مرتبو ماڻيائين
سنڌ ڌرتي جي سڳنڌ مٽي تي صدين کان رهندڙ مڱڻهار ذات جنهن جي سڃاڻپ هن ريت آهي ته سردار همير سنگهه جنهن جا ست پٽ هئا جن ۾ هڪ جو نالو مڱڻ هو جيڪو ٻين سڀني ڀائرن کان ننڍو هو، مڱڻ پنهنجي والد کان سندس جاگير مان پنهنجو حصو گهريو جنهن تي سندس ٻيا ڀائر مٿس ڪاوڙجي پيا هئا پر سردار همير سنگهه، مڱڻ جي هن جرئت، بهادري ۽ سچائي کي ڏسي کيس جاگير مان سندس حصو ڏيڻ سان گڏوگڏ پنهنجو حصو پڻ عطئي طور ڏيئي مڱڻ کي سردار مقرر ڪري کيس مڱڻهار جو مرتبو ڏنو جنهن کانپوءِ پاڻ اسلام قبول ڪري مسلمان ٿيا جنهن ڪري سندن سڃاڻپ امر بڻي ان مان ثابت ٿيو ته مڱڻهار جي معنيٰ پنندڙ نه پر پنهنجو حق گهرندڙ آهي جيڪو حق کيس حاصل ٿيو. مڱڻهار سنڌ جي وفادار، پورهيت، نهايت ئي ايماندار ۽ سماٽ ذات آهي. مڱڻهارن جا سڄي سنڌ ۾ پنهنجا ڳوٺ، وسنديون ۽ شهر ۾ ڪالونيون موجود آهن ۽ پاڻ زميندار ۽ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ گهڻا ئي خوشحال آهن. مڱڻهارن جو تعلق ساز ۽ آواز سان هجڻ ڪري پاڻ سنڌ ۾ ڪيترائي وڏا راڳي جن ۾ محمد يوسف، منظور سخيراڻي مائي ڀاڳي ۽ علڻ فقير ٿي گذريا آهن. مڱڻهار خوشيون وکيريندڙ پنهنجا ڪيترائي ڏک درد سيني ۽ اکين ۾ لڙڪ لڪائي ٻين جي روحن کي راحتون ۽ انيڪ دلين کي خوشيون بخشيدا رهيا آهن مڱڻهارن جا سنڌ ۾ مختلف پاڙا ۽ سڃاڻپون آهن جن ۾ ختنگ پاڙي جي بزرگاڻي سڃاڻپ آهي هيءَ نهايت ئي اصول پرست، سادا سٻاجهڙا، جلالي طبيعت ۽ صوفياڻي شخصيت رکندڙ فقرا ماڻهو آهن . جن ۾ اسان جو بزرگ ڀاءُ سومار ”سنگم“ پُڻ آهي پاڻ ڪتاب روپ سُندرتا تخليق ڪري سنڌي شاعرن جي قطار ۾ بيهڻ جي وس آهر ڪوشش ڪئي آهي جيڪو سچ سنڌي ٻولي ءَ جي تاريخي ڪُنڊ ۾ ضرور لکيو ويندو. مڱڻهار سنڌ ۾ ڪيترائي عالم ولي، روحاني شاعر، بزرگ ۽ درويش جن ۾ عاشقِ رسول * ۽ روحاني شاعر حضرت عبدالرحيم گرهوڙي ۽ الله جو ولي حضرت ختنگ فقير ٿي گذريا آهن. ختنگ فقير جيڪو هڪ دفعو شهر ميرپور ساڪرو (هاڻ تعلقو ميرپور ساڪرو ضلعو ٺٽو )لڳ ڄام سلطان جي دربار ۾ آيو ۽ پاڻ ماني کائڻ لاءِ سوال ڪيائين ته ڄام سلطان ختنگ فقير کي چيو ته سدائين گهرو ٿا پر اڄ آئون ٿو گهران ته مون کي پٽ ڏيو ۽ پوءِ مون کان جيڪو وڻي سو گهرجو. ختنگ فقير الله تعاليٰ جي بارگاهه الاهي ۾ هٿ کنيا ۽ دعا گهري ۽ پوءِ ختنگ فقير ڪجهه کائڻ ۽ پيئڻ جي بغير روانو ٿيڻ لڳو ته ڄام سلطان چئيس ته مون کي پٽ ٿيو ته آئون توکي سون جي ناڪيلي سان ڀلو اٺ ڏيندس ختنگ فقير چيو ڄام تو کي پٽ الله تعاليٰ نشاني سان ڏيندو. ختنگ فقير جي دعا قبول ٿي ۽ ڄام سلطان کي الله تعاليٰ پٽ عطا فرمايو جنهن جي جسم تي (گُل جي شڪل ۾) نشاني ظاهر هئي ختنگ فقير سال کان پوءِ آيو ته ڄام سلطان ڪجهه ڏينهن لاءِ مسافري ۽ شڪار تي ويل هو ۽ ڄام دربانن کي چئي ويو هو ته هيٺين پارن سان ختنگ فقير ايندو ان کي سون جي ناڪيلي وارو اٺ ڏئي موڪلجو. جڏهن ختنگ فقير ڄام سلطان جي دربار ۾ آيو ته ٻيا فقير ڄام جي پٽ جو ٻڌي سوالي بڻجي آيل هئا جن ماني ويٺي کاڌي جنهن تي دربانن چيو ته هن فقير کي به ماني کارايو جنهن تي ختنگ فقير ماني کائڻ کان اڳ ويٺل فقيرن کي هڪ ڏور ڏنو جيڪو هن ريت هو.
گهڻا ڌڙا ڌرتي، گهڻا پاڻيءَ پاءُ.
ڪٿي سرجي سيءُ ٿو، ڪٿي رهي ٿو واءُ.
ماني پوءِ کاءُ پهرين، جواب ڏيو فقير کي.
جنهن تي ڪنهن به جواب نه ڏنو ۽ پاڻ ماني کائڻ لاءِ ويٺو ته ڄام سلطان جي دربارين کيس نانگلي جي ماني ۽ گجرن جو ٻوڙ ڏنو جنهن تي ختنگ فقير ماني کائڻ کان انڪار ڪيو جنهن تي نوڪر کيس چيو ته هن وقت تولاءِ ڪڪڙ جو پلاءُ ڪٿان آڻبو. جنهن تي ختنگ فقير جلاليت ۾ اچي چيو ته اوهان ڄام سلطان کي منهنجو هي نياپو ڏئي ڇڏجو پاڻ ڏور چئي روانو ٿيو.
سڙهه ماني نانگلي، سڙهه گجرن جا گزران.
سڙهه سارا ساڪرا، سڙهه سارڙا سلطان.
ڄيرو لڳئي ڄام، وڃي سڙنئين ڪپ ڪلري جا.
ختنگ فقير ڏور ڏئي هليو ويو پويان ڪلري جي پوري وسندي ۽ ڄام سلطان جي دربار کي چؤطرف کان باهه جو ڪڙو چڙهي ويو هو ان وقت ڄام سلطان واپس پهتو ته نوڪرن سڄي ڳالهه چئي ٻڌايائونس ڄام سلطان کي خبر هئي ته ختنگ پيڙهي در پيڙهيءَ جا شاعر آهن جيڪي پاراتن جا ڏور نه ڏيندا آهن پر ڪنهن جي ايذائڻ ۽ ناانصافي ڪرڻ تي جلاليت ۾ اچي ڪو اهڙو ڏور ڏئي واپس ڪندا ته پاڻ ساهه جو صدقو ڏئي دنيا مان رخصت ٿيندا آهن. جنهن تي ڄام سلطان چيو ته توهان قرآن شريف ۽ هڪ ديڳ چانور ۽ هڪ ڇيلو ڪاهي اُٺن تي ختنگ فقير جي پويان وڃو ۽ جتي ملي اتي قرآن پاڪ جو واسطو ڏئي ڏور واپس ڪرائجو ته باهه وسامي ويندي پر ختنگ فقير دم ڌڻي حوالي ڪري ته اوهان اتي ئي ڪفن دفن ڪري واپس اچجو درباري نوڪر چاڪر اٺن تي نڪري پيا جيڪي ختنگ کي ٻُهارن جي ويجهو پهتا ۽ ختنگ فقير کي قرآن پاڪ جو واسطو ڏئي ڏنل ڏور واپس ڪرائڻ جو چيو جنهن تي ختنگ فقير پاڪ ڪلام کي چمي الله جي رضا تي راضي ٿي ڏور واپس ورتائين ته:
وس ماني نانگلي، وس گجرن جا گزران
وس سارا ساڪرا، وس سارڙا سلطان
ڄيرو لهنئي ڄام، وڃي وسن ڪپ ڪلري جا
ختنگ فقير ڏور واپس ڏئي دنگ ڪيو ته ڄام سلطان جي ڪلري کي لڳل باهه مٿان هلڪي برسات پوڻ شروع ٿي جنهن سان باهه وسامي وئي جيئن ئي ختنگ فقير قرآن پاڪ واپس ڪري ڪرڙ جي ننڍڙي وڻ سامهون پيشاب ڪرڻ لاءِ ويو ته اتي ڪرڙ ۾ ويٺل تخت نانگ کيس پير ۾ چڪ هڻي ڏنگي وڌو هو ۽ پاڻ ڪلمون پڙهي الله کي پيارو ٿي ويو جنهن تي نوڪرن ڄام سلطان جي هدايت تي کوهه کڻي ختنگ فقير کي غسل ۽ ڪفن ڏئي اُتي ٻُهارن جي ويجهو دفن ڪري واپس موٽيا ۽ ڪجهه عرصي کان پوءِ ڄام سلطان ختنگ فقير جي آرامگاهه کي پڪو ڪرايو . جيڪا اڄ ”يوسي“ ٻُهارن ۾ ختنگ فقير جي آرامگاهه موجود آهي.
[b]امير “جان” سفير
[/b]مرڪزي سيڪريٽري
السنگم ادبي سٿ
ٽنڊو محمد خان
6 نومبر 2015ع