موت
سج صدين کان روشني ڏيندو رهيو آهي ڪڏهن به سج ڌرتي کان روشني واپس نه ورتي آهي پر سانجهي جو جڏهن سج لهي وڃي ٿو تڏهن روشني ڪيڏانهن غائب ٿي وڃي ٿي؟ اونداه اچڻ سان اها روشني سج ڏانهن واپس ته نٿي وڃي پوءِ ڪيڏانهن گم ٿي وڃي ٿي؟ شمع يا ميڻ بتي جڏهن ٻري رهي هوندي آهي تڏهن تاب سان چمڪندڙ شعلو هڪ ظاهري وجود رکي ٿو پر ميڻ بتي وسامي وڃڻ کان پوءِ اهو شعلو ڪيڏانهن گم ٿي وڃي ٿو؟ ڇا اهو هوا ۾ هلندو رهي ٿو؟ يا مٽي ۾ جذب ٿي وڃي ٿو يا ميڻ بتي ۾ واپس داخل ٿي وڃي ٿو؟ ائين ناهي، ٻرڻ کان اڳ ڏيئو، تيل ۽ وٽ نظر اچن ٿا وسامڻ کان پوءِ به ڏيئو تيل ۽ وٽ برقرار آهن پر صرف شعلو نظرن کان اوجهل ٿي وڃي ٿو، الوپ ٿي وڃي ٿو اهو ڪيڏانهن ٿو وڃي ان سوال جو جواب لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي، صرف ڪوصاحب بصيرت انسان ئي ان جواب کي محسوس ڪري سگهي ٿو، پنهنجي وجود جي اندر جي روشنيءَ کي محسوس ڪري سگهندڙ انسان ئي اصل جواب معلوم ۽ محسوس ڪري سگهي ٿو پر ان جواب کي صرف ۽ صرف محسوس ڪري سگهجي ٿو، لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي.
بلڪل اهڙي طرح زندگي کان پوءِ موت بابت سوال اٿاريا ويندا آهن، اڪثر ماڻهو موت جي باري ۾ بحث ڪندا رهندا آهن ته موت ڇاآهي؟موت به هڪ اهڙو مظهر آهي جنهن کي محسوس ڪري سگهجي ٿو پر لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي، پنهنجي اندر جي روشني کي محسوس ڪري سگهندڙ ۽ صاحب بصيرت انسان ئي موت جي مفهوم کي سمجهي سگهن ٿا، صدين کان انسان موت جي راز کي معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا پيا اچن پر آئون اهو چوندس ته موت کي سمجهڻ يا موت جي حقيقت کي معلوم ڪرڻ، ان حقيقت تائين پهچڻ لاءِ ڪابه کوجنا نه ڪرڻي پوندي آهي، ڪي به ڪشالا نه ڪٽڻا پوندا آهن، موت ته هڪ لمحي ۾ اچي ويندو آهي ۽ اهو ساھ واري تي لازمي اچڻو آهي صرف هڪ جهلڪ ۾ اچي ويندو آهي، پر زندگي کي سمجهڻ لاءِ ڪشالا ڪٽڻا پوندا آهن، وڏا وڏا ڪشالا ڪٽڻ باوجود زندگي جي حقيقت معلوم نه ٿي سگهندي آهي، انسان جيئن موت جي راز کي معلوم ڪرڻ جاکوڙيندو رهيو آهي تيئن انسان زندگي جي راز کي به معلوم ڪرڻ لاءِ جاکوڙيندو رهيو آهي، حقيقت ۾ موت جو مفهوم سمجهڻ لاءِ ڪابه محنت نٿي ڪرڻي پوي، اهو ته بس اچانڪ ظاهر ٿيندو آهي ۽ انسان ان راز ۾ رلجي ويندو آهي، موت جا سمورا راز مٿس فاش ٿي پوندا آهن پر ستم ظريفي اها آهي ته انسان زنده هجڻ باوجود زندگي جي رازن سان رلجي نه سگهندو آهي، زندگي جا سمورا راز مٿس فاش نه ٿيندا آهن ۽ پنهنجي حياتي، زندگي جي حقيقيي راز جي تلاش ۾ گذاري ڇڏيندو آهي.
مونکان اڪثر ماڻهو اهو به سوال ڪندا آهن ته توهان چئو ٿا ته موت اوچتو اچي ويندو آهي ۽ موت جا سمورا راز انسان تي ظاهر ٿي پوندا آهن پر زندگي دوران موت جا راز پرکڻ چاهيون اسان ٿا، جڏهن موت اسان وٽ نٿو اچي تڏهن ئي موت جون حقيقتون معلوم ڪرڻ چاهيون ٿا؟ انهن سوال ڪندڙن جي اها لوچ به مثبت آهي، صحيح سوال آهي انهن جو، پر ان ڳالهه جي جواب ۾ آئون فقط اهو چوندس ته جيڪڏهن توهان زندگي دوران اهي موت جا راز معلوم ڪرڻ چاهيون ٿا ته پهرين زندگي جا راز معلوم ڪريو ڇوته ستم ظريفي اها آهي ته جو اوهان زنده ته آيو پر زندگي جي حقيقتن ۽ رازن کان اڻ ڄاڻ آهيون جيڪڏهن توهان زندگي دوران زندگي جي رازن کي ڄاڻي ويا ته موت جا سمورا راز توهان تي ازخود ظاهر ٿي پوندا.
توهان اهو ٻڌائي سگهندا ته جڏهن توهان ڄاوا ئي نه هئا، اڃان ماءُ جي پيٽ ۾ ئي نه پيدا ٿيا هئا، جڏهن توهان جي ماءُ ۽ پيءُ جي شادي به نه ٿي هئي تڏهن توهان ڪٿي هئا؟ ڪهڙي صورت ۾ هئا؟ توهان جڏهن ماءُ جي پيٽ ۾ ئي نه هئا، توهان چوندا ته تڏهن توهان هئا ئي ڪونه، توهان جي نه هجڻ واري حالت ۾ توهان اوچتو ڪٿان اچي ويا؟ ڪيئن ظاهر ٿي پيا؟۽ جڏهن توهان تي موت اچي ويندو توهان مري ويندا ته ٻيهر ان صورت ۾ هليا ويندا جنهن صورت ۾ توهان پيدا ٿيڻ کان اڳ ۾ هئا.
توهان ڏٺو هوندو ته مٽي صرف مٽي هوندي آهي، ٻج صرف ٻج هوندو آهي ۽ ٻج کي توهان وڻ نٿا چئو پر جڏهن ٻج زمين ۾ ڦٽي، ٽاريون، پن ۽ گل جهلي ٿو ته توهان ان کي وڻ چئو ٿا ۽ جڏهن مٽي کي ڪنڀار ڳوهي، پچائي هڪ ٿانو ٺاهي ٿو ته تڏهن توهان ان ٿانو کي هڪ ٿانو سڏيو ٿا، هاڻي ان کي مٽي نٿا چئو بلڪل اهڙي طرح اوهان هڪ ٿانو آيو، هيءَ زندگي هڪ ٿانو آهي جڏهن زندگي توهان کي ملي هئي تڏهن توهان هڪ ٿانو بڻجي پيا هئا ۽ ان کان اڳ ۾ توهان صرف مٽي هئا، مٽي ته سڄي ڌرتي آهي مطلب توهان به ڪُل ڌرتي هئا، ڪُل ڌرتي ۾ توهان جي الڳ ڪا به سڃاڻپ نه هئي پر جڏهن توهان هڪ ٿانو جيان الڳ انفراديت حاصل ڪئي ته توهان جي الڳ سڃاڻپ بڻجي وئي.
اوهان جي آڏو موت ڪيترائي ڀيرا ظاهر ٿيو آهي پر افسوس جو توهان موت کي اکيون اکين ۾ وجهي ڏسڻ جي همت نٿا رکو ان ڪري اوهان موت جو درشن ڪرڻ کان محروم آيو، توهان جڏهن مري ويندا تڏهن ئي موت جو درشن ڪندا پر هڪ صاحب بصيرت انسان زندگي دوران ئي موت جو درشن ڪري وٺندو آهي، توهان پنهنجي حياتي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي جنازي ۾ شريڪ ٿيا هوندا، توهان جي آڏو ڪيترا ئي ماڻهو موت جو شڪار ٿيا هوندا پر توهان جڏهن به ڪنهن کي مرندي ڏسندا آهيو ته توهان ڊڄي ويندا آهيو، ان ڊپ سبب ئي توهان موت جو نه درشن ڪري سگهيا آهيو ۽ نه ئي موت جي رازن کي معلوم ڪري سگهيا آهيو، صدين کان مذهبي اڳواڻن اوهان کي موت بابت ڊڄاريو آهي، ڪيترائي مذهب موت بابت ڊڄاريندڙ ڳالهيون بيان ڪندا آهن جن کي ٻڌي توهان جا لڱ ڪانڊارجي ويندا آهن، ننڍپڻ کان ئي توهان ۾ موت جو خوف ويهاريو ويو آهي، درسي ڪتابن، استادن، والدين ۽ رهنمائن توهان کي موت بابت ڊڄاريندڙ ڳالهيون ٻڌايون آهن ان ڪري موت جو خوف اوهان جي لاشعور ۾ سمائجي ويو آهي اهو ئي سبب آهي جو جڏهن به توهان موت جو ذڪر ٻڌو ٿا ته ڊڄي وڃو ٿا اهڙي ڊپ واري صورتحال ۾ توهان موت جون حقيقتون ڪيئن معلوم ڪري سگهندا؟
آئون توهان کي ٻڌايان ٿو ته جيڪڏهن توهان موت کان ڊڄندا ۽ ڀڄندا رهندا تڏهن به موت اوهان وٽ ضرور ايندو ۽ جيڪڏهن توهان موت کان نه ڊڄندا ۽ هڪ محبوب مهمان جيان ان جي آجيان لاءِ تيار هوندا تڏهن به موت توهان وٽ ايندو، موت ضرور اچڻو آهي ان کان فرار ناممڪن آهي ان ڪري صدين کان ذهن ۾ موت بابت ويهاريل خوف ڪڍو، موت ڪو بُرو لقاءَ ناهي، انتهائي خوبصورت مظهر آهي موت زندگي جي پڄاڻي ناهي پر زندگي جي منزل آهي موت خاتمو ناهي پر سِرِجي تيار ٿيڻ جو نانءَ آهي، موت تڪليفده ناهي، هڪ پرسڪون گهڙي آهي، موت کان ڊڄندڙ عقل ۽ ذهن هوندو آهي پر جڏهن عقل ۽ ذهن جو ڪم ختم ٿي ويندو آهي ته موت هڪ تسڪين ڀريو لمحو بڻجي ويندو آهي، توهان جاڳي رهيا آهيو مطلب ته توهان جي ذهن جو عقل وارو حصو ڪم ڪري رهيو آهي پر جڏهن توهان سمهڻ لڳو ٿا ته عقل وارو ذهن جو حصو ڪم ڪرڻ بند ڪري ڇڏي ٿو، ننڊ اچي وڃي ٿي، عين اهو لمحو جنهن وقت ننڊ جي شروعات ٿئي ٿي ان جو توهان کي پتو ئي نٿو پوي پوءِ توهان عين اهو منٽ يا سڪينڊ معلوم نه ڪري سگهندا آهيو، جنهن منٽ يا سڪينڊ ۾ توهان جي اک لڳي ويندي آهي بلڪل اهڙي ريت جڏهن توهان بيمار هجو ٿا، پوڙها هجو ٿا، حادثي جو شڪارهجو ٿا ۽ ذهن جو سمجهه وارو حصو ڪم ڪري رهيو هوندو آهي تيستائين توهان کي موت کان ڊپ هوندو آهي ۽ اهو ڊپ ئي ايذائيندڙ هوندو آهي، ياد رکو ته ايذائيندڙ موت جو ڊپ آهي، خود موت ايذائيندڙ ناهي، موت ته ننڊ جيان آهي اهو ڪهڙي وقت اچي ٿو اهو منٽ، اهو سڪينڊ توهان لاءِ گمنام هوندو آهي توهان کي خبر ئي نه پوندي ته ڪهڙي سيڪنڊ ۾ موت آيو موت هڪ مٺي ننڊ مثل آهي، سو موت جو ڊپ ذهن مان ڪڍي ڇڏيو ته توهان موت جو مشاهدو ڪري سگهو ٿا، موت هڪ اهڙي منزل آهي جتي جذبا ۽ احساس گم ٿي وڃن ٿا.
جڏهن ڪو ماڻهو مري هوندو آهي تڏهن توهان کي ڊپ ٿيندو آهي، توهان منهن ڦيري ڇڏيندا آهيو يا اکيون پوري ڇڏيندا آهيو ۽ مرندڙ ماڻهو کان پري ٿي ويندا آهيو جنهن جي نتيجي ۾ توهان موت جو مشاهدو نه ڪري سگهندا آهيو، توهان ڪيترن ئي مري ويلن جي آخري رسمن ۾ شريڪ ٿيندا آهيو پر توهان ان وقت موت کي ويجهي کان محسوس ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪندا آهيو بلڪه رسمي طور صرف شريڪ ٿيندا آهيو ۽ موت جي آخري رسمن وقت توهان هڪ ٻئي سان دنيا داري جون ڪچهريون ڪري پنهنجو ذهن موت کان ٻي طرف موڙي ڇڏيندا آهيو جنهن ڪري اوهان موت جو مشاهدو ڪرڻ کان محروم رهيا آهيو، پنهجون اکيون کليل رکو، ذهن کي چوڪس رکو ۽ موت کي ويجهي کان محسوس ڪريو موت جو مشاهدو ڪرڻ ڪا ڏکي ڳالهه ناهي موت ته اوهان جي سامهون هوندو آهي پر ان کي محسوس ڪرڻ وارا حواس ڌاريو، ان کي ڏسي سگهڻ واري اک رکو ۽ موت جي لقاءَ جو مشاهدو ٿي ويندو.
توهان سان گڏ رهندڙ ڪو ماڻهو مري هوندو آهي يا توهان جي آس پاس جڏهن ڪو ماڻهو آخري پساھن ۾ هوندو آهي تڏهن اوهان ڊڄو نه ، ان کان پري نه ٿيو، ان کي ويجها رهو، ان جي آخري ساهن جي رفتار کي محسوس ڪريو، ڳالهايو نه ، رڙيون نه ڪريو، هرگز نه ڳالهايو، مڪمل خاموشي اختيار ڪريو، گهري ماٺار ۾ اوهان نڪرندڙ ساھ جو مشاهدو ڪريو، مرندڙ جي چهري کي غور سان ڏسو، خاموشي سان ڏسو، توهان مرندڙ جي چهري تي موت جا واضح پيرا پسي سگهو ٿا، جڏهن ڪو مري وڃي اوهان ان جي موت کان پوءِ اتي پهچو ته رڙيون نه ڪريو، پِٽڪو نه ڪريو، نه ئي موت جي ڊپ کان ان کان پري ٿيو، خاموشي اختيار ڪريو ۽ مري ويل جي چهري کي ڌيان سان ڏسو، ان وقت موت اتي موجود هوندو آهي، توهان لڳاتار مشاهدو ڪريو، مري ويل کي آخري آرامگاھ حوالي ڪرڻ تائين خاموشي سان سڄي وارتا جو مشاهدو ڪريو، اگر توهان جي اندر ۾ روشني آهي، توهان وٽ مشاهداتي اک آهي ته توهان موت جو روبرو مشاهدو ڪري سگهو ٿا.
موت جو وڌيڪ اثرائتو مشاهدو تڏهن ٿي سگهندو آهي جڏهن توهان جو محبوب مري وڃي، ڪو ويجهو يا پيارو ماڻهو مري وڃي ، موت اٽل آهي اهو هر ڪنهن ساھ واري تي اچڻو آهي، جڏهن توهان جي محبوب شخصيت مري وڃي ٿي تڏهن توهان ڌيان سان محسوس ڪريو، اندر جي اک کليل رکو، حواسن کي چوڪس رکو، توهان محسوس ڪري سگهندا ته توهان جي محبوب شخصيت پنهنجي پيار سان پنهنجي زندگي توهان ۾ منتقل ڪئي هئي، ان جي زندگي توهان جي زندگي ۾ سمائجي چڪي هئي ۽ هاڻي جڏهن اها محبوب شخصيت مري وئي آهي تڏهن اوهان جي اندر منتقل ٿيل اها زندگي پنهنجي اصلي محور(مري ويل شخصيت) ڏانهن ڇڪجڻ لڳندي ڦٿڪڻ لڳندي ۽ توهان جو اندر جهرندي محسوس ٿيندو، ٺيڪ ان وقت توهان زندگي جي منتقلي واري حقيقت کي بخوبي پرکي ۽ سمجهي سگهو ٿا عين ان وقت جڏهن توهان جو اندر جھڄي جهري رهيو هوندو آهي تڏهن توهان موت جي طاقت کي محسوس ڪري سگهندا، موت جو مشاهدو ڪري سگهندا ۽ موت جو ذائقو محسوس ڪري سگهندا. اڪثر ڪري توهان جڏهن به موت کان پوءِ مري ويل ماڻهو جي چهري کي غور سان ڏسندا ته ان چهري تي هڪ پراسرار ۽پر سڪون مرڪ سجيل هوندي آهي، جيڪڏهن توهان ان وقت موت کان ڊنل آهيو ته اها مرڪ اوهان کي ڀوائتي محسوس ٿيندي، ڊيڄاريندڙ محسوس ٿيندي پر جيڪڏهن توهان موت کان ڊنل ناهيو ته اها مرڪ توهان کي اطمينان بخش ۽ خوبصورت لڳندي توهان ڪڏهن سوچيو آهي اها مرڪ ڇو هوندي آهي؟ اها مُرڪ ڪهڙي فتح جي نشاني آهي؟ اها مرڪ زندگي جي منزل جي فتح جي نشاني آهي، موت زندگي جي منزل آهي، جيڪو ان منزل تي رسي ويندو آهي ان کي اطمينان ٿي ويندو آهي ته هو هاڻ ٿانيڪو ٿي ويو، ۽ پنهجي زندگي ٻين ۾ منتقل ڪري چڪو، ان فتح جي احساس طور ان مري ويل ماڻهو جي مُک تي هڪ پرسڪون مرڪ سجائجي ويندي آهي.