ناول

اڌ ماڻهو سڄو سچ

”اڌ ماڻهو سڄو سچ“ نامياري شاعر ۽ ليکڪ مشتاق سعيد جو لکيل ناول آهي. اياز امر شيخ لکي ٿو:
”هن وقت سنڌ ۾ هتي ناول لاءِ چيو وڃي ٿو ته ناول پنهنجي معيار کان موٽ کائي چُڪو آهي، پر اڄ آئون جڏهن هي مشتاق سعيد جو ناول اڌ ماڻهو سڄو سچ پڙهڻ ويٺس ته منهنجي سوچ ۽ حيرت ۾ هڪ نئين اُٿل پٿل جاڳڻ لڳي، ۽ آئون پائلو ڪوھلو کان ٿيندو اوريانافلاسي جي ڪردارن جا قصا ماپڻ لڳس ۽ اهو احساس ساهه ۾ ويساهه جيئان ويهي رهيو ته سنڌ ڪڏهن به ڪنهن به صنف ۾ سُنڍ ناهي ٿيئڻي.
مشتاق سعيد جي ناول ’اڌ ماڻهو سڄو سچ‘ جا موضوع ۽ ڊائلاگ ايڏا ته معنيٰ خيز آهن جن مان وقت کي هڪ وڏي لاڀ حاصل ٿيڻي آهي. ۽ هي ناول سنڌي ادب ۾ پنهنجو الڳ مقام ۽ پنهنجي الڳ حيثيت سان ضرور سُڃاتو ويندو،“
  • 4.5/5.0
  • 2787
  • 1233
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • مشتاق سعيد
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اڌ ماڻهو سڄو سچ

[2]

ڪمري جي پٺئين پاسي واري دري هڪ باغيچي طرف کُلي ٿي، باغيچي ۾ تمام ٿورا وڏا ۽ ڊگھا وڻ هئا جن تي اسر ويل اچي ڪوئلون ويهي ٻولينديون هيون ۽ شازو ننڍپڻ کان انهن جون پياريون ٻوليون ٻُڌي جاڳي پوندو هو ۽ کيس ائين محسوس ٿيندو هو ته اهي ڪوئلون کيس “شازو، شازو” ڪري پڪارين ٿيون، شازو محسوس ڪندو هو ته ڪوئلون پنهنجي ٻوليءَ ۾ کيس ڪنهن ٻي دنيا ڏانهن اچڻ جي دعوت ڏينديون رهنديون هيون، اهڙي دنيا جتي پکين جي ٻولين جهڙيون خوبصورت دليون هيون، جتي آزادي هئي، تهذيبون ۽ روايتون نه هيون، پرسڪون زندگي هئي، شازو ننڍپڻ کان سوچيندو هو ته انسان پنهنجوپاڻ کي جيترو مهذب بنائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي اوترو ئي پاڻ کي جڪڙي ڇڏيو آهي، تهذيب، اخلاق، قانون، پابنديون ۽ اصول، اهي سڀ شيون غلاميءَ جون نظر نه ايندڙ زنجيرون آهن جيڪي جسمن بدران ذهنن کي غلام بنائن ٿيون ۽ جڏهن ذهن غلام ٿي ويندو آهي تڏهن جسم خودبخود غلام ٿي ويندو آهي، ڇو ته جسم ذهن جي تابع آهي، ذهن جي ماتحت آهي، غلام ذهن غلام خواهشون ڄڻيندو آهي ۽ اهڙن غلام معاشرن ۾ پيدا ٿيندڙ هر نئون ٻار ڄمندي ئي غلام بنجي ويندو آهي.
باغ ۾ ڪيترائي ننڍا ننڍا گلدار ٻوٽا هئا جيڪي هر نئين اڀرندڙ سج جي آجيان لاءِ ٽڙي پوندا هئا، ۽ سانجهه جو سج کي الوداع ڪرڻ وقت پاڻ به اکيون پوري مُرجهائجي ويندا هئا، ڪيڏو نه خوبصورت جملو چيو آهي ڪنهن شاعر ته “اي سج، سورج مکيءَ کان بهتر آجيان، ڪير به تنهنجي نه ٿو ڪري سگھي” باغ کان پريان هڪ وڏي ڍنڍ هئي جنهن ۾ سياري جي مند ۾ قسمين قسمين پکي اچي مهمان ٿيندا هئا ۽ مند مٽجڻ سان گڏ اڏري هليا ويندا هئا، هن ڪمري، باغ ۽ ڍنڍ سان شازوءَ جون ننڍپڻ جون يادون سلهاڙيل هيون، هن ڪمري ڀرسان سندس چاچيءَ جو ڪمرو هو، چاچي شايد اڃان جاڳي رهي هئي ۽ پنهنجي ڪمري ۾ عبادت ڪري خدا کي راضي ڪري رهي هئي، شازو اڄ ٿڪل هو، ننڊاکڙن نيڻن سان ڪمري ۾ بستري تي ليٽي سوچي رهيو هو ته خدا ته مافوق الفطرت هستي آهي، هو هر شيءِ تي قادر آهي، سموري ڪائنات ان جي تابع آهي، ڪير به سندس ڪجهه نه ٿو بگاڙي سگھي، سندس حڪم کانسواءِ ته پن به نه ٿو چُري سگھي، ته پوءِ انسان خدا جو ڇا ٿا بگاڙي سگھن ؟ جڏهن انسان خدا جو ڪجهه به نه ٿا بگاڙي سگھن، ته پوءِ خدا انسانن تي ازل کان ناراض ڇو آهي، جو ٻاروتڻ کان ٻڌندا اچون ته عبادت ڪريو ۽ خدا کي راضي ڪريو، راضي ته ان کي ڪبو آهي جيڪو ناراض هجي، ناراص اهو ٿيندو آهي جنهن کي ڪا تڪليف پهتي هجي، يا ڪو نقصان ٿيو هجي، انسان خدا کي نه ته ڪا تڪليف پهچائي ٿا سگھن ۽ نه ئي کيس ڪو نقصان رسائي ٿا سگھن، ته پوءِ خدا ناراض آخر ڇو آهي ؟ جيڪڏهن هو ناراض ناهي ته پوءِ انسان ان لاءِ پريشان ڇو آهن ته عبادتون ڪري خدا کي راضي ڪجي ؟ خدا ۽ انسانن جي وچ ۾ شايد ڪا غلط فهمي آهي، شايد ٻنهي وچ ۾ ڪو منجھارو آهي جنهن کي نه انسان سلجھائي سگھيا آهن ۽ نه ئي خدا انسانن کي ايتري سمجهه ڏني آهي جو هو اصل حقيقت کي سمجھن.
شازوءَ سوچيو ته چاچيءَ آخر ڇا ڪيو آهي جو خدا ساڻس ناراض آهي ۽ هوءَ عبادتون ڪري خدا کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، چاچي ته هڪ نيڪ سيرت ۽ ڪشادهه دل عورت آهي، هن هميشه ايمانداري واري ۽ سچائي واري زندگي گذاري آهي، سدائين صبر ۽ شڪر ڪيو اٿائين، ته پوءِ خدا کي چاچيءَ سان ناراض نه ٿيڻ کپي.
شازوءَ جي ذهن ۾ رکي رکي معلم جي تقرير جا لفظ وڄڻ لڳا ته “انسانن سان پيار ڪريو، انسانن جي خدمت ڪريو، موت کان پوءِ اول ان جو ئي پڇاڻو ڪيو ويندو ته توهان خلق جي ڪهڙي خدمت ڪئي ؟، جنهن انسانن جي خدمت ڪئي هوندي ان کي انعام ملندو ۽ جنهن خلق جي خدمت نه ڪئي هوندي، انسانن جا حق ادا نه ڪيا هوندا ان کي سزا ملندي” معلم جي انهن لفظن کي دل جو دل ۾ دهرائيندي شازوءَ جي اک لڳي وئي ۽ هو گھري ننڊ ۾ کونگھرا هڻڻ لڳو، ذهن ۾ لڳاتار ترندڙ ڳالهيون اڪثر ڪري خواب جي صورت ۾ ظاهر ٿينديون رهنديون آهن، ان رات شازوءَ به هڪ خواب ڏٺو.
حساب ڪتاب جو ڏينهن هو، ڌرتي ٽامون ٿي پئي هئي، سج لڙي اچي ويجھو بيٺو هو، ماڻهن جا انبوھ هئا، گنهگار، نيڪ و ڪار سڀ اڀي پير بيٺا هئا، مافوق الفطرت هستيءَ جي ڪرسي لڳي چڪي هئي، هڪ هڪ بندي کان واري واري سان سندس عملن بابت پڇاڻو ٿي رهيو هو، هڪ طرف مرد بيٺل هئا، ته ٻئي طرف عورتون بيٺل هيون، شازو سوچي رهيو هو ته هو مرد آهي يا عورت ؟ هو فيصلو نه ڪري سگھيو ته پاڻ مرد آهي يا عورت، هن کي مردن سان گڏ بيهڻ به مناسب نه لڳو ۽ عورتن سان گڏ بيهڻ به مناسب نه لڳو، شازو اڃان پنهنجي جاءِ تلاش ڪري رهيو هو ته زوردار آواز آيو “ايڊيسن” حاضر ٿئي.
ايڊيسن اڳيان وڌيو ۽ ادب سان ٻانهون ٻڌي، ڪنڌ نوڙائي بيهه رهيو، سوال ٿيو “ٻڌائي تو انسانن جا ڪهڙا ڪهڙا حق ادا ڪيا ؟ انسانيت جي ڪهڙي خدمت ڪئي ؟ جواب مليو “مالڪ مون بلب ايجاد ڪيو، جنهن سان سڄي دنيا روشن ٿي وئي، ڪروڙين ماڻهن رات جي وقت بلب جي روشنيءَ ۾ پنهنجا ڪم سرانجام ڏنا، ڪروڙين شاگرد رات جو بلب جي روشني تي پڙهي سگھيا، انهن جي پڙهڻ بعد اهي ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ استاد بنيا، انهن مريضن، بيمارن ۽ عام ماڻهن جي خدمت ڪئي، استادن نوان شاگرد پيدا ڪيا جن دنيا کي علم جي روشنيءَ سان نئين سر منور ڪيو، دنيا جي اربين انسانن جي صدين تائين خدمت ڪئي اٿم”
آواز آيو ته “تو انسانيت جي خدمت ڪئي، اربين انسانن کي فائدو پهچايو ان ڪري اسان توکي ٻيون خطائون معاف ڪيون، تولاءِ انعام آهي . . . !
سڏ ٿيو “اوٽو حاضر ٿئي . . .”
جرمني جو اوٽو اڳيان وڌي آيو، سوال ڪيو ويو ته “سڀ کان پهرين اهو ٻڌائي ته تو دنيا ۾ انسانن جي ڪهڙي خدمت ڪئي ؟ بندن جا ڪهڙا حق ادا ڪيا ؟
جواب مليو “آقا مون دنيا ۾ پهرين انجڻ ايجاد ڪئي ۽ ان انجڻ جي سبب موٽرون، گاڏيون، جنريٽر، هوائي جهاز ۽ خلائي گاڏيون ٺهيون، هزارين ميلن جا فاصلا منٽن ۾ طئه ٿيڻ لڳا، دنيا جا ماڻهو هڪٻئي جي مدد لاءِ دنيا جي هڪ ڪنڊ مان ٻي ڪنڊ ۾ پهچي ٿي سگھيا، بيمارن کي علاج گهرن تائين ترت پهچايو ٿي ويو، ڪيترائي ٽن وزني شيون، مسافر ۽ ٻيو ضروري سامان توڙي کاڌي خوراڪ جون شيون هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه تائين آسانيءَ سان پهچايون ٿي ويون، اربين انسانن جي زندگي آسان ۽ لاڀائتي بنجي پئي ۽ صدين تائين انسان ان مان فائدو وٺندا رهيا”
آواز آيو ته “تو بندن (انسانن) جي صحيح معنى ۾ خدمت ڪئي، ان ڪري تنهنجي لاءِ به انعام آهي . . .”
سڏ ٿيو “آروِل حاضر ٿئي“
آرول اڳتي وڌيو، سوال ٿيو “انسانن لاءِ ڇا ڪيئي ؟”
جواب مليو ته “مالڪ، مون پنهنجي ڀاءُ ولبر سان گڏجي سالن جي محنت سان هوائي جهاز ايجاد ڪيو، ان ايجاد سان دنيا جا سمورا ملڪ هڪٻئي سان ڳنڍجي ويا، لکين ماڻهن ان ۾ سفر ڪيو، علم حاصل ڪرڻ لاءِ دنيا جي هڪ حصي جا ماڻهو ٻئي حصي تائين پهچي ٿي سگھيا، مريض علاج لاءِ پرديس پهچي ٿي سگھيا، ڪيتريون ئي خلائي کوجنائون ٿيون، ان هڪڙي ايجاد سان ڪروڙين انسانن کي فائدو پهتو ۽ ان فائدي جي شاهدي اهي ڪروڙين ماڻهو ڏئي سگهن ٿا.”
ڪجهه دير جي خاموشي ٿي وئي، خلق تي ماٺ طاري ٿي وئي، بعد ۾ آواز آيو “تو بيشڪ انسانن جي خدمت ڪئي آهي، تون انعام جو حقدار آهين، اسان پنهنجي پوڄا نه ڪرڻ جي خطا بخش ڪئي”

گراهم بيل کي سڏ ڪيو ويو، گراهم بيل اڳيان وڌي آيو، سوال جواب ٿيو، گراهم بيل ٻڌايو ته “مالڪ مون ٽيليفون ايجاد ڪيو هو جنهن سان دنيا جا ماڻهو هڪٻئي سان ڳنڍجي پيا هئا، ان آڌار تي وائرليس، ٽيلويزن ۽ ٻيون ڪيتريون ئي مشينون ايجاد ٿيون ۽ اربين ماڻهن کي ناقابل فراموش فائدا ٿيا” اهڙي ريت گراهم بيل کي به نوازيو ويو، ان بعد مارڪوني، رابرٽ وٽاڪر، رابرٽ هُوڪ، نيوٽن ۽ لوائس پاسچر سميت اڻ ڳڻيا انسان آيا، انهن کان ساڳي ريت انسانيت جي خدمت جو پڇاڻو ٿيو ۽ کين عيوضي ۾ نوازيو ويو.
شازو معلم جي لفظن کي ياد ڪرڻ لڳو ته واقعي معلم سچ چيو هو ته مالڪ پنهنجا حڪم نه مڃڻ وارا ڏوھ ته معاف ڪري سگھي ٿو پر بندن جا حق معاف نه ڪندو، جنهن انسان ٻين انسانن ۽ خلق جي خدمت ڪئي هوندي ان کي حساب ڪتاب جي ڏينهن نوازيو ويندو ۽ انعام ڏنو ويندو ۽ جنهن خلق جي خدمت نه ڪئي هوندي يا خلق جي دل آزاري هوندي ان لاءِ عذاب آهي.”
شازو ان ڳالهه تي حيران هو ته دنيا ۾ جيڪي پاڻ کي ڌرم جا ٺيڪيدار سڏائيندا هئا ۽ چوندا هئا ته سندن ڌرم جي نظريئي کي نه مڃيندڙن لاءِ يقيني عذاب آهي، پر هتي ته ائين ناهي، هي سمورا اهي ماڻهو هئا جيڪي هڪ الڳ نظريئي جا پيروڪار رهيا هئا، پر هنن کي صرف ۽ صرف انسانيت جي خدمت جي عيوض نوازيو ويو آهي.
اوچتو هڪ وڏي ڏاڙهيءَ واري شخص کي سڏ ٿيو، شازو ڏٺو ته هي معلم هو، هن سوال جي جواب ۾ چيو ته “مون ڏينهن رات عبادت ڪئي هئي، ذڪر ۽ ثناءُ ڪئي هئي، ماڻهن ۾ پرچار ڪئي هئي” پر شازو ڏٺو ته هن جي عملن جي ڪتاب ۾ اهڙي ڪا به شيءِ لکيل نه هئي جنهن کي انسانن جي خدمت چئي سگھجي، آخرڪار معلم کي عذاب جي طرف ڌڪيو ويو، شازو ڏٺو ته معلم رڙيون ڪندو رهيو هو، اهي رڙيون شازوءَ جي ڪنن ۾ پڙاڏا پيدا ڪنديون رهيون، معلم رڙيون ڪرڻ سان گڏ ائين ڦٿڪي رهيو هو جيئن ڪڪڙ کي ڪهي زمين تي ڇڏبو آهي ته هو ڦٿڪي ۽ تڙپي رهيو هوندو آهي، معلم جي لڱ ڪانڊاريندڙ رڙين تي شازوءَ جي اک کلي پئي ۽ سندس خواب ٽٽي پيو.
شازوءَ بستري تي پاڻ کي پگهر ۾ پسيل محسوس ڪيو، ايترو پگھر ٿيو هوس جو سندس ڪپڙا پسي سندس جسم سان چهٽي پيا هئا، نڙي خشڪ ٿي وئي هوس، شازوءَ ائين ڀانيو ڄڻ هُن ڪو خواب نه ڏٺو هو پر هو ڪي ميل ڊوڙي آيو هو ۽ سندس نڙي خشڪ ٿي وئي هئي، هو سهڪي رهيو هو ۽ وڏا وڏا ساھ کڻي رهيو هو.
شازو آهستگيءَ سان بستري تان اٿيو، پاڻ کي ٿڪل ڀانيائين، پير پير ۾ وجھندو هو ڪمري کان ٻاهر نڪتو، ڪمري کان ٻاهر چنڊ جي روشني آڳنڌ تي ڦهليل هئي، اڱڻ ۾ بيٺل ٻير جو وڻ چانڊوڪيءَ ۾ چمڪي رهيو هو ۽ ماحول ۾ سانت ڇانيل هئي، ڪمري جي در ڀرسان منجڻ تي رکيل مٽ مان پاڻيءَ جي ڇل ڀري شازو يڪساهيءَ ڏوڪي ويو، ٿڌو پاڻي اندر ۾ لهندي هن پاڻ ۾ هڪ نئين طاقت ڀرجندي محسوس ڪئي، پاڻي پيئڻ کانپوءِ هو سامت ۾ آيو، ٻاهر تڏين جي چِرِ چِرِ جا آواز ماحول ۾ خاموشيءَ کي گھائي رهيا هئا، شازو ٻيهر موٽي ڪمري ۾ آيو ۽ وهاڻي تي ٽيڪ لڳائي ليٽي پيو، سندس ذهن تي ڪالهوڪي ڏينهن جا واقعا تري آيا.
هو روڊ تان بيٺي معلم کي تقرير ڪندي ٻُڌي رهيو هو، اوچتو ان وقت هڪ دل ڏڪائيندڙ ڌماڪو ٿيو هو، درسگاھ دونهن جي ڪارن ڪڪرن ۾ ويڙهجي وئي هئي، شازو جو جسم لرزي ويو هو ۽ ڀانيو هئائين ته سندس پيرن هيٺيان زمين نڪري و.ئي آهي، آسپاس جا ماڻهو ۽ بس اسٽاپ جا ماڻهو، پنهنجا گھر ۽ دڪان ڇڏي ٻاهر نڪري آيا ۽ درسگاھ جي طرف ڊوڙندا ٿي آيا ته ساڳئي وقت درسگاھ وٽان ماڻهو ڊوڙي ٻاهر نڪري آيا هئا ۽ اهي تڙ تڪڙ ۾ درسگاھ کان پَري ڀڄي رهيا هئا، شازو پنڊ پهڻ ٿي هڪ هنڌ ڄميو بيٺو هو. هر طرف لاش پکڙيل هئا، انسانن جا جسم کان ڌار ٿيل عضوا، ٽنگون، ٻانهون، رت جا ڌٻا ۽ لاش، ڪيئي ماڻهو پيٽ کي هٿ ڏيئي الٽيون ڪرڻ لڳا، ڪي ڏڪي رهيا هئا، هر طرف ڀڄ ڊُڪ، اک ڇنڀ ۾ ايمبولينسون رڙيون ڪنديون پهچڻ لڳيون، پوليس ۽ رينجرز جون گاڏيون، سائرن ۽ رڙ ڪيڪ شروع ٿي وئي، درسگاھ واري علائقي کي ڪڙو چاڙهيو ويو، عام ماڻهن کي پري ڌڪيو ويو، شازو به چند قدم اڳيان هلي عام ماڻهن جي ميڙ ۾ شامل ٿي ويو، هن ميڙ ۾ به پاڻ کي بلڪل اڪيلو محسوس ڪيو، ميڙ ۾ جيترا هئا وات اوتريون ڳالهيون ٿيڻ لڳيون “بم ڌماڪو ٿيو آهي” ڪنهن چيو.
“خودڪش بمبار هو“
نه نه ٽائيم بم هو”
“مخالف فرقي وارن حملو ڪيو آهي”
“ڇا خدا اهو چوي ٿو ته مخالف فرقي وارن تي بم سان حملو ڪري، ڪيترن ئي بيگناھ انسانن کي ماري ڇڏجي ؟؟”
رضاڪار ۽ اهلڪار انساني گوشت جا رت هاڻا لُوٿڙا ميڙي رهيا هئا، چچريل لاش ڍوهي رهيا هئا، شازو پَري کان ڏٺو ته لاش ڍوئيندڙ رضاڪارن ۽ اهلڪارن جا چهرا هر قسم جي تاثر کان خالي هئا، سندن چهري تي نه افسوس ۽ نه ڏک هو، نه حيرت هئي، نه پشيماني ۽ نه ئي ڪاوڙ . . . ! ائين ٿي ڀانيو ته اهڙا واقعا سندن زندگيءَ جو معمول هئا، جنهن کي ڪا به اهميت حاصل نه هئي، اهلڪارن ۽ رضاڪارن جي مُنهن تي صرف بيزاريءَ جا آثار هئا، وياڪل وياڪل لمحن جيان، جيئن هر شام جو موهن جي دڙي تان سج لهڻ وقت دڙي مان لڌل ناچڻي اونداھ ۾ ٻڏي ويندي آهي، ائين هنن اهلڪارن جا جذبا به هڪ اڻ ڏٺي اوندھ ۾ ٻڏل ٿي نظر آيا.
شازوءَ ائين محسوس ڪيو ته جانورن جي ميڙ ۾ اڪيلو اچي ويو هو، جتي انساني رت جي اهميت گٽر جي پاڻي جيتري به نه هئي، هن خدا ۽ سندس ٻهانن جي باري ۾ سوچڻ شروع ڪيو، فرقن ۽ نفرت پکيڙيندڙ ٽولن جي باري ۾ سوچيو، هن ڪائنات ۽ ڪل انسان ذات جو خدا ته هڪڙو آهي، ڌرتيءَ تي وسندڙ سمورن انسانن جو رب اهوئي هڪ آهي، پوءِ اهو ڪهڙو خدا آهي جنهن کي ڪا طاقت ناهي ته هو پنهنجي مخالفن سان مهاڏو اٽڪائي سگھي ؟ ۽ انسانن کي چوي ٿو ته اوهان منهنجي مخالفن سان ويڙھه ڪريو، انهن کي ماريو جيڪي منهنجي غلامي نه ٿاڪن، ۽ انسان هڪٻئي خلاف جهاد ڪري هڪٻئي جو خون وهائيندا وتن. شازوءَ سوچيو ته ان خدا جي بدران ڇو وڙهجي جيڪو پاڻ ايترو ڪمزور هجي جو پنهنجي مخالفن کي سزا نه ڏئي سگھي ۽ انهن کي سزا ڏيڻ لاءِ پنهنجي حمايتي انسانن کان مدد طلب ڪري . . . ؟ نه ائين نه ٿو ٿي سگھي، خدا ته طاقتور آهي، هو هر شيءِ تي ضابطو ۽ اختيار رکي ٿو، هو جنهن کي تباھ ڪرڻ چاهي ته ان لاءِ صرف حڪم ۽ چوڻ جي دير آهي، ۽ ائين ٿي پوندو، سندس حڪم کان سواءِ ته پن به نه ٿو چُري سگهي. پوءِ ائين ڇو آهي جو خدا پاڻ خاموش آهي ۽ خدا جي بدران، خدا جي نالي ۾ انسان هڪٻئي کي پٽي، چيري ڦاڙي رهيا آهن، ڪٿي ائين ته ناهي ته اها جنگ انسانن جي پنهنجي ذاتي مفادن جي آهي جنهن کي هو خدا جي نالي تي انسانن مٿان مڙهي رهيا آهن؟؟
شازوءَ جو ذهن خزان ۾ سڪي ويل پپر جي ٽارين جيان ٺوٺ بنجي ويو، وڌيڪ سوچڻ ۽ سمجھڻ جي سگهه کائنس موڪلائي وئي، هو آهستي آهستي قدم کڻندو ڳوٺ طرف وڌڻ لڳو هو، ڳوٺ جي چوراهي تي پهچي کيس خبر ملي ته درسگاھ ۾ ٿيل بم ڌماڪي ۾ هن جي ڳوٺ جا 6 ماڻهو موت جي واديءَ ۾ پهچي چڪا هئا، جيڪي معلم جي تقرير ٻڌڻ لاءِ ويا هئا، انهن مان هڪ خانو به هو، هن جو نالو ته خان محمد هو پر ڳوٺ ۾ خانو جي نالي سان مشهور هو، خانو ننڍپڻ کان ڳوٺ جون مينهون ۽ ڳئون چاريندو هو، ڳوٺ جي آسپاس چراگاهن ۾ مال چارڻ دوران ڏاڍي سُريلي انداز سان بانسري وڄائيندو هو، ۽ جڏهن نما شام جو وقت ٿيندو هو ته چراگاهن کان مال جي ڳچين ۾ ٻڌل ٽِلين جي ٽڻ ٽڻ جو آواز خانوءَ جي آمد جو اعلان ڪندو هو، مال کي وٿاڻ ۾ ڇڏي هو ملنگن جي آشرم ڀرسان پنهنجي ڪکائين جھوپڙيءَ ۾ هليو ويندو هو ۽ رات لڙيءَ تائين بانسريءَ مان ٻيجل جي چنگ جهڙا سُر اوريندو هو ۽ ڪيئي راءِ ڏياچ سندس جھوپڙيءَ تائين پهچي ويندا هئا، ۽ ٺريل رات جي ماٺار ۾ سُرن سان روح کي مست ڪري پوءِ پنهنجي گھرن ڏانهن موٽندا هئا. خانو ڪڏهن به نه ڄاتو ته خدا ڇا آهي، ڇو آهي ۽ ڇا ٿو چاهي ؟ هو صرف اهو ٻڌندو آيو هو ته خدا آهي ۽ چاهي ٿو ته منهنجي حڪمن جي پيروي ڪندا رهو. خانو ڪڏهن به درسگاھ تي معلم جي تقرير ٻڌڻ لاءِ نه ويندو هو، هي پهريون ڀيرو هو جو هو درسگاھ تي معلم جي تقرير ٻڌڻ لاءِ ويو هو ۽ زندگي وڃائي ويٺو هو، شازوءَ سوچيو ته خانوءَ جي روح جسم کي ڇڏيندي ضرور سوچيو هوندو ته خدا ائين ڇو ٿو ڪري جو پنهنجو پيغام ٻڌڻ لاءِ ايندڙن مٿان بم حملا ڪرائي کانئن زندگي کسي ٿو وٺي، ڇا هو بم حملو ڪندڙ کي روڪڻ جي طاقت نه ٿو رکي ؟ ۽ جي اهڙي طاقت رکي ٿو ته پوءِ کيس اڳواٽ ڇو نه ٿو روڪي ؟ ڇا هو اهو سڀ ڪجهه ڄاڻي واڻي ۽ پنهنجي مرضي سان ڪري ٿو ته سندس پيغام ٻڌڻ لاءِ آيلن کي باھ جي ور چاڙهي ٿو ڇڏي ؟؟ ڳوٺ سوڳوار هو، ڳوٺاڻا حيرت ۽ افسوس ۾ ورتل هئا، سندن اڻڄاڻ اکين ۾ هزارين سوال جرڪي رهيا هئا، شازو ڳوٺاڻن جي اکين ۾ تري آيل سوالن کي پڙهي ته نه سگھيو پر هن سمجھيو ته ڄڻ هر اک جي تحرير اها هئي ته “اي خدا هاڻ اسان تنهنجي پرچار ٻڌڻ نه اينداسين، تون اسانجي حفاظت به نه ٿو ڪري سگھين ته پوءِ اسانکي اوڏانهن نه اچڻ گھرجي”.
شازوءَ ڪنهن سان به نه ڳالهايو هو ۽ ڳوٺ جو چوراهو لنگھي پنهنجي گھر جي دروازي تي پهچي ڪڙو کڙڪايو هئائين.
“ڪير آهي” اندران چاچيءَ جو آواز آيو هو.
ورهين کانپوءِ شازوءَ چاچيءَ جو آواز ٻڌو ته سندس اکين ۾ لڙڪ تري آيا، چپ ڪنهن جذبي جي شدت کان ڏڪي رهيا هوس، ذهن ۾ سانوڻيءَ جي کنوڻ جا تجلا ٿيڻ لڳس، هن چاهيو ته چوي چاچي آئون آهيان “شازو” اهو شازو جيڪو توکي اڪيلو ڇڏي شهر ڀڄي ويو هو، تنهنجي ڪُراڙي ڄمار ۾ تنهنجي خدمت ڪرڻ بدران، پنهنجي اندر جي باھ ٿڌي ڪرڻ لاءِ، هيڏانهن هوڏانهن بي مقصد ڀٽڪڻ هليو ويو هو، مڪمل مرد نه هئڻ جو عيب لڪائڻ لاءِ رشتن کي ٽوڙي ويو هو، ها اهو شازو چاچي . . . !
پر شازو ڪجهه به چئي نه سگھيو، ائين محسوس ڪيائين ته نڙيءَ ۾ ٻٻر جي ڪنڊن واري ٽاري اٽڪي پئي هوس يا ڪو ٿوهر ڦُٽڻ لڳو هوس، هو خاموش بت جيان بيٺو رهيو، دروازو کليو ته ڄڻ صدين جا تاڪ کلي پيا، تاريخ جا ورق وري پيا، ڄڻ ڌوڙ چڙهيل شيشي تان تيز طوفاني هوا ۽ بارش سان سموري ڌوڙ هڪ پل ۾ ڌوپجي وئي.
چاچيءَ کي پنهنجي اکين تي اعتبار ئي نه آيو ته ڪو سندس اڳيان شازو بيٺو هو، جنهن کي هن ننڍپڻ کان نپايو هو، چاچيءَ جا به چپ ڦڙڪڻ لڳا، جھور پوڙها هٿ ڪنبڻ لڳس ۽ اکين جو سمنڊ ڇُلڪي پيس، ڪي گھڙيون شازوءَ کي گھوريندي رهي ۽ پوءِ اوچتو جھٽ سان ڏڪندڙ ڪراڙي ٻانهن، جوان جگر جي ٽڪري کي ڀاڪرن ۾ ويڙهي ورتو ۽ چار اکيون ٽمي پيون، ٻه جسم هڪٻئي جي ٻکن ۾ ڏڪڻ لڳا ۽ سڏڪا صدين جا سڏ محسوس ٿيا.
رات جو چاچيءَ ۽ شازو گڏجي ماني کاڌي هئي ۽ پوءِ شازوءَ چيو هو، آئون ٿڪل آهيان چاچي، سوير سمهندس. چاچي ڀر واري ڪمري ۾ عبادت ڪرڻ لاءِ هلي وئي هئي ۽ شازو ڪمري ۾ بستري تي ليٽي پيو هو، ذهن ۾ بم ڌماڪي جو سڄو منظر وراڪا ڏئي موٽي آيس ۽ پوءِ معلم جون ڳالهيون ذهن جي سطح تي تري آيون هوس ته “جيڪو انسانن جي خدمت ڪندو ان کي ئي انعام ملندو” اهو سوچيندي سوچيندي نه ڄاڻ ڪنهن مهل شازوءَ جي اک لڳي وئي هئي، ته هن خواب ڏٺو هو.
وهاڻي تي مٿو رکي ليٽيل شازو اهو فيصلو نه ڪري سگھيو ته هو سالن کان پوءِ ڳوٺ موٽي ڇو آيو هو ؟ ڇا هاڻي هن کي هميشه هن ڳوٺ ۾ رهڻو آهي، يا وري واپس شهر ويندو ؟، ڇا هاڻي شهر مان سندس دل ڀرجي چڪي آهي ؟ ڇا هاڻي هو هڪ ڀيرو ٻيهر سيلاني فقير بڻجي ديولون، مندر، مسجدون ۽ گرجا گھر ووڙيندو يا هڪ هنڌ سانت سان رهي سگھندو ؟ ڇا هو مردن ۽ عورتن سان گڏ رهندو ۽ پنهنجي هڪ نئين دنيا تلاش ڪندو ؟ جيڪڏهن واپس ئي وڃڻو هوس ته پوءِ چاچيءَ وٽ واپس ڇو آيو ؟ ڇا پوڙهپڻ ۾ ڪراڙي چاچيءَ جي ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪڻ لاءِ آيو هو ؟ يا زندگيءَ جي پڄاڻيءَ کان ٿورو اڳ چاچيءَ جو آخري ديدار ڪرڻ لاءِ آيو هو ؟ شازوءَ جي سوچن جون لڙيون، ڇڳل ڇير جي موتين جيان وکري رهيون هيون، اوچتو هن ٺڪاءُ جو آواز ٻُڌو جيئن ڪو ماڻهو کٽ تان زور سان هيٺ ڪِري پيو هجي، هو سٽ ڏئي بستري تان اٿيو ۽ ڊوڙ پائي پاسي واري ڪمري ۾ ويو ته سندس تاڪ لڳي ويا، چاچي فرش تي ڪِرِيل هئي، سندس وات مان گِج نڪري رهي هئي ۽ اکيون اڇيون ٿي ويون هوس.