ڪھاڻيون

سونو ڏند

ڪهاڻين جي هن ڪتاب جو ليکڪ ناميارو ڪهاڻيڪار، ناولنگار ۽ اديب ”رسول ميمڻ“ آهي. رسول ميمڻ جو شُمار جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جي مُهندار ڪهاڻيڪارن ۾ ٿئي ٿو، جنهن جو ڪهاڻي لکڻ جو هڪ پنهنجو الڳ ۽ منفرد انداز آهي ۽ جنهن ڪهاڻيءَ کي پڙهندڙن جو هڪ پنهنجو وسيع حلقو آهي. هن ڪتاب ۾ شامل گهري فڪر ۽ تخليقي حُسن سان ٽمٽار هي ڪهاڻيون يقيناً پڙهندڙن کي دل ۾ پيهي وينديون.
  • 4.5/5.0
  • 2598
  • 750
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سونو ڏند

صفورا چورنگي

مينهن،
وسي نه وسي
شهر ۾
گپ آهي.
موسم،
هجي نه هجي
اوڳرائيءَ ۾
گدري جي
ڌپ آهي.
قديم ڳوٺ جو رهواسي گل محمد جڏهن صبح جو سوير گاڏو تيار ڪري ان تي ٽپو ڏئي چڙهندو هيو ته پاڻ کي سگهارو ۽ چست محسوس ڪندو هيو. گاڏي سان ٻڌل هن جي گڏهِه جا نخرا ڪنهن عورت کان گهٽ نه هوندا هيا. ان جا چپ وات ۾ وڌل واڳ جي ڇڪ تي ڄڻ مرڪندي نظر ايندا هيا. گڏهه روڊ تي ڊڪندي ڪڏهن پويون ڄنگهون مٿي ڪري گاڏي کي ٺڪاءُ ڪرائيندي هئي ۽ گل محمد ان کي پيار مان ٻچڪر ڏيئي سٿر تي هلڪي لٺ وهائي ڪڍندو هيو.
صدين کان آباد ان ڳوٺ جي پراڻين جاين جا بلاڪ پاڙن وٽان ڇڻي بي ترتيب ٿي چڪا هيا. پاڻيءَ جي نيڪاس جو بندوبست نه هجڻ ڪري ڀتيون اڌ آليون هونديون هيون. رستا گپ سان ڀريل هوندا هيا ۽ عورتون مٿي تي دٻا رکي ور وجهي پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي ڳولها ۾ گندي پاڻيءَ مان اينديون وينديون هيون. ڪل ملائي چاليهارو گهر هيا. اتي اڪثريت اهڙن اڻ پڙهيل ماڻهن جي هئي جيڪي يا ته مزدوري ڪري پيٽ پاليندا هيا، يا گڏهه گاڏا ۽ سزوڪيون هلائي روزگار ڪندا هيا. انهن جون عورتون شهر جي گهرن ۾ ڪم ڪنديون هيون. اتي نه ڪو اسڪول هيو نه اسپتال. هڪ وڏيرو هيو جنهن جي اوطاق اڃان به وچ ڳوٺ ۾ ٺهيل هئي جيڪا ويران هوندي هئي. اتي ڳوٺ جا ڪتا ليٽيل هوندا هيا ۽ وڏيرو ڪڏهن پراڻا ڪلف لڳل ڪپڙا پائي نشي ۾ لڏندو پاچا مٿي ڪري گهٽيءَ مان لنگهيندي نظر ايندو هيو. اهو اڪثر خاموشيءَ سان اوطاق جي هڪ ڪنڊ ۾ پنهنجو وقت گذاريندو هيو ڇو جو هاڻي هن وٽ ڪجهه نه بچيو هيو. ايئرپورٽ کان ڪينٽ تائين زمين جيڪا ڪڏهن ان جي ملڪيت هئي اها ڀڳڙن مٺ تي وڪامي ان جي هٿن مان نڪري چڪي هئي.
گل محمد صبح جو سوير چورنگيءَ تي راجپوت پڪوان سامهون فوٽ پاٿ وٽ گاڏو بيهاري گراهڪن جو انتظار ڪندو هيو. گهڙي نه گذرندي هئي ته ڪوهن کي پاڻ سان وٺي وڃي سيمنٽ يا لوهه جي دڪان تي بيهاريندو هيو ۽ پوءِ گاڏو وزن سان ڀرجي ويندو هيو. هن جي گڏهه وٺي اڳين ڄنگهن تي زور ڏيندي هئي ۽ وزن سان ڀريل گاڏو ويندو هيو سگهارين ڄنگهن سان روڊ تي ڀڄندو ۽ هر شيءِ کي پوئتي ڇڏيندو.
اتي روزگار هيو. شهر کان ٿورو پري هجڻ ڪري پلاٽ سستا هيا ۽ جايون جام ٺهي رهيون هيون. اڏاوت جي استعمال ۾ ايندڙ ننڍين وڏين شين لاءِ گاڏن ۽ سوزوڪين جي ضرورت محسوس ٿيندي هئي. گل محمد صبح کان سانجهيءَ تائين ڪم ڪري صفا ڌوڙ ٿي ويندو هيو. ۽ جڏهن واپس ڳوٺ پهچندو هيو ته هن لاءِ گهر ۾ وهنجڻ جيترو صاف پاڻي به نه هوندو هيو.
صفورا چورنگيءَ جي پسگردائيءَ ۾ عمارتون بلند ٿي رهيون هيون جيئن ڌرتيءَ تي ناسورجا ڳوڙها اڀري وقت سان وڌندا هجن. اتي ٻاهران آيل ماڻهن جي پيهه هئي ۽ ويران روڊن تي گاڏين جي اچ وڃ تيزيءَ سان وڌندي پئي وئي.
هڪ ڏينهن گل محمد ڳوٺ جي ناهموار رستي تان گاڏو ڀڄائيندو جيئن آيو پئي ته سوسائٽيءَ وٽ هڪ پيٽي ٺيڪيدار هن کي هٿ ڏيئي روڪيو. اهو پيٽي ٺيڪيدار بنگلن جي شٽرنگ ۽ ڀرائيءَ جو ڪم ڪندو هيو. انهن ڏينهن اتي مرزا شفيق الرحمان صديقيءَ جي بنگلي جو ڪم شروع ٿيو هيو، جيڪو سٽي گورنمينٽ ۾ ڪلارڪ هيو ۽ ويجهڙائيءَ ۾ ان چڱو پئسو هٿ ڪيو هيو. گل محمد گڏهه جون واڳون ڇڪي گاڏو ٺيڪيدار ڀرسان روڪيو ۽ سواليا نظرن سان ان ڏانهن ڏٺو.
”اڙي ڀائي، موسميات وٽ گودام مان شٽرنگ جو سامان کڻائڻو آهي، گهڻو وٺندين؟“ ٺيڪيدار چيو،
”سائين، توهان سان ڪهڙو حساب. ڳوٺ جا پاڙيسري آهيو جيڪي ڏيو.“ گل محمد چيو.
پوءِ جڏهن گل محمد سامان کڻي سوسائٽيءَ پهتو ته ٺيڪيدار هن کي اجرت کان گهٽ پئسا ڏنا جيڪي هن رب جو شڪر سمجهي کيسي ۾ وجهي ڇڏيا. ٺيڪيدار هن جي سادگيءَ مان ناجائز فائدو وٺڻ لاءِ پوري عمارت جي لوهه ۽ سيمنٽ جي کڻائيءَ جو ڪم به هن جي حوالي ڪيو. يونيورسٽي روڊ تي سفاري پارڪ ڀرسان شيرباز جي دڪان تان هن کي ڪل ملائي ٻارنهن ٽن لوهه ۽ سيمنٽ جا هڪ هزار ٻاچڪا کڻڻا هيا جيڪي ضرورت وقت قسطن ۾ ڍوئي اتي پهچائڻا هيا. ٺيڪيدار پنهنجي مرضيءَ مطابق اجرت طئي ڪئي جيڪا گل محمد ٿوري بحث کانپوءِ قبول ڪئي. گل محمد سوچيو گهر ڀرسان روزگار مليو آهي رب کان ٻيو ڇا گهرجي. پوءِ هو مرزا شفيق الرحمان صديقيءَ جي ٺهندڙ بنگلي تي سامان لاهي پئسا وٺي کيسي ۾ وجهي ڳوٺ وڃي، گهر ٻاهران گڏهه ٻڌي، کٽ تي ڊگهو ٿي سمهي پوندو هيو.
ڏينهن سدائين ساڳيا نه هوندا آهن. گل محمد لاءِ اهو ڏينهن نڀاڳ کان گهٽ نه هيو. هو شيرباز وٽان سيمنٽ ۽ لوهه سان گاڏو ڀري يونيورسٽي روڊ تان پئي آيو. گاڏي ۾ ٻڌل گڏهه وزن ڪري پٽن مان پاڻ پئي ڇڏايو. اها ائين چنگهي رهي هئي جيئن ڪا مظلوم عورت چنبي ۾ ڦاٿل وار ڇڏائيندي هجي. گل محمد پيار مان هر هر ان کي سٿر واري لٺ پئي وهائي ڪڍي. گاڏو جڏهن يونيورسٽيءَ ٻاهران نرسريءَ وٽ پهتو ته پويان ٻه شيراز ڪوچ هڪ ٻئي کان نمبر کڻڻ جي ڪوشش ۾ وچ روڊ تي ڊوڙنديون پئي آيون. ڪڏهن هڪ اڳتي پئي ٿئي ته ٻئي پوئتي ۽ ڪڏهن هڪ پوئتي پئي ٿئي ته ٻئي اڳتي. سڄو رستو ڌوڙ ۽ دونهي سان ڀرجي ويو. گل محمد واڳون ڇڪي گاڏي کي پاسي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر وٽ سان نرسريءَ جون ڪونڊيون رکيل هيون جنهن ڪري هن کي روڊ کان هيٺ لهڻ جي جاءِ نه ملي. هڪ ڪوچ اچي هن جي گاڏي پويان ٽڪرائي، گڏهه اونڌي ٿي وئي. لوهه ۽ سيمنٽ جا ٻاچڪا مٿان وري اچي گل محمد تي ڪريا. ٻئي رتورت ٿي ويا. ٻنهي ڪوچن ۾ ويٺل ماڻهن وٺي رڙيون ڪيون. ڊرائيورن بريڪ هنيا. ماڻهون هيٺ لٿا ۽ انهن ڊرائيورن کي ڳچيءَ کان جهلي مارڪٽ ڪئي. ٽريفڪ جام ٿي وئي. پوليس پهچي وئي. ٻنهي ڊرائيورن کي چالان ڪري جيل موڪليائون. گل محمد تان لوهي سيخون پري ڪري، سيمنٽ جا ٻاچڪا هٽائي ٻاهر ڪڍيائون. هن جي هڪ ٻانهن گوشت ۾ لڙڪي رهي هئي. سخت زخمي حالت ۾ هن کي اسپتال نيو ويو. گڏهه همت ڪري پاڻ اٿي بيٺي. ان جي اڳين ڄنڳهه کر مٿان ڪٽجي چڪي هئي. گاڏو ۽ سامان سهيڙي نرسريءَ جي هڪ پاسي رکيائون. گڏهه کي پاڻي پياري ڪنڊ ۾ ويهاري ڇڏيائون.
پهچڻ شرط سرڪاري اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ گل محمد جو آپريشن ڪري ٻانهن ڪٽيائون ۽ رت جون ٻه بوتلون چاڙهي سمهاري ڇڏيائون. جڏهن هوش ۾ آيو ته شيراز ڪوچ جو مالڪ شير خان هن وٽ پهچي ويو. هن پهچڻ شرط گل محمد سان ڏک جو اظهار ڪيو.
”اوڀائي صاحب، معاف ڪيو. غلطي ٿي وئي. ڊرائيور وڏا چنڊا آهن، انهن کي لک دفعا منع ڪئي آهي ته گاڏيون احتياط سان هلايو. تنهنجي زخمي ٿيڻ تي افسوس آهي. جيڪو خدا کي منظور.“ هن کيسي مان نوٽ ڪڍي گل محمد کي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي.
”اوڀائي صاحب، هي ڏهه هزار وٺ. تنهنجي علاج معالجي لاءِ آهن. خدا توکي جلد شفاياب ڪندو.“
گل محمد آلين اکين سان هن ڏانهن ڏٺو. هن هٿ هڻي پنهنجي ڪٽيل ٻانهن کي محسوس ڪيو ۽ پوءِ هڪ سڏڪو هن جي زخم مان وهندو ڄڻ بستر ۾ جذب ٿي ويو. هن جي آهه نڪري وئي. ”منهنجي گڏهه جا ڪهڙا حال آهن.“ هن سوال ڪيو.
”تنهنجي گڏهه بلڪل ٺيڪ آهي. هن کي ڄنگهه ۾ معمولي ڌڪ آهي. گهٻرائڻ جي ضرورت نه آهي. بابا هر ڳالهه ۾ الله جي مرضي آهي.“ شير خان چيو.
شير خان وڃڻ کان اڳ ڏهه هزار گل محمد کي ڏنا ۽ هن وعدو ڪيو ته هو ڪيس واپس وٺندو. ۽ ڪورٽ ۾ ڪابه دعوى داخل نه ڪندو. پوليس پئسا وٺي ڊرائيورن کي آزاد ڪيو ۽ هڪ بيان لکي گل محمد کان آڱوٺو هڻائي ڪيس فائيل ۾ وجهي ڦٽو ڪيو.
هڪ هفتي کان پوءِ ايمبولينس گل محمد کي گهر ڇڏي وئي. در تي منڊي گڏهه هن جو استقبال ڪيو. شير خان پاران مليل ڏهه هزار پاڻيءَ وانگر وهي ويا. هو سڄو ڏينهن گهر ۾ ڇڳل کٽ تي ليٽيو پيو هوندو هيو هو. هر هر هٿ هڻي پنهنجي ڪٽيل ٻانهن کي محسوس ڪري مايوس ٿي ويندو هيو ۽ پوءِ در ٻاهران بيٺل منڊي گڏهه کي ڏسي دلگير ٿي ويندو هيو. هو گڏهه جي اکين ۾ ڏسي محسوس ڪندو هيو ڄڻ اتي بک جا ڳوڙها لڪيل هجن ۽ هو بي وسيءَ جا لڙڪ لاڙي اندر وڃي وري سمهي پوندو هيو. وقت سان هن جي ڏاڙهي جا وار وڏا ٿي ويا. جسم تي پاتل ڪپڙا پراڻا ٿي ڦاٽي پيا. هو گهر کان ٻاهر نڪري آهستي هلندو روڊ تي اچي بيٺو. پريان يارهن سي بس اچي رهي هئي. هو همت ڪري هڪ هٿ وجهي بس ۾ چڙهي ويو ۽ پوءِ هن اتي ويٺل ماڻهن کي پنهنجي ڪٽيل ٻانهن ڏيکاري پنڻ شروع ڪيو.
”سائين، ڪڏهن مان توهان وانگر چاڪ چڱو ڀلو هيس. گاڏو هلائيندو هيس. عزت جي روزي ڪمائيندو هيس. يونيورسٽي روڊ تي منهنجي گاڏي سان حادثو پيش آيو. ٻانهن ڪٽجي ويئي. معذور ٿي پيس، ڪمائڻ لائق نه آهيان. منهنجي مدد ڪندا. الله توهان جو ڀلو ڪندو.“ بس ۾ ڪنهن گهٽ وڌ ڳالهايس. ڪنهن روپيو ٻه روپيا ڏنس. ڪنڊيڪٽر بس ۾ سوڙهه هجڻ ڪري جلدي لاهي ٻاهر ڦٽو ڪيس. شام جو جڏهن گهر موٽيو ته پاسي واري کيسي ۾ کردو کڙڪي رهيو هيس. هن راجپوت پڪوان وٽان پنهنجي لاءِ برياني ورتي ۽ گڏهه لاءِ سرائيڪي چارا هائوس تان ڪڙٻ جي ڪتر ورتي. ان رات گهڻن ڏينهن کانپوءِ گڏهه ڍو ڪري. پڇ سان مکيون هڪليون ۽ گل محمد برياني کائي ننڊ ۾ اوڳرايون ڏنيون. پوءِ هو روز يارنهن سي بس ۾ چڙهي ماڻهن کي پنهنجي ڪٽيل ٻانهن ڏيکاري خيرات گهرندو هيو ۽ هن جي گڏهه هن کي دعائون ڏيندي هئي.
اهو شام جو وقت هيو جڏهن اڃان سج نه لٿو هيو. وڏين عمارتن جا پاڇا ڊگها ٿي هرشيءِ مٿان حاوي ٿيڻ وارا هيا. گل محمد جيئن ڳوٺ پهتو ته هن جي حيرت جي انتها نه رهي. هن ڏٺو اتي هن جو ڳوٺ نه هيو. هر طرف ڊٺل جاين جا ڍير هيا. ماڻهو پنهنجج ڀڳل سامان ڳولهي هڪ طرف رکي رهيا هيا. ٻار روئي رهيا هيا ۽ عورتون پٽي رهيون هيون. هو هلندو پنهنجي جاءِ اڳيان اچي بيٺو. هن ڏٺو سندس جاءِ جو ڪو وجود نه هيو. ڀڳل بلاڪن هيٺان ڇڳل کٽ ائين ڏسجي رهي هئي جيئن اتي زخمي وجود پيل هجي. گڏهه جو نانءُ نشان نه هيو. هن جي هٿ مان ڪترجي ٿيلهي ڇڏائجي هيٺ ڪري پئي ۽ ورتل گرم برياني هٿ کي يخ ٿڌي محسوس ٿيڻ لڳي. هن هيڏانهن هوڏانهن گڏهه کي ڳولهيو پر اها نه ملي. هو مايوس ٿي وري گهرجي ڍير مٿان آيو ۽ ڀڳل سامان گڏ ڪرڻ لڳو. ٻئي سامان سان گڏ ڍير مان شهيد راڻيءَ جي تصوير نڪتي، جيڪا هن ڪمري جي ڀت تي هنئي هئي. شهيد راڻيءَ جي تصوير ٻاهر ڪڍي اتي پيل ميري ڪپڙي سان اگهي ۽ پوءِ هن عزت سان پنهنجي ڀڳل سامان ۾ رکي ڇڏي.
جڏهن رات ٿيڻ واري هئي ته ڪامريڊ برڪت باغي پنهنجن ڪجهه ساٿين سان اتي آيو ۽ ان ماڻهن کي گڏ ڪري هڪ جذباتي تقرير ڪئي. ”آخر ڪيسين اسان جا قديم تاريخي ڳوٺ ائين ڌرتيءَ تان مليا ميٽ ڪيا ويندا؟ ڌرتيءَ جي وارثن کي لاوارث ڪيو ويندو؟ ڪيسين ماڳ مڪان ڌارين حوالي ڪري بي گهر ڪيو ويندو؟ مان شهري حڪومت جي اهڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري عوامي حڪومت کان مطالبو ٿو ڪريان ته اها هر اهڙي عمل کان پاسو ڪري جنهن سان مقامي ماڻهن جو استحصال ٿئي. ماڻهن ووٽ ان لاءِ نه ڏنا آهن ته حڪومت پاڻ بچائڻ لاءِ دهشت گردن جو ساٿ ڏئي سڪون سان راڄ ڪري.“
برڪت باغيءَ جي تقرير تي ڪجهه نوجوان جذباتي ٿي ويا. انهن شهري حڪومت خلاف نعري بازي شروع ڪري ڏني. برڪت باغي ڳوٺ جي جوشيلن کي ساڻ ڪري صفورا چورنگيءَ تي آيو. ٽائرن کي ساڙيو ويو برڪت باغيءَ هڪ ننڍڙي سوزوڪي ڪار کي روڪي ور مان پيٽرول جي بوتل ٻاهر ڪڍي.ان کان اڳ جو اهو ڪار کي باهه ڏئي. سوزوڪيءَ ۾ ويٺل همراهه ٻاهر نڪري هٿ ٻڌي بيهي رهيو.
”بابا مان توهان جو ماڻهو، پير بخش پنهور. ٽنڊي آدم جو. سنڌ سيڪريٽريٽ جو سيڪشن آفيسر. گاڏي وري منهنجي ٿا ساڙيو؟“ ان عرض ڪندي چيو.
”حڪومت جو ساٿاري آن...“ برڪت باغيءَ چيو، ”نه ڇڏيندو سانءِ.“
پوءِ باغيءَ شعر پڙهيو،
”مون پڪ سڃاتا پنهنجا ها، ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾.“
هن پيٽرول جي بوتل گاڏيءَ اندر هاري، تيلي ٻاري باهه ڏني. گاڏيءَ کي باهه وڪوڙي وئي. پير محمد پنهور منهن مٿو پٽيندو پاسي ٿي ويو. پوليس آئي. ڳوڙها گيس جا گولا هليا. هوائي فائرنگ ٿي. خبر نه پئي ته گولي زوڪٽ ڪندي هڪ نوجوان جي سيني کي چيريندي هلي وئي. نوجوان روڊ تي ڪري تڙپڻ لڳو. ان جو رت ريڙهيون ڏيندو کليل گٽر ۾ ڪرڻ لڳو. نوجوان روڊ تي راجپوت پڪوان جي تنور مان نڪتل، گراهڪ جي انتظام ۾ رکيل مانيءَ جيان ٿڌو ٿي ويو. ڳالهه زور وٺي وئي، نوجوان جا وارث لاش مٿان سينو ڪٽي روئڻ لڳا. لاش کي وچ روڊ تي رکي ڌرڻو هنيو ويو. روڊ رستا بند ٿي ويا. پوليس هجوم کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو. ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ حڪومت جو نمائندو پهچي ويو. ان پهچڻ شرط مري ويل جي وارثن سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو. برڪت باغيءَ ڪجهه ساٿين کي ساڻ ڪري نعري بازي ڪئي،
”ظالمو جواب ڏيو. خون جو حساب ڏيو.“
حڪومت جي نمائندي کيسي ۾ هٿ وجهي چيڪ بوڪ ڪڍيو. ٿوري ڏي وٺ کانپوءِ مري ويل جي وارثن لاءِ برڪت باغيءَ ٻن لکن جي امداد جو چيڪ وصول ڪيو. ماڻهو ڏاڍا ٿڪيل ۽ بي حال هيا. انهن جا گهر ڊهي چڪا هيا. ۽ واپس وڃڻ جا سڀ رستا بند ٿي چڪا هيا.
”توهان سڀني کي مان پناهه ڏيندس.“ برڪت باغيءَ چيو، ”مون سان گڏ هلو... توهان جي رهڻ جو بندوبست مان ڪندس.“
هن هڪ ٽرڪ آندي ۽ ڳوٺ وارن کي ڀڳل سامان سميت کڻي گلستان جوهر جي پهلوان ڳوٺ وٽ هڪ خالي پلاٽ ۾ آباد ڪيو. سڀني پنهنجا پراڻا ڦاٽل ڪپڙا ميڙي چونڊي ڪاٺين سان ٻڌي جهوپڙيون ٺاهيون. صبح جي سج اڀرڻ کان اڳ هڪ وڏي ايراضيءَ تي جهوپڙيون ٺهي ويون. گل محمد پاڻ سان آندل پراڻيون رلهيون ۽ چادرون ڏئي لڪڻ جي جاءِ ٺاهي ورتي. هن کي هر هر پنهنجي گم ٿيل گڏهه جو خيال پئي آيو. هو سوچي رهيو هيو. خبر نه آهي اها ڪيڏانهن هلي وئي؟ اها ڪهڙي حال ۾ هوندي؟ داڻو پاڻي نصيب ٿيو هوندس الائي نه؟ هو سوچيندو ويو ۽ هڙ مان پنهنجو ڀڳل سامان ڪڍي جاچيندو ويو. صبح سان برڪت باغي انهن وٽ آيو ۽ چيائين،
”جيڪڏهن توهان کان ڪو جهوپڙين جو قبضو ڇڏرائڻ اچي ته ان کي ٻڌائجو توهان برڪت باغيءَ جا ماڻهو آهيو، پوءِ به نه مڙي نه هڪدم مونکي اطلاع ڏجو ته اچي ان کي سڌو ڪيان.“
برڪت باغيءَ جي وڃڻ کانپوءِ هر ڪنهن کي ڌنڌي ڌاڙيءَ جي لڳي. گل محمد پهلوان ڳوٺ کان صفورا چورنگي پهچي وري يارهن سي بس ۾ چڙهي خيرات گهرڻ شروع ڪئي. هو وري زندگيءَ جي ڊوڙ ۾ شامل ٿي ويو. هن جي اندر ۾ صرف هڪ پريشاني هئي. هو هر وقت پنهنجي وڃائجي ويل گڏهه کي ياد ڪري پيو ٿڌا ساهه ڀريندو هيو. هن صفورا چورنگيءَ جي آسپاس روڊن تي گهمي گهڻا دفعا ان کي ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي پر اها هن کي ڪٿي نظر نه آئي.
ڪجهه ڏينهن کانپوءِ اتي رهندڙ ماڻهن کي خبر پئي ته ايراضيءَ تي قبضو ڇڏائڻ لاءِ برڪت باغيءَ کي آڇ ٿي آهي، پر برڪت باغيءَ هڪ وڏي رقم جي گهر ڪئي آهي. اها خبر ٻڌڻ شرط هرڪو پاڻ کي لاوارث سمجهڻ لڳو ۽ مايوس ٿي مٿي کي هٿ ڏئي ويهي رهيو.
بس ۾ پنندي هڪ دفعي گل محمد جي نظرمنڊي گڏهه تي پئجي وئي. جوهر ڪامپليڪس سامهون ڪنڊيءَ جي وڻن سان چار پنج عبدالله ڳوٺ جا افغاني گڏهه کي چهبڪ هڻندا ڊيڪائيندا، گڏهه تي ٽپا ڏئي لهندا چڙهندا پاڻ ۾ مذاق ڪندا ۽ وڏا ٽهڪ ڏيندا پئي آيا. اهو ڏسي ڪاوڙ مان گل محمد جو منهن ٽامو ٿي ويو. گل محمد زندگي ۾ ڪڏهن نه وڙهيو هيو. هن صبر ۽ شڪر سان وقت گذاريو هيو. هن جي ٻانهن ڪٽجي وئي. هن جو ڳوٺ مليا ميٽ ٿي ويو. هن جو گهر مٽيءَ جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويو. قبضي مافيا هن کي غلط استعمال ڪيو، هن ڪو احتجاج نه ڪيو. پر پنهنجي گڏهه جي تذليل ٿيندو ڏسي هن جي منهن ۾ رت ڀرجي آيو. هو بس بيهاري هيٺ لهي، هڪ هٿ سان لٺ سڌي ڪري وڃي افغانين تي ڪڙڪيو. هڪ ٻن کي چيلهه واريون وهائي ڪڍيائين. هڪ افغانيءَ پٿر کڻي مٿي ۾ هينس. هن جي نرڙ مان رت وهندو اکين ۾ اچي پيو. هن هٿ هڻي رت اگهيو. ٻيو افغاني ڊڪندو هن جي چيلهه ۾ اچي وچڙيو. هن هٿ ۾ جهليل لٺ جو ڳن وات ۾ وهائي ڪڍيس.
ماڻهو وچ ۾ پيا ۽ افغانين کي ڇنڊ پٽي پري ڪيائون.
”اڙي شرم نه ٿو اچيوَ، اپاهج فقير سان ٿا وڙهو.“
افغاني ڪاوڙ ۾ ٿڪون اڇلائيندا هليا ويا. ۽ هن وڃي گڏهه کي ڪن ۾ هٿ وڌو. ڪاوڙ ۾ هڪ لٺ گڏهه کي به وهائي ڪڍيائين.
”رن رلي مئي آن.“ هن چيو ۽ گڏهه مالڪ کي سڃاڻي چپ مٿي ڪري ڏند ڪڍڻ لڳي. پوءِ هن جي من ۾ پيار ڀرجي آيو ۽ هو گڏهه جي مٿي تي ائين هٿ ڦيرڻ لڳو جيئن ڪو نياڻيءَ کي پيار ڪندو آهي.
”مان ايڏو به بي غيرت نه آهيان جو توکي وساري ڇڏيان.“ هن اکين جا ڳوڙها اگهندي چيو.
هن رسو ڳولهي گڏهه جي ڳچيءَ ۾ وڌو ۽ گڏهه ڪنهن حيادار عورت جيان ڪنڌ هيٺ ڪري منڊ ڪائيندي هن پويان هلڻ لڳي.

***