ڪھاڻيون

سونو ڏند

ڪهاڻين جي هن ڪتاب جو ليکڪ ناميارو ڪهاڻيڪار، ناولنگار ۽ اديب ”رسول ميمڻ“ آهي. رسول ميمڻ جو شُمار جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جي مُهندار ڪهاڻيڪارن ۾ ٿئي ٿو، جنهن جو ڪهاڻي لکڻ جو هڪ پنهنجو الڳ ۽ منفرد انداز آهي ۽ جنهن ڪهاڻيءَ کي پڙهندڙن جو هڪ پنهنجو وسيع حلقو آهي. هن ڪتاب ۾ شامل گهري فڪر ۽ تخليقي حُسن سان ٽمٽار هي ڪهاڻيون يقيناً پڙهندڙن کي دل ۾ پيهي وينديون.
  • 4.5/5.0
  • 2598
  • 750
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سونو ڏند

آزار

هڏن ڪهڙو ذائقو
هِڏن ناهي
سَتُ
پنهنجي زخمي
وات جو،
ڪتو چوسي
رَتُ.
هن کي پيشاب لڳو هيو. هڪ عجيب بي چيني محسوس ڪري رهيو هيو. ائين پئي لڳس ڄڻ مغز سُن ٿي ويو هجيس. ڊڪيو پئي ته ڊڪي نه پئي سگهيو. گهميو پئي ته بانبڙا پئي پاتائين. هو آهستي هلندو اسپتال جي در وٽ پهتو. جڏهن چانٺ ٽپيو ته جسم ۾ سيون لڳندي محسوس ڪيائين. ماڻهن جي هجوم کي چيريندو هلندو ويو. هر طرف آهون بلند ٿي رهيون هيون. ماڻهون چچريل وجودن سان فرش تي ريڙهيون پائي رهيا هيا.
”جسم کي ڪٽڻو پوندو.“ ڪٿان ڪو آواز آيو.
”وجود کي ڊاهڻ جي قيمت. وجود کي ٺاهڻ جي قيمت... توکي ادا ڪرڻيون پونديون.“
هو تيز هلندو ڪرندو، اٿندو پيشاب خانو ڳولهڻ لڳو. هن جا نرا سجي ويا هيا. هو تيزيءَ سان اسپتال جي وارڊن ۽ ورانڊن ۾ ڊوڙڻ لڳو . هر هنڌ هجوم هيو. ڪٿي ڪا جاءِ خالي نه هئي. هن جو پيشاب نڪرڻ وارو هيو. هو ڊوڙڻ لڳو. هن محسوس ڪيو تيز ڊوڙڻ باوجود هو اڳتي نه وڌي رهيو آهي. هن کي سور محسوس ٿيڻ لڳو. هن جا نرا ناسور جي ڳوڙهين جيان لڙڪي رهيا هيا. آپريشن ٿيٽر جو سيکڙاٽ ڊاڪٽر هن جي ڀرسان لنگهيو، ان جي ٺوڙهه جي پاسن کان ڊگها وار هيٺ وهي رهيا هيا. هن پيشاب وهندي محسوس ڪيو. سڀ پيشاب خانا ڀريل هيا. ماڻهو اگهاڙن پيرن سان پيشاب خانن ۾ بيٺل هيا. ڪا جاءِ خالي نه هئي. هن جي همت جواب ڏئي وئي. هو هلندو هڪ ڪنڊ وٽ پهتو، نه چاهيندي به هن پيشاب ڪرڻ شروع ڪيو. پيشاب جيڪو هڪ ليڪ جيان هيو. ليڪ جيڪا ڊگهي ٿيندي وئي. ليڪ جيڪا ڏنگي ڦڏي ٿي لفظن ۾ تبديل ٿي وئي. لفظ جيڪي ڄڻ وات مان نڪري رهيا هيا. لفظ جيڪي ڳالهائي رهيا هيا. جن ۾ صدائون هيون. آهون هيون. ليڪ جيڪا ڊگهي ٿيندي هيٺ فرش تي نانگ جيان رڙهندي اڳتي وڌي هلڻ لڳي. اها وارڊن، ورانڊن، آفيسن ۽ انتظار گاهن مان لنگهيندي، پئي وئي. جنهن ۾ لحظا، منٽ، ڪلاڪ، ڏينهن، رات، مهينا، سال، ۽ صديون سيخ ۾ ٽانڊن تي رکيل گوشت جي ٻوٽين جهڙا هيا. ليڪ جي ڌار جنهن جي تک ٻوڏ جيان هئي، جنهن ۾ ڦيٿن واريون ڪرسيون، لوهي پلنگ، ڪينچيون، چاقو، آڪسيجن جا سلينڊر ۽ رت جون بوتلون لڙهنديون پئي ويون.
وهندڙ پيشاب ڪري هن کي سڪون محسوس نه ٿئي رهيو هيو. هن جي نرن جي سوڄ وڌندي پئي وئي. هو پريشان ٿي ويو. سڪون جي ڳولا ۾ ڀڄندو اڳتي وڌڻ لڳو. هن هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ شروع ڪيو. ڪٿي ڪابه پناهگاهه نه هئي. هو تيز ڊڪڻ لڳو. هن جا قدم ڌرتيءَ کان مٿي ٿي ويا. هن پنهنجو وجود مٿي کڄندو محسوس ڪيو. هو پکيءَ ۾ تبديل ٿي ويو هن ڏٺو هن جي چوڌاري هزارين ڪاغذ اڏامي رهيا هيا. سڀ ڪاغذ پکين ۾ تبديل ٿي ويا. جن جي پرن تي ڪارا چٽ هيا. هر چٽ ۾ هڪ تصوير هئي. معذورن جون تصويرون. اڏامندڙ دونهين جون تصويرون. تباهه ٿيل عمارتن جو تصويرون. باهه ۾ سڙيل انسانن جون تصويرون. آپگهاتي دهشت گردن جي منڍين جون تصويرون. تباهه ٿيل گاڏين جون تصويرون. هزارين لکين لامحدود تصويرون. اهي سڀ ڪنهن واچوڙي ۾ تبديل ٿي ويون. هن جو وجود وڪڙ کائيندو مٿي بلند ٿيندو ويو. ناسي جهڙ هيٺان هن هٿ هڻي محسوس ڪيو. جهڙ آسمان جي اک مان وهي رهيو هيو. هڪ وسيع اک جيڪا اوڀر کان اولهه تائين ڦهليل هئي ۽ اک ۾ پيل سج جو گول تارو جنهن مان باهه جا اُلا ڪر کڻي لهرائي رهيا هيا. پوءِ جهڙ ڳوڙهن ۾ تبديل ٿي ويو. لکين ڳوڙها ڌرتيءَ تي ڪري وهڻ لڳا. هن محسوس ڪيو هن جو پيشاب وهي رهيو آهي. هن جا نرا جهڙ جهڙا آهن. هو آپگهاتي بمبار آهي. هن جي نرن وٽ بم ٻڌل آهي. هو ڦاٽندو ۽ ذرا ذرا ٿي آسمان ۾ اٽڪي پوندو. رات جي اوندهه ۾ هن جا ذرا آسمان ۾ اٽڪي پوندا. ۽ اهي پيشاب جي قطرن جيان چمڪڻ لڳندا. هن پنهنجا ٻئي هٿ نرن تي رکي ڇڏيا. سور کان هن جي ڪنن ۾ سيٽيون وڄڻ لڳيون. هن جي نس نس پيشاب سان ڀريل هئي. هن جي وجود اندر پيشاب رڳن ۾ روڊن تي تيز گاڏين جيان ڊوڙي رهيو هيو. هن جي وجود ۾ هر طرف گاڏيون ڊوڙي رهيون هيون. هزارين هارن وڄي رهيا هيا. روڊن تي گَپَ هئي. رستا ڀڳل هيا. سوين گاڏيون ماڻهن سان ائين سٿيل هيون جيئن هن جي نرن ۾ پيشاب ڦاٿل هيو. گاڏيون وزن ڪري سور کان چيچلائي رهيون هيون. ماڻهو گاڏين مان پيشاب جيان وهڻ وارا هيا. ڀيڙ ۾ ماڻهن جي بدن ۾ بوءِ هئي. انهن جي جسم مان پگهر هيٺ ڳڙندو سٿرن تي وهي رهيو هيو. اهي دانهين رهيا هيا.
”اڙي ڪتي جا پٽ. او حرامي، گاڏي تيز هلاءِ.“
ماڻهو هٿن سان گاڏيءَ کي ڌَڪ هڻي رهيا هيا. ڊرائيور سامهون لڳل آئيني ۾ ڏسي کلي رهيو هيو. ان جا ٽهڪ ڏينڀن جيان ماڻهن مٿان ڀون ڀون ڪري رهيا هيا. ماڻهن کي بس جي پائيپ ۾ لڙڪندڙ ٻانهن تي ڏنگ محسوس ٿي رهيا هيا. اهي سجنديون ڦاٽڻ لڳيون. انهن ۾ پيشاب جهڙو زهر ڀريل هيو. روڊ تي اوچتو ٽريفڪ جام ٿي وئي. هن جا نرا سڄي ويا. هن جو پيشاب وهي ويو. اهو وهندو هڪ ڊگهي ليڪ ۾ روڊن تي اڳتي وڌندو ويو. ماڻهن جي پراڻن بوٽن هيٺان. فٽ پاٿ تي پيل آنڊن ڀرسان ڪانٽي ۾ ٽنگيل ڍڳي جي ڪٽيل ران هيٺان. اها ڊگهي ليڪ کليل گٽر ۾ ٻار جيان ڪري پئي. ماڻهن ٻار جو لاش ڪڍي روڊ تي رکيو. اهو لڪير ۾ بدلجي ويو. لڪير ڊگهي ٿيندي اڳتي وڌندي نيٽي جيٽيءَ جي پل وٽ پهچي خودڪشي ڪري ڇڏي.
ماڻهو پل تي بيهي پيٽ مان اٽو ڪڍي هيٺ سمنڊ ۾ اڇلائي رهيا هيا. مڇيون کائي انهن جي پيٽ کي دعا ڪري رهيون هيون. ماڻهو پنهنجا ڦڦڙ ڪڍي پل مٿان اڏامندڙ هِلين ڏانهن اڇلائي رهيا هيا. هليون هوائي جهازن جيان گهت هڻي ڦڦڙن تي حملو ڪري رهيون هيون. افغاني ڇوڪري جي ٿالهه ۾ جهليل ڦڦڙن جا ٽڪر ساهه کڻي رهيا هيا. سمنڊ جي وير چڙهندي وئي. سمنڊ جي وچ ۾ نظر ايندڙ ڌٻڻ پاڻيءَ سان ڍڪجي وئي. تمر جا وڻ ٻڏي ويا هن محسوس ڪيو هن جا نرا ماشڪيءَ جي پخال جيان سجي مئل ڍور جي پيٽ جهڙا ٿي ويا آهن. هن نه برداشت ٿيندڙ درد محسوس ڪيو. ٽٽل دل جي سور کان به وڏو درد. هن جي دل ڳاڙهي شربت جي ڀريل گلاس جيان هئي. شربت جو گلاس جيڪو چپن تائين ايندي ڪنهن جي هٿن مان ڪري ذرا ذرا ٿي ويو هجي. هن جي محبوبا جيڪا هن جي وفا جي ٻيڙيءَ مان سمنڊ جي ڌٻڻ کي ڪنارو سمجهي هيٺ لهي بيهي رهي. ان جي ڪپڙن تي تمر جي ساون ٻوٽن جهڙا نشان هيا. سمنڊ جي وير وڌي رهي هئي ۽ پورو سمنڊ هن جي نرن ۾ سمائجي ويو. هو اڀرندڙ وير کان رڙيون ڪري روئڻ لڳو. هر هنڌ پيشاب خانن جا در بند هيا. ماڪوڙين جون ڊگهيون قطارون ڄڻ مينهن وسڻ کان اڳ پناهگاهه جي در وٽ بيٺل هيون. ڪولين جي هٿن ۾ درخواستون هيون. اهي در کلڻ جي انتظار ۾ ڪاري ڌاڳي ۾ تبديل ٿي ويون. اهي بي وس هيون. ڪوليون پيرن هيٺان لتاڙجي رهيون هيون. ڪوليون ڪمزور هيون. هو به درخواست جهلي بيٺل ڪول هيو. هن کي اهڙي نوڪريءَ جي ڳولها هئي جنهن ۾ هو پيشاب ڪري سگهي. چور دروازي کان پيشاب خانو کليل هيو. جمعدار پئسا وٺي فارغ ڪري رهيو هيو. هن وٽ پئسا نه هيا.
”اڙي جمعدار رحم ڪر.” هن چيو، “پيشاب خاني جو در کول... هاڻي حد ٿي وئي... ڳالهه برداشت کان ٻاهر آهي.“
جمعدار هن کي چور دروازي ڏي اشارو ڪيو. هن ان کي نرا ڏيکاريا. هن جو پيشاب وهڻ لڳو. هن جو سڪون ختم ٿي ويو. هو سڪون جي ڳولها ۾ ڊوڙڻ لڳو. هن کي ڪٿي به سڪون نظر نه آيو. هن سوچيو ڌرتيءَ تي ڪٿي به سڪون نه آهي. سڪون کي ڳولهڻ سڪون وڃائڻ آهي.
هو ڊڪي رهيو هيو. هن جون ڄنگهون تيز حرڪت ڪري رهيون هيون. هو محسوس ڪري رهيو هيو ڌرتي هڪ هنڌ بيٺل آهي، اها هن جي قدمن هيٺان پوئتي نه لنگهي رهي آهي. هو هيٺ ويهي رهيو. ڌرتي گول ڦرڻ لڳي. ڌرتيءَ جي گردش ڪري موجود سڀ شيون هڪ ٻئي ۾ ملي گم ٿي ويون. اتي هُن جي چوڌاري دائرا هيا. هن جو وجود هڪ مرڪز جيان هيو جنهن ۾ دائرن جون سڀ لڪيرون اوتجي رهيون هيون. هن جو وجود پاڻيءَ جي ڌار ۾ وهنجي رهيو هيو. هو پاڻ کي هيڻو ۽ ڪمزور محسوس ڪري رهيو هيو.
“پريشانيون ڪمزورين کي جنم ڏين ٿيون.” ڪنهن هن جي ڪن ۾ ڀڻڪو ڪيو.
”مان ڏاڍو پريشان آهيان.“ هن چيو.
”پريشانين مان ڇوٽڪارو ڪمزورين تي ضابطي سان حاصل ٿئي ٿو.“
”اهو ڪيئن؟“ هن چيو.
”ڪمزورين کي قابو ڪرڻ لاءِ توکي ڏاڍو ڪمزور ٿيڻو پوندو. هٿيار ڦٽا ڪرڻا پوندا... ڪنڌ نوائڻو پوندو.“
هو ڏاڍو ڪمزور ٿي ويو. هن جي وهندڙ پيشاب ڪري عدالت جو ڪمرو خراب ٿي ويو. جج ڪرسي ڇڏي ڀڄي ويو. ڀرسان بيٺل سرڪاري وڪيل تشويش ۾ مبتلا ٿي ويو. هو سزا جو مستحق ٿي ويو. هن کي اگهاڙو ڪري ٿاڻي ۾ ٿڌي فرش تي اونڌو سمهاري ڪو ڦٽڪا وهائي رهيو هيو. چيلهه تي لڳندڙ ڦٽڪن ڪري هن کي ڏاڍو سڪون محسوس ٿي رهيو هيو. هو هر ڦٽڪي تي فرحت مان هڪ آهه ڀري رهيو هيو. سڪون کان هر هر هن جون اکيون بند پئي ٿي ويون. ڪو هن کي بيهوش سمجهي پاڻيءَ جو گلاس چپن تي رکي رهيو هيو. هن منهن پري ڪري ڇڏيو.
”منهنجو مسئلو پيئڻ نه پيشاب ڪرڻ آهي... مون کي پيشاب ڪرڻ ڏيو... مان مري رهيو آهيان... مان ڏاڍو ڪمزور آهيان... مان ڏاڍو پريشان آهيان.“
ٻن سپاهين هن کي ٻانهن کان وٺي پيشاب خاني ۾ اڇلايو. هن پيشاب ڪرڻ شروع ڪيو. اڻ کٽ پيشاب... لامحدود پيشاب... لامڪان پيشاب... لافاني پيشاب... پيشاب جيڪو بي انت هيو... جنهن جي نه ڪا ابتدا هئي نه ڪا انتها... پيشاب جيڪو امر هيو... جنهن کي جاري رهڻو هيو.
هو ان رات سوير سمهيو هيو. ڏينهن جو نوڪريءَ جي ڳولها ۾ شهر مان ڀٽڪي سانجهيءَ جو موٽيو هيو. ڏاڍو ٿڪيل هيو. بک تي پاڻي پي سمهيو هيو. ٿڪ کان هن جي اک نه پئي کلي. هو اٿيو- ٿيڙ کائيندو اکيون مهٽيندو پيشاب خاني جو درکولي اندر هليو ويو.

** *