ڊپ
جيڪي شيون غيرجاندار آهن جيئن پاڻي ته انهن ۾ اهو دٻاءُ ٻن صورتن ۾ ظاهر ٿيندو، هڪ صورت اها هوندي ته جيڪڏهن رڪاوٽ جي طاقت کان پاڻي جي طاقت گهڻي هوندي ته پاڻي ان رڪاوٽ کي ٽوڙي ڇڏيندو ۽ پنهنجو رستو صاف ڪندو، ٻي صورت اها هوندي ته جيڪڏهن پاڻي جي طاقت کان رڪاوٽ جي طاقت گهڻي هوندي ته پاڻي ٻئي طرف مڙندو يا موٽ کائيندو. اهڙي ريت جيڪي شيون جاندار( ساھ واريون) هونديون، يا شعور رکندڙ هونديون، سمجهه رکندڙ هونديون جيئن انسان يا جانور ته انهن ۾ به زندگي جي توانائي تخيلقي عمل طور جڏهن منتقل ٿيندي آهي ۽ منتقلي ۾ رڪاوٽ اچي ويندي آهي ته اها توانائي به دٻاءُ پيدا ڪندي آهي جيڪوپڻ ٻن صورتن ۾ ظاهر ٿيندو، جيڪڏهن منتقل ٿيندڙ زندگي جي طاقت زياده هوندي ته دٻاءُ رڪاوٽ ٽوڙڻ لاءِ ويڙھ، مارڌاڙ، بغاوت ۽ ظلم جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو۽ رڪاوٽ کي ٽوڙي پنهنجو رستو ٺاهيندو، پر جيڪڏهن منتقل ٿيندڙ زندگي کان رڪاوٽ جي طاقت گهڻي هوندي ته زندگي مڙندي، يا موٽ کائيندي، اها صورت شعور ۽ سمجهه ۾ ڊپ جي صورت ۾ ظاهر ٿيندي آهي
ڊپ زندگي جي توانائي جي مُڙي وڃڻ يا موٽ کائڻ جو ٻيو نالو آهي، ڊپ جو مقصد اهو هوندو آهي ته زندگي پاڻ کي منتقل ڪرڻ لاءِ ٻيو ڪو رستو اختيار ڪرڻ چاهي ٿي، ۽ اھا رڪاوٽ آڏو بيهي جمود جو شڪار ٿيڻ کان پاڻ بچائڻ جي ھڪ ڪوشش آهي. توهان پنهنجي زندگي دوران پنهنجي زندگيءَ جي توانائي کي منتقل ڪرڻ ۾ لڳاتار رڌل آھيو، جڏهن ڪو ماڻهو توهان سان جنگ ڪري ٿو يا توهان تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، ته لاشعوري طور زندگي محسوس ڪري ٿي ته اها رڪاوٽ آهي جيڪا توانائي کي اتي ئي بيهاري جمود جو شڪار بنائڻ چاهي ٿي، هاڻي جيڪڏهن توهان وٽ ان رڪاوٽ کان وڌيڪ طاقت آهي ته توهان مقابلو ڪريو ٿا ۽ رڪاوٽ کي ختم ڪري ڇڏيو ٿا يا هٽائي ڇڏيو ٿا پر جيڪڏهن توهان ڪمزور آھيو، ته پاڻ بچائي ڪا ٻي واٽ وٺڻ جي ڪوشش ڪريو ٿا، ان احساس کي ڊپ جو نالو ڏنو وڃي ٿو.
صبر ۽ برداشت الڳ شيون آهن ۽ اهي ڊپ ناهن، درگذر ۽ معاف ڪري ڇڏڻ به الڳ شيون آهن، اهي به ڊپ ناهن پر صبر، برداشت، درگذر ۽ معاف ڪرڻ جهڙيون حالتون ( ڪيفيتون) توهان ۾ تڏهن پيدا ٿينديون آهن جڏهن لاشعوري ۽ شعوري طور توهان کي اها پڪ هجي ته توهان جي سامهون آيل رڪاوٽ توهان کان وڌيڪ طاقتور ناهي، اها توهان جي زندگي جي توانائي کي منتقل ٿيڻ کان روڪي نٿي سگهي، تڏهن توهان ان رڪاوٽ سان مقابلو ڪرڻ يا ان تي حملو ڪرڻ بدران صبر ڪريو ٿا، برداشت ڪريو ٿا، درگذر۽ معاف ڪريو ٿا، اها صورت ڊپ جي ناهي، پر جيڪڏهن توهان ڄاڻو ٿا ته سامهون آيل رڪاوٽ توهان کان وڌيڪ طاقتور آهي ۽ توهان جي زندگي جي توانائي جي منتقلي کي روڪي جمود ۾ آڻي سگهي ٿي ۽ توهان ان سان مقابلو به نٿا ڪري سگهو ته پوءِ ان صورتحال ۾ توهان جو هر متبادل رستو ڊپ جي علامت هوندو.
توهان اڪيلا جهنگل ۾ وڃي رهيا آھيو، توهان کي رستي ۾ ٻلي ملي وڃي، لاشعوري طور توهان محسوس ڪندو ته توهان جي زندگي کي ختم ڪري مطلب جمود ۾ آڻي نٿي سگهي تڏهن توهان کي ڪوبه ڊپ نٿو لڳي پر جيڪڏهن توهان کي جهنگ ۾ شينهن، بگهڙ يا ٻئي ڪنهن خونخوار جانور سان مهاڏو اٽڪائڻو پئجي وڃي توهان هڪدم محسوس ڪندو ته اهو توهان تي حملو ڪري توهان کي ماري سگهي ٿو، ماري وجهڻ يا مري وڃڻ جو مطلب ڇا آهي؟ اهو ته توهان جي زندگي جي توانائي اتي ئي جمود جو شڪار ٿي ويندي اها منتقل نه ٿي سگهندي تڏهن توهان جي اندر جي توانائي جو دٻاءَ ڊپ جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو، توهان پاڻ بچائڻ لاءِ جيڪي به ڪندا اهو ان لاءِ هوندو ته توهان جي زندگي بچي ۽ منتقلي جو عمل جاري رکي، تخليقي عمل جاري رکي، ڊپ زندگي جي داخلي توانائي جو دٻاءٌ هوندو آهي جنهن جو سنڌو سنئون مطلب اهو ٿيو ته زندگي اڃان مڪمل منتقل نه ٿي آهي اها ٻيو رستو وٺي پاڻ بچائي پنهنجي منتقلي ۽ تخليق جو عمل پورو ڪرڻ چاهي ٿي.
توهان ڪڏهن اهڙا ماڻهو به ڏٺا هوندا جيڪي چوندا هوندا ته اسان کي اڃان وڌيڪ جيڻو آهي، پنهنجي ٻارن ٻچن لاءِ، ٻين ڪمن لاءِ، تڏهن سندن مطلب اهو هوندو آهي ته اڃان اسان جي زندگي مڪمل منتقل نه ٿي آهي، اڃا تخليقي عمل رهيل آهي، اهو عمل پورو ڪرڻو آهي، ۽ توهان اهڙا ماڻهو به ڏٺا هوندا جيڪي عمر جي آخري حصي ۾ يا ڪنهن بيماري ۾ اهو چوندا آهن ته دنيا ۾ گهڻو ڪجهه ڏٺوسين، کاڌوسين، پيتوسين اولاد ٿيا هاڻي مري وياسين ته ڏک ڪونه رهندو، تڏهن سندن مطلب اهو هوندو آهي ته اسانجو پنهنجو تخليقي عمل پورو ڪيو، اسان پنهنجي زندگي جي توانائي مڪمل منتقل ڪري چڪا آهيون هاڻي موت جو ڊپ ناهي.
ٿورو غور ڪيو ماڻهو جيئن جيئن جواني کان موٽ کائيندو ويندو آهي، پوڙهو ٿيندو ويندوآهي تيئن تيئن ڪمزور ٿيندو ويندو آهي، سندن جسم جو ماس لڙڪندو ويندوآهي، حواس ڪمزور ٿيندا ويندا آهن، اهو ڇو؟ اهو ان لاءِ ته ننڍپڻ کان جواني تائين اهو پنهجي زندگيءَ جون توانائيون منتقل ڪندا رهندا آهن هاڻي سندس جسم مان جيئن جيئن توانائي منتقل ٿيندي ويندي تيئن تيئن سندن جسمن ۾ توانائي جي کوٽ پيدا ٿيندي آهي جنهن ڪري ڪمزور ٿيندا ويندا آهن ڇوته سندن جسمن جون ۽ حواسن جون توانائيون ٻين ۾ منتقل ٿي چڪيون هونديون آهن.
ڊپ جون به ڪيتريون ئي صورتون ٿين ٿيون پرسمورين صورتن ۾ ظاهر ٿيندڙ ڊپ جو بنيادي سبب هڪ ئي هوندو آهي ته زندگي جو تخليقي عمل، منتقلي جو عمل رُڪجي نه وڃي. مثال طور عزت وڃڻ جو ڊپ، بدنامي جو ڊپ، پئسي ۽ دولت وڃائڻ جو ڊپ، تڪليف پهچڻ جو ڊپ، رشتن ناتن وڃائڻ جو ڊپ ۽ موت جو ڊپ...! غور ڪريو ته انهن سڀني صورتن واري ڊپ ۾ ڪهڙي شيءَ هڪجهڙي آهي؟ عزت، آبرو۽ ناموس اهڙا هٿيار آهن جن ذريعي ٻيا ماڻهو ازخود ڇڪجي اچن ٿا ۽ پئسو ۽ دولت به اهڙا اوزار آهن جن جي ڪري پڻ ٻيا ماڻهو ڇڪجي اچن ٿا، جيترا وڌيڪ ماڻهو ڇڪجي ايندا، متوجهه ٿيندا انهن سان ڏيٺ ويٺ ٿيندي، واسطا ٺهندا ته زندگي جي توانائي انهن ۾ منتقل ٿيڻ شروع ٿيندي جيڪڏهن عزت، آبرو ناماچار، پئسو ۽ دولت هليا ويا ته اهي ڇڪجي آيل ماڻهو واپس موٽ کائيندا، واسطا ٽٽي پوندا جنهن جو مطلب ته زندگي جي منتقلي رُڪجي ويندي، بدنامي سبب به صورتحال ساڳي ٿيندي، رشتن ناتن ٽٽڻ سبب به ساڳيو نقصان ٿيندو ته زندگي جي منتقلي (تخليقي عمل) رُڪجي ويندو. ان ڪري ڄاڻايل سمورن ڊپن جو محرڪ ۽ سبب هڪ ئي آهي، ڪنهن به قسم جي تڪليف پهچڻ به تخليقي عمل ۾ رڪاوٽ آهي ۽ موت ته اهڙو مظهر آهي جنهن سان نه صرف زندگي جي توانائي جي منتقلي رڪجي ٿي پر واپس موٽ پڻ کائي ٿي ان ڪري سڀ کان وڏو ڊپ موت جو هوندو آهي. مون ڪجهه ماڻهن کان ٻڌو آهي ته ڊپ ان کي ٿيندو آهي جنهن وٽ وڃائڻ لاءِ ڪجهه هجي، ڪنهن حد تائين انهن جي ڳالهه به درست آهي ته صحت، عزت، دولت، زندگي وغيره وڃائڻ جو ئي ڊپ رهندو آهي پر ياد رکو ته اهي سڀ شيون هونئن به اسان جون پنهنجون ناهن، اسان کي عطا ڪيل آھن. اهي هميشه هن روپ ۾ اسان وٽ ناهن رهڻيون جنهن روپ ۾ اسان هن وقت آهيون، ڇوته اهو روپ ختم ٿيڻو آهي اسان موت جي مظهر سان بدلجي وڃڻا آهيون ان ڪري اهو ڊپ محض ان ڪري آهي جو اسان پنهنجي زندگي جي تخليقي عمل کي اڻپورو نه ڇڏيون. موت جو ڊپ هر انسان کي هوندو آهي ڇو ته موت اهڙو مظهر آهي جنهن سان توانائي جي منتقلي في الوقت رُڪجي وڃي ٿي پر اهو به سچ آهي ته ڪي ماڻهو موت کان نه ڊڄندا آهن، هي اهي ماڻهو هوندا آهن جن کي لاشعوري طور اندازو هوندو آهي ته هو تخليقي عمل مڪمل ڪري چڪا آهن، هو پنهنجي زندگيءَ جون سموريون توانائيون ٻين کي ارپي چڪا آهن هاڻي هو ٻين ۾ زنده رهندا ان ڪري کين پنهجي جسم جي ڪا به ضرورت نه رهندي آهي ۽ موت انهن لاءِ بي معنيٰ بڻجي ويندو آهي ان درجي تي پهچڻ کان پوءِ ڊپ پڻ بي معنيٰ بڻجي ويندو آهي.