قلم جو قيدي
اهي ملڪي تاريخ جا سٺا ڏينهن هيا. روئڻ ۽ ٽهڪ ڏيڻ جي آزادي هئي. ڪتابن جا دڪان ماڻهن سان سٿيل هوندا هيا. روسي ادب جا ترجما سستن اگهن تي دستياب هيا. هرڪو اديب ۽ دانشور ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو هيو. ڪميونسٽ ۽ دهريو سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪندو هيو. ۽ پاڻ کي شراب جو عادي سڏائڻ فيشن ۾ شامل هيو.
ڪامريڊ غلام حسين غازيءَ جي من ۾ به وڏي آنڌ مانڌ هئي. هن جي من اندر اهڙي پيڙا هئي جيڪا هن کي هڪ ناول لکڻ تي مجبور ڪري رهي هئي. هڪ اهڙو ناول جيڪو منفرد ۽ حقيقت کي ويجهو هجي. جنهن ۾ ڪردارن جا اندروني احساس سمايل هجن. غلام حسين ڪو وڏو اديب نه هيو. هن جون ٻه چار تخليقون غير معروف رسالن ۾ ڇپجي چڪيون هيون. تخليقڪارن جي سيلاب ۾ هن جي حيثيت ان ڪک جهڙي هئي جيڪو لڙهندي نظر نه ايندو آهي. پر هن وٽ جذبن جو طوفان هيو جيڪو هن کي ان ڳالهه تي اڀاري رهيو هيو ته هڪ ڏينهن هو ملڪ جي وڏي ناول نگار جي حيثيت ۾ سامهون ايندو. ۽ سڀ ماڻهو هن جي تخليقي صلاحيتن جو اعتراف ڪندا.
هڪ ڏينهن غلام حسين پين ۽ پنوکڻي پنهنجي لکڻ واري ڪنڊ ۾ وڃي ويٺو ۽ هن سوچڻ شروع ڪيو. هن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هو لکڻ جي شروعات ڪيئن ڪري. هن جي ذهن ۾ ناول جا ڪيئي خاڪا هيا. پر هو اهڙي موضوع تي لکڻ پيو چاهي جيڪو نئون ۽ ڇرڪائيندڙ هجي. جنهن ۾ اندر جي احساسن جون ٿڌيون بوندون ماڻهو پنهنجي مغز تي وسندي محسوس ڪري. هن همت ڪري لکڻ شروع ڪيو. جڏهن ڪجهه صفحا لکيا ته هن جو هٿ رڪجي ويو، هن محسوس ڪيو، هو سٺو نه لکي رهيو آهي. هن جي لکڻ ۾ گهرائپ نه آهي. مايوسي ۽ نراسائيءَ کان هو بددل ٿي ويو. هن پنا هٿن ۾ کڻي ڦاڙي ڦٽا ڪيا ۽ مٿي کي هٿ ڏئي ويهي رهيو. هن گهڻا ڏينهن ڪوشش ڪئي. هو ڪجهه نه لکي سگهيو. اٿندي ويهندي. کائيندي پيئندي سوچن ۾ غرق هوندو هيو. هن وٽ پيڙائن جو طوفان هيو. هو چاهي پيو ته پهرين ناول لکڻ کانپوءِ هو ملڪ جو سڀ کان وڏو ناول نگار ٿي سامهون اچي. هو روز لکڻ شروع ڪندو هيو. ۽ ٿوري دير لکڻ کانپوءِ پنا ڦاڙي ڦٽا ڪندو هيو. گهڻن ڏينهن کانپوءِ هن کي خيال آيو ته هو هڪ اهڙي شخص جا احساس چٽيندو جيڪو بي ڏوهي ڪنهن جيل ۾ آندو ويو آهي. ۽ پنهنجي بي گناهيءَ جي احساس ۾ وڪوڙجي زندگيءَ جا ڏينهن گهاري رهيو آهي. ان شخص جو ڪو ڏوهه نه آهي. هو حالتن ۽ ناانصافين جو شڪار آهي. اهو هڪ معصوم شخص آهي جيڪو دنيا جي حالتن اندر پيسجي اهڙي احساس ۾ مبتلا آهي جيڪو معاشري جي ناانصافين ۽ اڻ برابرين سان ڀرپور آهي. هن لکڻ شروع ڪيو ۽ هو لکندو ويو. هو پنهنجي لکڻ مان مطمئن هيو. هن کي لڳي رهيو هيو ته هو جيڪي ڪجهه لکي رهيو آهي ان ۾ سچائي سمايل آهي. ۽ حقيقتن جي ويجهو آهي. هن هڪ معصوم شخص جي حياتيءَ جو خاڪو لکيو. ۽ هڪ اهڙو معصوم ڪردار تخليق ڪيو جيڪو زماني جي ويساهه گهاتين ۾ وچڙندو ويو. ۽ ان جو انجام جيل جي هڪ اهڙي ڪوٺڙي ٿيو جتان هن جو ٻاهر نڪرڻ ڏاڍو ڏکيو هيو. ان معصوم ڪردار جا جيل ۾ گهاريل ڏينهن ڏاڍا عذابناڪ هيا. هو لکندو ويو ۽ ان معصوم بي ڏوهي ڪردار کي اڳتي اڀاريندو ويو. هڪ جاءِ تي اچي هن جو قلم رڪجي ويو. هن سوچيو هو جيل ۾ موجود ان ڪردار سان انصاف نه ڪري رهيو آهي. ڇو جو هن وٽ جيل جو ڪوبه مشاهدو نه آهي. هن زندگيءَ ۾ نه ڪڏهن جيل ڏٺو ۽ نه اتي رهندڙ انسانن جي ڏکن ۽ سورن جو مشاهدو ڪيو آهي. ۽ هو منجهي پيو ۽ سوچڻ لڳو ته هاڻي هن کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ هن سوچيو، لکڻ کان اڳ ضروري آهي ته جيل جو مشاهدو ڪجي. ٻه چار ڏينهن اندر رهي اتان جي رهڻي ڪرڻيءَ جو جائزو وٺجي جيئن لکڻ ۾ آساني ٿئي ۽ ڪردار سان انصاف ڪري سگهجي. هن ناول جي صفحن کي ويڙهي ٽيبل جي خاني ۾ رکيو. ۽ هڪ ڏينهن همت ڪري هو شهر جي سينٽرل جيل ۾ وڃي اتان جي جيلر سان مليو. جڏهن هن جيلر سان پنهنجو تعارف هڪ لکندڙ جي حيثيت ۾ ڪرايو ته جيلر هن کي عزت سان ويهاريو.
”ڪيئن اچڻ ٿيو آهي. مان توهان جي ڪهڙي خدمت ڪري سگهان ٿو؟“ جيلر چيو.
”دراصل مان هڪ ناول لکي رهيو آهيان. جنهن جو هڪ ڪردار جيل جو قيدي آهي ۽ سزا ڀوڳي رهيو آهي. مان چاهيان ٿو ان ڪردار جي احساسن جي عڪاسي ڪيان. منهنجو جيل جو مشاهدو نه آهي. جيڪڏهن اجازت ڏيو ته ٻه چار ڏينهن جيل ۾ رهي اهو سڀ پاڻ ڀوڳي محسوس ڪيان ۽ پنهنجي تخليق ڪيل ڪردار سان انصاف ڪري سگهان،“ هن ذري گهٽ جذباتي ٿيندي چيو.
جيلر هڪ چڀندڙ مرڪ سان هن ڏانهن ڏٺو. ان جون تيز اکيون ان ڳالهه جو جائزو وٺڻ لڳيون ته هن جي سامهون ويٺل شخص چريو ته نه آهي.
”قانون ان شيءِ جي اجازت نه ٿو ڏئي.“ جيلر چيو.
”جيلر صاحب ائين نه ڪيو.“ غلام حسين چيو، ”ٻن چئن ڏينهن جي ڳالهه آهي. مان توهان جو احسانمند رهندس. هڪ سٺي ڪم ۾ توهان ڀاڱي ڀائيوار ٿيندا ۽ مان ڪتاب جي مهاڳ ۾ توهان جو ذڪر ڪندس جنهن مان توهان جي نيڪ نامي ٿيندي.“
هن جي ڳالهه تي جيلر کليو ۽ ان جو رويو دوستاڻو ٿي ويو.
”چڱو جيڪا تنهنجي مرضي.“ جيلر چيو، ”پر هڪ ڳالهه جو خيال رکجانءِ جيل گلن جي سيج نه آهي، هوشياريءَ سان رهجانءِ.“
هن گهنٽي وڄائي هڪ سپاهي کي گهرايو ۽ ان کي چيو، ”هو غلام حسين کي جيل ۾ رجسٽرار سان ملائي.“
غلام حسين جڏهن جيل جي رجسٽرار سان مليو ته ان هن کي پنجون نمبر بيرڪ ۾ ٽيون نمبر جاءِ ڏني. سپاهي هن کي ساڻ ڪري بيرڪ ۾ ڇڏي ويو. بيرڪ جا سڀ قيدي حيرت ۾ هن ڏانهن ڏسڻ لڳا. هن اتي پيل فراسي کولي سڌي ڪري وڇائي ۽ ان تي ليٽي پيو.
”شڪل مان تون شريف ۽ لکيل پڙهيل ماڻهون ڏسجي رهيو آهين. توکي آخر ڪهڙي ڏوهه ۾ جيل اماڻيو ويو آهي؟“ هڪ قيديءَ هن جي ويجهو ويهندي چيو.
قيديءَ جي اهڙي سوال لاءِ هن جو ذهن تيار نه هيو.
”خون جي ڏوهه ۾ .“ پوءِ هن پڪو منهن ڪندي چيو، ”مون خون ڪيو آهي. هڪ ظالم کي موت جي ننڊ سمهاريو آهي.“
هن اهو سڀ ان ڪري چيو جيئن قيدي هن کي پاڻ جهڙو سمجهي هن جي ويجهو اچن ۽ دل جا حال اورين.
اها رات هن بيرڪ ۾ جاڳنديءَ گذاري. هن چوگرد هر شيءِ جو جائزو ورتو. هن پاڻ کي اتان جي ماحول ۾ کپائڻ جي ڪوشش ڪئي. هن اتي موجود قيدين سان ڪچهري ڪري انهن جي زندگيءَ جي تجربن کي ذهن ۾ سانڍڻ شروع ڪيو. هن کي خبر هئي ته هن وٽ صرف ٻه راتيون آهن ۽ ٻن راتين ۾ هن کي گهڻو ڪجهه حاصل ڪرڻو آهي.
ٻئي ڏينهن صبح جو جيل اندر اها خبر گردش ڪرڻ لڳي ته ملڪ ۾ مارشلا لڳي چڪي آهي ۽ جمهوري حڪومت کي برطرف ڪري وڏيون گرفتاريون ڪيون ويون آهن. ملڪ جو وزيراعظم نظربند آهي. ۽ ماڻهو روڊن تي نڪري فوجي حڪومت خلاف نعري بازي ڪري رهيا آهن. اها خبر ٻڌڻ سان غلام حسين جون وايون بتال ٿي ويون. هن بيرڪ ٻاهران بيٺل سپاهين کي سڏي ٻڌايو ته هو جيلر سان ملڻ چاهي ٿو. سپاهي جيڪي ڏاڍا منجهيل ۽ پريشان هيا. انهن هن کي ٻڌايو، ”رات هڪ ترت حڪم ذريعي سڀني آفيسرن جون بدليون ڪري فوج نوان آفيسر مقرر ڪيا آهن. نئون جيلر جڏهن بيرڪ جي دوري تي اچي ته تون ان سان ملاقات ڪري سگهين ٿو.“
اها ڳالهه ٻڌڻ سان غلام حسين ڏاڍو پريشان ٿي ويو. هو ٻئي هٿ مٿي کي ڏئي بيرڪ اندر ويهي رهيو.
”پريشان ٿيڻ جي ڳالهه نه آهي.“ هڪ قيديءَ هن کي چيو، ”اهو سڀ هن ملڪ اندر ٿيندو رهندو آهي.“
غلام حسين سوچيو هو هن کي ڪيئن ٻڌائي ته هن جي پريشانيءَ جو سبب ڪهڙو آهي؟ هن ان کي ڪو جواب نه ڏنو ۽ وقت جو انتظار ڪرڻ لڳو. هڪ ڏينهن جيل اندر سڀني کي ٻڌايو ويو، ”نئون آفيسر جيڪو هڪ فوجي آهي جيل جي دوري تي نڪتل آهي هرڪو فضيلت جو مظاهرو ڪري ۽ ان کي اکيون مٿي ڪري نه ڏسي.“
غلام حسين اها خبر ٻڌڻ شرط ڏاڍو جذباتي ٿي ويو ۽ بي چينيءَ مان نئين آفيسر جي اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو. جڏهن نئون آفيسر گهمندو هن جي بيرڪ ٻاهران آيو ته هو همت ڪري لوهي سيخن وٽ وڃي بيٺو.
”مان بي گناهه آهيان.“ هن ذري گهٽ رڙ ڪندي چيو، ”مان هڪ اديب آهيان. منهنجو ڏوهه صرف اهو آهي ته مان هڪ ڪردار جي احساسن کي حقيقت جو رنگ ڏيڻ لاءِ جيل ۾ آيو هوس. مون ڪوبه ڏوهه نه ڪيو آهي. مون کي آزاد ڪيو وڃي.“
فوجي آفيسر ڪجهه دير بيرڪ اڳيان بيهي هن کي ڏسندو رهيو. ٻه سپاهي اڳتي وڌيا ۽ انهن غلام حسين کي ڌڪا ڏئي پري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
”مان تنهنجو رڪارڊ ڏسندس. جيڪڏهن تون بي گناهه هوندين ته توکي ڪابه سزا نه ملندي.“ آفيسر چيو ۽ هو اتان هليو ويو.
غلام حسين کي آفيسر جي ڳالهه تي ٿورو آٿت مليو. هو هلڪا قدم کڻندو واپس وڃي پنهنجي بستر تي ويٺو. آفيسر پنهنجي دفتر ۾ پهچي ڏٺو. پنجون نمبر بيرڪ ۾ ٽيون نمبر جاءِ تي غلام حسين جي نالي اڳيان ڏوهه جي ڪالم ۾ قاتل جو لفظ لکيل هيو. اهو سڀ پڙهڻ کانپوءِ آفيسر ٿڌو شوڪارو ڀريو.
”چريو ڪنهن جاءِ جو.“ هن ڀڻڪيو.
هن حڪم ڏنو ته غلام حسين جو نالو انهن قيدين ۾ شامل ڪيو وڃي جن کي پنهنجي صفائي پيش ڪرڻ لاءِ فوجي عدالت ۾ پيش ڪرڻو آهي. ان حڪم تي جلد عمل ڪيو ويو ۽ غلام حسين جو نالو شامل ڪري هن کي ٻين قيدين سان فوجي عدالت سامهون آڻي بيهاريو ويو. ڪيترن ڏينهن کان جيل ۾ رهڻ ڪري غلام حسين جي ڏاڙهي وڌي وئي هئي. ۽ هن جا وار وڏا ۽ بي ترتيب ٿي چڪا هيا، ڏسڻ سان ائين پئي لڳو ڄڻ هو عادي مجرم ۽ خوني هجي. فوجي عدالت ۾ هڪ آفيسر هن جو فائيل پڙهندي سوال ڪيو.
”ڇا تون قتل جو اعتراف ڪرين ٿو... يا ڪجهه صفائيءَ ۾ چوڻ چاهيندين؟“
”مان ايترو چوڻ چاهيندس ته اهو سڀ ڪنهن غلط فهميءَ جو نتيجو آهي. مان ڏوهاري نه پر هڪ اديب آهيان. مان جيل جي انتظاميا کان اجازت وٺي صرف ٻن راتين لاءِ جيل آيو هوس جيئن پنهنجي رهيل ناول جي ڪردار جي ڪيفيتن جي جيل اندر رهي سٺي ترجماني ڪري سگهان. جيل جي ماحول جو مشاهدو ڪيان ۽ هڪ ناول لکي ماڻهن آڏو آڻيان. پر جيل ۾ هڪ رات گذارڻ کانپوءِ ملڪ ۾ مارشلا لڳي وئي. جيل انتظاميا تبديل ٿي وئي ۽ منهنجي بي گناهيءَ جي گواهي ڏيڻ وارو ڪوبه نه بچيو.“
عدالت هڪ دفعو ٻيهر هن جي رڪارڊ جو مطالعو ڪيو ۽ فوجين پاڻ ۾ ٿورو بحث ڪيو.
”اڙي ڄٽ جا پٽ ڇا ٿو بڪين.“ هڪ فوجي آفيسر جنهن جون اکيون ڳاڙهيون هيون ان رڙ ڪري چيو، ”اسان کي چريو سمجهيو ٿي يا اسان ڪي بيوقوف آهيون. ڳالهيون اهڙيون ڪر جيڪي سمجهه ۾ اچن. اجايو اسان جو وقت نه وڃاءِ. تنهنجي رڪارڊ ۾ سنئون سڌو لکيل آهي ته تون هڪ قاتل آهين. ۽ اسان جي خابروءَ جي رپورٽ مطابق اهڙو اظهار ٿو بيرڪ جي قيدين سان پڻ ڪيو آهي. باقي اديب هوندين پنهنجي لاءِ... اجايو رعب رکي اسان کي ڇتو نه ڪر.“
فوجي عدالت هن کي ڏوهي قرار ڏئي قتل جو قلم هنيو ۽ عدالت ۾ ٻڌڻيءَ جي تاريخ ڏئي روانو ڪري ڇڏيو.
غلام حسين کي پهريون دفعو احساس ٿيو ته هو ڦاسي چڪو آهي جيڪڏهن هن هٿ پير نه هنيا ته هو بي ڏوهي ماريو ويندو. اهو سوچي هو پنهنجن ڪجهه ويجهن دوستن سان رابطو ڪيو. هڪ سپاهيءَ معرفت هر هڪ اهڙي دوست سان رابطو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو جيڪو همدرد ماڻهو هيو. اهو هڪ ڏينهن جيل ۾ هن سان ملڻ آيو. ملاقات دوران هن پنهنجي ان دوست کي سڄي صورتحال کان واقف ڪيو ۽ اهو عرض ڪيو ته ملڪ ۾ ڪم ڪندڙ فلاحي تنظيمن ۽ رابطي جي ذريعن وسيلي حقيقت کي سامهون آندو وڃي جيئن فوجي حڪمرانن کي خبر پوي ۽ هن جو ڪيس سمجهڻ ۾ آساني ٿئي، پر هن جي دوست کيس ٻڌايو، ”ملڪ اندر سخت سنسرشپ لاڳو ڪري سڀني ادارن تي ڪڙي نظر رکي وئي آهي. بنياد حقوق معطل آهن. هرڪو ڊنل آهي ۽ ڪير به جبر خلاف آواز اٿارڻ لاءِ تيار نه آهي.“
اهو ٻڌي غلام حسين ڏاڍو دلگير ٿي ويو. ۽ افسوس مان مٿو جيل جي سيخن تي رکي سڏڪي پيو. هن جي دوست کيس تسلي ڏني ۽ چيو، ”هڪ صورت آهي جيڪڏهن اسان ان جيلر تائين پهچي پئون جنهن توکي ٻه راتيون جيل اندر گهارڻ جي اجازت ڏني هئي. اهو جيلر جيڪڏهن انساني همدرديءَ جي بنياد تي فوجي عدالت ۾ اچي اهو بيان ڏئي ته تو ڪو ڏوهه نه ڪيو آهي ۽ ان صرف هڪ ڪردار جي مشاهدي لاءِ توکي جيل اندر ٻه راتيون رهڻ جي اجازت ڏني هئي ته پوءِ تنهنجي جان ڇٽي سگهي ٿي.“
دوست جي ڳالهه ٻڌي غلام حسين جي منهن تي ڪجهه سرهائي اچي وئي. ”پوءِ تون ڪوشش ڪري ان جيلر جو پتو لڳاءِ. مان سمجهان ٿو تون ان جيلر کي ڳولهڻ ۾ ضرور ڪامياب ٿيندين. جيڪڏهن تون ان تائين پهچي وئين ته اهو ضرور تنهنجو ساٿ ڏيندو. ڇو جو منهنجي خيال ۾ هو هڪ کرو ماڻهو آهي.“
دوست جي وڃڻ کانپوءِ غلام حسين واپس بيرڪ ۾ آيو. ۽ بستر تي ويهي پنهنجي بي وسيءَ تي روئندو رهيو. هن جي دوست جيلر جي ڳولها ۾ ڪا به ڪثر نه ڇڏي. فوجي حڪومت جي اچڻ کانپوءِ سِول ملازمن کي غير اهم ذميواريون سونپيون ويون هيون جنهن ڪري اهي سڀ پَس منظر ۾ هليا ويا هيا. اهوئي سبب هيو جو هن جو دوست ان جيلر کي ڳولهيندو رهيو پر ان تائين پهچي نه سگهيو.
ٻڌڻيءَ جي تاريخ تي غلام حسين کي ٻين قيدين سان جيل گاڏيءَ ۾ وجهي فوجي عدالت آڏو پيش ڪيو ويو. هو جڏهن عدالت ۾ آيو ته آفيسرن هن جو ڪيس پڙهي هن ڏانهن ڏٺو.
”تون پنهنجي صفائيءَ ۾ ڪجهه چوڻ چاهيندين؟“ ڳاڙهين اکين واري فوجيءَ چيو.
”مان چئي چڪو آهيان ته مان ڏوهي نه پر هڪ اديب آهيان ۽ هڪ غلط فهميءَ جو شڪار ٿيو آهيان. منهنجي ڪيل وضاحت تي ٿڌي دل سان غور ڪيو وڃي. مان قاتل نه پر هڪ مظلوم آهيان جنهن کي بي گناهه قيد ۾ بند ڪيو ويو آهي.“
فوجي ڪاوڙ مان پنهنجن هٿن ۾ جهليل پين کي مهٽڻ لڳو.
”گهڻي بڪ بڪ جي ضرورت نه آهي.“ پوءِ ان چيو، ”حالتون ۽ شاهديون اهو ثابت ڪري رهيون آهن ته تون هڪ قاتل آهين. ۽ هيءَ عدالت توکي ڏوهي قرار ڏيندي موت جي سزا ٻڌائي ٿي. ايندڙ مهيني جي پنجين تاريخ تي توکي ڦاسي ڏني ويندي.“
اهو ٻڌڻ سان غلام حسين جي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي. هن جي مٿي کي چڪر اچي ويو ۽ هن کي ڀرسان بيٺل سپاهيءَ جي ڪلهي جو سهارو وٺڻو پيو. هو ٿيڙ کائيندڙ قدمن سان واپس موٽيو. هن کي ان رات بيرڪ مان موت جي ڪوٺڙيءَ ۾ منتقل ڪيو ويو جتي هو بي سڌ ٿي ڪريو ۽ روئي پنهنجي بي گناهيءَ جا ڳوڙها ڳاڙيندو رهيو.
هن جي دوست کي جڏهن اها خبر پئي ته غلام حسين کي ڦاسيءَ جي سزا اچي چڪي آهي ته اهو ڏاڍو پريشان ٿيو. هن لاءِ هاڻي اهو ضروري ٿي چڪو هيو ته هو ان جيلر کي جلد ڳولهي عدالت ۾ آڻي جيڪو غلام حسين جي بي گناهيءَ جو واحد ثبوت هيو. پر اهو جيلر هن کي ڪٿي نه مليو. هو نااميد نه ٿيو ۽ پنهنجي ڳولها کي جاري رکيو.
مهينو گذرندي دير ئي نه لڳي. غلام حسين ڦاسيءَ جي ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ سڀ آسرا لاهي موت جو انتظار ڪندو رهيو. هن کي ڪٿان به ڪا اميد جي روشني ايندي نظر نه آئي. هو ڪمزور ٿي چڪو هيو ۽ اونداهي ڪوٺڙيءَ جي هڪ ڪنڊ ۾ منهن گوڏن ۾ لڪائي ويٺل هوندو هيو. هو هاڻي محسوس ڪري رهيو هيو ته بي گناهي ڇا ٿيندي آهي؟ مظلوميت ڪهڙي شيءِ جو نالو آهي؟ ۽ بي رحميءَ جي ڪهڙي معنى آهي؟ هو لاچار ٿي چڪو هيو ۽ موت هن کي ڪجهه قدمن جي فاصلي تي نظر اچي رهيو هيو.
جڏهن هن کي ڦاسي اچڻ ۾ ٻه ڏينهن بچيا ته هن جو دوست نيٺ ان جيلر تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو جيڪو ڪنهن ڏورانهين ڳوٺ ۾ هڪ اهڙي ننڍڙي ٿاڻي جو انچارج هيو جتي اڃان بجلي نه هئي. ان اتي پهچي جيلر سان حال احوال ڪيو ۽ ٻڌايو ته هن جي دوست کي جلد ڦاسي اچڻ واري آهي. ڳالهه جي اهميت کي سمجهي اهو هن سان گڏ هلڻ لاءِ تيار ٿي ويو. هڪ ڏينهن جي سفر کانپوءِ اهي فوجي عدالت جي هڪ آفيسر سان ملڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. جيلر اتي پهچي فوجين کي حقيقت کان آگاهه ڪيو. پر انهن کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. انهن سمجهيو شايد جيلر هڪ وڏي رشوت وٺي ان جي حق ۾ گواهي ڏئي رهيو آهي.
”پو تون ايڏا ڏينهن ڪٿي هنئين؟“ هڪ فوجيءَ هن کان سواءِ ڪيو، ”ان وقت ڇو نه ظاهر ٿئين جڏهن مقدمو هلي رهيو هيو؟“
”مونکي ڪا خبر نه هئي.“ جيلر چيو، ”مون ته ڪڏهن اهو سوچيو به ڪونه هيو ته اهو بي گناهه شخص موت کي ايڏو ويجهو ٿي ويندو؟“
وضاحت کانپوءِ فوجين کي اها ڳالهه سمجهه ۾ آئي ته ڪجهه آهي ضرور جيڪو پوريءَ طرح کلي انهن سامهون نه آيو آهي. ڳالهه سمجهڻ کانپوءِ فوجين غلام حسين کي شڪ جو فائدو ڏيندي هن جي موت جي سزا معطل ڪري هڪ حڪمنامي ذريعي اهو پيغام اماڻيو ته نئين گواهيءَ جي روشنيءَ ۾ هن تي نئين سر مقدمو هلايو ويندو ۽ حڪم نامي جي هيٺان ٻڌڻيءَ جي تاريخ درج ڪئي وئي.
غلام حسين کي لڳو ڄڻ ڪنهن اونداهي کوهه ۾ هيٺ ڪرڻ کان اڳ هن کي پويان پڪڙي پري ڪيو ويو هجي. هو دل ۾ پنهنجي ان دوست جو شڪر گذار ٿيڻ لڳو جنهن جي جستجو هن جي جان بچائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي هئي. گهڻن ڏينهن کانپوءِ هن ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ رات ننڊ ڪندي گذاري. ٻئي ڏينهن هن کي واپس بيرڪ ۾ آندو ويو، جتي هو عدالت پاران ڏنل ٻڌڻيءَ جو انتظار ڪرڻ لڳو. ان وچ ۾ ملڪ جون حالتون خراب ٿي چڪيون هيون. ڪيترن ماڻهن کي شهرن جي چوراهن تي سرعام ڦاسيون ڏنيون ويون ۽ سوين بي گناهن کي ڪوڙا هنيا ويا. جمهوريت لاءِ جدوجهد ۾ ماڻهو هٿيار کڻي ٻاهر نڪتا ۽ هڪ وڏي ويڙهه شروع ٿي وئي. ڪيترن ڳوٺن تي بم وسايا ويا. ڪيئي ماڻهو ٽينڪن هيٺان چيڀاٽجي ويا. پوري فوج ان مصلح جدوجهد کي منهن ڏيڻ ۾ مصروف ٿي وئي.
غلام حسين جيل اندر مقدمي جي تاريخ جو انتظار ڪندو رهيو. پر ملڪي حالتن ڪري هن کي ڪڏهن به ڪنهن فوجي عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو. تاريخن پويان تاريخون گذرنديون ويون ۽ غلام حسين کي جيل ۾ ڪيترا سال گذاري ويا. باغين هڪ دفعو جيل جي ڀت ڀڃي ڪيترن قدين کي آزاد ڪرايو پر غلام حسين کي ڀڄڻ جو موقعو نه ملي سگهيو. باغين پاران ٿيل ان حملي ۾ هو مرندي مرندي بچيو. ڪيتريون گوليون هن جي ڪنن وٽان لنگهي ويون ۽ جيل ۾ هر طرف ٻرندڙ باهه ۾ هن لڪي جان بچائي. رت ۽ باهه جي درياهه ۾ وقت لڙهندو ويو. غلام حسين جيڪو جيل ۾ اچڻ وقت نوجوان هيو ان جي ڏاڙهيءَ ۾ اڇا وار ڳوڙهن جيان چمڪڻ لڳا. هو اڌوهيءَ جو ٿي چڪو هيو. هن جي زندگيءَ جا خوبصورت ڏينهن جيل اندر بسر ٿي چڪا هيا. غلام حسين هاڻي گهڻو نه ڳالهائيندو هيو. هو جيل جي ماحول جو حصو ٿي چڪو هيو. هن کي محسوس ٿي رهيو هيو ڪاري رات جو انت ڪٿي به نه آهي. اميد جو سج ڪڏهن اڀرڻو نه آهي. بي بيگناهيءَ جي واٽ تي هلندي لاوارث بي ڪفن مري ويندو ۽ جيل جي انتظاميا هن جي لاش کي ڀت ٻاهران ڦٽو ڪندي. جتي هو گمنامين جي انڌيرن ۾ گم ٿي ويندو. هو بي گناهيءَ جي احساس کان ذري گهٽ چريو ٿي چڪو هيو. ڪڏهن هو جنون ۾ اچي پنهنجن بي ترتيب وڏن وارن کي هٿ وجهي پٽڻ جي ڪوشش ڪندو هيو. هو سوچيندو هيو اهڙي ڊگهي قيد کان چڱو هيو ته هن کي ڦاسي اچي وڃي ۽ هو موت جي منهن ۾ وڃي بي گناهي ۽ بي وسيءَ جي احساس کان آجو ٿئي.
هڪ دفعي هو بيرڪ ۾ بستري تي ليٽي ڇت کي گهوري پنهنجي ماضيءَ تي سوچي رهيو هيو ته جيل اندر هڪ وڏو لڙمچي ويو. ڪيترن قيدين جي ٽهڪن جا آواز اچي رهيا هيا ۽ ڪيترا قيدي هڪ ٻئي کي مبارڪون ڏئي رهيا هيا. هر طرف نعرا بلند ٿي رهيا هيا. غلام حسين اٿيو ۽ هن جڏهن پڇيو ته هن کي ٻڌايو ويو، ”فوجي آمر پنهنجي ساٿين سميت جهاز جي حادثي ۾ مارجي چڪو آهي.“
ڪجهه ئي ڏينهن ۾ ملڪ اندر اليڪشن ٿي ۽ جمهوري دور واپس اچي ويو. نشرياتي ۽ اشاعتي ادارن تان سنسرشپ ختم ڪري انهن کي آزاد ڪيو ويو. انساني حقن جون تنظيمون وري سرگرم ٿي ويون. غلام حسين جي ڪيس جو نئين سر جائزو وٺي هن کي آزاد ڪيو ويو. جمهوري حڪومت هڪ خط ذريعي هن سان معذرت ڪئي. جنهن ۾ اهو لکيو ويو، ”آمريت جي دور ۾ هڪ غلط فهميءَ جي بنياد تي هن سان جيڪي وهيو واپريو ان تي هرڪو شرمسار آهي ۽ جمهوري حڪومت هن سان معذرت ڪندي آزاديءَ جو حڪم نامو جاري ڪري ٿي.“
غلام حسين جڏهن جيل مان نڪتو ته هو ڀتين کي هٿ ڏئي هلي رهيو هيو. هن جي ڄنگهن جي طاقت ختم ٿي چڪي هئي پر هن جي من اندر هڪ وڏو طوفان لڪيل هيو. هو هڪ اهڙي تجربي مان گذريو هيو جيڪو جهنم جي باهه جي احساس کان به بدتر هيو. هن وٽ هزارين مشاهدا ۽ ڀوڳنائن جا انبار هيا. آزاد ٿي هو گهر پهتو. هن ٽيبل جي خاني ۾ هٿ وجهي پنهنجو اڻ پورو ناول ٻاهر ڪيو ۽ پوءِ هن لکڻ شروع ڪيو. هو لکندو ويو. لکندو ويو. ۽ لکندو ويو.
***