شاعري

روپ سُندرتا

سومار ”سنگم“ جي شاعريءَ جو هي پهريون مجموعو ”روپ سُندرتا“، مجموعي طور سندس بهترين ڪوششن جو نتيجو آهي، هڪ اهڙو ثمر آهي، جنهن ۾ سومار ”سنگم“ جو پورهيو سمايل آهي، هڪ اهڙو سفر آهي، جنهن ۾ سومار ”سنگم“ جي زندگيءَ جون ڪيتريون ئي ڀوڳنائون، هن جي اندر جي لوڇ پوڇ ۽ حساس جذبن جو اظهار ٿيل آهي،
Title Cover of book روپ سُندرتا

جيون ساگر ڏينهڙا

مٿي اُتي منهنجي، جي ڪوڙين هئن ڪپار.
ته واري واري وڍيان، سِسيءَ کي سؤ وار.
ته پڻ تند تنوار ،تنهنجي مٿانئين مڱڻا. (شاهه)

شاعري مون ڪنهن حسينا جي پيار ۾ دوکو کائي ۽ خوش آمدي قصيده لکي شاعر بڻجڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي پر سنڌ ڌرتيءَ جي سڳنڌ مٽيءَ جي خوشبوءَ ۽ سنڌي سٻاجهڙي ٻوليءَ ۽ سنڌ راڻيءَ جي پوشاڪيل سونهن کان متاثر ٿي شاعري ذريعي پنهنجي جذبن جو اظهار ڪيو آهي. جنهن ۾ منهنجي ذاتي پسند، ناپسند، من اندر جي لوڇ پوڇ ۽ زندگيءَ جون ڪجهه ڀوگنائون ضرور چٽيل آهن.8 آگسٽ 1988 تي فاليج دوران دل، دماغ ۽ گڙدن جي مسلسل تڪليف جي ڪري شاعري سان ذهني ۽ روحاني نڀاءُ نه ڪري سگهيو آهيان. زندگي، قوم ۽ دوستن کان شڪايت ناهي، چاهتن جو تسلسل مرڻ کان اڳ نه ختم ٿيندو، مون کي فيمليءَ جو هر فرد ۽ سنڌي ماڻهو پيار ڪندي عزت جي نگاهه سان ڏسي ٿو، جيڪا خوشي آهي. آئون جيون ساگر ڏينهڙا سنڌ لاءِ وقف ڪري لکندو رهندس. انشاءَ الله تعاليٰ منهنجو 24 سال شاعريءَ جو سفر ڪافي مشڪلاتون ۽ ڪيترائي مرحلا پار ڪري هاڻ حقيقي طرح ننڍڙي ڪتاب ”روپ سُندرتا“ جي شڪل ۾ اوهان سڄڻن جي هٿن تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جيڪا منهنجي خوابن جي تعبير آهي. جيڪو سندم پورهيو قبول پوندو. هن پوري سفر ۾ جن اهلِ ادب ڀائڻ وارن جو ساٿ رهيو تن ۾ اعظم ڀٽي جنهن تمام نثري مواد کي درست ڪيو ۽ عاشق علي ڳاهو شاعري کي درست ڪيو. جنهن لاءِ آئون خاڪ سار سندن تاحيات احسانمند رهي کين هميشه دعائن ۾ ياد ڪندو رهندس.

قابل احترام غلام حسين رنگريز صاحب ڪافي اهم ذميوارين مان وقت ڪڍي منهنجي ڪتاب تي تجويزون ۽ مختصر رايو (مهاڳ) لکيو آهي جيڪا سائين جي مهر نظر مون لاءِ وڏو اعزاز آهي. پاڻ شاعري لاءِ مونکي غزل بحر وزن تي لکڻ جو ڏانءُ ڏسيو هوائين جنهن کان پوءِ آئون ڪجهه صنفن تي ڪتاب روپ سندرتا تخليق ڪري سگهيو آهيان. سائين جا وڏا وڙ ٰ. منهنجو ننڍڙو ڀاءُ امير ”جان“ مڱڻهار جيڪو منهنجو ادبي دوست ۽ سٺو ساٿي رهيو آهي، جنهن منهنجي سموري ادبي پورهئي کي سهيڙيو آهي، جيڪو اڄ ڪتاب ”روپ سندرتا“ جي شڪل ۾ موجود آهي، امير ”جان“ السنگم ادبي سٿ ٽنڊو محمد خان قائم ڪرڻ ۾ منهنجو ساٿ ڏنو ۽ ڪجهه ادبي پروگرام پڻ ڪرايا ۽ ذات تي تحقيقي رايو لکي پنهنجو قومي فرض پورو ڪيو آهي، محترم عاشق علي ڳاهوجنهن منهنجي شاعري تي چند لفظ لکي منهنجي حوصلا افزائي ڪندي شاعريءَ ۾ ڪجهه اوڻاين جو احساس ڏياريو، جيڪا سندن سچائيءَ ۽ سٺائي آهي، آئون عاشق علي ڳاهو جو ٿورائتو آهيان.
محترم اعظم ڀٽي منهنجي ننڍڙي ۽ ٿورڙي ڪتاب ”روپ سُندرتا“ تي تفصيلي ۽ تحقيقي رايو (روشنيءَ جي سفر ڏانهن پهرين وک) ڄڻ مهاڳ لکي منهنجي تخليقي ڪاوشن کي ساراهيندي تمام گهڻو شانائتو بڻايو آهي، اعظم بنا ڪنهن ساڙ، حسد ۽ فرق جي مون جھڙي ذات، شڪل ۽ تخليق جي غريب کي اهميت ڏيندي جيڪو مان بخشو آهي سا اعظم ڀٽيءَ جي سچائي، انسان پرستي ۽ مخلصي آهي، اعظم پاڻ اهِل ادب هئڻ، قومي جذبورکندڙ، ۽ پنهنجي عمل ۾سچو رهڻ جيڪو سندن شخصيت مان ثابت آهي، آئون سائين اعظم جو نهايت احسان مند آهيان ۽ لالڻ سٺيو، آڪاش ٽکڙائي ، عاجر لغاري ۽ اسلم ڀٽي جو پڻ ٿورائتو آهيان جن منهنجي ڪاوش تي پنهنجا پل پريتڙا نڇاورڪيا آهن آئون تمام دوستن، احبابن ۽ پرهندڙن جو مشڪور آهيان

[b]سومار ”سنگم“ مڱڻهار
[/b]باني السنگم ادبي سٿ
ٽنڊو محمد خان