پريو مڙس
ڪنهن روح جيان
اڏرندڙ يادون
سي سڀ
اگربتي
دونهين ۽
واءُ ۾
بدلجي ويون.
ان شام ائين ئي ٿيو. پوڙهو اکيون ٻوٽي کٽ تي ليٽي زندگيءَ جو ٿڪ ڀڃي رهيو هيو. ڪجهه ماڻهو هن جي در تي آيا ۽ انهن ڪڙو کڙڪايو. هڪ ٻار ڊڪندو در تي ويو ۽ جڏهن در کولي ڏٺائين ته اتي ٻه شخص بيٺل هيا. اندر جي ڪنهن گهري صدمي کان انهن جا منهن ڪپهه جهڙا اڇا ۽ نرم پئي ڏٺا . ائين پئي لڳو ڄڻ انهن کي اڇي ڏاڙهي نه ڊگها منهن هيا جيڪي انهن جي پيٽ تائين لڙڪي رهيا هيا.
”ٻچا، ڏاڏي کي ٻڌاءِ ماڻهو آيا آهن. هلڻو آهي.“
ٻار ڊوڙندو واپس آيو ۽ ڏاڏي مٿان بيهي ان کي سڏڻ لڳو.
”ڏاڏا، او ڏاڏا ماڻهو آيا آهن. توکي سڏين ٿا.“
ٻار جي سڏ تي پوڙهي جون اکيون ائين کلي ويون جيئن اهي ان جي وس ۾ نه هيون.
هو چادر سوري اٿيو ۽ ٻار ڏي منهن ڪري پڇيو،
”ڪير آهن؟“
ٻار ڏاڍو گهٻرايل هيو.
”خبر نه آهي ڪير آهن.“ هن جواب ڏنو.
پوڙهي ڪجهه گهڙيون سوچيو.
”ڪهڙا وري فرشتا هوندا؟“ هن چيو. هو کٽ تان اٿيو.
هن پاسي سان پيل ٽيڪم ۽ بيلچو کنيو. پوءِ در کولي انهن سان روانو ٿي ويو.
پوڙهو قابرو جنهن کي سڀ پريو مڙس چوندا هيا، ڪمري جي ڪنڊ ۾ کٽ تي اکيون ٻُوٽي ائين بي سڌ پيل هوندو هيو جيئن هڪ ڊگهي ڊوڙ کانپوءِ ٿڪجي ڪريو هجي. ۽ هن جي بت ۾ ڪم ڪرڻ جي سگهه نه رهي هجي. ڳوٺ ۾ مرتيو ٿيندو هيو ته ماڻهو ڪانو ڪڇي هن جي در تي ايندا هيا ۽ ڪڙو کڙڪائي انتظار ڪندا هيا. پوڙهي قابروءَ جو اهو ڪو خانداني پيشو نه هيو. حالتن هن کي ائين ڪرڻ تي مجبور ڪيو هيو. جوانيءَ جي ڏينهن ۾ هو رئيس جو خاص ملازم هيو. هن کي ويڪري منهن تي وڏيون وٽيل مڇون هونديون هيون. هو رئيس جون زمينون سنڀاليندو هيو. ڳوٺ ۾ هن جو رعب ۽ دٻدٻو هيو. انهن ڏينهن بازار ۾ ريشمي ڪپڙي جي وڏي کپت هوندي هئي. جپان کان اهڙو ته شفاف ريشم ايندو هيو جو اس پوڻ سان ان جو اولڙو ٺهندو هيو. ريشم جي گهڻي کپت ڪري اهو ڪوٽا تي ملندو هيو ۽ ڪارخاني اندر ڪوٽا کان وڌيڪ ريشم رکڻ ڏوهه هوندو هيو.
هو رئيس جي مدد سان ريشم جي ڪوٽا وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ ريشم جو ڪارخانو هنيو جيڪو هن جي هڪ دوست جي دغا سبب گهڻا ڏينهن نه هلي سگهيو.
زماني جا ٿاٻا کائي واپس ڳوٺ پهتو ته رئيس مري چڪو هيو ۽ ان جي پوين لاءِ هو ڪارآمد نه هيو. هن پيٽ گذر لاءِ مزدوري ڪئي ۽ مٿي تي گاري جون ٽوڪريون ڍوئڻ ڪري اهڙا زخم کاڌا جن جا نشان هن کي يا ڄمار ياد رهجي ويا.
ڪالراجي ڏينهن ۾ جڏهن روز ماڻهو مري رهيا هيا ۽ قبرون کوٽيندڙن جي کوٽ ٿي وئي ته هو قابرو ٿي پيو. زندگيءَ جي آخري ڏينهن تائين رزق حاصل ڪرڻ لاءِ هن ساڳي پيشي کي جاري رکيو. ڳوٺ ۾ ڪوبه مرتيو ٿيندو هيو ته ماڻهو هن جي در تي اچي ڪڙو کڙڪائيندا هيا. هو بيلچو ۽ ڪوڏر کڻي انهن سان گڏ روانو ٿي ويندو هيو.
ڪجهه ڏينهن اڳ پوڙهو سخت بيمار ٿي پيو. هن تي دمڪشيءَ جو حملو ٿيو ۽ سيني اندر سيٽيون ائين وڄڻ لڳيون جيئن آنڌيءَ ۾ تيز هوا جي روشندانن سان ٽڪرائڻ ڪري پيدا ٿينديون آهن. ڳوٺ جي حڪيم هادن هڪ هفتو ساندهه هن جو علاج ڪيو پر ڪو افاقو نه ٿيو. سڀ هيانءُ هاري ويٺا. اها پڪ ٿي وئي ته پوڙهو ڪجهه ڏينهن جو مهمان آهي. ۽ هن جو بچڻ مشڪل آهي.
تڪ جي سڀني ماڻهن ڏي نياپا موڪليا ويا ته پوڙهو موت جي ويجهو آهي جيڪڏهن ڪو هن سان ملڻ چاهي ته جلد پهچي وڃي.
پري مڙس جو ٻڌي ٻُچي ڏاڙهيءَ وارو موسى ڏهه ڪوهه پري کان ڪهي آيو هيو. هن جا بوٽ ڊاٻ ۾ ڀريل هيا ۽ پاسن کان ائين ڦاٽل هيا جيئن اڃ ۾ خشڪ چپ. هو جڏهن اتي پهتو ته ٻيا ڪجهه ماڻهو اڳ ئي موجود هيا. ڀورين مڇن ۽ سرمئي اکين وارو سچل. سڄي ٻانهن جي ويڻيءَ ۾ ڪارو ڪنگڻ پائي ويٺل احمد. ننڍڙي قد ۽ هيڊي منهن وارو جيئند ۽ ٻيا ڪجهه پاڙي جا ماڻهو جيڪي ڇڳل کٽن تي ڪنڊيءَ هيٺان ڳالهائي رهيا هيا. ٻيڙين جو دونهو وڪڙ ڏئي هوا ۾ ملي هڪ پئي ٿي ويو. ڀرسان ڌرتيءَ ۾ کوڙيل پاڻيءَ جو برمو ان پوڙهي عورت جيان پئي ڏٺو جيڪا ڄڻ نٿ پائي بيٺل هجي ۽ ان جا ڊگها وار لوهه جي هٿئي جيان چيلهه تي ايندا هجن.
ٻار هر هنڌ کيڏيا پئي. پڌر ۾، ڪوٺي تي ۽ پاسي کان هو وڪڙ ڏئي ويندڙ ڏاڪڻ ۾. ڪمري اندر عورتون ائين ڏسجي رهيون هيون جيئن ڀتين تي لڳل مورتيون هجن.
پوڙهو آخري ساهه کڻي رهيو هيو. هو زندگيءَ جي ان در وٽ بيٺل هيو، جيڪو حياتي ۽ سڪرات جي وچ تي کلي ٿو. موت کي ٽي در آهن. هڪ در جيڪو حياتيءَ وٽ کلي ٿو. ٻيو در جيڪو حياتي ۽ سڪرات وٽ آهي ۽ ٽيون در جيڪو سڪرات کان موت ڏي وڃي ٿو. پوڙهي لاءِ اڃا موت جو در نه کليو هيو. بس اهو کلڻ وارو هيو. موت جو در جنهن جو فاصلو ايترو ته گهٽ آهي جيترو ڌرتيءَ آسمان جو- ڇو جو ڌرتي آسمان جو حصو آهي.
”پريا مڙس، او پريا مڙس.“ پري کان ڪهي آيل موسى هن مٿان بيهي هٿ سان ٿلهن شيشن واري عينڪ کي اکين تي هيٺ مٿي ڪري چئي رهيو هيو،
”مونکي سڃاڻين ٿو؟“
پوڙهو کٽ تي شانت اکيون ٻوٽي ائين ليٽيل هيو جيئن پٿر جو ٺهيل هجي. هن جو جسم اڇو کير جهڙو هيو ۽ هلڪي روشنيءَ ۾ ڏاڙهي ءَ جا وار چمڪندڙ سئين جهڙا هيا. اهو هڪ ٿڪيل وجود هيو جنهن تي موسى جي سڏن جو ڪو اثر نه ٿي رهيو هيو. هو ان کي سڏيندو رهيو.
”پريا مڙس، او پريا مڙس.“
پوءِ پوڙهي اکيون ائين کوليون جيئن بدامنيءَ جي ڏينهن ۾ ماڻهو احتياط سان گهر جو در کولي ٻاهر ڏسندو آهي.
”مونکي سڃاڻين ٿو؟“ موسى چيو.
پوڙهي جي اڌ کليل اکين مٿان نرڙ تي گهنج پئجي ويا. هن کي لڳو ڏور ڌرتيءَ تي اٿندڙ ڄر ۾ ڪو پاڇو لڏي رهيو آهي. ڄڻ شيشيءَ تي پيل مينهن ڪڻين پويان ڪو هن ڏانهن ڏسندو هجي. هن جي ذهن اندر يادگيرين جي ميلي ۾ ڪو ماڻهو گهمڻ لڳو. هن جو دوست موسى جنهن جي پاسن کان وار هن جي ڪلهن تي لڙڪي رهيا هيا. اهو تارونءَ وٽ گنج لڪائڻ لاءِ ٽوپي پائيندو هيو، انهن ڏينهن سنڌوءَ جي ڪچي واري علائقي ۾ پڪا هنداڻا ٿيندا هيا. هر هنداڻي جو وزن ايڏو ته هوندو هيو جو مڙس ڪلهي تي نه کڻي سگهندو هيو. موسى هنداڻن جو ڪاروبار ڪندو هيو. طاقتور مڙس هيو. قد ۾ ڊينڊو ۽ جسم ۾ وريل هجڻ ڪري ڳوٺ کان ٻاهر ان، ’جنن واري بڙ‘ هيٺان ٺهيل پراڻي مندر جي ڪريل پائي جهڙو ڏسبو هيو، جيڪو مندر هندن جي وڃڻ ڪري ويران ٿي ويو هيو ۽ اتي بيٺل بڙجي لڙڪندڙ پاڙن تي جن لڏندا هيا. هن کي موسى ائين نظر آيو جيئن ڪنهن ڇريءَ سان هنداڻي کي ٻه اڌ ڪيو هجي. هنداڻي جي ٻن لڏندڙ ناهموار اڌن ۾ ڪارن ٻجن مان موسى هن ڏانهن ڏسندو هجي.
”ها.“ پوڙهي چيو ۽ ڪنڌ لوڏيو.
موسى جي چپن تي مرڪ اچي وئي. هن کي خوشي محسوس ٿي ته هن جو دوست مرڻ ڪنڌيءَ تي به هن کي سڃاڻي رهيو هيو.
”برابر.“ هن پوءِ ماڻهن ڏي منهن ڪندي چيو، ”ساڃاهه اٿس.“
هو واپس اچي کٽ تي ويٺو ۽ پوڙهي جي ساراهه ڪرڻ لڳو.
”وڏي عقل ۽ فهم وارو شخص هيو. مان هن کي سڃاڻان- جڏهن ننڍا هياسين ته ڏاڍو ذهين هيو. مولويءَ کان اسان نه سکياسين. پريو مڙس ائين سکي ويو جيئن لفظ آڱرين ۾ ڦاٿل هيس. واهه جون صلاحون ڏيندو هيو. مان ڪيترا دفعا نقصان کان بچي ويس. الله حياتي ڏيس.“
سڀ ڪنڌ هيٺ ڪري پوڙهي جون چڱايون ياد ڪرڻ لڳا.
پوڙهي جو آخري وقت ٻُڌي هن سان اهڙا ماڻهو به ملڻ آيا جيڪي هن جي صحتمند هوندي. ڪڏهن لڙي نه آيا هيا. انهن کي ملي سال گذري چڪا هيا. ڪنهن وقت اهي پوڙهي جا دوست هيا پر پوءِ زندگيءَ جي ڊوڙ ۾ ايڏا ته پوئتي رهجي ويا جو پويان ايندي انهن جا منهن اڳين جي قدمن جي اڏامندڙ ڌوڙ ۾ لٽجي اوجهل ٿي ويا. انهن مان هڪ اهڙو شخص جيئند به هيو. هو کيرٿر واهه جي پريان ٻيلي مان ماکي لاهيندو هيو. هن کي منهن تي ماتا جا نشان هيا ۽ منڊڪائي گهمندو هيو. ٻيلي ۾ هڪ دفعي جڏهن ماکي لاهي رهيو هيو ته هڪ سوئر لڪي هن تي حملو ڪيو. کيس ڪاتن تي کڻي پري ڦٽو ڪيو. حملي ۾ هو موت کان ته بچي ويو پر پوءِ سڄي عمر منڊڪائي گهميو. هن جي هٿ ۾ جستي ڏول هوندو هيو. جنهن ۾ ڏانڊيءَ سميت مانارو لاهي گڏ ڪندو هيو. هن جي اڪ جي ماکي مشهور هوندي هئي. ماڻهو ڏانڊيءَ کي ڏسي سڃاڻي ويندا هيا. جڏهن پريو مڙس رئيس جون ٻنيون سنڀاليندو هيو ته ان هن کي خاطري ڪرائي هئي ته کيرٿر جي ٻيلي مان ڀل ماکي لاهي هن کي ڪوبه نه روڪيندو ان عيوض جيئند پري مڙس کي ان وقت تائين ماکي پهچائيندو رهيو جيسين رئيس جي زمينن جو سنڀاليندڙ هيو. جيئند هٿ ۾ ڏول لڙڪائي شهر جي ڪپڙي مارڪيٽ ۾ ويندو هيو ۽ ڪاٺياواڙي ڏانڊيءَ کان ماناري کي جهلي ڏسي پڪ ڪندا هيا ته واقعي ئي ماکي اصلي آهي.
جيئند منڊڪائيندو پري مڙس مٿان آيو.
”پريا مڙس، او پريا مڙس.“ هن ان کي ائين سڏ ڪيا جيئن دشمن کي سامهون ايندو ڏسي ڪو خوف مان ڀرسان بيٺل دوست کي هوشيار ڪندو آهي.
”مون کي سڃاڻين ٿو؟“ هن ان جي منهن مٿان ويجهو ايندي چيو. پري مڙس هلڪيون اکيون کولي هن ڏانهن ڏٺو. هن جي پوڙهي منهن جا گهنج ائين هيا جيئن ڪيترا ناهموار رستا هڪ ٻئي ۾ ڦاٿل هجن. هو هن کي نه سڃاڻي رهيو هيو.
”مان جيئند ماکيءَ وارو، تنهنجو دوست جيئند.“
هن هڪڙي جملي ۾ ٻه دفعا نالو کڻي ڄڻ هن کي اهو ياد ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو پنهنجي ماکيءَ جي نه وسرندڙ ذائقي جيان هن جي يادن ۾ ڪٿي موجود هوندو.
پوڙهي جون اکيون وسامي ننڍڙيون ٿي ويون. هن کي ائين لڳو جيئن پوئتي سفر ڪري اهڙي بيابان ۾ پهتو هجي جتي پڙاڏا شڪست کائي پوئتي ڀڄندا هجن.
هن ٻن پاڻيءَ ڀريل مٽڪن جهڙين اکين سان وري ان جي منهن ۾ ڏٺو. هن محسوس ڪيو جيئن اڃايل نارنگي پٽن واريون راڳ ڳائيندڙ مکيون هن جي ڪنن وٽان گذري ويون هجن. هو اهڙو جوان هجي جنهن جي مٿين چپ تي نم جو ٻُور لڙڪندو هجي. هن پٿر هٿ ۾ کڻي ماکيءَ جي ماناري ۾ وهائي ڪڍيو هجي. سوين نارنگي پٽن واريون مکيون اڏاميون هجن ۽ انهن هيٺان هڪ منهن ظاهر ٿيو هجي. جيئند جو منهن جنهن تي ماتا جا نشان هيا.
”ها.“ پوڙهي ڪنڌ لوڏيو.
”شابس ٿي پريا مڙس، شابس.“ جيئند چيو ۽ پوءِ هن کٽ تي واپس ويهندي پنهنجي ڳالهه جاري رکي، ”ورهيه ٿيا مون سمجهيو پريو مڙس نه سڃاڻيندو هوندو. پر برابر ذهين ۽ حوصلي وارو ماڻهو آهي.“
هو سڀ پرئي مڙس مٿان ويهي هن جي گذريل وقت کي ياد ڪندا رهيا. پريو مڙس زندگيءَ جا آخري ساهه کڻندو رهيو. هو چوڌاري ويٺل ماڻهن جون ڳالهيون غير واضح ۽ سمجهه ۾ نه ايندڙ ٻُڌي رهيو هيو. هن کي خبر هئي ته هو مري رهيو آهي ۽ ڪجهه گهڙين جو مهمان آهي. هو پاڻ متعلق ٿيندڙ ڳالهين کان بي سڌ هيو. اهي نه هن لاءِ خوشيءَ جو باعث هيون نه ڏک جو. ماڻهن جا آواز هن لاءِ پکين جا آواز هيا جيڪي حياتي جي جهنگ مان گذرڻ ويل وڻن تي ٻڌبا آهن. هو ڄڻ رسي ۾ ٻڌل هيو. ماڻهو هن کي سڏي هر هر رسو ڇڪي اهڙي کوهه مان ٻاهر ڪڍي رهيا هيا جنهن کوهه جي تري ۾ هو تيزيءَ سان هيٺ لهندو پئي ويو.
اتي ڪمري جي در وٽ اهو ڊگهو شخص ظاهر ٿيو جنهن کي بوسڪيءَ جي پڳ ٻڌل هئي. ان جي منهن تي پاسن کان پگهر ائين وهي رهيو هيو جيئن تڪڙ ۾ ڪيترا ڪوهه سفر ڪري پهتو هجي. اهو آيو ۽ پنهنجي بوسڪيءَ جي پڳ لاهي پري مڙس جي پيرن تي رکيائين.
”پريا مڙس، مونکي معاف ڪجانءِ.“ هن عاجزي مان هٿ ٻڌي چيو، ”مون توکي تڪليف ڏني. توسان دغا ڪئي. دوستيءَ جو ناجائز فائدو ورتو. مرڻ کان اڳ منهنجو ڏوهه بخش.“
پري مڙس اهي لفظ ائين ٻڌا جيئن پاڻيءَ ۾ غوطا کائيندو هجي ۽ ٻڏڻ کان اڳ ڪنهن ٻانهن ۾ هٿ وجهي ٻاهر ڇڪيو هجيس. هن جڏهن آهستي اکيون کولي ان کي ڏٺو ته سندس دل چاهيو هن کان ٻانهن ڇڏائي ٻڏي وڃي. اهو ساڳيو شخص، هيو جنهن ڪري هن حياتيءَ ۾ ڏکيا ڏينهن ڏٺا. ان شخص ڪري پري مڙس تي اهڙو وقت به آيو جو هن وٽ کيسي ۾ ويلي جيترا پئسا به نه هيا. هن جي پوڙهي زال سبزي مارڪيٽ جي گند مان ڦٿل شيون ميڙي ايندي هئي ۽ جڏهن پچنديون هيون ته ٻار کائيندا هيا. هن کي اهو شخص اهڙي سِرڻ جيان نظر آيو جنهن پنهنجا ڊگها پر ڪٽي هن جي پيرن تي رکيا هجن. پري مڙس جي دماغ ۾ يادن جي قبرستان اندر هڪ اهڙي واقعي جي دل ڌڙڪي رهي هئي، جڏهن ان ڊگهي شخص ڳوٺ جي هڪ عورت سان پيار ڪري ان کي گهر کان ڀڄايو هيو. تن ڏينهن هو رئيس جي ٻنين جو سنڀاليندڙ هيو. اثر رسوخ وارو هيو. ان کان اڳ جو هن کي ڪارو ڪري مارين، پري مڙس ان کي اهڙي هنڌ پناهه ڏني جتي ڪوبه پهچي نه سگهيو.
اهو ڊگهو اندر جو ننڍڙو هيو. ان پري مڙس کي ڪيل ڀلائيءَ جي سِلي ۾ سٺي موٽ نه ڏني. جڏهن پري مڙس رئيس جي نوڪري ڇڏي ريشم جي پٽ تي ٺهندڙ ڪپڙي جو ڪارخانو هنيو ته ڪجهه ڏينهن اندر ڪاروبار اهڙو چمڪيو جو هر هنڌ هن جي ڪارخاني جي ريشم جا تاڪيا پيا جرڪندا هيا. ريشم جا پڙا ڪوٽا تي ملندا هيا ڇو جو ان جي کپت تمام گهڻي هئي. پري مڙس ڪجهه ريشم بليڪ تي خريد ڪري ڪارخاني ۾ رکيو هيو. ان ڊگهي شخص کان پري مڙس جي ترقي ڏٺي نه وئي. هن پوليس کي اهڙو اطلاع ڏنو ته پري مڙس جي ڪارخاني ۾ بليڪ جو سٽ پيل آهي. پوليس ڇاپو هنيو ۽ پريو مڙس گرفتار ٿي ويو. هن جي زندگيءَ جي جمع پونجي ڪيس ۾ لڙهي وئي. هن جي جان ته ڇٽي پرکائڻ لاءِ ڪجهه نه بچيو.
هن جو مٿو تارونءَ وٽان چچريل هوندو هيو. هو ڪڏهن ڀرايل اکين سان پوٽن کي پڳ لاهي نشان ڏيکاريندو هيو ۽ چوندو هيو،
”هي انهن ڏينهن جا نشان آهن جڏهن مون وٽ کائڻ لاءِ ڪجهه نه بچيو. منهنجو سڀ ڪجهه ڪيس ۾ لڙهي ويو. مون مٿي تي گاري جون ٽوڪريون ڍوئي رزق ڪمايو.“
پري مڙس ان ڊگهي شخص سان وري ڪڏهن نه ڳالهايو. ان ڳالهه کي گهڻو وقت گذري ويو. ٻه ڏينهن پهريان ان کي خبر پئي ته پريو مڙس دنيا مان موڪلائڻ وارو آهي، هو ڪجهه ڏينهن جو مهمان آهي. سوچيائين ڇو نه مرڻ کان اڳ ان سان ملاقات ڪري ڏوهه بخشرايان. هو سهڪندو اتي پهتو ۽ پري مڙس مٿان بيهي ليلائيندو رهيو.
پري مڙس جڏهن هن کي ڏٺو ته محسوس ڪيو ڄڻ هن جو دماغ مري چڪو آهي. هزارين ڪيڙا مغز کي چنبڙي ريشم ٺاهي رهيا آهن. شهتوت جا پن مينهن ۾ آلا ٿي پاڻ ۾ ڳنڍجي ويا آهن. انهن مان پاڻي ٽمي هيٺ ان ڦوهاري جي گندي پاڻيءَ ۾ ڪري رهيو آهي. جنهن ۾ مڇرن جا ٻچا پڇ سان ساهه کڻي رهيا آهن. اهو ڦوهارو جيڪو رئيس جي اوطاق ٻاهران هوندو هيو. جنهن جي ڪناري هو ان ڊگهي شخص سان ويهندو هيو.
”پريا مڙس، مونکي معاف ڪر.“ اهو هر هر چئي رهيو هيو.
پري مڙس پنهنجيون اکيون بند ڪري ڇڏيون ۽ اهو مايوس ٿي کٽ تي ائين ويهي رهيو جيئن مزار تي پهچندڙ آخري فقير هجي جنهن جي پهچڻ کان اڳ ديڳ ورهائجي وئي هجي.
پوڙهي اکيون بند ڪيون ته هن کي هڏڪي شروع ٿي وئي. سڀ مايوس ٿي ويا ۽ عورتون سڏڪڻ لڳيون.
ڪالراجي ڏينهن جي بچي ويل مرادي هن مٿان آئي ۽ سڏڻ لڳي،
”او پريا مڙس، پريا مڙس.“
پري مڙس اکيون نه کوليون. هن کي مٿان بيٺل مراديءَ جو آواز گند تي ويٺل مکين جهڙو محسوس ٿيو. هن کي لڳو ڄڻ هو هوا ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. اهڙي هنڌ گهلي رهيو آهي جتي سوين بيمار هڪ مزار ٻاهران وڏي پڌر ۾ موت جو انتظار ڪري رهيا آهن. هر طرف آهون ۽ دانهون آهن. هو قبرستان ۾ بيٺل کبڙن جي پنن سان ٽڪرائجي رهيو آهي. کٻڙن هيٺان هنن جون کوٽيل قبرون آهن.
مرادي جيڪا ڪالراجي بچي ويل ڪجهه مريضن مان هڪ هئي. جڏهن اها بيمار هئي ته هن جو ڪفن تيار ٿي چڪو هيو ۽ پوڙهي هڪ اهڙي قبر کوٽي هئي جنهن ۾ مراديءَ کي دفن ٿيڻو هيو. پر اها بچي وئي ۽ ان قبر ۾ هڪ ٻيو شخص دفن ٿيو جيڪو بيمار نه هيو پر دهشت ۾ مري ويو.
مرادي هن مٿان بيهي سڏيندي رهي پر پوڙهي هن دفعي اکيون نه کوليون. هو ائين هڏڪندو رهيو جيئن ساهه هن جي هاضمي جي نليءَ ۾ ڦاٿل هجي.
ان شام ائين ئي ٿيو. پوڙهو اکيون ٻوٽي کٽ تي ليٽي زندگيءَ جو ٿڪ ڀڃي رهيو هيو. ڳوٺ ۾ ٿيل مرتيي کانپوءِ ڪجهه ماڻهو هن جي در تي آيا ۽ انهن ڪڙو کڙڪايو. هڪ ٻار ڊڪندو در تي ويو ۽ جڏهن در کولي ڏٺو ته اتي ٻه شخص بيٺل هيا. اندر جي ڪنهن گهري صدمي کان انهن جا منهن ڪپهه جهڙا اڇا ۽ نرم پئي ڏٺا. ائين پئي لڳو ڄڻ انهن کي اڇي ڏاڙهي نه ڊگها منهن هيا جيڪي انهن جي پيٽ تائين لڙڪي رهيا هيا.
”ٻچا ڏاڏي کي ٻڌاءِ ماڻهو آيا آهن. هلڻو آهي.“
ٻار ڊوڙندو واپس آيو ۽ ڏاڏي مٿان بيهي ان کي سڏڻ لڳو.
”ڏاڏا، او ڏاڏا ماڻهو آيا آهن توکي سڏين ٿا.“
ٻار جي سڏ تي پوڙهي جون اکيون ائين کليون جيئن اهي ان جي وس ۾ نه هيون. هو چادر سوري اٿيو ۽ ٻار ڏي منهن ڪري پڇيو.
”ڪير آهن؟“
ٻار ڏاڍو گهٻرايل هيو.
”خبر نه آهي ڪير آهن.“ هن جواب ڏنو.
پوڙهي ڪجهه گهڙيون سوچيو.
”ڪهڙا وري فرشتا هوندا.“ هن چيو. هو کٽ تان اٿيو. هن پاسي سان پيل ٽيڪم ۽ بيلچو کنيو، پوءِ رواني ٿيڻ کان اڳ هن پٺ ورائي پوئتي ڏنو. هن کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته ڪمري ۾ ويٺل عورتون ۽ ٻار آخر ڇو روئي رهيا هيا؟
***