چور ۽ بهادر سپاهي
ڪنهن وقت نوفل ۽ ابوجهل جي پاڻ ۾ ياري هئي. انهن ان محل ۾ گڏجي ٽي بوتلون پيتيون ۽ هڪ ڪٿي اهو سوچي لڪائي ڇڏي ته ڪڏهن ايندڙ نسلن جو ڪو پياڪ اتي ايندو ۽ پراڻيءَ جو مزو ماڻيندو. هن کي اها بوتل چورائڻي هئي جيڪا ناياب هئي. هن کي ڪا خبر نه هئي ته نوفل جو محل ڪٿي آهي. ڪنهن کيس ٻڌايو هيو، ”نوفل جو محل اهڙي جهنگ ۾ آهي جتي گڏهه نما انسان رهن ٿا. اتي هڪ کنڊر آهي جنهن ۾ مرڪندڙ ٻلي ستن ڪوئن کي کير پيئاري ٿي.“
هن کي اهڙي کنڊر جي ڳولها هئي. ۽ هن کي اها بوتل چورائڻي هئي. هڪ ڏينهن هن اهڙو جهنگ ڳولهي لڌو جتي گڏهه نما انسانن جي حڪمراني هئي. ۽ انسان نما انسان ڪلهن تي بار ڍوئي رهيا هيا. جهنگ ايڏو ته گهاٽو هيو جو مٿان بيٺل سج جا ڪرڻا اتي نه پهچي رهيا هيا. اتي جهڙو ڏينهن هيو تهڙي رات ۽ جهڙي رات هئي تهڙو ڏينهن. هو هلندو سردار وٽ پهتو ۽ ان کي نِوڙي سلام ڪيائين.
”اي ظل خراساني سردار عالمِ پريشاني، توهان بيشڪ هوشمند حڪمران آهيو. پر مان به وقت جو ولي آهيان. توهان جي خدمت ۾ انڪري حاضر ٿيو آهيان ته مونکي نوفل جي محل ڏسڻ جو ڏاڍو شوق آهي. اهو محل هن گهاٽي جهنگ جي ڪنهن حصي ۾ موجود آهي. جيڪڏهن مهرباني ڪري ڪو سونهو ساڻ ڏيو جيڪو دڳ ڏيکاري ته اهو محل ڏسي توهان کي دعائون ڏيندس.“
هن جي ڳالهه تي سردار ڏاڍو کليو جنهن جي منڍي گڏهه جي هئي ۽ ٽهڪ ماڻهوءَ جهڙا هيا.
”ڪهڙي نوفل جي ڳالهه ٿو ڪرين جيڪو اسان جي ڏاڏي جو دوست هيو؟“
”ها سردار.“ چور چيو، ”اهوئي جيڪو عقلمند ابوجهل جو دوست هيو.“
پنهنجي بزرگ جي تعريف ٻڌي سردار ڏاڍو خوش ٿيو. هن هڪ بهادر سپاهيءَ کي سڏ ڪيو جيڪو تازو ان لشڪرن سان گڏ موٽيو هيو. جنهن زالن جو حڪم مڃيندڙ ڪافرن کي گهرن ۾ گهري شڪست ڏني هئي. اهو گڏهه جي منڍيءَ وارو بهادر سپاهي بدن جو ڏاڍو سگهارو هو. اهو قداور ۽ ڪثرتي جسم وارو هيو. ان جي ويڪري ڇاتيءَ تي ڳچيءَ ۾ پاتل سونو تعويذ لڙڪي رهيو هيو. سردار سپاهيءَ کي حڪم ڪيو.
”هن وليءَ کي نوفل جي تباهه ٿيل کنڊر ۾ وٺي وڃ. پر اهو ياد رکجانءِ . هيءُ اتي ڪا اهڙي حرڪت نه ڪري جو اسان جي وڏڙن جو روح رنجائي ۽ پريشاني پيدا ڪري وجهي.“
بهادر سپاهي هٿ ۾ تلوار جهلي سينو سڌو ڪري هن اڳيان ائين هلڻ لڳو جيئن ڪنهن جو سر قلم ڪرڻ نڪتو هجي. چور ان پويان هلندو جڏهن کنڊر ٻاهران پهتو ته هن کي دروازي تي هڪ ڪاري ٻلي ويٺل نظر آئي جيڪا ستن ڪوئن کي کير پيئاري رهي هئي. سپاهيءَ اڳتي وڌي مقدس ٻليءَ کي سلام ڪيو. ۽ ان کان اندر وڃڻ جي اجازت گهري. ٻليءَ اک کي ائين ڇنڀيو جيئن چوندي هجي، ”لنگهي وڃ مون کي ڪو اعتراض نه آهي.“ پوءِ اها مرڪڻ لڳي.
کنڊر سوين سال پراڻو هيو. پر ان جون ڀتيون اڃان بيٺل هيون. ڀتين جي پراڻن پٿرن ۾ انيڪ شبيهون اڀريل هيون. هڪ ڊگهي برج مٿان شينهن اڪريل هيا جن جي وات مان مينهن وسڻ کانپوءِ پاڻي نيسارن جي صورت ۾ هيٺ وهي رهيو هيو. اتي اڇي ڪاري پٿر جو اڱڻ هيو ۽ اندر هڪ ڪمرو هيو جنهن جي ڇت اڃان سلامت هئي. اوڀر واري دَرَ مان اس جو پاڇو فرش تي ائين پيل هيو جيئن اڪيلائپ جي زندگي گذاري مري ويل ڪنهن ڪوڙهه جي مريض جو لاش هجي. چور ڪمري ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو. اهو خالي هيو. اتي ڪجهه نه هيو هر طرف سوين سال پراڻي ڌوڙ ڦهليل هئي. هو مايوس ٿي ويو. هن کي اتي ابوجهل جي لڪايل بوتل ڪٿي نظر نه آئي. هن مٿي ڇت ڏي نهاريو اتي چير ائين پيل هيا جيئن وقت چاقوءَ سان ان تي حملو ڪيو هجي. هن جون نظرون ڇت تان ٿينديون هيٺ ڀتين تي پيون. هن ڏٺو هڪ ڀت جي مٿين جاري ۾ پراڻي بوتل رکيل هئي جنهن مٿان مٽيءَ جا تهه چڙهيل هيا. اها بوتل ڪنهن وسري ويل محبوب جي ياد ايندڙ ڊگهي ڳچيءَ جيان هئي. ان کي ڏسي چور سمجهي ويو ته اها ساڳي بوتل آهي جنهن جي هن کي ڳولها هئي پر اها مٿي رکيل هئي ۽ هن جي پهچ کان پري هئي.
بهادر سپاهي هن ڀرسان سينو کولي هر حرڪت جو جائزو وٺي رهيو هيو. هن کي خبر هئي ته جيڪڏهن هن ڪا اهڙي حرڪت ڪئي ته اهو گڏهه جي منڍيءَ وارو بهادر سپاهي هٿ ۾ جهليل تلوار هڻي ٻه اڌ ڪندي دير نه ڪندو. چور محسوس ڪيو اهو ناممڪن آهي ته هو سپاهيءَ کان اک بچائي ٽپو ڏئي اها بوتل کڻي لڪائي ڇڏي. اها گهڻو مٿي رکيل هئي. هن کي وڏي پٿر جي ضرورت هئي جيڪو اتي رکي ان تي چڙهي بوتل کي حاصل ڪري سگهي. هن ٻاهر اڱڻ ۾ نظر ڦيرائي اتي اهڙا پٿر پيل هيا جيڪي ڪم جا نه هيا. هنکي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته ڇا ڪري ۽ ان بوتل تائين ڪيئن پهچي. سندس دل چاهيو ته هو بهادر سپاهيءَ جي ڪلهن تي چڙهي هٿ وڌائي اها کڻي وٺي پر اهو ناممڪن هيو. هو هيڏانهن هوڏانهن ڏسي سوچيندو رهيو ته آخر هن کي ڇا ڪرڻ گهرجي. هن وٽ ان کانسواءِ ڪو چارو نه هيو ته هو بهادر سپاهيءَ کي ان ڳالهه جو قائل ڪري ته هن کي ڪلهن تي کڻي ان جاري تائين پهچائي. پر بهادر سپاهي ڏاڍو اٽل ۽ سيٽيل پئي نظر آيو. هن سوچيو، اهو هن کي ڪلهن تي چڙهڻ جي اجازت ڪڏهن نه ڏيندو. اهو ڪڏهن نه چاهيندو ته نوفل جي تاريخي محل جي ڪاشيءِ سندس ڪو سامهون کڻي هليو وڃي. اهو گڏهه جي منهن وارو بهادر سپاهي هن پويان ائين بيٺل هيو جيئن هن کي ٻانهن کان وٺي محل کان ٻاهر اڇلائڻ وارو هجي. تيز تلوار ان جي هٿ ۾ چمڪي رهي هئي ۽ هن جي هر حرڪت جو جائزو وٺي رهيو هيو.
هن وٽ ان کانسواءِ ٻيو ڪو طريقو نه هيو ته هو بهادر سپاهيءَ کي پاڻ سان ملائي ان کي اهڙيءَ طرح زير اثر ڪري جو اهو مدد لاءِ تيار ٿي وڃي. کيس ان کانسواءِ ٻيو ڪو رستو نظر نه آيو. هن ڇا ڪيو جو هيٺ ميري فرش جي پراڻين سرن تي پَلَٿ ماري اکيون ٻوٽي ويهي رهيو.
”مان ڏاڍو ٿڪيل آهيان.“ هن سپاهيءَ کي چيو، ”جيڪڏهن اجازت ڏين ته هت ويهي ڪجهه دير آرام ڪريان.“
سپاهيءَ ڪجهه نه چيو ۽ هو اکيون ٻوٽي ويٺو رهيو. سپاهي ڪجهه دير بيهي هن کي ڏسندو رهيو. ۽ پوءِ اهو به هن سامهون تلوار پاسي رکي ويهي رهيو.
”مان وقت جو ولي آهيان.“ چور اکيون کوليندي چيو، ”مون اڌ دنيا جو سفر ڪيو آهي ۽ ڪيترا ماڻهو منهنجا پوئلڳ آهن. مان توکي هڪ قصو ٻڌائڻ چاهيان ٿو جنهن جي ٻڌڻ سان تنهنجي من جو بار هلڪو ٿي ويندو ۽ سڀ پيڙائون ختم ٿي وينديون.“
بهادر سپاهيءَ هن جي نوراني چهري کي چتائي ڏٺو ۽ متاثر ٿي هن کي ان قصي ٻڌائڻ لاءِ چيو.
چور دل ۾ خوش ٿيو ته سندس پهريون تير ڪاميابيءَ سان نشاني تي لڳو آهي، پوءِ چور هن کي، ’اصل وڏو قصو دائمي خوشي حاصل ڪرڻ جو‘ ٻڌايو.
”ڪو بڙهيو ان جو ٿڙ ڏاڍو ٿلهو هيو. ان بڙ هيٺان هڪ پاسيريون نڪتل سنهڙو جوان اکيون ٻوٽي ويٺل هوندو هيو. هوا تي بڙ جا پن ته لڏندا هيا پر هن جي ڏاڙهيءَ جا وار هوا ۾ نه اڏرندا هيا ڇو جو اهي هن جي اميدن موجب انسان ذات جيان ڄميل مٽيءَ ۾ ملي هڪ ٿي ويا هيا. ان ڪيئي سال ان بڙ هيٺان ويهي گذاريا. روز رات جو حورون هن اڳيان اچي پنهنجا ٿڻ لوڏينديون هيون پر هن تي ڪو اثر نه ٿيندو هيو. ان جي ويراڳ جو سبب ڌرتيءَ تي اتان جون ڀوڳنائون ۽ درد هيا. محدود زندگي هئي جيڪا کن پل ۾ اک ڇنڀ جيان گذريو وڃي ۽ موت جي خوف مان پيدا ٿيندڙ ڪيفيت هئي. اهو جڏهن شهزادو هيو ۽ محل کان پهريون دفعو ٻاهر نڪتو ته هن جي نظر هڪ جنازي تي پئي. هن ڪنهن کان پڇيو، ”اهو ڇا آهي؟“
”اهو جنازو آهي.“ ڪنهن کيس جواب ڏنو.
”جنازو ڇا ٿيندو آهي؟“ هن سوال ڪيو.
”جڏهن ماڻهو مري ويندو آهي ته ان جو جنازو نڪرندو آهي.“
ان شخص جي جواب تي هن کي حيرت ٿي ۽ سوچيائين، ”ڇا انسان مرندو به آهي؟ جيڪڏهن انسان مرندو آهي ته پوءِ هن مختصر زندگيءَ جو ڇا حاصل؟ هو ڏاڍو دُکي ٿيو. ۽ هن کي هر شيءِ ۾ ڏک کانسواءِ ڪجهه نظر نه آيو. هن تاج ڦٽو ڪيو. ۽ جهنگ ۾ نڪري ويو. هو بڙ هيٺان اچي ويٺو ۽ حياتيءَ متعلق سوچڻ لڳو. دنيا ۽ ان جي ڏکن سورن بابت سوچيو. هن چاهيو پئي ته جيڪر ڌرتيءَ جا ڏک گهٽائي سگهي. شل هن جي عمل سان انسان اهڙي خوشي حاصل ڪري جيڪا عارضي نه پر دائمي هجي. انسان هر حال ۾ پاڻ کي مطمئن ۽ مڪمل سمجهي، اهو اندر ۾ کُٽيل نه هجي.
چور ڳالهيندي سپاهيءَ جي منهن ۾ ڏٺو. اهو مڪمل طرح هن جي گرفت ۾ اچي چڪو هيو. ان جي گڏهه جهڙي منهن تي نرڙ وٽ فڪر انگيز گهنج ظاهر ٿيا هيا. اهو ادب مان ڪنڌ لوڏي هن جي نصيحت جو جواب ڏئي رهيو هيو. جيئن چور ڳالهيندو پئي ويو سپاهيءَ جي دل نرم پئي ٿيندي وئي. نيٺ اهڙو وقت به آيو جو سپاهيءَ جذبات ۾ اچي هٿ ۾ جهليل تلوار پري ڦٽي ڪئي ۽ اها ويران محل جي خاموش فرش جي ڀڳل سرن جي ننڊ ڦٽائيندي پري وڃي پئي.
”اهنسا.“ چور چيو. جنهن جي مانڱرمڇ جهڙين اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو.
”اهنسا ئي آهي جيڪا دنيا جي تقدير بدلائي سگهي ٿي. تشدد ۽ ظلم بي چينيءَ جا سبب آهن.“
پوءِ هن سپاهيءَ جي اهڙي جذبي جي تعريف ڪئي جنهن تحت هن تلوار کي هڪ پاسي ڦٽو ڪيو هيو.
”توکي لک شابس اي بهادر سپاهي.“ هن چيو، ”فتح حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن هٿيار جي ضرورت نه آهي. فتح صرف ان صورت ۾ حاصل ڪري سگهجي ٿي جڏهن من کي مات ڪبو، اندر کي شڪست ڏبي. اصل جنگ تنهنجي اندر ۾ جاري آهي. تنهنجا دشمن تو ۾ موجود آهن. تون جيڪڏهن انهن کي مات ڏيندين ته جيئڻ جو مزو ماڻيندين. جيڪڏهن توتي اهي حاوي ٿي ويا ته ڏکن ۽ ڏوجهرن کانسواءِ ڪجهه پڙ نه پوندو. تون انهن کي تلوار سان وڙهي نه ٿو حاصل ڪري سگهين، ڇو جو تنهنجا دشمن ٻاهر نه آهن اندر آهن. ٻاهر اوندهه آهي. اندر کي اجرو ڪندين ته ڪڏهن ڪمزور نه ٿيندين. اصل بهادري پاڻ سان مقابلو آهي. توکي فتح حاصل ڪرڻ لاءِ اهنسا جي هٿيار جي ضرورت پوندي. هڪ اهڙي تلوار جي ضرورت پوندي جيڪا تو اندر موجود آهي. تون جڏهن ان کي ڳولهي لڌو ته امر ٿي ويندين. تولاءِ موت بيڪار ٿي ويندو. اهو ڪڏهن توتي حاوي نه ٿي سگهندو. جڏهن تو مرندين ته محسوس ڪندين ٻيو ڪو مري ويو.“ چور جي ڳالهين جو بهادر سپاهيءَ تي ايڏو اثر ٿيو جو هن جو ٻوٿ لڙڪي پيو ۽ ذري گهٽ روئڻ وارو هيو. ان جذبات ۾ اچي پنهنجي ورديءَ جا بٽڻ کولي ڪوٽ لاهي پري ڦٽو ڪيو ۽ ڪنڌ هيٺ ڪري هن کي ٻڌندو رهيو. چور جنهن جي لفظن جو جادو هن تي هلي رهيو هيو. اهو دل ۾ مرڪڻ لڳو. سندس من جي مراد پوري ٿيڻ واري هئي ۽ اهو وقت پري نه هيو جڏهن سپاهي هن جي چنبي ۾ هوندو ۽ هو جيئن چاهيندو ان کي استعمال ڪري سگهندو. چور ڳالهيندو ويو ۽ بهادر سپاهي هن کي ٻڌندو ويو.
”انسان جا وڏا دشمن ان جي اندر ۾ آهن.“ چور چيو، ”جنهن ڪاوڙ ڪئي ان پاڻ سان ظلم ڪيو. تون ڪاوڙ ڪري ٻئي کي ڌمڪائي ته سگهين ٿو پر ان سان گڏ پنهنجي اندر کي پڻ تباهه ۽ برباد ڪرين ٿو. ڪاوڙ تنهنجي شخصيت کي نقصان پهچائي ٿي. اها جذبن جي اڀار سان بيمارين کي جنم ڏئي ٿي. تنهنجو روح بي چين ٿئي ٿو ۽ سڪون موڪلائي وڃي ٿو. تون جڏهن ڪاوڙ ڪرين ٿو ته دنيا کي ناراض ڪرين ٿو. توسان هر ڪو پاڻ کي ناخوش ۽ بيزار محسوس ڪري ٿو. تون دشمن پيدا ڪرين ٿو جنهن صورت ۾ تنهنجي من ۾ خوف جي ڪيفيت بيدار ٿئي ٿي. تون پاڻ کي اڪيلو ۽ ويڳاڻو محسوس ڪرين ٿو. جيڪڏهن ڪاوڙ نه ڪندين ته ماڻهو توکي سٺو سمجهي ويجهو ايندا. تون پاڻ مان مطمئن ۽ پرسڪون هوندين. هر ڪو تنهنجو دوست هوندو.“
هن جون ڳالهيون ٻڌي بهادر سپاهيءَ جي منهن تي اهڙي مرڪ اچي وئي جيڪا ٻي تاريخ جي چنڊ جهڙي هئي.
”بيشڪ ولي بيشڪ.“ بهادر سپاهيءَ چيو، ”تنهنجيون ڳالهيون ٻڌي دل کي ڏاڍي فرحت پئي محسوس ٿئي. دل جا بار هلڪا پيا ٿين ۽ جسم ۾ سرور جون لهرون پيون پيدا ٿين.“
چور دل ۾ ٽهڪ ڏنو جنهن کان هن جو نڪ ڳاڙهو ٿي ويو.
”مان چاهيندس ته تنهنجا سڀ مونجهارا ختم ڪري توکي دائمي خوشيءَ جي پلصراط پار ڪرائي هڪ اهڙي دنيا ۾ پهچايان جتي ڪو خوف نه هجي ڪا مايوسي نه هجي. جتي پريشانيون ختم ٿي ويون هجن ۽ موت بي موت مري چڪو هجي. مان توکي اهڙي دنيا جو سير ڪرائڻ چاهيان ٿو جيڪا تو اڳ نه ڏٺي آهي. تون جيڪڏهن اهڙي دنيا ڏسڻ چاهين ٿو ته پاڻ کي فنا ڪر. هر برائيءَ جي جڙ انا آهي. انا پرستي انسان کي اهڙي اڪڙيل وڻ جيان ڪري وجهي ٿي جنهن جا ڏار طوفان ۾ ٽڙڪا ڏئي ڪري پون ٿا. تون نرم ٻوٽو ٿيءُ جڏهن طوفان ايندا ته تون هيٺ نوڙي پوندين ۽ اهي تنهنجو ڪجهه بگاڙي نه سگهندا. جهڪڻ سک ۽ نوڙت ڌار.“
چور ڏٺو سپاهيءَ جا ڪلها مٿي ٿي ويا. هن جو ڪنڌ هيٺ ۽ ڪٻ ٻاهر نڪري آهي. هو نوڙت ۽ عقيدت مان هيٺ جهڪي ويو. چور چاهيو ته وقت آهي ان تي چڙهي پنهنجو ڪم سرانجام ڏئي پر محسوس ڪيائين اڃان منزل پري آهي. ڪهڙي خبر سپاهيءَ جي حيواني صفت جاڳي پوي. ۽ تلوار کڻي هن جو سر تن کان جدا ڪري وجهي. اهو سوچي چور مقناطيسي شخصيت سان لفظن جي جادوگري جاري رکي ۽ ويو هن کي ڄار ۾ ڦاسائيندو ۽ زير ڪندو.
”لالچ هڪ بري بلا آهي.“ چور چيو، ”جڏهن اسين لالچ ۾ پئون ٿا ته گِڦ اسان جي کٻي واڇ کان وهندي هيٺ ڪري ڪپڙا خراب ڪري ٿي. لالچ اسان جي اندر کي بزدل ۽ منافق بنائي ٿي. اسين دنيا ۾ پاڻ کي ڪمزور ۽ ٻين جي سهاري محسوس ڪيون ٿا. حلال ۽ حرام جي تميز ختم ٿي وڃي ٿي. لالچ مفاد پرستي ۽ غداريءَ کي جنم ڏئي ٿي. اسين پنهنجي ۽ پرائي ۾ تميز وساري ويهون ٿا. خواهشون جيڪي پڻ بري بلا جيان اسان جي پٺيان اچن ٿيون اهي ڊيڪائي سهڪائي مارين ٿيون. اسان جون خواهشون اهڙا زنجير آهن جن مان پاڻ ڇڏائڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. خواهشون مايوسين کي جنم ڏين ٿيون. جڏهن خواهشن جو پورائو نه ٿو ٿئي ته اسين غمگين ٿي وڃون ٿا. ۽ ائين مايوسين ۾ وڪوڙجي اڪيلائين جي دنيا جو حصو بنجي وڃون ٿا. اسان جيڪڏهن لالچ نه ڪيون ۽ خواهشن جي تمنا وساري ڇڏيون ته ذهني طرح آزاد ٿي اهڙي هنڌ پهچي وينداسين جتي دائمي خوشيون اسان جو انتظار ڪنديون. ۽ اسين ڪڏهن مايوسين ۽ ڏکن جو منهن نه ڏسنداسين.“
چور جي ڳالهين جو بهادر سپاهيءَ تي ايڏو ته اثر ٿيو جو ان کي گهاريل زندگي ڏوهن ۽ گناهن کانسواءِ ڪجهه نظر نه آئي. سندس ضمير جاڳي پيو جنهن کان محسوس ڪيائين هن ڪيڏا نه ظلم ڪيا. ڪيترن بي گناهه معصوم ماڻهن کي قتل ڪيو. انهن جا گهر اجاڙيا ۽ عورتن کي بيواهه ڪيو. بهادر سپاهيءَ کي پنهنجو ماضي ائين نظر آيو جيئن ڪو ازدها هن آڏو ڪنڌ کڻي وات کولي بيهي رهيو هجي ۽ ان جي وات مان اهڙي باهه نڪرڻ واري هجي جنهن ۾ هن جو وجود سڙي رک ٿي ويندو. بهادر سپاهيءَ کي ڏاڍو خوف محسوس ٿيو ۽ هن جو جسم ڏڪڻ لڳو. هن هٿ ٻڌي چور کي عرض ڪيو.
”اي ولي تنهنجيون ڳالهيون ٻڌي مان گناهن جي خوف ۾ وٺجي ويو آهيان.“ چور اکيون بند ڪري سڌو ٿي ويٺل ته سانت هيو پر اندر ۾ ٽهڪ ڏئي تاڙيون وڄائي ايڏو ته کلي رهيو هيو جو سندس پيٽ ۾ سور پئجي ويو. ”موهه“ پوءِ هن چيو، کنڊر ۾ هن جي آواز جو پڙاڏو پيدا ٿيو. ”موهه انسان کي چريو ڪري وجهي ٿو. موهه جي ڌاڳي ۾ هو ٻڌل ڪٽ پتليءَ جيان اشارن تي ناچ ڪري ٿو. هن جي حياتي پنهنجي حياتي نه ٿي رهي. هن جي زندگي ٻين جي غلام بنجي وڃي ٿي. جدائي هن کي ڏک ڏئي ٿي. ۽ وڇوڙو هن لاءِ پريشانيءَ جو سبب بنجي ٿو. موهه اهڙو ڏوهه آهي جنهن کي ڪرڻ سان ماڻهو سزا طور پاڻ ۾ قيد ٿي وڃي ٿو. ۽ ان کي ضمير ڪڏهن آزاد نه ٿو ڪري. موهه جا ڌاڳا ايڏا ته ڪچا آهن جو اهي انهن ۾ ٻڌل لڙڪندڙ دلين جو بار نٿا جهلي سگهن. اهي ڇڏن ٿا ۽ دليون هيٺ ڪري مٽيءَ ۾ ملي وڃن ٿيون. جيڪڏهن تون دائمي خوشي چاهين ٿو ته توکي رسا ڇنائڻا پوندا. رسا ڇنائيندين ته آزاد ٿيندين ۽ دائمي خوشي تنهنجا قدم چمندي.“
چور جي ڳالهه ٻڌي بهادر سپاهيءَ کي پنهنجي بيوفا زال ياد اچي وئي. جنهن سان هن کي موهه هيو. اها هن کي ڇڏي هلي وئي. هو جڏهن مهاڀاري جنگ تان ٻن سالن کانپوءِ موٽيو هيو ته هن جي زال گهر ۾ موجود نه هئي. اها گهٽيءَ جون ناليون صاف ڪندڙ هڪ ڀيل سان ڀڃي وئي. زال کي ياد ڪري هو ڏاڍو رنو ۽ اهو گڏهه جي منهن وارو سپاهي کنڊر جي پراڻي ڊَسَ ۾ ليٿڙيون پائي ڇڙيون هئڻ لڳو.
بهادر سپاهيءَ جي حالت ڏسي بظاهر سانت ويٺل چور جي من ۾ ايڏا ته ٽهڪ اڀامي رهيا هيا جو هن ضروري سمجهيو ته ڳالهائڻ جاري رکي نه ته اهي ٽهڪ هن مٿان حملو ڪندا ۽ سندس سمورو کيل ختم ٿي ويندو. هن پوءِ بهادر سپاهيءَ کي جنت ۽ دوزخ جون ڳالهيون ٻڌايون. حورن ۽ ماکيءَ جي ذائقي جو ذڪر ڪيو. طوفانن زلزلن ۽ قهرن جا قصا بيان ڪيا ۽ قبر جي عذاب کان ڊيڄاريو. بهادر سپاهي رڍ جي ٻچي جيان سامهون ويهي رحم جي نظرن سان هن ڏانهن ڏسڻ لڳو. چور اٿيو ۽ هن کي هٿ کان جهلي ان ڀت وٽ وٺي ويو جنهن مٿان جارو هيو. هن کي اتي بيهاري چيائين،
”هيءُ اهو مقام آهي جتي جهڪندين ته تنهنجا سڀ گناهه ڌوپي ويندا. تنهنجو مرتبو بلند ٿيندو ۽ دائمي خوشي حاصل ٿيندي.“
هن سپاهيءَ کي ڪلهن کان وٺي هيٺ ڪيو ۽ سپاهي ائين جهڪندو ويو جيئن ميڻ جو ٺهيل هجي. سپاهي گوڏن ڀر جهڪي ٺوٺين تي ٻانهون رکي پٺي مٿي ڪئي ته هو ان تي لت رکي چڙهيو ۽ هن جو هٿ آرام سان جاري تائين پهچي ويو. هن پندرهن سو سال پراڻي ابوجهل جي لڪايل بوتل هٿ ۾ کنئي ۽ ٽپو ڏئي کنڊر کان ٻاهر نڪري ويو.
بهادر سپاهي اتي ائين جهڪيل هيو جيئن فنا ٿي ويو هجي.
***