ڪھاڻيون

سونو ڏند

ڪهاڻين جي هن ڪتاب جو ليکڪ ناميارو ڪهاڻيڪار، ناولنگار ۽ اديب ”رسول ميمڻ“ آهي. رسول ميمڻ جو شُمار جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جي مُهندار ڪهاڻيڪارن ۾ ٿئي ٿو، جنهن جو ڪهاڻي لکڻ جو هڪ پنهنجو الڳ ۽ منفرد انداز آهي ۽ جنهن ڪهاڻيءَ کي پڙهندڙن جو هڪ پنهنجو وسيع حلقو آهي. هن ڪتاب ۾ شامل گهري فڪر ۽ تخليقي حُسن سان ٽمٽار هي ڪهاڻيون يقيناً پڙهندڙن کي دل ۾ پيهي وينديون.
  • 4.5/5.0
  • 2598
  • 750
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سونو ڏند

سوڙهه

ان رات:
هو، ست ٻار ۽ اميران ننڍڙي پلنگ تي ائين ويڙهيا سيڙهيا پيا هئا جيئن گدام ۾ رکيل ٻوريون. غربت ڀتين جي لٿل چوني ۾ چٽيل هئي. اتي چٽيل هيو هڪ پيءَ جيڪو قداور هيو. ان پويان ڪلهي جيتري زال ۽ ست ننڍا ٻار جيڪي هڪ ٻئي پويان پاتال ۾ ويندڙ لاهيءَ جيان بيٺل هيا. هڪ ڪٽنب جو چتر جيڪو پوسل ڪري ڇڻيل چوني ۾ نروار ٿيو هيو. ٻار اڌپيٽ کائي سوڙهه ۾ سمهيا هيا. هو ننڊ جي انتظار ۾ هيو. هن پويان اميران سڏڪي رهي هئي. ان وٽ پنهنجيون حسرتون هيون، پنهنجا احساس هيا. وٽس ڪجهه نه رهيو صرف پيار هيو، جيڪو بک مٽائي نه پئي سگهيو. هو سڌو ٿي سمهيو ۽ پوءِ هن کي ڀاڪر ۾ ڀري پرچائڻ لڳو.
”نه روءُ، ڏک حياتيءَ جيان اچڻي وڃڻي شيءَ آهي.“ هن چيو.
زال هن جي ويجهو آئي ۽ ائين سڏڪندي رهي جئين ڏک ضدي ٻار جيان هن جي من ۾ ڦاٿل هجي. ۽ ٻاهر نڪرڻ لاءِ احتجاج ڪندو هجي. هو اميران کي سيني سان لائي پرچائيندو رهيو. اميران هن جي گرم ٻانهن ۾ سڏڪندي رهي.
دريءَ کان ٻاهر:
اتي ڀڳل ڳاڙهين سرن جو روڊ هيو. انهن ڳاڙهين سرن جي چُوري ۾ ٻار کوٽا سڪا مهٽي صاف ڪندا هيا. ٽامي جا ٽنگر سڪا جن تي فيروزي ڪٽ چڙهيل هوندي هئي. ان ڀڳل رستي جي ڪنڊ اڳتي هلي ائين ٽيڙي ٿي ويندي هئي جئين زخمي سپاهيءَ جي چٻي تلوار جيڪا هن جي هٿن مان هيٺ ڪري هجي ۽ ان تي ڳاڙهين سرن جي ڇڻيل چوري جهڙي رت جا نشان هجن. اهو رستو اڳتي هلي ان شهر جي گهٽين مان لنگهندو هڪ وڏي رستي ۾ ٿي پيو. اهو وڏو روڊ ائين هلندو هيو جيئن وقت جي ابابيل کي گهڙيال جي سئين جهڙا پرلڳل هجن- ان کانپوءِ ڪجهه ميلن جو فاصلو ۽ سمنڊ ڪناري اڏيل هڪ شهر جنهن جي گهرن جا دريون ۽ در اڏوهي کاڌل هيا- اهو اهڙي لٺ سهاري بيٺل هيو جيڪا ٻاهران چمڪندڙ ۽ اندران کوکلي هئي- اتي ڀاءُ جو گهر هيو- اهو گهر نه هيو ڄڻ ڀڳل مجسمو هيو جنهن جي مرمرتي چانڊوڪيءَ جا داغ هيا- هڪ ويران باغ هيو جنهن جي مئل نرگس ۾ بلبل جي قبر هئي-شهر طرف رستو نه هيو هڪ ليڪ هئي ۽ هر شيءَ رولاڪ ليڪ مان اڻيل هئي
ان شهر ۾:
اتي وڏو ڀاءُ رهندو هيو جنهن جي زال تازو وفات ڪري وئي. ڀاءُ ائين رنو جيئن زندگيءَ ۾ ٻيو ڪم نه ڪيو هجي. هوسڏڪيو پئي ته هن جو وجود لرزيو پئي. هو رنو پئي ته لڳو پئي دنيا ۾ روئڻ کانسواءِ هر شيءَ اسٽور اندر پيل فضول ۽ بيڪار آهي-اهو ڏک کي ڳڀي جيان چٻاڙي ڳوڙهن جا ڍڪ ڀري رهيو هيو- اهو روئندو رهيو ۽ ماڻهو ان کي پرچائيندا رهيا.
ان گھر ۾:
اتي ڏاڍي سوڙهه هئي- اهڙو ته ننڍو ۽ بدبودار هيو جئين وئشيا جو ڄاول ٻار جنهن ۾ غير مرد جي بوءَ هوندي آهي- نون ورتل ڪارن بوٽن جي دٻي جيترو اڱڻ ۽ ڪوٺي جنهن جون ڀتيون ايتريون ته ويجهو هيون ۽ هڪ ٻئي سان ملڻ لئي بي قرار هيون جو ان اندر ويٺل ماڻهو ڄڻ ڪباب ۾ هڏيءَ جهڙا هيا- مٽن مائٽن ۽ اوڙي پاڙي مائيءَ جي مرڻ جي خبر بيماريءَ جيان ڦهلجي وئي هرڪو ڪاري ڀڳ ٻڌي اچي سهيڙيو-ننڍي گهر ۾ وڏي خلق سمائجي وئي.
در اندر:
اتي هو اميران کان موڪلائي رهيو هيو. ”ڀاڃائي گذاري وئي“ هن چيو ڀاءٌ جو فون آيو، ٽيجهو گذاري موٽندس.“
اميران هيٺ ڪنڌ ڪري ٻڌندي رهي.
”تون نه وڃ.“ ان ڏکوئيل آواز ۾ چيو،”گهر جون حالتون خراب آهن.“ ڪٻٽ مٿان ڪاري ٿيلهي ۾ ڪجهه پئسا رکيا آهن.“ هن ويجهو اچي اميران کي دلجاءِ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. هوءَ سوڙهي ٿي پلنگ تي رئي ۾ اڌ منهن لڪائي روئندي رهي. ست ٻار ننڊ ۾ چنڊ ڏسي رهيا هيا. ستارا ڏسي رهيا هيا گول ماني بک جي ڪاري رات جنهن ۾ کنڊ چمڪي رهي هئي.
وقفي کانپوءِ:
اتي وڏي ڀاءُ وٽ پهتو ته اهو ڏک ۾ ورتل هيو- هڪ رات جي انتظار کانپوءِ لاش سرد خاني مان پهتو هيو-اٽڪل سڀ گڏ ٿي چڪا هيا-ان بڙجيڏي ڪٽنب جا ڀاتي، بڙ جنهن جون پاڙون هيٺ ڌرتيءَ ۾ وڃي الڳ الڳ ٿي رهيون هيون-ڌرتيءَ مٿان بيٺل سگهاري بڙ جهڙو ڪٽنب جنهن جا ڏار ويهارو کن ٻانهن جهڙاهيا ۽ انهن ٻانهن جي هٿن جون پنج آڱريون جيڪي هڪ جهڙيون نه هيون. اولهه واري ٻانهن اوڀر واري ٻانهن ڏکڻ واري ۽ اتر واري ٻانهن. انهن ۾ ڪيتريون ٻانهون هيون جن جو ڪو طرف نه هيو- ساون پنن جهڙا ٻار. هڪ مضبوط ٿڙ ۽ ڌرتيءَ تائين لڙڪندڙ پاڙون پوڙهي جي ڏاڙهي جي لڙڪندڙ وارن جيان هيون جيڪي مٽيءَ ۾ ملي رهيون هيون-
جنازي ۾:
اتي هو هيو جيڪو وڏي ڀاءُ جي سڄي ڪلهي ڀرسان ڪنڌ هيٺ ڪري ائين ٿي هليو جئين سندس پٿر چيلهه سان بڌل هجي. هڪ هجوم هيو جنهن وٽ هلڻ کانسواءِ چارو نه هجي- ڍوري وارا-ناري وارا- اولهه وارا- اوڀر وارا- ڏکڻ وارا- اتر وارا- هيڏانهن وارا- هوڏانهن وارا- مٿان وارا- هيٺان وارا- مون وارا- اوڙي وارا- پاڙي وارا- ڪانءَ قبرستان ۾ گوڙ مچائي رهيا هيا- ٻاهرين ڀت وٽ گندجي ڪونڊي هئي ميونسپل جي مزدا گند سان لوڊ ٿي رهي هئي- ان ڀڪ ۾ بس اسٽاپ هيو. جنهن جون سيٽون پٽيل هيون- قبرن مٿان نم جا وڻ هيا- انهن تي ڪانءَ گند ڍوئجڻ تي احتجاج ڪري رهيا هيا. جڏهن عورت کي قبر ۾ لاٿائون ته وڏي ڀاءُ آخري ديدار ڪيو- اهو منهن جنهن کي جيئري هو وري ڪڏهن ڏسي نه سگهندو. هو سڏڪيو رنو ڏاڍو رنو-ننڍو هن کي ڪلهي ۾ هٿ وجهي جهلي بيٺو رهيو. ”نه روءَ“ ان چيو. ”اهو مقدر آهي، ائين ٿيندو آهي رضاتي راضي رهه“ هن ڀاءُ کي دلداري ڏئي سيني سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي وڏو ڀاءُ هٿن مان ٿي نڪتو ويو- هن ياد ڪيون اهي راتيون اهي ڏينهن. سوڙهي گهر ۾ انسان هڪ ٻئي کي وڌيڪ ويجهو هوندا آهن. ايڏا ويجهو جوسوڙهه جو احساس قرب ۾ بدلجي ويندو آهي. اها سوڙهي گهر جي مالڪياڻي جيڪا هاڻ قبر جي اڱڻ ۾ دفن ٿي رهي هئي- مٿي وڻن تي ڪانءَ هڪ وڻ کان ٻي وڻ تي اڏامي گوڙ ڪندا رهيا. بس اسٽاپ تي ماڻهو سيٽن بنا بيهي ايندڙ بس جو انتظار ڪندا رهيا- ميونسپل جي گاڏي وڃي چڪي هئي- ڪچري ڪونڊي خالي هئي پر پوءِ به بوءِ جو احساس ساڳيو هيو.
مرڻي جي پهرين رات:
اتي هڪ بدگونياڪمري ۾ جنهن جون بنيادي لڪيرون ٽڪنڊي ۽ چوڪنڊي جي وچ جهڙيون هيون- ماڻهو سوڙهه ۾ ائين سمهيل هيا جيئن نموريون ڪريل هجن- ماڻهن جي پيهه ۾ گهر جي پاليل ٻليءَ کي لنگهڻ جيتري جاءِ نه ملي- ڀاءُ زال جي غم ۾ بي حال هيو. هن ڪجهه نه کاڌو هيو. لنگهڻ جي ڀلاءَ جا ٻه گرهه هن کي زوريءَ کارايا ويا هيا. پلاءَ جي نمڪيات هن جي ڳلي ۾ لهندڙ ڳوڙهن جي نمڪيات کان گهٽ هئي. هن جو هيانءَ ڦاٽل هيو- اندر ۾ مسلسل سڏڪي رهيو هيو. بدگونيا ڪمري جي گونيا ڪنڊ سان هو مئل زال کي اڱڻ ۾ گهمندي ڏسي رهيو هيو.
”پياري،“ هن ڳوڙها اگهندي چيو، ”ملڻ جي مند ۾ وڇڙڻ ائين آهي جيئن مينهن بنا سانوڻ جو لنگهي وڃڻ.“
هوءَ ڄڻ هلندي هن وٽ آئي،
”ها.“ ان چيو، ”تنهنجي منهن جي وچ ۾ جيڪو خال آهي- مان ان خال ۾ ڍليل هوندس. ا تي غير موجودگي منهنجي هم شڪل هوندي.“ هو ڳالهائيندو رهيو- مسلسل سڏڪندو رهيو- ننڍو هر هر هن وٽ پئي آيو پرچائڻ. هٿ هٿ ۾ وٺي گونيا ڪنڊ مان ڪڍي پنهنجيءَ ڀر ۾ سمهارڻ لاءِ التجائون ڪرڻ. هونه آيو- سوڙهه ۾ سڀ سمهيل هيا. ننڍي سمهڻ کان اڳ تصور ۾ ڏٺو. هن جي ڀاڄائي جيڪا هڪ سٺي عورت هئي. عبادت گذار. زندگيءَ سان مطمئن. هن ان جي وڇوڙي جو ڏک محسوس ڪيو-ڀاءُ جي حالت هن کان ڏٺي نه پئي وئي- هو سوڙهه ۾ ليٽي ڀاءُ کي سڏيندو رهيو ته ڀر ۾ اچي سمهي ۽ ڪجهه آرام ڪري. ڪمري ۾ ماڻهو سڪل سيمنيٽ ۾ ڪنڪريٽ جي ڦاٿل پٿرن جيان ڄميل هيا. ڪا وٿي نه هئي. هو بدگونيا ڪمري جي گونيا ڪنڊ ۾ گوڏن تي مٿو رکي سڏڪندو رهيو- ننڍي کي ننڊ ورائي وئي-ان ڏٺو اميران ستن ٻارن سان سمهيل هئي- پلنگ تي هن جي جاءِ خالي هئي جيئن پاڇو ڇڏي آيو هجي. هن خواب ۾ سوچيو. انسان جو خال هڪ پاڇي جيان رهجي وڃي ٿو-ڀرجي وڃي ٿو- پر ڏک من اندر ائين سمائجي وڃن ٿا جو گهڻي جاءِ خالي رهجي وڃي ٿي. ڏکن لئي هر گونيا بدگونيا وڏي وسعت رکي ٿي. ڏک سوڙهه نه ٿاڪن. ڏک جي هڪ قطري ۾ پيڙائن جو سمنڊ سمايل ٿئي ٿو. هو ان رات ننڊ ۾ اميران کي روئندي ڏسندو رهيو- تڙپندو رهيو-
مرڻي جي ٻي رات:
اتي سمهڻ کان اڳ ٽيجهي جي انتظار ۾ گذري رهي هئي- لنگهڻ جي ماني- ڳوڙهن جهڙا نمڪين چانور ۽ وڇوڙي جهڙا چهرا سوسٽ. سڀاڻي سڀني کي دعا کانپوءِ روانو ٿيڻو هيو. ٻئي رات پهرين رات کان ٿوري مختلف هئي. ان رات هن زال جي لنگهڻ جا اٺ گرهه کاڌا. کيس بک محسوس ٿي هئي. ڳلي ۾ ڳوڙهن جي آلاڻ اڃان هئي پر پوءِ به هن کي پاڻي پيئڻو پيو- جڏهن گلاس مان ڍڪ ڀريائين ته هن جي ڳلي جو اڀريل هڏو هن جي زال جي قبر جهڙو هيو. اهو ائين هيٺ مٿي ٿيو جئين ساهه کڻندي هجي. ان رات هو ڀاءُ جي پڪ ۾ سمهيو. هو ڀاءُ ڀرسان سوڙهه ۾ ائين سمائجي ويو جئين صدين کان ڦآٿل پنڊ پهڻ هجي. هن جي وجود جهڙو خال هجي جنهن ۾ ماپي سوگهو ٿي ويو هجي- ننڊ هن جي اکين کان ڏور قبرستان جي اوندهه ۾ گم هئي. اهار ات هن لاءِ اهو نياپو کڻي آئي هئي ته هن جي زال پڪ سان مري چڪي آهي. گهر اندر ڪٿي به ان جو پاڇو نه آهي. اهو احساس ته هن جي پياري شيءَ هيٺ ڪري سدائين لاءِ مٽيءَ ۾ ملجي چڪي آهي. ڏاڍو دل ڏاريندڙ هيو- هو جاڳي سوڙهه ۾ ڀاءُ ڀرسان اکيون کولي ليٽي سڏڪندو رهيو. هن جو منهن ڀاءُ جي ڪن ڀرسان هيو. وچ ۾ وڇونءَ جيتري وٿي هئي هو ڏڪندو رهيو ۽ ننڍي ڀاءُ کي ننڊ ورائي وئي. اهو خواب ۾ هڪ ليڪ ۾ تبديل ٿي ويو.
اها ليڪ ڊگهي ٿيندي هن جي ڀاءُ جي در وٽ اک وجهي ٻاهر ڏسڻ واري سوراخ مان نڪري وئي- نڪرندڙ لڪير جي ڇهاءَ کان در ائين لڏيو جيئن هوا تي کڙڪيو هجي. پنهنجي گهر ٻاهران پهچندي هن جي رفتار فرش تي هاريل ڀڳل شيشي جي گلاس جي ذرن وچ مان وهندڙ کير جهڙي ٿي وئي. روڊ رستا ڳاڙهين سرن واري گهٽي ائين گذري ويا جيئن ڄايو وڌيو. گهميو ۽ پوڙهو ٿي ويو هجي. هوا جئين داخل ٿي پلنگ تي پهتو ته هن جهڙو خال موجود هيو، ان ۾ سمائجي ويو. هن جي ڪن وٽ اميران مسلسل سڏڪي رهي هئي. ان جون اکيون سجي ٻن قبرن ۾ تبديل چڪيون هيون. اهي ڳاڙهيون هيون جيئن انهن تي گل رکيل هجن. بکايل جون اکيون ڳوڙهن جو سرمايو هونديون آهن.
هو ڀرسان سمهيل اميران جا سڏڪا مسلسل ٻڌندو رهيو. اميران جنهن جي ڳوڙهن ۾ مينهن جي پهرين بوندن سان ڪرڻ ڪري تازي قبر جي مٽيءَ جهڙي خوشبوءَ هئي- هو اميران ۽ ست ٻار ننڍڙي پلنگ تي ائين ويڙهيا سيڙهيا پيا هئيا جئين گدام ۾ رکيل ٻوريون. غربت ڀتين جي لٿل چوني ۾ چٽيل هئي، اتي چٽيل هيو هڪ پيءَ جيڪو قداور هيو- ان پويان ڪلهي جيتري زال ۽ ست ننڍا ٻار جيڪي هڪ ٻئي پويان پاتال ۾ ويندڙ لاهيءَ جيان بيٺل هيا. هڪ ڪٽنب جو چتر جيڪو پوسل ڪري ڇڻيل. چوني ۾ نروار ٿيو هيو. ٻار اڌ پيٽ کائي سوڙهه ۾ سمهيا هيا. هو ننڊ جي انتظار ۾ هيو. هن ڀرسان اميران سڏڪي رهي هئي- ان وٽ ڪجهه نه هيو صرف پيار هيو جيڪو بک مٽائي نه پئي سگهيو. هو سڌو ٿي سمهيو ۽ پوءِ هن کي ڀاڪر ۾ ڀري پرچائڻ لڳو. ”نه روءٌ.“ ڏک حياتيءَ جيان اچڻي وڄڻي شيءَ آهي.“ هن چيو. زال هن ويجهو آئي ۽ ائين سڏڪندي رهي جئين ڏک ضدي ٻار جيان هن جي من ۾ ڦاٿل هجي ۽ ٻاهر نڪرڻ لاءِ احتجاج ڪندو هجي. هو اميران کي سيني سان لائي پرچائيندو رهيو. اميران هن جي گرم ٻانهن ۾ سڏڪندي رهي. ٻئي ڀائر هڪ ٻئي جي ٻانهن ۾ هيا. ننڍو اميران کي پرچائيندو رهيو ۽ وڏو جنهن کي ننڊ جو گيرٺ اچي ويو هيو. ڏسي رهيو هيو. هڪ اونداهو قبرستان جتي هڪ قبر اندر سج جهڙي تيز روشني هئي. ان روشنيءَ ۾ هن جي زال جو منهن هيڊي ريشم جهڙو هيو. اها ڳاڙهن چپن سان مرڪي، ناسي اکين سان هن ڏانهن نهاري رهي هئي.

***