السنگم ادبي سٿ ٽنڊو محمد خان
تنظيم جو وجود ۾ اچڻ جو سن جمادي الثاني (9) اربع جو ڏينهن 1427 هه جولاءِ 2006 ع
تنظيم جي قائم ٿيڻ جو هنڌ: ضلعوٽنڊو محمد خان
تنظيم جي مرڪزي آفيس: پيپلز ڪالوني ٽنڊو محمد خان
تنظيم جو متن: هيءَ تنظيم غير سياسي ۽ غير فرقيوارنه ۽ خالص ادبي تنظيم هوندي.
هي تنظيم سماجي ڀلائي جي تنظيمن سان الحاق ڪري سگهندي، جيڪي سماجي ڀلائي تنظيمن جي رجسٽريشن ۽ ڪنٽرول آرڊينس 1961ع تحت رجسٽرڊ ٿيل هجن.
تنظيم جو مقصد: ماڻهن ۾ تعليمي ۽ ادبي شعور پيدا ڪرڻ هر ماڻهو کي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ ثقافت ڪلچر ۽ ٻوليءَ تي ليڪچر ڏيڻ ۽ ورڪشاپ ڪرائڻ هوندو تنظيم کي وسيع ڪرڻ لاءِ ڳوٺ شهر هر هڪ تعلقي ضلعي ۽ سڄي سنڌ ۾ ادبي سٿ جون شاخون کولڻ هوندو.
فقره نمبر 6:ميمبر شپ جي اهليت بابت ڄاڻ.
”الف“ تنظيم جو ميمبر ٿيڻ جي اهليت.
ادبي ذوق رکندڙ ڪوبه شخص هيٺ ڄاڻايل بنيادن تي السنگم ادبي سٿ جو ميمبر ٿي سگهندو، جيڪو 18 سالن جو/جي يا ان کان وڌيڪ عمر جو/جي ادبي سٿ جو هجي تنظيم جو/جي ”علائقي اندر رهندڙ هجي.
باادب باڪردار ۽ سالم دماغ هجي.
جيڪو تنظيم جي آئين جي پابندي ڪري ۽ مول متا مقصدن ۽ بايولاجي حمايت ڪندو هجي.
جيڪو ماهوار مقرر ڪيل في ڏيڻ قبول ڪري سو ميمبر ٿي سگهندو.