مهاڳ : رُوپ سُندرتا
شاعري جذبن، احساسن ۽ سوچن جي اظهار جو ذريعو ته آهي پر اُنهيءَ جي لوازمات ۾ فني پهلوءَ کي به اهم حيثيت حاصل آهي، جنهن شاعر وٽ ڏات ۽ ڏانءُ آهي سو سٺي شاعري تخليق ڪري سگهي ٿو، سومار ”سنگم“ سان ذاتي ڏيٺ ويٺ تڏهن ٿي جڏهن هو آبادگار شوگر ملز ۾ سنڌي ادبي سنگت جي شاخ کولي رهيو هئو جنهن پاران هڪ مشاعرو به ڪرايو ويو هو.
سومار ”سنگم“ مون کي سندس ڪمپوز ٿيل شاعري مهاڳ لکڻ لئه ڏني (جيڪو اعظم ڀٽي لکي چڪو آهي) جنهن ڪم کان آئون اڪثر لهرائيندو آهيان، ڇاڪاڻ ته مهاڳ لکڻ هڪ ذميواري جو ڪم هوندو آهي، جنهن ۾ شاعر سان انصاف ڪرڻ لئه گهڻو ويچارڻو پوندو آهي، شاعريءَ جي مڙني پاسن يعني مواد، رواني، تشبيهن، ٻولي ۽ انداز يا اسلوب سان گڏ بحر وزن جي چڪاس پڻ ڪرڻي پوندي آهي، جيڪڏهن ڪنهن جي بيجا ساراهه ڪبي ته ايمانداري نه ليکبي ۽ ڪنهن جي ڪچاين ڦڪاين جي اوک ڊوک ڪبي ته واسطيدار ماڻهوءَ کي ڏکي لڳندي، انهيءَ ڪري
“سنگم جي ڪتاب ”روپ سُندرتا“ تي مهاڳ ته نه لکي رهيو آهيان پر پنهنجي راءِ ۽ تجويزن جو مختصر اظهار ڪري رهيو آهيان، ڇاڪاڻ ته سومار نهايت پيار سان هيءَ سندس پيار جو پورهيو منهنجي حوالي ڪيو آهي.
هن ڪتاب ۾ مختلف صنفن تي مشتمل شاعري آهي جن ۾ حمد، نعت، غزل، نظم، وايون، گيت، چئوسٽا نثري نظم اچي وڃن ٿا، فني لحاظ کان کيس اڃا به محنت ۽ رياضت جي ضرورت آهي، ٻوليءَ تي دسترس حاصل ڪرڻ لئه ڪلاسيڪل ۽ جديد شاعريءَ جي گهڻي اڀياس جي گُهرج آهي، جيتري قدر مواد جو تعلق آهي ته هن وٽ دل جي ڪربلا جي درد کان وٺي سنڌ ڌرتيءَ جي غلامي جي پنجوڙن جو اظهار موجود آهي، جنهن مان سندس حساسيت پڌري ٿئي ٿي شاعري ۾، سنڌ هِن لئه ڪعبو به آهي ته ڪاشي به،
دولـــــت نه شُـــهرت، توکان گهران ٿو،
بخــشش نه جـــنـــت، توکان گهران ٿو،
گهــرجــي ٿي ”سنگم“، اُو اڙي آسمـان،
سنڌوءَ ديش ڌرتي جي، مهلت گهران ٿو.
سنڌي عوام جا دک درد به هن کان ڏٺا، سَٺا نٿا ٿين، تڏهن ئي هو چوي ٿو:
حقن پنهنجن ڪنا غافل، رهڻ وارا سنڌي ناهن،
ڇنڻ وارن ڇڇورن کي، ڇڏڻ وارا سنڌي ناهن.
هڻڻ ڌاڙا وسيلن تي، سندان غيرن سندي عادت،
ٿين هيڻن مٿان ڪاهون، ڏسڻ وارا سنڌي ناهن.
هراسا قوم ساريءَ کي، حرامي ٿا ڪريو ڇالاءِ،
ڪليشن جيل ٿاڻن کان، ڊڄڻ وارا سنڌي ناهن.
اهڙي طرح سومار ”سنگم“ جي شاعري هڪ احتجاجي آواز به آهي ته همت ۽ جُرئت جو اعلان به، ”سنگم“ جي شاعريءَ ۾ رومانيت جو رنگ به رچيل آهي جيڪو دل کي ڇُهي وڃي ٿو.
منهنجي کيس گذارش آهي ته هو مشق سُخن کي جاري رکندي لکندو رهي ۽ لکڻ سان گڏ مطالعو به ڪندو رهي !
[b]-غلام حسين رنگريز
[/b]2 فيبروري 2015ع