ڪھاڻيون

سونو ڏند

ڪهاڻين جي هن ڪتاب جو ليکڪ ناميارو ڪهاڻيڪار، ناولنگار ۽ اديب ”رسول ميمڻ“ آهي. رسول ميمڻ جو شُمار جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جي مُهندار ڪهاڻيڪارن ۾ ٿئي ٿو، جنهن جو ڪهاڻي لکڻ جو هڪ پنهنجو الڳ ۽ منفرد انداز آهي ۽ جنهن ڪهاڻيءَ کي پڙهندڙن جو هڪ پنهنجو وسيع حلقو آهي. هن ڪتاب ۾ شامل گهري فڪر ۽ تخليقي حُسن سان ٽمٽار هي ڪهاڻيون يقيناً پڙهندڙن کي دل ۾ پيهي وينديون.
  • 4.5/5.0
  • 2598
  • 750
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سونو ڏند

پيار

پيءُ دنيا مان بيزار ٿي چڪو هيو.هو پوڙهو هيو، سندس مٿي جا وار مينهن وسڻ کانپوءِ ڇڳل اڇي جهڙ جهڙا هيا. زندگيءَ جي تجربي هن کي مايوسيءَ کانسواءِ ڪجهه نه ڏنو هيو. دنيا ۾ ڦهليل بدامني ۽ فسادن ڪري هو ان کي جيئڻ لائق نه سمجهي رهيو هيو. هو دنيا جي مستقبل تي سوچيندو هيو، پوءِ اکين تي پاتل عينڪ لاهي ان جا ڌنڌلا شيشا صاف ڪري وري پائي ڪنڌ هيٺ ڪري ويهي رهندو هيو.
هن جي دل ۾ دنيا ۽ ان جي رهاڪن لاءِ ڪابه عزت نه هئي. هر شيءِ کي نفرت مان ڏسندو هيو ۽ هر انسان کان خوف محسوس ڪندو هيو.
نوجوان پٽ جنهن جي عمر ٻاويهه سال هئي، سهڻو قداور هيو. ان جي منهن جي تازگي بهار ۾ ٽڙيل ڳاڙهي گل جهڙي هئي. اهو ڏاڍو خوش مزاج ۽ پر اميد هيو. اهو مرڪندو هيو ۽ هر ڳالهه ۾ چڱائي ڳولهي دل تي ڪڏهن ٻوجهه نه کڻندو هيو.
اهو هڪ ڊگهو گهر هيو، جنهن جي اڳياڙي ريل جي ڪٽ چڙهيل دٻي جهڙي هئي. پاسن کان سوڙها ڪمرا هيا ۽ پوياڙيءَ جو ننڍڙو پڌر پپل جي سڪل پنن سان ڍڪيل هوندو هيو.
هڪ ڏينهن نوجوان دنيا جو نقشو خريد ڪري آيو ۽ اهو دالان ۾ پيل کاڌي واري ميز جي شيشي هيٺان هڻي ڇڏيو. هو جڏهن کاڌو کائيندو هيو ته هن جون نظرون ان نقشي تي کتل هونديون هيون.
پيءُ هن سامهون ويٺل هوندو هيو، اهو ڌڪار ۽ نفرت مان هن ڏانهن ڏسندو هيو. ان کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي هئي ته هن جو نوجوان پٽ آخر ان نقشي ۾ ڇا ڳولهي رهيو آهي. ان دنيا جي نقشي ۾ آخر ڪهڙي ڳالهه آهي جيڪا هن کي متاثر ڪري رهي آهي؟
”آرام سان کاڌو کاءُ.“ هڪ ڏينهن هن پٽ کي ٽوڪيندي چيو، ”خبر نه آهي ته تنهنجو کاڌو ڪيئن ٿو هضم ٿئي؟ جيڪڏهن مان ائين ماني کائيندي دنيا تي نظر وجهان ته جيڪر اوڪارا ڏئي ٿڪجي پوان.“
پٽ اکيون مٿي کنيون ۽ پيءُ جي ڳالهه تي مرڪيو.

”بابا تاريخ ۽ سياست منهنجا تعليمي مضمون آهن. مونکي دنيا جي نقشي ڏسڻ سان مطالعي ۾ مدد ملي ٿي ۽ خبر پوي ٿي ته دنيا سياسي طرح ڪيئن ورهايل آهي ۽ اسين هڪٻئي کان ڪيترو پري ۽ ويجها آهيون.“
پيءُ کائيندي مڇيءَ جي ٻيري مان ڪنڊو ائين ڪڍيو جيئن هن جي وجود ۾ ٽنبيل هجي.
”ڇاجي تاريخ؟ ڇاجو فلسفو؟ ڇا جي سياست؟ سڀ بڪواس.“ هن ڪاوڙ مان چيو، ”علم ۽ سائنس دنيا کي تباهيءَ طرف وٺي وڃي رهيا آهن. دنيا جون حالتون ڏينهون ڏينهن بدتر ۽ زوال پذير آهن. دنيا رهڻ لائق نه رهي آهي.“
نوجوان ڪنڌ هيٺ ڪري گرهه وات ۾ وجهي چٻاڙيندو رهيو. هن پيءُ جي ڳالهه جو ڪو جواب نه ڏنو.
ٿوري ماٺ کانپوءِ پيءُ وري ڳالهايو.
”ڪهڙي دنيا جي ڳالهه ٿو ڪرين؟... اها دنيا جنهن ۾ هر هنڌ بي امني ۽ فساد ڦهليل آهي. انسان انسان جو دشمن آهي. جتي مذهب، ناڻي، رنگ، نسل، زبان ۽ اقتدار جي نالي ۾ ڪيترن بي گناهن جو رت وهايو وڃي ٿو. جتي تاريخ جي ڪنهن به حصي ۾ امن جو دور ڪنهن خواب جهڙو ۽ حقيقت کان ڏور نظر اچي ٿو.
اهڙي دنيا جتي هر ڪو هڪٻئي جو ماس کائي ٿو، ان جي رت چوسي زندگي برقرار رکڻ جي جدوجهد ڪري ٿو. دنيا جيڪا خصي ڍڳي جي سڱ تي رکيل آهي يا جيڪا راهه وڃائي ويٺل جيان پولارن ۾ بي مقصد ڦري رستو ڳولهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.“ پيءُ جي ڳالهين تي نوجوان ڪنڌ هيٺ ڪري مرڪندو رهيو. هو پر عزم ۽ جوشيلو جوان هيو.
هن وٽ پنهنجا خواب هيا. پنهنجا خيال هيا. هن ڪڏهن به پيءُ جي ڳالهين کي دل تي نه ورتو. پيءُ جون ڳالهيون ٻڌي هن انهن کي بردباري ۽ مزاح سان ٽارڻ جي ڪوشش ڪئي.
”بابا اهڙي ڪابه ڳالهه نه آهي.“ هن چيو. ”جيڪڏهن ڪوشش ڪجي ته دنيا ٺيڪ ٿي سگهي ٿي. منهن جي خيال ۾ اهو ٿوري دير ۾ ممڪن آهي.“
پيءُ ڄڻ چڙي پيو.
”سڀ بڪواس جيڪڏهن تون تاريخ ۽ سياست جي ڄاڻ رکندڙ آهين ته پوءِ ٻڌاءِ دنيا جي ڪهڙي ملڪ ۾ امن آهي؟“ پيءُ چيو ۽ پوءِ هن دنيا جي نقشي ۾ گهوريندي، سڀ کان پهريون آمريڪا تي آڱر رکي.

”ڇا توکي خبر آهي ته هتي ڇا ٿي رهيو آهي؟ دنيا جي ناڻي ۽ وسيلن تي قبضي ڪرڻ لاءِ هن ملڪ ۾ ڪهڙيون سازشون ٿي رهيون آهن. سائنس ۽ جدت جي نالي ۾ تسلط کي نئون روپ ڏئي آزاديءَ جي نالي ۾ ڪيترن ملڪن کي غلام بنائي لٽيو ويو آهي. ٻارڻ ۽ ٻين معدني ذخيرن تي قابض ٿيڻ لاءِ تبليغي ذريعن جو غلط استعمال ڪري ماڻهن کي بيوقوف بنائي، ملڪن کي هڪ ٻئي سان وڙهائي، ٽياکڙي جو ڪردار ادا ڪري پاڻ کي طاقتور ثابت ڪري انهن کي زير ڪيو ويو آهي. دنيا جا ڪمزور ملڪ مانيءَ ڳڀي لاءِ آمريڪا طرف واجهائي رهيا آهن.
هيءُ اهو ملڪ آهي جنهن سوويت يونين خلاف دنيا ۾ مذهبن کي هوا ڏني. هاڻي دنيا جو سڪون تباهه ٿي چڪو آهي. اسين پنهنجي ٻاريل باهه ۾ پاڻ سڙي رهيا آهيون.“
نوجوان ساڳيو مرڪي هن ڏانهن ڏسندو رهيو. هن کي پيءُ جي جذبن جو احساس هيو پر هو مايوس نه هيو. پيءُ جي ڪاوڙ جو بظاهر هن تي ڪو اثرنه ٿي رهيو هيو.
”بابا اها ڳالهه بلڪل درست آهي ته هر طرف نفرت جي باهه ڀڙڪي رهي آهي.“ نوجوان چيو، ”سڀ نفرتون ختم ٿي سگهن ٿيون. يقين ڪيو اهو سڀ ٿوريءَ دير ۾ ممڪن آهي.“
پٽ جي ڳالهه ٻڌي پيءُ ڳاڙهو ٿي ويو. هن جو جوش ۽ ڪاوڙ پهريون کان وڌي ويو. هن وري نقشي ۾ نهاريو ۽ روس تي آڱر رکي.
”هيءُ اهو ملڪ آهي جتي انقلاب جي نالي ۾ دنيا کي برباد ڪيو ويو. هڪ مخصوص نظريي کي دنيا تي مڙهڻ لاءِ پورهيتن ۽ غريبن کي سنهري خواب ڏيکاري ڀڙڪايو ويو.
پاڙيسري ملڪن تي ڪاهه ڪري انقلاب جي آڙ ۾ انساني حقن جي لتاڙ ڪئي وئي. غريب پورهيت هاري ٽينڪن هيٺان ڇيڀاٽجي مئا. دنيا ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي. دنيا جو توازن هيٺ مٿي ٿي ويو. امن جي نعري هيٺ جنگين جو بنياد پيو. دنيا کي پڇتاءَ ۽ پريشانيءَ کانسواءِ ڪجهه نه مليو، دنيا انقلاب جي دفن ٿي وڃڻ کانپوءِ ان جي قبر تي مرثيا پڙهي رهي آهي. اڄ به جارجيا جي گهٽين مان سرندڙ لاشن جي بوءِ اچي رهي آهي. چيچنيا ۾ بدامني آهي. دنيا ان قابل نه آهي جو ان جي تعريف ڪجي.“
نوجوان پيءُ ڏي پيار ۽ عزت مان ڏسندو رهيو.
”واقعي ئي اسين ماضيءَ جي غلطين جو ڀوڳي رهيا آهيون.“ نوجوان چيو، ”پر بابا منهنجيءَ ڳالهه تي يقين ڪيو سڀ نفرتون ختم ٿي سگهن ٿيون. اهو سڀ ٿوريءَ دير ۾ ممڪن آهي.“
پيءُ پٽ ڏي ڪاوڙ ۽ حيرت مان ڏسندو رهيو. هن کي يقين ئي نه پئي آيو ته هن جي ايڏي تقرير جو هن مٿان ڪو اثر نه ٿي رهيو هيو. هو پٽ جي مطمئن منهن ڏانهن ڏسي وري قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو.
پيءُ وري دنيا جي نقشي ۾ يورپ جي ملڪن ڏانهن اشارو ڪيو، ”هيءُ ڏس برطانيه جنهن سوين سال دنيا جو سڪون تباهه ڪيو. پرامن ملڪن تي قابض ٿي انهن جو استحصال ڪيو. غدارن کي انعام ۽ اڪرام ڏئي سورهين جا سِر ڪپايا. دنيا جي وڻج واپار جو رخ پاڻ ڏانهن ڪري غربت جو ٻج ڇٽيو. مذهب جي نانءَ تي ملڪ ٺاهيا ۽ عوامي طاقتن کي ٽوڙي ٻه اڌ ڪيو.“
پوءِ هن نقشي ۾ فرانس تي هٿ رکيو.
”هيءُ اهو ملڪ آهي جنهن يورپ جو سڪون تباهه ڪيو. غير قانوني قبضا ڪيا ۽ عوام کي ڪوڙي انقلاب جي آڙ ۾ سدائين جنگين لاءِ تيار رکيو.“
هن نقشي ۾ جرمنيءَ تي هٿ رکيو.
”هيءُ اهو ملڪ آهي جنهن نفرتن مان جنم ورتو، جيڪو استحصال جي باهه جي ٽانڊن تي پچي راس ٿيو. هٽلر جهڙو دماغي مريض ان جي ڄر مان نڪتو ۽ ان دنيا کي هيٺ مٿي ڪري وڌو.“ پوءِ هن پنهنجي پٽ کي نقشي ۾ اسپين ۽ اٽليءَ ڏانهن اشارو ڪندي ٻڌايو ته ڪيئن اسلام جي نانءَ جو غلط استعمال ڪري عياشيءَ جا اڏا کوليا ويا ۽ ماڻهن کي بدظن ڪيو ويو. ڪيئن اٽليءَ آفريقي ملڪن تي قابض ٿي ظلم جا دروازا کوليا. ميسوليني ۽ جنرل فرانڪو دنيا سان ڪهڙيون تعديون ڪيون.“
هن پوءِ وري پٽ ڏانهن ڏٺو جيڪو اڃان هن ڏانهن ڏسي مرڪي رهيو هيو. پيءُ کي محسوس ٿيو هن جو پٽ بي حس ۽ ڪند ذهن آهي. پنهنجي ڳالهه مڃائڻ لاءِ پيءُ وري ڪوشش ڪئي. هن دنيا جي نقشي ۾ ڏسندي هندستان طرف اشارو ڪيو.
”هيءُ ڏس اهو ملڪ آهي جنهن کي استحصالي قوتن ٽوڙي ٽڪر ڪيو. هتي مذهب جي آڙ ۾ اهڙي باهه ڀڙڪائي وئي جنهن جا شعلا ڏينهون ڏينهن بلند ٿيندا پيا وڃن. هتي لکين ماڻهو جلاوطن ٿيا. ان الميي جو سڀ کان گهڻو اثر سنڌ تي ٿيو. جنهن جو وجود خطري ۾ آهي. جنهن جا ماڻهو پنهنجي ڌرتيءَ تي دربدر آهن. مذهب جي آڙ ۾ آپگهاتي بمبارن ظلم مچائي ڏنو آهي. خدا جا گهر سلامت نه آهن. شهرن ۾ نسلي فساد ٿي رهيا آهن. بي گناهه ماڻهو قتل ٿي رهيا آهن. ٻاهران آيل طاقتور ۽ حڪمران آهن. ڌرتيءَ جا وارث ڊنل ۽ پريشان آهن. شريف جو ڪو قدر نه آهي. بدمعاش جي لٺ کي ٻه مٿا آهن. مونکي ٻڌاءِ ڇا دنيا رهڻ لائق آهي؟ اهڙي دنيا جي ڪهڙي تعريف ڪري سگهجي ٿي جتي بدامني، آپگهاتي بم ڌماڪا هجن. جتي خدا جا گهر محفوظ نه هجن ۽ نسلي بنيادن تي انسانن جو قتل عام ڪيو وڃي. جتي جاهل حڪمران هجن ۽ جتي سياستدان مري ويل نظرين جي قبرن تي حڪمراني ڪنداهجن.“
پيءُ ڏاڍو جذباتي ٿي چڪو هيو. پٽ پيءُ جي جذبن کي محسوس ڪيو. ”تون بلڪل ٺيڪ چئي رهيو آهين بابا.“ هن چيو، ”واقعي ئي ناانصافيون ۽ ظلم دنيا ۾ عروج تي آهي. هر طرف نفرت جي باهه ڀڙڪي رهي آهي، پر مان توهان کي عرض ڪيان ته دنيا ۾ بي امني ۽ ظلم جو دؤر ختم ٿي سگهي ٿو. نفرت جون پاڙون پٽجي سگهن ٿيون. منهنجي خيال ۾ اهو ٿوري دير ۾ ممڪن آهي.“
پٽ جي ڳالهه ٻڌي پيءُ جوش ۾ڏڪڻ لڳو. هن هٿ ورائي ٽيبل جي شيشي هيٺان لڳل دنيا جو نقشو ڇڪي ٻاهر ڪڍيو ۽ ٻنهي هٿن سان ڇيهون ڇيهون ڪري پري ڦٽو ڪيو. نقشو ذرا پرزا ٿي ويو. ان جي ڪاغذ جا ٽڪر هيڏانهن هوڏانهن وکرجي ويا.
”دنيا آهي ئي ان لائق ته ان کي گند جي ٽوڪريءَ ۾ اڇلايو وڃي.“ پٽ ڪرسيءَ تان اٿيو ۽ هيٺ جهڪي فرش تي وکريل دنيا جي نقشي جا ڦاٽل ٽڪر گڏ ڪرڻ لڳو. پيءُ ان جي اهڙي حرڪت تي حيران ٿي ويو. هو سمجهي ويو ته هن جو پٽ اهي ڦاٽل نقشي جا ٽڪر ميڙي انهن کي ضرور ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪندو پر نقشو ايڏو ته بي ترتيب ڦاٽل هيو جو ان جو پاڻ ۾ ڳنڍجڻ ڏکيو پئي نظر آيو.
”ڇا تون سمجهين ٿو ته ان ڦاٽل نقشي کي ڳنڍڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندين؟ منهنجي خيال ۾ اهو ناممڪن آهي. اهو ايئن آهي جيئن ڀت سان مٿو ٽڪرائڻ.“ پيءُ چيو. ڇو جو هن کي پڪ هئي ته سندس پٽ ڪوشش باوجود به انهن کي اصلي صورت ۾ آڻي نه سگهندو.
پٽ ڦاٽل نقشي جا ٽڪر ميڙي ڪمري ۾ ويو ۽ ٿوري دير ۾ نقشو ڳنڍي کڻي اچي پيءُ اڳيان ٽيبل تي رکيائين. پيءُ ڏٺو. نقشو بلڪل صحيح ڳنڍيل هيو. سڀ ملڪ پنهنجي جاءِ تي موجود هيا. بارڊرن جون سڀ لڪيرون ترتيب سان هيون ۽ ڪابه گهٽ وڌائي ڪانه هئي. پيءُ عجب ۾ پئجي ويو ۽ حيرت مان پٽ ڏانهن ڏسڻ لڳو. پٽ ساڳيو مرڪي هن ڏانهن نهاري رهيو هيو.
”تون ايترو جلدي آخر نقشي کي ڳنڍڻ ۾ ڪيئن ڪامياب ٿي وئين؟“ پيءُ پڇيو.
پٽ جي منهن جي مرڪ وڌيڪ گهري ٿي وئي.
”مان دنيا جو نقشو ڳنڍڻ جي ڪابه ڪوشش نه ڪئي، پر مون نقشي پويان لفظ پيار لکيو هيو. مون نقشي جي پوئين پاسي کان لفظ پيار کي ڳنڍيو، جيڪو آسان هيو. دنيا جو نقشو پنهنجو پاڻ ڳنڍجي ويو. پٽ جي ڳالهه ٻڌي پيءُ جون اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي آيون. هو اٿيو ۽ هن پٽ کي سيني سان لائيندي چيو.
”بيشڪ پٽ پيار ئي آهي جيڪو اسان کي ڳنڍي سگهي ٿو.“

***