پنهنجي پاران
”ڪهاڻيون“ ڏاڍو پراڻو نالو آهي. منهنجين تخليقن کي ڪهاڻيون سمجھي پڙهيو وڃي ٿو، جنهن ڪري اهي سمجھه جي دائري کان ٻاهر نڪري وڃن ٿيون. مونکي سمجھيو نه ويو آهي، ڇو جو صحيح معنيٰ ۾ پڙهيو نه ويو آهي.
”ڪهاڻيءَ جو ٻيو نالو ڇا ٿي سگهي ٿو“؟ وري اها ڳالهه منهنجي سمجھه کان ٻاهر آهي.
علامتي ڪهاڻي. سرئلسٽڪ ڪهاڻي. جادوئي حقيقت نگاريءَ واري ڪهاڻي. ايبسٽريڪٽ ڪهاڻي. صحافتي ڪهاڻي. يقين ڪيو مونکي ڪا خبر نه آهي، منهنجيون ڪهاڻيون ڪهڙي سانچي ۾ ماپن ٿيون. بس مان لکندو آهيان. علامت، سرئلزم، ايبسٽريڪٽ، سحرا انگيزي ۽ حقيقت نگاريءَ جي ڪا به ڄاڻ نه آهي. مون وٽ پنهنجو وجدان آهي. پنهنجي اڏام آهي.
ڪنهن نقاد کي اجازت نه ڏيندس ته اهو منهنجي اجازت کانسواءِ ڪنهن تخليق جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري. سنڌ ۾ جنهن اڃاڻ لکڻ جي شروعات نه ڪئي آهي. اهو لکڻ جي شروعات ئي تنقيد سان ڪري ٿو جيئن سستي شهرت حاصل ڪري سگهي.
ڪنهن تخليقڪار جي اجازت کانسواءِ ان تي لکڻ ائين آهي جيئن ڪو باغ مان صوف پٽي هلڻ لڳو. مالهي پويان ڪڍ ويس ۽ وڃي ويڻيءَ ۾ هٿ وجھي چيائينس: ”اجازت کانسواءِ پرائي باغ مان توکي صوف پٽيندي شرم نه ٿو اچي“ ان ويڻي ڇڏائيندي، وڏي هَٺ مان وراڻيو.
”اجازت جي ڪهڙي ضرورت آهي. مون ته ڏسڻ پئي چاهيو جڏهن ٻين باغن ۾ ڳاڙهي رنگ جا صوف آهن ته هن جو رنگ هيڊو ڇو آهي؟“
منهنجي ڪهاڻين جا صوف منهنجي پڙهندڙن لاءِ آهن. اهي انهن جي خوشبوءِ ۽ ذائقو محسوس ڪري سگهندا.
هن مجموعي ۾ ڪل تيرهن ڪهاڻيون شامل آهن. ڪجهه ڪهاڻيون منجھيل محسوس ٿي سگهن ٿيون. فن جي وضاحت ڪرڻ تخليق جي توهين ڪرڻ آهي. تفسيرون لکڻ مُلن جو ڪم آهي، جيڪي مذهبن کي منجھائن ٿيون.
پڙهندڙن جي آسانيءَ لاءِ ڪجهه ڪهاڻين جو پس منظر بيان ڪيان ته بهتر ٿيندو. ڪهاڻي ”گڏهن جي آزادي“ انساني نفسيات تي لکيل آهي. ڪُند ذهن انسان سدائين غلام آهي. اهو گڏهه جيان خيالي رسي سان ٻڌل آهي. هڪ رهنماءَ جي موت کانپوءِ ٻيو رهنماءُ اچي خيالي رسا ڇوڙي انهن کي آزاد ڪري ٿو ۽ اهي اکيون ٻوٽي گڏهه جيان ان جي ڪڍ لڳي پون ٿا. ڪهاڻي ”سوڙهه“ ان پس منظر ۾ لکيل آهي ته دنيا ۾ سڀني کي پنهنجا سور آهن، ڪهاڻيءَ ۾ ننڍو ڀاءُ ناراض زال کي روئيندو ڇڏي ڀاڄائيءَ جي موت تي تعزيت ڪرڻ وڏي ڀاءُ وٽ وڃي ٿو. تڏي تي سڀ سوڙهه ۾ سمهيل آهن. ننڍو ڀاءُ زال کي خواب ۾ پرچائيندي وڏي ڀاءُ کي ڀاڪر وجھي سمهيل آهي ۽ وڏو خواب ۾ قبر اندر زال کي مرڪندي ڏسي ٿو.
ڪهاڻي ”ڳوٽ“ منهنجو ذاتي الميو آهي. هيءَ زندگي، توهان ۽ قسمت جي وچ ۾ شطرنج راند آهي. شطرنج راند ۾ ڪردار پنهنجي بادشاهه کي بچائڻ جي پوري ڪوشش ڪري ٿو، پر بادشاهه مري وڃي ٿو. مان پنهجي نوجوان پٽ کي بچائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پر اهو دنيا مان هليو ويو. روئڻهار ڪو ٿي پيو آهيان، وڌيڪ لکڻ نه ٿو چاهيان.
جيئي سنڌي ٻولي
جيئن سنڌي ٻوليءَ جا پڙهندڙ
[b]رسول ميمڻ
[/b]ڪراچي