڄڻ نانگ سراپي ويو،هڪ ڀيانڪ موت جهڙي خاموشي کي ٽوڙيندي شازو ڳالهايو، موت جي سزا مليل شازو ڄڻ ته فتح جو انعام حاصل ڪري چڪو هو، هن وڏي بيباڪيءَ سان ڳالهائڻ شروع ڪيو.
“منهنجي شهر جا رهواسيو،اوهان مان جن به مون خلاف عدالت ۾ شاهديون ڏنيون مونکي انهن تي ڪابه ڪاوڙ، ڪوبه ڏک ناهي ڇوته اهي سچ چئي رهيا هئا، انهن جيڪو ڪجهه منهنجي واتان ٻڌو هو هنن اهو ئي عدالت کي ٻڌايو، جيتوڻيڪ انهن جون شاهديون تعصب ۽ انا سان ڀريل هيون پروري به سچ هو، ان ڪري آئون سمجهان ٿو ته ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ سچ جي فتح ٿي آهي، آئون اوهان کي صرف اها هدايت ڪرڻ چاهيان ٿو ته سچ کي هميشه گلي لڳائيندا رهجو، منهنجو موت به هڪ سچ آهي، ان ڪري منهنجو موت منهنجي فتح آهي، آئون فتح جي نشان ڏانهن خوشي خوشي قدم وڌائي رهيو آهيان، پر آئون ڄاڻان ٿو ته هن وقت اوهان مان ڪيترن جي ئي ذهنن ۾ زندگي ۽ موت بابت سوال پيدا ٿي رهيا هوندا، گهڻن جي ذهنن ۾ موت کان ڊپ جو احساس تڙپي رهيو هوندو ۽ اوهان فطرت بابت سوچيندا هوندا، ان ڪري آئون چاهيان ٿوته ان کان اڳ جو لڙندڙ سج انڌيري واديءَ ۾ ٽپ ڏئي گم ٿي وڃي، ان کان اڳ جو موت پنهنجي نشتر جهڙن چنبن سان مونکي چيري ڦاڙي ڳڙڪائي وڃي، ها ان کان اڳ جو منهنجي هٿن پيرن ۽ مغز ۾ ڪوڪا ٺوڪيا وڃن، آئون اوهان جي ذهنن جو الجهنون ختم ڪرڻ چاهيان ٿو، آئون اوهان کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته زندگي ڇا آهي؟ موت ڇا آهي؟ اوهان کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته ڊپ ڇا آهي ۽ فطرت ڇا ٿي چاهي، مونکي شازوءَ جي حيثيت سان نه ٻڌو، مونکي مرد، عورت يا نامرد جي حيثيت سان نه ٻڌو، مونکي ٻڌو ۽ صرف ٻڌو ۽ انهن ڳالهين مان سچ جا موتي چونڊي وٺجو ۽ پنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ قابو ڪري رکجو.