ڪھاڻيون

سونو ڏند

ڪهاڻين جي هن ڪتاب جو ليکڪ ناميارو ڪهاڻيڪار، ناولنگار ۽ اديب ”رسول ميمڻ“ آهي. رسول ميمڻ جو شُمار جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جي مُهندار ڪهاڻيڪارن ۾ ٿئي ٿو، جنهن جو ڪهاڻي لکڻ جو هڪ پنهنجو الڳ ۽ منفرد انداز آهي ۽ جنهن ڪهاڻيءَ کي پڙهندڙن جو هڪ پنهنجو وسيع حلقو آهي. هن ڪتاب ۾ شامل گهري فڪر ۽ تخليقي حُسن سان ٽمٽار هي ڪهاڻيون يقيناً پڙهندڙن کي دل ۾ پيهي وينديون.
  • 4.5/5.0
  • 2598
  • 750
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سونو ڏند

سونو ڏند

حياتي پڳ جيان آهي،
ماڻهوءَ جي مٿي تي ويڙهيل.
ڪنهن جي ننڍي،
ڪنهن جي وڏي.
ڪنهن جي اجري،
ڪنهن جي ميري.
۽ ان جي پاندَ سان،
هرڪو اگهي ٿو،
زندگيءَ جا ڳوڙها.

تن ڏينهن سکر ۽ شڪارپور وچ ۾ پڪو رستو نه هيو. ماڻهوءَ گهٽ سفر ڪندا هيا. هرڪو ڳوٺن تائين محدود هيو. پنهنجي حد اندر وسيلن کي ڪتب آڻي پورت ڪندو هيو. ڏيتي ليتيءَ جا ايڏا ذريعا نه هيا ۽ سڀ ڪو پنهنجي حال ۾ خوش رهڻ جي ڪوشش ڪندو هيو.
چيٽ ۾ نظرپور چوڌاري سرنهن جا فصل ايڏا ڀلا ٿيندا هيا جو پورو ڳوٺ ڄڻ گلن جي ٻوڏ ۾ ويڙهيل نظر ايندو هيو. آڙين جا ولر ڳوٺ ٻاهران ڍنڍن تي لهندا ۽ اڏامندا هيا. ڪنب جي ڪنارن تي نرم مٽيءَ ۾ ٽُٻڻيون کڏ کوٽي آنن تي آرو ڪنديون هيون ۽ کٻڙن تي رنگبرنگي ڀنڀورين جا ڪٽڪ لامارا ڏيندا هيا. سانوڻ ۾ پاڻيءَ جو وڏو زور هوندو هيو. ڪا خبر نه پوندي هئي ته ٻوڏ اچي ڪڙڪو ڪندي هئي. ۽ پاڻ سان سڀ وهائي ويندي هئي. چانور جام ٿيندا هيا ۽ دُٻن ۾ ڪُرڙيون ترندي نظر اينديون هيون.
ربڏني جو گهر ڳوٺ جي اتر پاسي ڪنب جي ڪناري هيو. چڱو وڏو گهر هيو جنهن ۾ هڪ پاسي ڪچين ليپو ڏنل ڀتين تي شهتير رکيل چار ڪوٺيون هيون. ۽ انهن اڳيان ونگ وارن کليل درن تي ٺهيل دالو هيو. پري تائين پڌر هيو جنهن جون حدون هڪ ننڍي اوڏڪي ڀت ۽ ڍينگرن جا ڍير هيا. کليل در وٽ ٻه ڪتا پنهنجين اڳين ڄنگهن تي منهن رکي ستل هوندا هيا. هڪ ڪوٺيءَ ۾ ڇڳل واڻ واريءَ کٽ تي نابين پوڙهي ويٺل هوندي هئي. ٻئي پاسي ٻن ڪمرن اڳيان آڏاڻان رکيل هوندا هيا جن جي سٽ جون تانيون اڱڻ جي اڌ تائين ڦهليل هونديون هيون.
رب ڏني کي رب سٺو روزگار ڏنو هيو. آڏاڻن مان آمدني ٿيندي هئي ۽ زمينن مان ايترو اناج ملندو هيو جو اهو پوري سال لاءِ ڪافي هوندو هيو. هن بچت ڪري ٿورا ڏوڪڙ پڻ ڪٺا ڪيا هيا جيڪي هن کي وڏي پٽ جي طهر تي خرچ ڪرڻا هيا. هن کي ٻه پٽ هيا. هڪ ننڍو جيڪو اڃان ماءُ جي ٿڻن تي هيو. ۽ ٻيو جيڪو پورن ڇهن سالن جو ٿي چڪو هيو. هن جي خواهش هئي ته ٻنهي جا طهر ساڳي ڏينهن تي ٿين. پر حڪيم هادن هن کي صلاح ڏني، “ننڍي جو نه وڏي جو طهر ڪراءِ. ننڍي جي کل وقت سان وڏي ٿي ويندي ۽ ڪو فائدو نه ٿيندو.”
ربڏني کي حڪيم جي ڳالهه ۾ وزن نظر آيو.
“سچ چوين ٿو حڪيم هادن.” ربڏني چيو، “پئسا هٿن جي مَرُ آهن. وري ٿيا ته ڏسنداسين. اجايو تڪڙ جو ڪهڙو ضرور آهي.”
حڪيم هادن نظرپور جو نالي وارو جراح هيو. هر هنڌ هن جي هاڪ هئي. پوري تڪ جا طهر هو ڪندو هيو. انبن جي مند ۾ جڏهن ٻارن کي ڳاڙهيون ڳوڙهيون نڪرنديون هيون ته حڪيم هادن ڪانيءَ ۾ پَٽ ڦاسائي ٻار کي ٽڪو ڏئي گند ٻاهر ڪڍي ڳوٿل چيڪي مٽي وجهي مٿان اڳڙي ٻڌندو هيو. ٻار سور کان ڌرتيءَ تي ليٿڙيون پائي روئندو هيو. ۽ حڪيم هادن کيسي مان جَنوَر جي ٽڪي ڪڍي ٻار جي وات ۾ وجهندو هيو. هو نم جي ڪاٺيءَ تي ڪپهه ويڙهي ڪٽيل ڦودني ۾ ٻوڙي پوڙهن کي وات ۾ وجهي انهن جا ڪاڪڙا کڻندو هيو ۽ سمنڊ ڦيڻ جي ناس وجهندو هيو. هن جي گهر واري ٽامي جي ٿانءَ ۾ تلسي رکي ان کي دکائي دونهي مٿان هڪ پاٽ رکندي هئي جنهن جي پاسي کان سوراخ هوندو هيو، هوءَ ان ۾ نڙ وجهي دونهون ٻار جي ڪن ۾ وجهندي هئي. ٻار ماءُ جي هنج ۾ رڙيون ڪندا هيا. ۽ پوءِ جڏهن اها نڙ هٽائي پاٽ مٿي ڪندي هئي ته سڙيل تلسيءَ ۾ جيئرا جيت ڦتڪندي نظر ايندا هيا. جيترا جيت نڪرندا هيا اوترا پئسا وٺندي هئي.
هڪ سياري جڏهن چڻا مٽر جام ٿيا ۽ سرنهن سان هر شيءِ واسجي وئي. ربڏني فيصلو ڪيو ته هو وڏو پٽ طهرائي اڌ وزن هلڪو ڪندو. سياري ۾ ڪپڙو به ڪافي وڪاميون هيو جنهن ڪري هن جي آڏاڻن جي آمدني ڪوٺيءَ جي ڪنڊ ۾ پوريل پانڍاري جي ڀرجڻ کانپوءِ به بچي پئي هئي. هو هڪ ڏينهن صبح جو سوير اٿيو. هن پڌر ۾ بيٺل برمي هيٺيان ويهي گرم پاڻيءَ ۾ ٽٻي ڏئي، سائي اڇي ڪِناريءَ واري گوڏ ٻڌي نيري رنگ جي ڪالر واري قميص پائي مٿي تي پڳ ويڙهي ۽ پيرن ۾ زين تي ٺهيل ونگوڙيدار جتي وجهي هن ڀت ۾ مٽيءَ سان ليپ ڏنل آئيني اڳيان بيهي جڏهن ڦڻي ڏني ته خوشيءَ کان هن کي پنهنجيون ڀوريون اکيون چمڪندي محسوس ٿيون. هن هٿ هڻي پنهنجن ڪنن ۾ لڙڪندڙ سونين والين کي مهٽي صاف ڪيو. هو جڏهن گهر کان نڪري کهيءَ وٽ پهتو ته ٽانگي وارو تيار بيٺو هيو. ان ربڏني جي ويهڻ سان وٺي گهوڙو ڀڄايو. ناهموار رستي تي ٽانگو ائين هيٺ مٿي ٿي هلڻ لڳو ڄڻ ان جا ڦيٿا ننڍا وڏا هجن. جڏهن ٽانگو سکر پهتو ته ڪچڙي منجهند ٿيڻ واري هئي. ربڏني سِيرو چوڪ وٽ ڌرمشالي ۾ ديوان جي هوٽل تي ننڍي گوشت سان ماني کاڌي. ۽ پوءِ هو مندر ٻاهران پهتو. اتي عورتون ۽ مرد دهل وڄائي هار مونيم تي ڀڄن ڳائي رهيا هيا. هو مندر پويان ڦري هڪ گهري نيري رنگ واري جاءِ وٽ اچي بيٺو. هن اڳتي وڌي در کڙڪايو ۽ اندر هليو ويو. سامهون صندل تي صابو ويٺل هيو. صابو هن کي ڏسي کليو ته هن جي وات ۾ پاسي کان ڏند چمڪڻ لڳو. صابوءَ جي ان ڏند تي سونو پٽ چڙهيل هيو. جيڪو هن کي شڪارپور جي واڳو در واري سواميءَ ان تي ڪي پوتر شبد لکرائي سوکڙيءَ ۾ ڏنو هيو. صابو، سواميءَ کي گرو ڪوٺيندو هيو. پنهنجي من جي هر پيڙا ان آڏو اوري آٿت ماڻيندو هيو. اهو سونو ڏند هن وٽ گروءَ جي نشاني هيو. جنهن ۾ وڏي مڻيان ۽ رمز رکيل هئي. ان تي اڪريل سنها پاڪ شبد صابوءَ لاءِ وڏي معنى وارا هيا. هن کي لڳندو هيو جڏهن هو کائيندو آهي ته ان ڏند معرفت اهو حلال ۾ تبديل ٿي ويندو آهي. رات جو سمهڻ کان اڳ هو ان کي لاهي اکين تي رکي چمندو هيو ۽ پوءِ ڪپڙي جي ننڍڙيءَ ڳوٿريءَ ۾ وجهي ڌاڳو سُوٽي بند ڪري ويهاڻي هيٺان رکي سمهندو هيو. ان ڏند جي هن وٽ اهميت ان ڪري به هئي ته ٽي مهينا اڳ سوامي ديهانت ڪري ويو هيو ۽ ان جي پرلوڪ سڌارڻ کان پوءِ ان جهڙو ٻيو ڏند حاصل ڪرڻ محال هيو.
ربڏني کي اندر ايندو ڏسي صابو صندل تي سڌو ٿي ويٺو.
“اچ رئيس اچ.” هن چيو، “ڀلي ڪري آئين. ويهه.”
ربڏني ويهڻ سان پاسي واري کيسي ۾ هٿ وجهي سوَ وارا ٻه نيرا نوٽ ڪڍي صابوءَ اڳيان رکيا.
“پري کان آيو آهيان فقير.” پوءِ هن چيو، “وقت ڪونهي. واپس به ورڻو آهي. پٽ جو طهر آهي. حالي هي وٺ ٻيا ڳوٺ ايندين ته جام. پوري سٿ سان اچجانءِ. ڌوم ڌڙاڪو ڪري. مانيءَ گرهه کائي. ننڍڙي لاءِ خير جي دعا ڪجانءِ.”
“حاضر رئيس حاضر.” صابوءَ هٿ ٻڌندي چيو، “ڀڳوان وڌائيندءِ. رب ڪيچ ڪندءِ.” ربڏني صابوءَ کي ڳوٺ جا سڀ پار پتا ڏنا. ۽ تاريخ جي پڪ ڪري روانو ٿيو. هو ڌرمشالي مان نڪري. پهلومل گهٽيءَ مان ٿيندو شاهي بازار پهتو. هن رکئي ميمڻ جي دڪان تان ڳاڙهي گوڏ جو ڪپڙو ورتو ۽ ڀرسان ئي ڳانا ورتا. آخر اهو وقت به آيو جڏهن ٻار کي وهنجاري هن جا مينديءَ لڳل هٿ ۽ پير ڌوئي اڇي قميص پارائي ڳاڙهي گوڏ ٻڌي وئي. ٻانهن ۾ ڳانا پائي ڳچيءَ ۾ ماڪي فقير جو تعويذ وڌو ويو. وچ ڳوٺ ۾ شاهه جي پڌر وٽ کهيءَ چوڌاري ٻهارا ڏئي ڇڻڪار ڪيا ويا. اتي ڪاٺ جي ٿوڻين تي بيٺل نبات نما شيشي جي فانوسن جي صفائي ڪري گاسليٽ اوتيو ويو. سانجهيءَ ٽاڻي صابو پنهنجي سٿ سميت نظرپور پهچي ويو. سندس سٿ جو شهناز کدڙو سڀني جي نظرن جو مرڪز هيو. ڀورو لال جو ان هيو جنهن جي ڳٽن مان رت پئي ٽميو. ڳوٺ جا شونقين ان مٿان فدا پئي ٿيا. جڏهن رات ٿي ته پڌر ۾ فانوس روشن ڪيا ويا. سڀ کان پهريون لڏڻ فقير آيو ۽ پنهنجين ڳالهين سان راڄ کي کلائي کيرو ڪري وڌو. پوءِ صابوءَ دهل تي ٿاڦ هنئين ۽ ٻين سر ملايو. شهناز پيرن ۾ گهگهرو پائي جڏهن ناچ شروع ڪيو ته رات جي چپ ۾ وڻن تي ويٺل پکي جاڳي پيا. ماڻهن جون اکيون ڦاٽي ويون ۽ ڪن کڙا ٿي ويا. ڳوٺ ۾ اهڙو مزو انهن پهريون ڪونه ڏٺو هيو. شهناز جڏهن گهنگهرو ڇمڪائي دهل جي ٿاڦ تي چيلهه لوڏي گول ڦريو ته ڪيترن جون دليون اڇل ڏئي مٿي چڙهي آيون. شهناز نچندو رهيو ۽ رات جو دير تائين فانوسن ۾ گاسليٽ اوتبو رهيو. محفل جي گرمي ڪٿي به ٿڌي نه ٿي. نيٺ پرهه کان پهريون سڀ گهرن ڏي روانا ٿيا. ربڏني صابو ۽ ٻين فقيرن کي گهرجي اڱڻ ۾ کٽون وجهي سمهڻ جي جاءِ ٺاهي ڏني، جيئن اهي سج اڀرڻ کان اڳ ٿوري دير آرام ڪري تازا توانا ٿين ۽ شام جو طهر کانپوءِ وري منڊلي مچائي سگهن. فقير ڏاڍا ٿڪيل هيا جنهن ڪري سمهڻ سان انهن کي ننڊ وٺي وئي. سمهڻ کان اڳ صابوءَ جيئن ئي سونو ڏند لاهي صاف ڪري ڪپڙي جي ڳوٿريءَ ۾ وجهي ڌاڳو سُوٽي وهاڻي هيٺان رکيو ته پريان پڌر ۾ لڳل برمي جي اوٽ مان مريم جو پٽ اهو سڀ ڏسي رهيو هيو. ان جي نظر صابوءَ جي سوني ڏند ۾ هئي جيڪو هن جي وهاڻي هيٺيان ڳوٿريءَ ۾ پيل هيو.
مريم جو پٽ ڳوٺ جو شرارتي ڇوڪرو هيو. ماڻهو هن کي پيءُ جي نالي بدران ماءُ جي نالي سان سڏيندا هيا. مائي مريم کي سدائين ڪاري قميص ۽ ٻانهن ۾ ڪولابا پاتل هوندا هيا. هوءَ گهٽيءَ ۾ گهر ٻاهران ويٺي حقو ڇڪيندي هئي. ڳوٺ جي ڪا عورت ويامبي هئي ته هرڪو مائي مريم کي وٺي ويندو هيو. مائي مريم پنهنجي ڪم ۾ ماهر هئي. جڏهن عورت پير لهندي هئي ته مائي مريم ٻن وڏن ديڳڙن کي هڪ ٻئي مٿان رکي انهن جي ڪنارن کي مٽيءَ سان لنبي وڏڦ چکائيندي هئي ۽ اهو عرق وياميل عورت کي ڏئي چڱا پئسا ڪمائيندي هئي. هن جو مڙس هڪ ضعيف ۽ ننڍي قد وارو شخص هيو جيڪو سڄو ڏينهن زال جي خدمت ۾ گذاريندو هيو ۽ شام جي پهر تماڪ ڌوئي ڇاڻي ڦل ۾ وجهي ٽانڊا رکي حقو ٺاهي زال اڳيان رکندو هيو پوءِ ڪٻ ڪڍي هن اڳيان ويهي رهندو هيو. ان کي ڇڙو گوڏ ٻڌل هوندي هئي ۽ اگهاڙي پٺيءَ جو ڪرنگهو ائين نڪتل هوندو هيو ڄڻ هن کي ڪنڌ کان وٺي ويهڪ تائين نانگ چنبڙيل هجي. مائي مريم جي وڏي ڌيءَ جوان ٿي هڪ تپيدار سان ڀڄي وئي. باقي اٺن سالن جو پٽ هيو جنهن کي ماڻهو مريم جو پٽ سڏيندا هيا. ڇوڪرو ڏاڍو ٽڻڪ هوندو هيو. هڪ دفعي رئيس علڻ ڳوٺ ۾ سرائڪين کي گهرايو جيڪي پتلين جو تماشو ڏيکاريندا هيا. جڏهن رات جو ٽي کٽون ڏئي اندر ڏيئا ٻاري پتلين کي هيٺ لاٿو ويو ته ڇوڪرو پتلين جو ناچ ڏسي چريو ٿي پيو. اوندهه ۾ وجهه وٺي هو هڪ پتلي چورائي ڀڄي ويو. سرائيڪي فنڪارن پنهنجي وڃائجي ويل پتليءَ کي گهڻو ڳولهيو پر اها نه ملي. مريم جو پٽ پوءِ پتلي هٿ ۾ کڻي چار ماڻهو ڏسي انهن سامهون نچائيندو هيو. ماڻهو خوش ته نه ٿيندا هيا پر هن کي منهن ۾ ڀونڊا ڏئي اهڙي حرڪت تي ملامت ڪندا هيا. هڪ دفعي مريم جو پٽ ڍنڍ جي پاڻيءَ ۾ ٻڏندي بچيو. نظرپور ۾ هڪ اهڙي ڍنڍ هوندي هئي جنهن ۾ فيروزي ڪنول ٽڙندا هيا. ان ڍنڍ جا ڪنول هندو مهانگي اگهه وٺي مندرن ۾ چاڙهيندا هيا. ڪنولن مان ساوا واڱڻائي ڌاريدار پٻڻ پيدا ٿيندا هيا، جن جو ذائقو ۽ خوشبو پنهنجو مٽ پاڻ هئي. مريم جو پٽ پٻڻ پٽڻ لاءِ پاڻيءَ ۾ لٿو ۽ وچ ڍنڍ ۾ پاڻيءَ اندر اونهيءَ کڏ ۾ هيٺ هليو ويو. ٻڏڻ لڳو. ڪجهه رهاڪن جي نظر پئجي وئي. انهن ڊڪي پاڻيءَ ۾ ٽپا ڏنا ۽ گهلي ٻاهر ڪڍي ڪناري تي ڦٽو ڪيائونس. ڇوڪرو ڪڏهن نه سڌريو. ماءُ سان وڙهندو هيو ته پٿر پاڙي وارن جي گهر ۾ هڻندو هيو. راڄ ڏسي کجندو هيو ۽ پاڻ وڻائڻ لاءِ مچلائپ ڪندو هيو.
ان رات جڏهن صابو صبح جي هير ۾ ساڻو ٿي سمهيو ته سمهڻ سان هن کي اهڙي ننڊ وٺي وئي جو کونگهرا هڻڻ لڳو. ڇوڪرو پير پير ۾ ڏئي هن مٿان آيو ۽ وهاڻي هيٺان هٿ وجهي ڪپڙي جي ڳوٿري هٿ ۾ کڻي ڌاڳو ڍلو ڪري سونو ڏند ٻاهر ڪڍي پنهنجي وات ۾ وجهي جڏهن ڏند تي چاڙهيو ته ڄڻ هن جي جسم ۾ ڪرنٽ اچي ويو. هن جا ڪلها حرڪت ڪرڻ لڳا ۽ چيلهه لڏڻ لڳي. نچندي ڪنڌ کي سٽ ڏنائين ته سونو ڏند هن جي وات مان ڇڏائجي پري وڃي ڪريو. ڇوڪرو پنهنجي اهڙي حرڪت تي حيران ٿي ويو ۽ ڪجهه دير حواس وڃائي ويٺو، پوءِ هيڏانهن هوڏانهن ڏند ڳولهڻ جي ڪوشش ڪيائين. پڌر ۾ برمي چوڌاري گپ هئي ۽ پريان لئي جي سڪل ڪاٺين جو ڍير پيل هيو. اڃان پرهه ڦٽيءَ ۾ دير هئي. اوندهه ۾ برمي چوڌاري گپ ۾ هٿ هڻي ڳولهڻ جي ڪوشش ڪيائين پر ڏند ائين گم ٿي ويو ڄڻ جادوءَ جو ٺهيل هيو. ڇوڪري پويان پير ڪيا ۽ ڀڄي جان ڇڏائي. جڏهن صبح ٿيو ته صابوءَ ننڊ مان اٿي برمي مان گلاس ڀري کٽ تي ويهي گرڙي ڪئي ۽ پوءِ وهاڻي هيٺان هٿ هڻي ڳوٿري ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي. جڏهن هن کي ڳوٿري نه ملي ته هن ڪنڌ ورائي کٽ هيٺان ڏٺو. هن جي ذريءَ گهٽ دانهن نڪري وئي. کٽ هيٺان ڳوٿري ائين پيل هئي جيئن بکايل ٻليءَ جي ٻچي جو لاش. جنهن جو پيٽ سڪل هجي. هن هيٺ نوڙي ڳوٿري کڻي هٿ وجهي سونو ڏند ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي پر اتي ڪاريءَ وارا ڪک هيا “اڙي گهوڙا ڙي.” هن وٺي رڙ ڪئي، “مري ويس.” منهنجو سونو ڏند هائي، منهنجي گرو سوامي ڀڳت جي نشاني. اڙي او ربڏنا ڌوڙ پوي تنهنجي طهر کي. منهنجي گروءَ جو سونو ڏند. ڪاٿي. هاڙي ربڏنا شل خدا تنهنجو خانو خراب ڪري. شل سنئين نه ٿئين.”
صابو کٽ تي ويهي روئيندو پٽيندو رهيو. هن جي گوڙ تي ٻيا فقير به اٿي ويٺا ۽ انهن به وٺي دانهون ڪيون. ربڏنو ڀڄندو انهن وٽ آيو ۽ صابوءَ کي دلاسو ڏئي هيڏانهن هوڏانهن ڏند ڳولهڻ جي ڪوشش ڪيائين پر ڏند نه مليو. گپ ۽ ماڻهن جي اچ وڃ ايتري هئي جو ڪاشيءِ پنهنجيءَ جاءِ تي نه هئي. ربڏنو پريشان ٿي ويو. هن ڪنن کي هٿ هڻي پنهنجيون واليون لاهي صابوءَ کي ڏنيون.
“اڙي فقير ڇو هيانءُ لاٿو ٿي.” هن واليون صابوءَ کي ڏيندي چيو، “هي وٺ سونيون واليون ٻيو گهڙائي پائجانءِ.”
“مان ڌوڙ وجهان تنهنجين والين کي.” صابوءَ چيو، “ڏند منهنجي گروءَ جي سوغات هيو. واڳوڻي سواميءَ جي سوکڙي هيو. اڙي شل ڀڳوان ڀينگو ڪريئي. ٻار ٻچو مرئي.”
ربڏنو هيسجي ويو ۽ واليون هٿ ۾ جهلي سوچڻ لڳو ته هو سونو ڏند ڪٿان آڻي.
صبح جو سوير نه صابوءَ ڏُڌ پيتو نه نيرن ڪئي. ڪاوڙ مان ٽانگو گهرائي ساٿين سميت لانگ ورائي وڃي ويٺو ۽ منهن مٿو پٽيندو سکر روانو ٿي ويو.
ڄڻ راڄ مان رنگ ئي نڪري ويو. سڀ بي دليا ۽ بي مزي ٿي ويا. شام جو حڪيم هادن ڪاني صاف ڪري پاڪي روهيءَ تي لائي تکي ڪري پهچي ويو. ٻار کي پاٽ اونڌي ڪري ان تي ويهاري ڪاڪي نورل پويان ٻانهن ۾ هٿ وجهي سوگهو ڪري پڪڙيو. حڪيم هادن ڳاڙهي گوڏ مٿي ڪري مصريءَ جو ڳنڍو ٻار جي وات ۾ وڌو، پوءِ هن آڱر مٿي ڪري ٻار کي چيو، “هو ڏس جهاز.”
ٻار جيئن ڪنڌ مٿي ڪري ڏٺو ته ڪاني وجهي تيز پاڪي وهائي ڪڍيائين. ٻار جا ڪيڪر نڪري ويا. وٺي رڙيون ڪيائين. رت ايئن وهڻ لڳس جو ڪتا نه چٽين. ڪاڪي نورل پويان هٿ وجهي کڻي کٽ تي سمهاريس. مبارڪن جا ٽڙڪا پئجي ويا. پاٽ سڌي ڪري ان ۾ حڪيم هادن گهور ورتي ۽ پوءِ هو رت هاڻي پاڪي صاف ڪري ڪپڙي ۾ ويڙهڻ لڳو. ٻار جو رت ائين وهڻ لڳو ڄڻ نلڪو کلي ويو هجي. هن سوچيو جهٽ ۾ بند ٿي ويندو. پر رت بند نه ٿيو. سڄي رلهي رت ۾ آلي ٿي وئي ۽ رت واڻ هيٺان ٽمي پٽ تي پوڻ لڳو. سڀ پريشان ٿي ويا. حڪيم هادن چيلهه کي هٿ ڏئي ٻار مٿان بيهي ماجرا ڏسندو رهيو. هن هيڊي مرهم جي دٻي کولي ليپ ڪيو ۽ مٿان پٽي ويڙهي پر رت نه رڪيو. هن ڳاڙهي مرهم جي دٻي کولي پٽي ڪئي ۽ پوءِ هن هر دوا آزمائي. ٻار جو رنگ اڇو ٿيندو صفا پيلو ٿي ويو. هن جون اکيون ڍريون ٿي ويون ۽ ڪنڌ هڪ پاسي لڙي ويو.
”اڙي حڪيم ڪو بِلو ڪر.“ ربڏني جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا.
حڪيم هادن پريشان ٿي ويو. اهڙو منجهيو جو هن کي ڪو حيلو نه پئي سجهيو. سانجهيءَ ٽاڻي ٻار دنيا مان موڪلائي ويو. هن جو ميندي لڳل هيڊو لاش ڳاڙهي رلهيءَ تي رکيل هيو. سڀ روئي رهيا هيا. عورتون سينو ڪٽي رهيون هيون ۽ ماءُ وار پٽي رهي هئي.
”اڙي صابو ڏاڍي ڪيئي.“ ربڏني روئندي چيو.
هن جي اڇي پڳ ڇڙي ڍلي ٿي ڳچيءَ ۾ لوڙهي جيان لڙڪڻ لڳي.
”اڙي اهڙي ڪيئي ڪو دشمن سان به نه ڪري.“ ربڏني ٻئي هٿ مٿي کي ڏيندي ڌرتيءَ تي ويهندي چيو، “مان مران ها. اڙي ٻچڙو نه مري هان.”
پوءِ سال لنگهي ويا. ويڙهي مان ٻار جي جدائيءَ جو ڏک ڪڏهن نه گهٽيو. جڏهن ڏس انڌڙي ڇڳل واڻ واريءَ کٽ تي ويٺي نير وهائيندي هئي. ماءُ ڪاري رئي سان لڙڪ اگهندي هئي ۽ ربڏنو برمي ڀرسان اوڪڻو ويهي ٻئي هٿ مٿي کي ڏئي پيو “هاءِ هاءِ” ڪندو هيو. هن جو ننڍو پٽ وڏو ٿي ويو پر هن ان کي طهرائڻ جي همت نه ڪئي. هن کي پڪ هئي ته صابوءَ جي بددعا ويڙهي ۾ ڪارا ڪپڙا پائي ڏند ڪڍي ڏائڻ جيان گهمي ٿي. ڪڏهن به ڪجهه ٿي پئي سگهيو. ڇڙو بهانو گهرجي. هن ٻه چار دفعا شهر رقم موڪلي صابوءَ کي پرچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر صابو ڏند جي گم ٿيڻ تي اهڙو ڪاوڙيل هيو جو صفا بِر لڳو پيو هيو.
هڪ سانوڻ ۾ جڏهن تيز مينهن وسي رهيو هيو ۽ ربڏنو مَنهيءَ ۾ ويهي پٽ کي ياد ڪري ٻاهر وسندڙ مينهن جي ڪرندڙ بوندن ۾ ٺهندڙي ڦاٽندڙ ڦوٽن کي ڏسي رهيو هيو. هن کي پري کان برمي ڀرسان گپ ۾ ڪاشيءِ چمڪندي نظر آئي. هن غور سان ان کي ڏٺو ۽ پوءِ هو اٿي مينهن ۾ ٻاهر آيو. هن هيٺ نوڙي اها هٿ ۾ کڻي برمي تان ڌوئي جڏهن ڏٺو ته اهو صابوءَ جو گم ٿيل سونو ڏند هيو. جنهن تي هڪ پاسي سنها ديوناگري حرف اڪريل هيا. هن ڏند کي مٺ ۾ ائين سوگهو ڪيو جيئن هن کي خزانو ملي ويو هجي. هو ڊڪندو اندر آيو ۽ ڏند کي ڪپڙي سان اگهي ڪپهه ۾ ويڙهي تختي تي سائي پوتيءَ ۾ لڪائي ڇڏيو. هو خوشي محسوس ڪرڻ لڳو ۽ سوچڻ لڳو ته هو شهر وڃي سونو ڏند صابوءَ کي ڏئي مڪتي ماڻيندو.
ٻئي ڏينهن صبح جو ٽانگو ڪري هو سکر پهتو ۽ وڃي صابوءَ سان مليو. هن جڏهن سونو ڏند کولي صابوءَ اڳيان رکيو ته ان جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا. هو زار و قطار روئڻ لڳو. هن ڏند هٿ ۾ کڻي ان کي چار دفعا چميو. پوءِ اکين تي رکي صندل تان اٿي ربڏني کي ڀاڪر پاتو.
”اڙي ربڏنا تنهنجا لک ٿورا، اڙي تنهنجيون مهربانيون.“ هن روئڻ گاڏڙ ٽهڪ ڏيندي چيو، ”اڙي ماريا، ايڏا ڏينهن اجايو رلايئي. خلق کلايئي ۽ راڄ رڙايئي.“
ربڏني هن کي سڄي ڳالهه کولي ٻڌائي ۽ پوءِ هٿ ٻڌي عرض ڪيو، ”فقير پنهنجي پِٽَ واپس وٺ. توکي پنهنجي گروءَ جي سوغات ملي ۽ هاڻي مون کي مڪت ڪر ته ٿورو سک جو ساهه کڻان.“
صابوءَ ربڏني مٿان ٻئي هٿ ڦيري پنهنجي مٿان ائين آندا ڄڻ ان جون سڀ مصيبتون ميڙي پنهنجي مٿان اڇلايون هجن.
”شل ڀڳوان ڀلو ڪريئي. حياتي ڏيئي. اڙي شل تنهنجا ٻچا جيئن.“ صابوءَ چيو.
جڏهن ربڏني کي پڪ ٿي وئي ته هاڻي صابوءَ جي دل صاف آهي ته هن هٿ ٻڌي موڪلاڻي ڪئي ۽ واپس ڳوٺ اچي ٻئي پٽ جي طهر جون تياريون شروع ڪيون. ربڏني کي محسوس ٿيو جيئن هن جو وزن هلڪو ٿي ويو هجي. هو اهڙن زنجيرن مان آزاد ٿيو هجي جن تي وقت جي ڪٽ چڙهي وئي هجي. وڏي پٽ جي وفات کانپوءِ هن جون خوشيون ختم ٿي چڪيون هيون. پر پوءِ به هن سوچيو، ”ٿوري گهڻي خير خيرات ڪري هو ننڍي پٽ جو طهر سادگيءَ سان ڪندو. هن ڪاج ڪٺو ڪيو ۽ ڳاڙهي گوڏ وٺي ان کي ائين ڏسڻ لڳو ڄڻ اتي هن جي مئل پٽ جو رت لڳل هجي. پوءِ هن سوچيو، گهٻرائڻ جي ڳالهه نه آهي. هاڻي هن جي پٽ جي جيءَ کي جوکو نه آهي. رب ۾ اميد آهي ته سڀ خير ۽ خيريت سان ٿي ويندو.” جڏهن طهر جي تاريخ ويجهي ٿي ته هن حڪيم هادن بجاءِ سکر وڃي حڪيم صالح جراح کي دعوت ڏني ته اهو اچي هن جي پٽ جو طهر ڪري. حڪيم صالح جراح جو دواخانو واري تڙ تي ٺاري خان جي اجرڪن واري ڪارخاني پويان هيو. هو سياڻو حڪيم ۽ قابل جراح هيو. هن جي پوري اتر جي علائقي ۾ هاڪ هئي. هن هٿان طهر ڪندي ڪڏهن ڪا غلطي ڪانه ٿي هئي. حڪيم هڪ وڏي رقم عيوض نظر پور هلڻ لاءِ تيار ٿيو. پٽ جي مرتيي کانپوءِ ربڏنو ڏاڍو محتاط هيو. هن بهتر سمجهيو ته هن ڀيري حڪيم هادن کي ڇڏي ڪنهن چڱي جراح جو بندوبست ڪجي جيئن ڪا ڪسر نه رهجي وڃي ۽ هٿ نه ملڻا پون.
هن نه ڪنهن کدڙي فقير کي ڪوٺ ڏني نه ناچن جو بندوبست ڪيو. هن سوچيو ڪهڙي منهن سان شڪارپور واري لڏڻ فقير کي سڏائي ڀوڳ ڪرائي ۽ کل مچائي. پٽ جي وڇوڙي کانپوءِ هن جي اکين جو پاڻي ئي نه پئي سڪيو. ان ڏينهن نه لنگهن توتلي وڄائي نه دهلن کي ڌڪ لڳا. پري ڪنب ڪناري ڪنهن چارڻ جي بين جو آواز وڍ وجهندو رهيو ۽ ڀت جي ديڳين هيٺان ٻرندڙ ڪاٺين جو دونهون دکندو رهيو.
ان ڏينهن اوچتو مينهن وسي پيو. حڪيم صالح جڏهن ٽانگي مان لٿو ته هن جا بوٽ پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويا. تڙ تڪڙ ۾ مينهن ڪري ٽمندڙ منهيءَ هيٺان ماڻهن ماني کاڌيءَ ۽ پوءِ ٽپهريءَ ٻانگ سان ٻار کي تيار ڪري ڳاڙهي گوڏ ٻڌي. ڳانا پارائي اچي اونڌيءَ پاٽ تي ويهاريائون. حڪيم صالح جراح پاڪي سنڀالي ڪاني وجهي ٽڪو ڏنو ته مبارڪن جا آواز بلند ٿيا. ٻار کي کنڀي وڃي کٽ تي سمهاريائون. حڪيم پاٽ سڌي ڪئي ته گهور سان گڏ پاڻيءَ جون بوندون به ان ۾ ڪرڻ لڳيون. ڪا گهڙي گذري ٻار کي ماڻس چادر مٿي ڪري ڏٺو ته هن جي دانهن نڪري وئي. رت ائين وهي رهيو هيو جيئن وسڪاري ۾ پاڻي ٻنا ڀڃي وهندو هجي. هن وٺي رڙ ڪئي.
“اڙي منهنجو ٻچڙو. اڙي ربڏنا هي ويل ته ڏس.”
ربڏنو ٻار مٿان آيو. هو ڏسڻ سان هيسجي ويو. سندس لڱ ڏڪڻ لڳا. ماڻهن صالح جراح کي سڏيو. ان هڪڙيون پٽيون لاٿيون ٻيون چاڙهيون. پر رت نه رڪيو. وهندو ويو ۽ ٻار هيڊو ٿي ڍرو ٿيندو ويو. صالح جراح ڪو حيلو نه ڏسي هٿ مهٽي چپ ٿي ويو ۽ روڄ پئجي ويو. هرڪو ڍاڍيون ڪري روئڻ لڳو.
“اڙي حڪيم ڪجهه ڪر. رب جو نانءُ ٿي ڪجهه ڪر. اڙي هي هٿن مان هليو ويندو. اڙي ڪو هيلو هلاءِ.” ربڏني ليلائيندي چيو.
حڪيم اهڙو چپ ٿي ويو جهڙي ڀت. نه ڪري نه ڪڇي.
“بابا جيڪا رب جي مرضي.” ان چيو، “حياتي هوندس ته بچندو. باقي بندي جي وس کان ٻاهر آهي.”
ٿوري دير ۾ رلهي گوڏ وانگر ڳاڙهي ٿي وئي ۽ کٽ هيٺان رت تي ماڪوڙا ڪٺا ٿي ويا. ربڏنو حڪيم صالح جراح مان مايوس ٿي ويو. هن جي پڳ ڍري ٿي گوگهي جيان ڳچيءَ ۾ ڪري پئي. سڀ رستا بند ٿي ويا. هو هٿن سان پنهنجا وار پٽڻ لڳو ۽ پوءِ چرين جيان وسندڙ مينهن ۾ وٺي ٻاهر ڀڳو. هو برمي ڀرسان ويهي گپ ۾ هٿ وجهي ڪا شيءِ ڳولهڻ لڳو.
(هيمو فليا جي مريضن ڏانهن)

***