چئوسٽا
وڳر ڳراٺيون، وانگي سنڌ،
ميڙ مارؤڙن، عيدون ميلا،
”سنگم“ سٻا جها، سانگي سنڌ.
دولت نه شُهرت، توکان گهران ٿو،
بخشش نه جنت، توکان گهران ٿو،
گهرجي ٿي ”سنگم“، اُو اڙي آسمان،
سنڌوءَ ديش ڌرتي جي، مهلت گهران ٿو.
ناري ڪومل، ناري ڪوتا،
ناري ڪليون، ناري پوجا،
ڌرتي تنگ ڇو، تنهن لئه ”سنگم“،
ڪاري سڀ ڇو، ناري چئو ٿا.
ترازن ۾ رت، توري ڏٺو سين،
ماس هڏن تان، ڪوري ڏٺو سين،
گهري وقت ڀيٽا، ”سنگم“ جڏهن،
سر پنهنجن تان، گهوري ڏٺو سين.
وقت وڇوٽيون، ڪٽيون آهن،
گگهه اونڌايون، مٽيون آهن،
هاڻ نه سهبا ويڻ، ڪنهن جا ”سنگم“،
سختيون ڏاڍيون، سٺيون آهن.
ڳالهه اندر جي، ڳولي چئو،
امبر مُشڪون، کولي چئو،
چئو جيڪيئن، چوڻ چاهين،
ٻول ٻاٻيحل، ٻولي چئو.
هرڪو ٻولي، هر ڪا ٻولي،
تون ٻولين، هڪڙي ٻولي،
اچ پکيئڙا، اُوري اچ،
مون کي گڏ، پنهنجي ٽولي،
ٻڌڻ ڌاڳن ملي دلبر، ٻڌي وٺجو،
صفا سهڻو هجي پرور، ٻڌي وٺجو.
هلي جت وس نه ڪو پنهنجو، اُتي بهتر،
وهن لڙڪن ”سنگم“ ساگر، ٻڌي وٺجو.
مٺڙي خوشبوءِ، موتي گل ۾،
تولئي پيار آ، منهنجي دل ۾،
چنڊ وئي نه، مون کي ”سنگم“،
سڀ حسن آ، تنهنجي ڳل ۾.
سوا تنهنجي جيجل، گهر سُڃ ٿو لڳي،
اڱڻ اڄ اسان کي، رڻ ۽ رُڃ ٿو لڳي،
گل موتي مٺا ”سنگم“، ماڻهو گهڻا مگر،
محل تو بنان، مومل مُڃ ٿو لڳي.
ڌرتي تي نه ڪو سدا رهندو،
شاهوڪار نه ڪو گدا رهندو،
سر سنگيت جون ”سنگم“ محفلون،
ڪنهنجو ڪو نه ڪو مدا رهندو.
روز مارن جون، چوريون، ڏاريون،
غريبن کان ٿين، ڦريون، ماريون،
پوليس پاٿاري دارن، جي پاسي،
ڀاڳين تي وٺيون، لٺيون گاريون.
ڪاري ڏاڙهي، سائو پٽ ڪو،
سائين سجدي ۾، کائي گهٽ ڪو،
هجري اندر هنجهه، ۾ ڇوڪر،
استاد ڪري پيو، چمي چٽ ڪو.