ڀاءُ جي نصيحت
اهي سانوڻ جا ڏينهن هيا، هر طرف جل ٿل هيو. چڱا مينهن وسيا هيا. دريائن ۾ پاڻي به سرس آيو هيو. ٻنيون ٻارا پاڻيءَ سان اهڙا سٿيل هيا جو انهن وچ ۾ زمين ٽڪر نظر نه پئي آيو. هر ڪو ڪم ڪار سان لڳل هيو. هارين جا هر چيڪڙ ۾ ڀرجي ويا ۽ ڏاند سهڪڻ لڳا. هر ڪو ساريالي فصل جي تياريءَ ۾ مصروف هيو. گوڏي پاڻيءَ ۾ رونبو ٿيڻ لڳو ۽ نانگ ترندي نظر آيا. چنڊ ڳڀا ڳڀا ٿي پوک جي پاڻيءَ ۾ لڏڻ لڳو ۽ ڏيڏرن آسمان مٿي تي کنيو.
وڏو ڀاءُ ڪوڏر ڪلهي تي رکي گهر کان ٻاهر نڪتو ۽ آلي چيڪڙ ۾ احتياط سان آهستي هلندو جڏهن هوٽل اڳيان لنگهيو ته ڏٺائين ننڍو ڀاءُ گوڏن کي پوتڙ ويڙهي چانهه جون چسڪيون وٺي مائي ڀاڳيءَ جي ڪلام تي ڪنڌ لوڏي رهيو آهي. اهو ڏسي وڏي ڀاءُ جو اڳتي وڌڻ رڪجي ويو. هن سوچيو ڇو نه ننڍي ڀاءُ کي نصيحت ڪيان جيئن هو راهه راست تي اچي ۽ جڏهن هر ڪو ڪم سڪار سان لڳل آهي ۽ روزگار جو رستو کليل آهي، هو به نڀاڳ ڇڏي اچي ٻين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي محنت ڪري پنهنجن پيرن تي بيهي. اهو سوچي هو گپ ۾ پير پير ۾ ڏئي اچي هن ڀرسان ويٺو. وڏي ڀاءُ کي ڀرسان ويٺل ڏسي ننڍو گوڏن تان پوتڙو ڇوڙي ادب مان سڌو ٿي ويٺو. ”منهنجا ڀاءُ.“ وڏي چيو. ”ڇو ٿو اجايو وقت وڃائين. مان توکي هوٽل تي ويهڻ ۽ چانهه پيئڻ کان روڪڻ نه آيو آهيان. تون ڀلي هتي ويهه ۽ چانهه پي مائي ڀاڳيءَ جا ڪلام ٻڌ، پر منهنجي نصيحت تي پڻ عمل ڪر.“ نئين پئرا ”حڪم ڪر منهنجا ڀاءُ... ڪهڙي نصيحت؟“ ننڍي وراڻيو.
وڏي هوٽل ۾ ٽيبل ڀرسان ڪوڏر رکي ۽ ڀاءُ سامهون سڌو ٿي ويٺو.
”مان توکي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته دنيا ڪيڏي ترقي ڪئي آهي. ماڻهون ڪڏهن جو وڃي چنڊ تي پهتو آهي ۽ مريخ تي پهچڻ وارو آهي. هر طرف انسان محنت ۽ ڀڄ ڊڪ ۾ مشغول آهي. هرڪو چاهي ٿو ته هڪ سٺي زندگيءَ گذاري دنيا ۾ سرخرو ٿئي. هن وٽ دولت هجي. پئسو پائي ۽ ڪار بنگلو هجي ۽ صحتمند ٻار هجن. پر مان ڏسان ٿو ته تو ۾ ڪو حال ڪونهي ڳوٺ جا سڀ پورهيت پوکن ۾ مصروف آهن. هرڪو رونبو ڪري روزگار حاصل ڪري رهيو آهي، پر تون هتي هوٽل تي ويهي اجايو وقت وڃائي پاڻ کي برباد ڪري رهيو آهين.“
”ته پوءِ مونکي ڇا ڪرڻ گهرجي ادا... جيئن تون صلاح ڏئين.“ ننڍي چيو.
”منهنجي ڳالهه مڃ.“ وڏي چيو.“ محنت ڪر. محنت ڪندين ته وڏو ماڻهون ٿيندين. سستي ڇڏي چستي ڌار. پنهنجا هڏ ۽ مغز کول. جسم کي تڪليف ڏي. اٿ ۽ ڪم کي لڳي وڃ. اَن ايندو گنديون ڀربيون ته سياڻو سڏبين.“
ننڍو سوچ ۾ پئجي ويو ۽ ڏاڙهي کنهي وڏي کي ڏسڻ لڳو.
”پر ادا ڳالهه ته ٻڌ.“ ننڍي چيو، ”صبح سان سبزين جا ٽوڪرا گاڏيءَ تي رکرائيم. ڪڙهائيءَ واري کي واڙي تان کير کڻائيم ۽ گاهه ڪٽي واڙي تي پهچائيم. بس چانهه پاڻيءَ جا پئسا نڪري آيا... ٻيو ڇا گهرجي؟“
وڏو ڀاءُ ننڍي جي ڳالهه ٻڌي منجهي پيو. هو سوچڻ لڳو ته ننڍي کي ڪيئن سمجهائجي ته اهو سڀ زندگي گذارڻ لاءِ اڻپورو آهي.
”نه منهنجا ڀاءُ تون منهنجي ڳالهه نه سمجهي.“ وڏي چيو. ”اهو جيڪي ڪجهه ڪمائي رهيو آهين اهو نه هجڻ جي برابر آهي. توکي گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي ۽ هن زندگيءَ جي ڊوڙ ۾ سڀ کان گوءِ کڻي اڳتي وڌڻو آهي.“
ننڍي ڪجهه نه ڳالهايو ۽ وڏي ڀاءُ جي ڳالهين کي غور سان ٻڌندو رهيو. وڏو هن کي سمجهائڻ جي پوري ڪوشش ڪرڻ لڳو.
”منهنجي ڳالهه غور سان ٻڌ.“ وڏي چيو. ”اڄ مان جيڪا توکي نصيحت ڪرڻ وارو آهيان اها زماني جي حقيقت آهي. توکي اهڙي رستي جو ڏس ڏئي رهيو آهيان، جيڪو سولو ۽ ويجهو آهي. جيڪڏهن تون ان تي هلندين ته وقت کان پهريون منزل تي پهچي ويندين. توکي جيڪڏهن ڪمائڻو آهي ته دل کولي ڪماءِ. وڌيڪ محنت ڪري وڌيڪ پئسا ڪماءِ. هڪ ڏينهن تو وٽ ايترا پئسا ڪٺا ٿي ويندا جو تون انهن مان هڪ مينهن وٺجاءِ. ۽ مينهن جي خوب خدمت ڪجانءِ. ان کي تازو گاهه کارائجانءِ ۽ جهنگ ۾ گهمائجانءِ ڦرائجانءِ. اها توکي ججهو کير ڏيندي. پوءِ تون اهو کير وڪڻي پئسا گڏ ڪجاءِ. تو وٽ ايترا پئسا گڏ ٿي ويندا جو تون پوءِ هڪ ٻي مينهن وٺجاءِ ۽ ائين هڪ ڏينهن تو وٽ مينهن جو واڙو ٿي ويندو. پر هڪ ڳالهه ٻڌ تون کير ۾ پاڻي ضرور ملائجاءِ، پر ايترو گهڻو نه ملائجاءِ جو کير ڇڊو ٿي وڃي ۽ ماڻهون توکان کير وٺڻ کان پاسو ڪن، اهڙي طريقي سان ملائجانءِ جو وٺڻ واري کي خبر نه پوي. جڏهن تو وٽ گهڻا پئسا گڏ ٿي وڃن ته تون انهن مان ٿوري زمين وٺجانءِ. زمين ڪنهن هاريءَ کي بٽيءَ تي ڏئي وقت جو انتظار ڪجانءِ ۽ جڏهن فصل تيار ٿئي ته ان سان ڦڏو ڪري گهڻو اَن ڦٻائڻ جي ڪوشش ڪجاءِ. جيڪڏهن هاري ڪِرڪِر ڪري ته ان کي چيلهه ۾ لت هڻي ان جي عزت ۾ هٿ وجهجانءِ. جيڪڏهن پوليس ۾ وڃي ته تو وٽ پئسي جي ڪمي نه هوندي. صوبيدار کي رشوت ڏئي واپس روانو ڪجانءِ. هاري مجبور ٿي تنهنجن قدمن ۾ ڪري پوندو. جاڏي ويندين تنهنجي پويان هلندو ۽ تنهنجو وفادار ٿي پوندو. ائين تون گهڻيون زمينون وٺجانءِ. تو وٽ هڪ ڏينهن سوين ايڪڙ زمين هوندي ۽ هزارين هاري هوندا. تو وٽ وڏو راڄ ڪاڄ هوندو. ماڻهو تنهنجا سلامي ٿيندا ۽ تون پنهنجي تڪ جو چڱو مڙس ٿي ويندين. جڏهن تنهنجي تڪ يا ڀرپاسي جهيڙا ۽ ڪاري ڪاريءَ جا قصا ٿيندا ته سڀ جرگو سڏائي تو وٽ پهچي ويندا. تون انهن ڏينهن ۾ وڏيون مڇون رکرائجانءِ ۽ هر هر هٿ سان وڪڙ ڏئي مڇ کي مٿي ڪجانءِ. هر جرگي کان پوءِ ماڻهو هڪ وڏي رقم توکي منصف طور عيوضي ۾ ڏيندا ۽ جيڪڏهن ڪنهن ڪاريءَ کي قتل ڪرڻ کان اڳ تو وٽ رهائين ته ان سان تو وٽ ڇيڙڇاڙ جا مڪمل اختيار هوندا. سڀ تنهنجي هٿ ۾ هوندو، ڪنهن جي پڳ لاهين يا ڪنهن کي ٻڌرائين. جيڪڏهن تون اڃان به همت ڪندين ۽ پنهنجي ڀرپاسي وڏيرن ۽ چڱن مڙسن کي گڏ ڪري انهن جي صلاح سان قبيلائي جهڳڙا ڪرائي ٻه چار معمولي ماڻهو مارائي انهن جي وارثن جي پٺڀرائي ڪري فيصلن ۾ انهن جو امين ۽ همدرد ٿي بيهندي ته ماڻهن جي دل ۾ تنهنجي عزت ۽ خوف وڌي ويندو سڀ تنهنجي تابع ٿي پوندا ۽ جتي ويندين اتي تنهنجا هٿ چمندا. پنهنجي دهشت ويهارڻ لاءِ هڪ ٻيو ڪم ڪجانءِ. اوڙي پاڙي جا لوفر گڏ ڪري ڌاڙيلن جو ٽولو ٺاهجانءِ ۽ انهن کي ضرورت وقت پنهنجي اوطاق ۾ پناهه ڏجانءِ. تڪ جا لاوارث ۽ واڻيا اغوا ڪرائي انهن وٽ همدرديءَ طور تڏي تي وڃي ڏک جو اظهار ڪجانءِ ۽ انهن کي خاطري ڪرائجانءِ ته انهن جا اغوا ٿيل ماڻهو تنهنجي ڪوششن سان جلد بازياب ٿي گهر پهچي ويندا. پوءِ شريفن ۽ ڌاڙيلن جي وچ ۾ دلاليءَ جو ڪم ڪجانءِ. ڀنگ ۾ جيڪي پئسا ملن انهن مان اڌ پاڻ کڻجانءِ ۽ اڌ ڌاڙيلن کي ڏجانءِ. تنهنجو اثر ۽ رسوخ ڏسي فوجي حڪمران توڏانهن پنهنجو ايلچي موڪلي وزارت جي آڇ ڪندا جيڪا تون ڪڏهن نه ٺڪرائجانءِ ۽ هڪدم وزارت قبول ڪري سياست ۾ داخل ٿجانءِ. جيئن فوجي چون انهن سان ها ۾ ها ملائجانءِ. جيڪڏهن ايئن ڪندين ته ڪاميابي تنهنجا قدم چمندي ۽ تنهنجن هٿن ۾ وڏي طاقت اچي ويندي.
پوري تڪ ۾ تو جهڙو طاقتور ماڻهو ٻيو ڪوبه نه هوندو. پوليس توکان ڊڄندي ۽ اها تنهنجي مرضي هوندي ته ڪنهن کي اندر ڪرائين يا ٻاهر. وڏا آفيسر تنهنجي در تي ايندا ۽ اهي پنهنجيون بدليون روڪرائڻ ۽ سڻڀيون ڪرسيون وٺڻ لاءِ توکي ايلاز منٿ ڪندا. حڪمرانن سان ڪنهن به ڳالهه ۾ ضد نه ڪجانءِ. ماڻهو جيڪڏهن آمريت خلاف آواز اٿارين ته انهن کي ڌمڪائي چپ ڪرائجانءِ. ۽ ها هڪ خاص ڳالهه ڪڏهن به غيرت جو مظاهرو نه ڪجانءِ، ٻه چار شراب جون بوتلون گاڏيءَ جي ڊگيءَ ۾ پاسيريون ڪري رکجانءِ ۽ ضرورت وقت ڪنهن فوجي آفيسر کي پيش ڪري سرخرو ٿجانءِ. آگسٽ جي مهيني ۾ ان ڏينهن صبح جو سوير اٿي هڪ منٽ جي خاموش اختيار ڪجانءِ پوءِ قومي سلامتيءَ جي دعا گهرجانءِ. ملڪي سياست تي سمجهي ڦوڪي قدم کڻجانءِ. فوجي حڪومت کي ڪمزو ٿيندو ڏسين ته هڪدم ملڪ جي وڏي سياسي پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪجانءِ ۽ هڪ ڏينهن تون ڏسندين ته شاهه صاحب تو وٽ اچي مانجهاندو ڪري تنهنجي اهڙي عمل تي خوش ٿي ان کي آمريت جي شڪست ۽ جمهوريت جي فتح قرار ڏيندو. فوجي حڪومت جي خاتمي کانپوءِ تون عوامي نمائندي جي صورت ۾ سامهون ايندين ۽ تنهنجا وار نيارا ٿي ويندا.
توکي پارٽي هر صورت ۾ صوبائي اسيمبليءَ جي ٽڪيٽ ڏيندي ۽ ڪاميابي تنهنجا قدم چمندي، بس تون ڇڙو ڪوشش ڪري مخالف اميد وارن جا سَنڌ ڀڃائجانءِ. ٻه چار هوائي فائر ڪري، هڪ اڌ سڌو فائر ڪجانءِ. ماڻهو مرندا يا زخمي ٿيندا انهن جي پرواهه نه ڪجانءِ. ابتا سبتا ٽپا هڻي پاڻ کي ڪامياب ڪرائي، دهلن ۽ دمامن سان شرنائيون وڄائيندو هڪ وڏي جلوس جي صورت ۾ چار ڪلاڪ روڊ بلاڪ ڪري پنهنجي اهميت جو احساس ڏيارجانءِ.
جڏهن اليڪشن کٽي پهريون دفعو اسيمبليءَ ۾ ويهندين ته تنهنجي سامهون مٿي هڪ ٺوڙهو اڳواڻ تقرير ڪندو. تون ڪوشش ڪري اڳين سيٽ تي ويهجانءِ ۽ ان جي تقرير جي هر جملي تي پنهنجي اڳيان پيل ٽيبل کي زور سان ڌڪ هڻي وڄائجانءِ. تون ڏسجانءِ اهي توکي وزارت ۾ هڪ وڏو قلمدان ڏيندا ۽ تون قلم هٿ ۾ جهلي هر ڪاغذ تي صحيح ڪجانءِ. ڪڏهن به آڱوٺي جو استعمال نه ڪجانءِ. منهنجي خيال ۾ ان پوري عرصي اندر قدرت توتي ايتري مهربان ٿي چڪي هوندي جو تون ٿورو گهڻو لکڻ پڙهڻ سکي پوندين ۽ توکي ڪابه ڳالهه سمجهڻ ۾ ڪا تڪليف ڪونه ٿيندي پر تڏهن به هوشياريءَ سان ڪم ڪجانءِ. توکي هڪ وڏو دفتر ملندو. جڏهن تون ڪرسيءَ تي ويهندين ته سڀ ماڻهو تو مٿان گهور پيا ويندا. هرڪو تو اڳيان مٺي زبان ڳالهائيندو ۽ احساس ڏياريندو ته وقت اچڻ تي اهو تو مٿان قربان ٿي ويندو. تون انهن جي ڳالهين ۾ نه اچجانءِ. اهي سٺا ماڻهو نه هوندا. تون سياڻپ ڪري انهن کي استعمال ڪجانءِ. ڪڏهن به سڌا پئسا نه وٺجانءِ. آفيس ٻاهران ويٺل منشيءَ معرفت وٺجانءِ. هر نئين بجٽ ۾ تو وٽ پئسي جي ريل پيل وڌي ويندي. تو وٽ ٺيڪيدار ايندا ۽ شهر جا سرمائيدار تنهنجي دعوت ڪندا. نيون نوڪريون نڪرنديون ته نوجوان درخواستون کڻي تو وٽ پهچي ويندا. انهن کي آسرا دلاسا ڏئي درخواستون وٺي ٽوڪريءَ ۾ ڦٽي ڪري ڇڏجانءِ ۽ اهي نوڪريون وڪڻي ڪروڙين روپيا ڪمائجانءِ. ڪڏهن وقت ڪڍي اسپتالن ۽ اسڪولن ۾ وڃجانءِ. جيڪڏهن اسيمبليءَ ۾ ڪڏهن ڳالهائڻ جو موقعو ملئي ته هڪ جملو هر هر استعمال ڪجانءِ ۽ اهو جملو اٿئي، ”ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جو سودو ٿيڻ نه ڏبو.“
جيڪڏهن تون منهنجي صلاح ۽ نصيحت تي عمل ڪيو ته اهو ڏينهن پري نه آهي جنهن ڏينهن تو وٽ ڪيتريون ئي گاڏيون هونديون ۽ هر وڏي شهر ۾ تنهنجا خوبصورت بنگلا هوندا. تون هزارين ايڪڙ ٻنين جو مالڪ هوندين ۽ ٻاهرين ملڪن جي بئنڪن ۾ تنهنجا ڪروڙين روپيا جمع هوندا.“
وڏي ڀاءُ ڳالهه پوري ڪري ننڍي ڀاءُ کي ڏٺو جيڪو وڏي ڌيان سان هن جون ڳالهيون ٻڌي رهيو هيو.
”پوءِ ڇا ٿيندو؟“ ننڍي ڀاءُ سوال ڪيو.
”پوءِ اهڙو وقت ايندو جڏهن تون آرام سان بنگلي جي اڱڻ ۾ ويٺو هوندين. سڀ ڪم ڪار تنهنجا نوڪر ڪندا. هڪ خوبصورت ٽيبل تي تنهنجي اڳيان چانهه جو ڪوپ رکيل هوندو ۽ تون ڍڪ ڀري مزي سان مائي ڀاڳيءَ جا ڪلام ٻڌندين. تون سوچ اهي ڏينهن ڪيڏا نه سڪون ۽ فرحت وارا هوندا.“ وڏي ڀاءُ چيو.
ننڍو ڀاءُ هڪ گهري سوچ ۾ ٻڏي ويو.
”ادا اهوئي ته ڪري رهيو هوس.“ ننڍي ڀاءُ چيو. ”مزي سان چانهه پي رهيو هوس ۽ مائي ڀاڳيءَ جا ڪلام ٻڌي رهيو هوس. جيڪڏهن چانهه پي مائي ڀاڳيءَ جا ڪلام ئي ٻڌڻا آهن ته پوءِ ايڏي هڻهڻان جو ڪهڙو فائدو!.“ وڏو ڀاءُ هن جي ڳالهه تي ڏاڍو شرمسار ٿيو ۽ ڪوڏر ڪلهي تي رکي هليو ويو.
** *