مورتي
سمجهڻ ۾
دير لڳي.
ڀڳوان جي
جلد ڀڳي.
جڏهن ٽي محقق اسٽوپا واري کنڊر ويجهو ٿيا ته ٽاڪ منجهند هئي. انهن جا ڪپڙا پگهر ۾ آلا ٿي چڪا هيا. اهي ٿڪيل قدمن سان پنهنجن خشڪ چپن تي زبان ڦيري اڳتي وڌي رهيا هيا.
”ڇا توکي پڪ آهي ته اهو ساڌن جي ان ڪٽنب جو آخري فرد آهي جنهن جي سيني ۾ ڀڳوان جي ان دفن ٿيل مورتيءَ جو راز محفوظ آهي؟“ راهه هلندي هڪ محقق پڇيو.
”ها، مون وڏي کوجنا کانپوءِ اها ڳالهه معلوم ڪئي آهي.“ ٻئي محقق جواب ڏيندي چيو، ”ان مندر ۾ موجود ساڌو ان سلسلي جي ڪڙي آهي، جنهن جي سيني ۾ ڀڳوان جي ان ناياب مورتي جو راز محفوظ آهي.“
”ته پوءِ دير نه ڪرڻ گهرجي.“ ٽئين محقق چيو، ”جلدي هلو ته ان ساڌوءَ جي مڙهيءَ ۾ پهچي مدفون ڀڳوان جي ان مورتيءَ جو راز معلوم ڪري ان کي حاصل ڪريون.“
هو ٽيئي ڳالهائيندا کنڊرن ڏانهن وڌندا رهيا. جڏهن هو اتي پهتا ته هر طرف سانت ڇانيل هئي. پري کان انهن ڏٺو هڪ کنڊر جي ڀت تي ڪانءَ ويٺل هيا. انهن اوڏانهن رخ ڪيو. ڪانءَ ٽهي اڏاڻا ۽ هر طرف گوڙ مچي ويو. انهن اتي پهچي ڏٺو. ڊٺل ڀتين وچ ۾ هڪ ڪوٺڙي هئي. ان اندر هڪ ساڌو پلٿ ماري اکيون بند ڪري گيان ۾ گم هيو. هو ٽيئي وڏي ادب مان اندر وڃي ان آڏو ويٺا. انهن جي اچڻ جو ساڌوءَ تي ڪو اثر نه ٿيو. ساڌو اکيون بند ڪيو سانت ويٺل هيو. هو هڪ ٻئي جي منهن ڏي ڏسي چپ ڪري ويهي رهيا. انهن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڳالهه ڪيئن شروع ڪن. هڪ محقق ڀرسان پيل ٿڌي پاڻيءَ جو مٽ ڏسي ڍڪڻ کولي جيئن گلاس ڀريو ته ساڌوءَ جون ٻئي اکيون کلي ويون. ساڌوءَ ٿوري دير گنڀير منهن سان انهن ڏانهن ڏٺو. ۽ پوءِ هٿ سان اشارو ڏنو ته ڀل پاڻي پي پنهنجي اڃ اجهائي ٿڪ ڀڃن. جڏهن هو پاڻي پي ٿڌا ٿيا ته هڪ محقق هن آڏو هٿ ٻڌي عرض ڪيو،
”سائين، ويڄن جي جلد ستين باب چوٿين جي پنجيتاليهين پني تي اهو لکيل آهي ته اڄ کان ساڍا ست هزار سال پهريون هن خطي ۾ هڪ مهاڀاري ويڙهه ٿي هئي، ان ويڙهه جو سبب ڀڳوان جي اها مورتي هئي جيڪا ان وقت وڏي ڪرامت واري ليکي ويندي هئي، اها جنهن قبيلي يا ملڪ وٽ هوندي هئي ان جا ڀاڳ کلي پوندا هيا، اتي ترقي ۽ امن جو دور شروع ٿي ويندو هيو. ان مورتيءَ پويان وڙهندي لکين ماڻهو مارجي ويا، هزارين هاٿي ڪم آيا. اڳتي هلي ول برائون پنهنجي ڪتاب، ‘تهذيبن جي تباهي’ جلد ٻيون باب پنجون صفحو سورهون، لکي ٿو ته، ”جڏهن سڪندراعظم هن خطي ۾ آيو ته وڏي ويڙهه کانپوءِ اها مورتي ان جي هٿ لڳي. جيڪا هن اهو سوچي هتي دفن ڪري ڇڏي هئي ته واپس يونان ويندي هو اتان کوٽي ٻاهر ڪڍي پاڻ سان گڏ کڻي ويندو، پر حياتيءَ هن کي مهلت نه ڏني ۽ هڪ زهريلي تير لڳڻ سبب هن جو موت واقع ٿيو. هڪ تحقيق کانپوءِ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته اها مورتي هنن کنڊرن ۾ ڪٿي دفن ٿيل آهي. اها به ڄاڻ ملي آهي ته ان مورتيءَ جي راز بابت صرف ساڌن جي ان گهراڻي کي خبر آهي جنهن جي آخري ڪڙي توهان آهيو.“
ڳالهائيندي ڳالهائيندي محقق جو آواز ائين جهيڻو ٿي ويو جيئن هن کي ٿڌ لڳي هجي. هو چپ ٿيو ته ٻئي محقق ڳالهايو،
”سائين، جيڪڏهن توهان مدد ڪريو ته اها تاريخي مورتي ٻاهر ڪڍي دنيا آڏو آڻيون. اسان جو مانُ مٿانهون ٿئي ۽ دنيا کي خبر پوي ته اسان ڪيڏا نه مهان آهيون.“
ڳالهه ٻڌي ساڌوءَ کڻي اکيون بند ڪيون ۽ ان کان اڳ جو گيان ۾ گم ٿئي، ٽئين محقق ڳالهايو،
”سائين، آهي ته نيڪيءَ جو ڪم. مدد ڪندا ته مهرباني ٿيندي.“ ساڌو جيڪو سماڌيءَ تي اکيون بند ڪيو انهن جون ڳالهيون ٻڌي رهيو هيو ان وري اکيون کولي انهن ڏانهن ڏٺو. ان جي اکين مان ائين لڳي رهيو هيو جيئن هو انهن تي رحم کائيندو هجي. ان محققن جي سوالن جو ڪوبه جواب نه ڏنو. هن صرف پنهنجو هٿ مٿي ڪيو ۽ پوءِ اشهد آڱر سان عرش ڏي اشارو ڪيو، جنهن سان اهو پئي ظاهر ٿيو هن کي ان مورتيءَ بابت ڪابه ڄاڻ نه آهي. ساڌوءَ جي اهڙي جواب تي هو ٽيئي ڏاڍا مايوس ٿيا. پر انهن همت نه هاري ۽ هڪ دفعو وري هٿ جوڙي عرض ڪيائون،
”سائين، ائين مايوس نه ڪيو. اسان کي پڪ آهي ته ان عظيم مورتيءَ متعلق توهان وٽ اها سڀ ڄاڻ آهي جيڪا صدين کان اوهان جي وڏڙن جي سيني ۾ سانڍجي هلندي پئي اچي.“
محقق جي ڳالهه تي ساڌوءَ ڪوبه جواب نه ڏنو ۽ هن وري پنهنجي اشهد آڱر مٿي ڪري عرش ڏي اشارو ڏنو. ساڌوءَ جي اهڙي رويي تي محقق ڏاڍا پشيمان ٿيا. هڪ ٻئي جي منهن ڏي ڏسي ڪجهه دير ڪنڌ هيٺ ڪري ويهي رهيا. جڏهن کنڊرن مٿان سانجهيءَ پنهنجا پر پکيڙيا ته انهن آخري دفعو ساڌوءَ ڏانهن آس ڀريل اکين سان نهاريو. پر ساڌو ساڳيو سانت پنهنجي ٺڪاڻي ۾ پلٿ ماري اکيون ٻوٽيو ويٺو هيو. لاچار ٽئي محقق ڪپڙا ڇنڊي اٿيا. ۽ ساڌوءَ اڳيان ادب مان هٿ ٻڌي موڪلائي مڙهي مان ٻاهر نڪري اچي کنڊر جي ڀت تي ويهي خاموشيءَ سان لهندڙ سج ڏي نهارڻ لڳا. انهن کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي ته آخر هو ان ناياب مورتيءَ تائين ڪيئن پهچن. انهن کي اها پڪ هئي ته مورتي اتي کنڊرن ۾ ڪٿي دفن آهي. پر کنڊر ايڏا ته وسيع هيا جو انهن جي وَس کان ٻاهر هيو ته صحيح هنڌ جو اندازو لڳائي کوٽائي شروع ڪن. ٽيئي محقق لهندڙ ڳاڙهي سج اڳيان کنڊڙ جي ڀت تي ويهي سوچيندا رهيا ته هو ساڌوءَ کي ڪيئن راضي ڪن جيئن اهو انهن کي ان مورتيءَ جي راز کان آگاهه ڪري ۽ هو پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿين.
ٿوري دير کان پوءِ هڪ محقق پنهنجا چپ چوريا،
”جڏهن اسان ساڌوءَ کان مورتيءَ متعلق معلوم ڪيو ته هن آڱر سان عرش ڏي اشارو ڪري ڇا واقعي ئي اهو پئي چوڻ چاهيو ته ان جي ڄاڻ ڀڳوان کي آهي؟“
ان جي اهڙي سوال تي ٻن ٻين محققن جي نرڙ جا گهنج گهرا ٿي ويا.
”ته ڇا تنهنجو خيال آهي ساڌو اهو پئي چوڻ چاهيو ته اها مورتي مٿي مڙهي جي ڇت تي موجود آهي؟“ ٻئي محقق ڳالهه وڌائيندي چيو،
”ٿي سگهي ٿو اهوئي چوڻ چاهيندو هجي.“ ٽئين محقق چيو، ”ڇو نه ڇت تي چڙهي ڏسجي متان اها اتي موجود هجي.“
هو ٽيئي اهو سوچي اٿيا ۽ کنڊرن ۾ڦهلجندڙ هلڪي اوندهه ۾ پير پير ۾ ڏئي هلندا ساڌوءَ جي مڙهي پويان هڪ ڀڳل ڀت وٽ وڃي بيٺا. هڪ محقق کي سهارو ڏئي مٿي ڀت تي چاڙهيائون. ان اتي سڌو ٿي بيهي مڙهي جي ڇت مٿان هيڏانهن هوڏانهن نهاريو، اتي ڪکن ۽ ڪانن کانسواءِ ڪجهه به ڪونه هيو، پوءِ هن هيٺ ڏسي ٻين محققن ڏانهن مايوسيءَ مان ڪنڌ لوڏيو ۽ هيٺ لهي آيو. نااميدي ۽ ٿڪ کان ٽنهي محققن جون ڳچيون ڊگهيون ٿي ويون ۽ انهن جا ڪنڌ هيٺ جهڪي آيا.
هو جڏهن واپس پنهنجي ڪمري ۾ پهتا ته تازا توانا ٿي اچي کاڌي جي ٽيبل چوڌاري ويٺا. ماني کائي چانهه جي ڪوپ مان ڍڪ ڀريائون ته انهن جو دماغ هڪ دفعو وري تيزيءَ سان ڪم ڪرڻ لڳو. اهي ٽيئي ساڌوءَ جي ڏنل اشاري تي غور ڪرڻ لڳا. انهن اڳيان تصور ۾ مڙهيءَ تي ويٺل ساڌو هيو جيڪو هر هر آڱر سان عرش ڏي اشارو ڪري رهيو هيو. هو چانهه جي ڪوپ مان ڍڪ ڀريندا ويا ۽ سوچيندا ويا. سوچيندي اوچتو هڪ محقق جو ڇِرڪ نڪري ويو. ان جي هٿ ۾ جهليل چانهه جو ڪوپ ڏَڪڻ لڳو.
”مون سمجهيو. ان ذريءَ گهٽ رڙ ڪندي چيو، ”مون ساڌوءَ جو اشارو سمجهيو.“
ٻيا ٻه محقق وائڙن وانگر ان جي منهن ۾ ڏسندا رهيا.
”جڏهن ساڌوءَ جي هڪ آڱر مٿي اشارو پئي ڪيو ته هن جي ٽن آڱرين هيٺ اشارو پئي ڪيو.“ ان ڳالهه سمجهائيندي چيو.
ٻن ٻين محققن جو تجسس وڌي ويو.
”ڳالهه ٿوري کولي بيان ڪر ته سمجهه ۾ اچي.“ هڪ محقق چيو.
”ڳالهه صاف ظاهر آهي جڏهن ساڌوءَ هڪ آڱر مٿي ڪري اشارو پئي ڪيو ته هن جون ٽي آڱريون هيٺ اشارو ڪري رهيون هيون.“
”جيڪڏهن ٽي آڱريون هيٺ اشارو ڪري رهيون هيون ته هيٺ مان ڇا مطلب آهي؟“ هڪ محقق سوال ڪيو.
”ساڌوءَ جون ٽي آڱريون هيٺ اشارو ڪري اسان ٽنهي کي ٻڌائي رهيون هيون ته ڀڳوان جي مورتي هيٺ دفن آهي.“ محقق ڳالهه سمجهائيندي چيو.
اهڙي ڳالهه تي ٻه محقق وڏي سوچ ۾ ٻڏي ويا.
منهنجي خيال ۾ ڀڳوان جي مورتي بلڪل اتي دفن ٿيل آهي جتي ساڌو مڙهيءَ تي ويٺل آهي.“ پهريون محقق جيڪو بي حد ذهين هيو ان وڏي اعتماد سان چيو.
ٽيئي محقق ان ڳالهه تي متفق ٿيا ته ساڌوءَ جي هٿ جي هڪ آڱر مٿي ۽ ٽي آڱريون هيٺ اهو ظاهر ڪري رهيون آهن ته توهان ٽنهي لاءِ اهو اشارو آهي ته مٿين ڀڳوان جي مورتي بلڪل اتي دفن ٿيل آهي جتي ساڌوءَ جي مڙهي آهي.
ٻئي ڏينهن صبح جو سوير هو ٽيئي هوٽل مان نڪتا ۽ ساڌوءَ جي ماڳ کان ٿورو پري هڪ کنڊر ۾ اچي لڪي ويهي رهيا. ساڌو ڪم سانگي جيئن جهنگ جو رخ ڪيو ته هو ٽيئي بيلچن سان کنڊر مان ٻاهر نڪري اچي ساڌوءَ جي مڙهي تي بيٺا. انهن وٺ سٺ ڪري کوٽائي شروع ڪئي. انهن ساڌوءَ جي واپس ورڻ کان اڳ پنهنجو ڪم مڪمل ڪرڻ پئي چاهيو. انهن جي ٻانهن ۾ جوانن جهڙي طاقت اچي ويئي. تيزيءَ سان کوٽائي ڪرڻ سبب مڙهي ۾ هر طرف ڌوڙ ڦهلجي وئي ۽ انهن جا منهن مٽيءَ ۾ ڀڀوت ٿي ويا. کوٽيندي اوچتو هڪ محقق جو بيلچو ڪنهن سخت شيءِ سان ٽڪرائجڻ ڪري آواز پيدا ٿيو. انهن خوف ۽ حيرت مان هڪ ٻئي جي منهن ڏي ڏٺو. هڪ محقق بيلچو اڇلي ان سخت شيءِ چوڌاري مٽيءَ کي هٿن سان هٽائڻ شروع ڪيو، پوءِ انهن گڏجي ان کي ٻاهر ڪڍيو. اها بيرجي ٽجوڙيءَ نما پيٽي هئي. جنهن تي پراڻي رسم الخط ۾ الفاظ اڪريل هيا. انهن برش سان صاف ڪري اهي الفاظ پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي پر وقت گهٽ هجڻ ڪري جلديءَ ۾ اهي انهن کي سمجهه ۾ نه آيا. پيٽيءَ کي پاسي کان پراڻو ڪٽ لڳل تالو هيو. هڪ محقق پنهنجي چمڙي جو ٿيلهو کولي ان مان هٿوڙي ٻاهر ڪڍي جيئن تالي کي هنئي ته تالو ڀڄي وڃي پري ڪريو. انهن پيٽيءَ جو ڍَڪ کولي اندر ڏٺو ته حيرت ۽ خوشيءِ مان انهن جي منهن تي چڙهيل ڌوڙ ڳاڙهي ٿي وئي. اهي وڏي تجسس ۽ پيار مان اندر ڏسندا رهيا جتي ڀڳوان جي مورتي موجود هئي. انهن پيٽيءَ ۾ هٿ وجهي ڀڳوان جي مورتيءَ کي ڇڪي ٻاهر ڪڍيو. ڀڳوان جي مورتي ڏاڍي وزني هئي جنهن ڪري انهن وڏي احتياط سان ان کي هموار پٿر تي رکي صاف ڪيو، پوءِ هو ٽيئي ڪنهن فاتح جيان ڪنڌ مٿي ڪري سامهون رکيل مورتيءَ آڏو ويهي جائزو وٺڻ لڳا. انهن ڏٺو ڀڳوان ڄڻ پلٿ ماري مڙهيءَ تي شانت گيان ۾ ويٺل هيو. ان جون اکيون بند هيون ۽ هڪ هٿ مٿي هيو. هٿ جي آڱرين کي ڏسي ٽنهي محققن جي رڙ نڪري وئي. انهن ڏٺو ڀڳوان جي مورتيءَ جون ٽي آڱريون مٿي اشارو ڪري رهيون هيون ۽ هڪ آڱر هيٺ اشارو ڪري رهي هئي. ٽنهي محققن ڀڳوان جي عرش ڏانهن اشارو ڪندڙ ٽن آڱرين کي ڏٺو ۽ پوءِ ڌرتيءَ ڏانهن اشارو ڪندڙ آڱر کي ڏٺو. هو جيئن ڀڳوان جي آڱرين جي اشارن کي سمجهندا ويا، انهن جي نرڙ ۾ پيل گهنجن تي پگهر وڪڙ هڻي هيٺ وهندو ڪنن وٽان ٽمڻ لڳو.
هو ٽئي تڪڙ ۾ اٿيا ۽ خوف مان پنهنجون اتي پيل سامان ڇڏي وٺي ڀڳا. جڏهن ساڌو واپس مڙهي ۾ آيو ته مڙهي جي حالت ڏسي هن کي ڪوبه ڏک نه ٿيو. هن ڀڳوان جي مورتيءَ کي واپس پيٽيءَ ۾ وجهي کوٽيل کڏ ۾ رکي مٿان مٽي وڌي ۽ پوءِ هو سماڌيءَ کي سڌو ڪري وڇائي ان مٿان پلٿ ماري اکيون بند ڪري گيان ۾ گم ٿي ويو.
***