”سنگم“، سونهن ۽ سُرت جو شاعر
“سنگم” پنهنجي فيصلي تي اٽل رهڻ ۽ هار نه مڃڻ، منهن تي سچ چوڻ ۽ ڪنهن جي خوش آمد نه ڪرڻ وارو اڇو اُجرو شخص آهي، سندس شاعريءَ جو مجموعو ”روپ سنڌرتا“ منهنجي اکين جي سامهون هٿن ۾ آهي جنهن ۾ ”سنگم“ الله ۽ رسول کي راضي ۽ محبت ڪرڻ جي ڳالهه ڪندي چيو آهي ته،
مرسل مديني جو مٺا ديدار درشن ٿو گهران
حاضري در حضور جي حاجت هجتن ٿو گهران
ٻئي هنڌ وري اسان جي سماج ۾ وڏيرن ۽ سردارن جي بنگلن جي بند ڪمرن ۾ ٿيندڙ ڪاروڪاري تي جرڳا سسٽم سنڌ جي لڄائتي نياڻين جي عزتن کي ڪاروبار ڪري هلائيندڙن خلاف ”سنگم“ پنهنجي شاعريءَ ۾ بغاوت ۽ ساڻن سخت نفرت ڪرڻ جو ثبوت ڏنو آهي نياڻين کي تعليم جهڙي زيور کان پري رکڻ پنهنجي جائيداد کي حصن کان بچائڻ جي لالچ ۾ نياڻين جا حق بخشرائڻ، قرآن سان لائون ڏيارڻ جهڙي ڪڌين رسمن خلاف بهترين جذبن کي وڏي دليري سان ڪاغذ جي ڪينواس تي اتاريندي چيو آهي ته
ڏنڊن چٽيون، ڏيندڙ نياڻيون جرڳا ڇو.
هنجن کسجن جي گهر، ڌڃاڻيون جرڳا ڇو،
ڪرڻ مصلي پرڻو ڏين ڪتاب سان لائن
رَتڙا روئن ٿيون سنڌ ۾ راڻيون جرڳا ڇو.
”سنگم“ پنهنجي قوم لاءِ ايڪو ٻڌي محبت ۽ پيار ننڍين وڏين ڳالهين کي ختم ڪري پاڻ ۾ هڪ ٿي رهڻ جو سبق پڻ ڏنو آهي.
وسارڻ سڀ کپن ويڇا عزازت جي ضروت آ،
اسان جي قوم کي ايثار و الفت جي ضرورت آ.
سندس شاعريءَ ۾ سچ به آهي ته سونهن به ۽ انقلاب جا حقيقي رنگ رمزون ”بحر وزن“ ۽ پختگي آهي، ”سنگم“ سنڌ جي پڙهيل ۽ اڻپڙهيل طبقي ۾ هڪ جيتري مقبوليت رکي ٿو، هن شاعري کي زندگي جي مشاهدن متاثر ٿيندڙ حساس جذبن، حادثن کي محسوس ڪندي اظهار جو ذريعو بڻايو آهي، سنڌ مٽيءَ جي ماڻهن سندن سياسي، سماجي حق تلفين، ٻوليءَ سان ٿيندڙ ويڌن استحصالي قوتن جي ڏاڍ خلاف پڻ ذهني سوچ کي قلم وسيلي شاعري جي انداز ۾ گڏ ڪري پنهنجي شاعري مجموعي ”روپ سندرتا“ ۾ لفظن کي تشبيح ڏيئي پيش ڪيو آهي، پنهنجي شاعريءَ ۾ وک وک تي سچ جون صدائون ۽ لفظن کي ڪيتريون ئي معنائون ڏنيون آهن، وٽس لفظ قطار ڪيو ۽ حڪم جا غلام ٿيو بيٺا هوندا آهن، ”سنگم“ سونهن ۽ سُرت جو شاعر آهي، سندس شاعريءَ ۾ گلابن جي خوشبوءَ ڌرتي سان پيار ۽ زندگي جو حسين عڪس شامل آهي.
[b]لالڻ سٺيو
[/b]مرڪزي سينيئر نائب صدر
هاري حقدار تحريڪ، سنڌ
8 ڊسمبر 2015ع