شاعري

روپ سُندرتا

سومار ”سنگم“ جي شاعريءَ جو هي پهريون مجموعو ”روپ سُندرتا“، مجموعي طور سندس بهترين ڪوششن جو نتيجو آهي، هڪ اهڙو ثمر آهي، جنهن ۾ سومار ”سنگم“ جو پورهيو سمايل آهي، هڪ اهڙو سفر آهي، جنهن ۾ سومار ”سنگم“ جي زندگيءَ جون ڪيتريون ئي ڀوڳنائون، هن جي اندر جي لوڇ پوڇ ۽ حساس جذبن جو اظهار ٿيل آهي،
Title Cover of book روپ سُندرتا

روشني جي سفر ڏانهن پهرين وک

شاعريءَ پيار جو اهو پورهيو آهي، جنهن جي اگهامجڻ لاءِ هر شاعر محبت جي من ۾ جهاتي پائي رنڊا روڙيندو آهي ۽ هر شاعر جي اها خواهش هوندي آهي ته هن جي پيار جو پورهيو اگهامجي پئي! منهنجو ذاتي خيال آهي ته ڪنهن به شاعر جي شاعريءَ جي جيڪڏهن هڪ سٽ مان به سماج کي ڪو لاڀائتو پيغام ملي ٿو ته اها ان شاعر جي ڪاميابي ليکجڻ گهرجي. باقي احساساتي طور هر شاعر توڙي تخليقار جي اها آس هوندي آهي ته دنيا امن ۽ آشتي جو گهوارو بڻجي، مظلوم ماڻهن کي انصاف پلئه پئي، حق ۽ سچ جي فتح ٿئي سو شاعر جي هن ڪتاب ”روپ سُندرتا“ جو ليکڪ سومار ”سنگم“ سنڌ ڌرتيءَ جي لاڙ واري زرخيز خطي سان تعلق رکي ٿو، جنهن خطي ۾ سنڌي شاعريءَ ٻوليءَ ۽ ادب جي آبياري لاءِ سوين سالن جو اهڙو سفر ڪيوآهي، جنهن سفر نه رڳو سنڌي ٻوليءِ، ادب ۽ شاعريءَ کي نوان لاڙا ۽ گس ڏنا آهن پر هن کي هڪ اهڙي مهانتا ارپي آهي، جيڪا تاقيامت قائم ۽ دائم رهڻي آهي، سنڌي ٻوليءَ خوش قسمت ٻوليءَ آهي. جنهن سوا لک کان وڌيڪ شاعرن کي جنم ڏنو آهي، انهن سمورن شاعرن جي من اندر ۾ وطن سان محبت ۽ عشق جو فطري جذبو سمايل آهي، وطن تان قربان ٿيڻ جي سڀاويڪ احساس سان گڏ انهن شاعرن وطن سان محبت جو درس ڏيڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي آهي. ڌرتيءِ جي سڳنڌ، مٽيءَ جي خوشبوءَ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي سونهن کان متاثر ٿي سومار ”سنگم“ شاعريءَ جي ڪنوار سان نيڻ اٽڪائي 24سالن جو سفر طئه ڪيو آهي. ان سفر ۾ هن جيڪي به سختيون تڪليفون تعجب پرستيون ۽ مشڪل مرحلا پار ڪيا آهن، اهي هن ڪتاب جي زينت بڻيل آهن، هو جتي سنڌ وطن ۽ ٻوليءَ جي حفاظت جي ضرورت تي زور ڏئي ٿو، اتي جبل، ٻيلا، ڀٽون ۽ واري بچائڻ جي به گهر ڪري ٿو.
جبل ٻيلا ڀٽون واري بچاءُ تن جو ڪرڻ گهرجي،
بچائڻ سنڌ وطن ٻوليءَ حفاظت جي ضرورت آ.

هو قوم جي بهادريءَ واري عمل کان ڪنهن به صورت ۾ غافل ناهي، هو سمجھي ٿو ته ڪيڏيون به اُرهه زورايون هجن پر اسان جي پوري قوم کي هيسائي، ڌمڪائي زير بار نٿو ڪري سگهجي، چاهي انهن تي هٿيار ٿاڻي انهن کي جيلن ۽ ٿاڻن ۾ واڙيو ڇو نه وڃي.
هراسان قوم ساريءَ کي، حرامي ٿا ڪريو ڇا لاءِ،
ڪليشن جيل ٿاڻن کان، ڊڄڻ وارا سنڌي ناهن.

وطن جي مارو ماڻهن جي نوڙت، نماڻائي، عاجزي کي شاعر انهن جي ڪمزوري نه پر انهن جي حڪمت ۽ ڏاهپ ڪوٺي ٿو، مارو ماڻهو جنهن سان به نوڙت جو ناتو رکن ٿا، اهو خوب نڀائي به ڄاڻن ٿا، اهي ناتا اڄڪلهه جا نه پر صدين جا پراڻا ناتا آهن، جن کي شاعر هن ريت بيان ڪري ٿو.
اسين مارو مٺڙا، نماڻا ٿا سڏجون،
وطن سنڌ جا سمجھو سياڻا ٿا سڏجون.
رکون ناتا جن سان نڀايون ٿا تن سان،
سندا پنهنجن ساڻ ”سنگم“ پراڻا ٿا سڏجون.

خوشين کي پنهنجي ڌرتيءَ سان سلهاڙڻ، ثقافت کي اُجاگر ڪرڻ، تحفن جي مٽا سٽا جي روايت کي زنده رکڻ ۽ مُرڪون وکيرڻ واري ريت کي هن ڪيڏي نه خوبصورت انداز ۾ بيان ڪيو آهي، جنهن مان شاعر جي زنده دليءَ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هو ٽهڪ ڏئي کلڻ جون ڪيڏيون نه حسرتون سانڍيو ويٺو آهي.
سنڌوءَ جي ڪناري ملڻ يار اچجان،
ملڻ عيد سهڻا سڄڻ يار اچجان.
اجرڪي رنگن تي وڳو نئون پهري،
وٺڻ گل ۽ تحفا ڏيڻ يار اچجان.
اڃان سُرن مُرڪون وکيريان پيو هت،
ڏئي ٽهڪ مون سان کلڻ يار اچجان.

هو زندگي جي سفر ۾ توڪل جي ٻيڙي کي تاري
طوفانن سان ٽڪر کائي، ڪنارن تي واپس ورڻ جو حوصلو نٿو وڃائي، پٿرن کي تراشي، ڪاشي تي رنگ ڀري، ڌرتيءَ جي وارثي ڪري آزاديءَ جو سج اُڀارڻ لاءِ پُر اميد آهي، جنهن خاطر هو رت سان غزل ۽ گيت لکي، اُميدن جا ڏيئا ٻاري پيو.
لکجن رت سان ”سنگم“ غزل گيت سنڌ لئه،
اميدن جو ڏيئڙو ٻري پيو اڃان.

ڪنهن به شاعر جي اها بنيادي ذميواري آهي ته هو پنهنجي ڏات کي ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ جي ماڻهن لاءِ وقف ڪري ۽ ڪنهن به شاعر کي وطن دوست يا محب وطن قرار ڏيڻ لاءِ مٿئين پهلوئن کي نظر ۾ ضرور رکڻ گهرجي ته ڪير ڪيتري حد تائين پنهنجي ڌرتيءَ، ڌرتيءَ جي ماڻهن ۽ ڌرتيءَ جي سٻاجھڙي ٻوليءَ سان وفادار ۽ سچو آهي، اسان جي دوست سومار ”سنگم“ جي شاعريءَ جو اڪثر حصو حب الوطني جي مدار ۾ گهمي ٿو، اهڙن جذبن جو اظهار هن مختلف جڳهين تي مختلف حوالن سان ڪيو آهي.

سومار ”سنگم“ سنڌ جي وڏيرا شاهي واري نظام ۾ جرڳن جي ڪُڌين رسمن کي انهن ئي سواليه نظرن سان ڏسي ٿو، جنهن نظر سان اهل علم، روشن خيال ۽ ترقي پسند ماڻهو کي ڏسڻ گهرجي، ڏنڊ چٽي ۾ نياڻيون جرڳن وسيلي ڏيڻ کان وٺي نياڻين جو پاڪ ڪتاب سان لانئون لهڻ تائين، ڀُڳڙن مُٺ نياڻيون وڪرو ڪرڻ کان وٺي، پيرين اڳهاڙي ٽانڊن تي هلائڻ واي ڪُڌي رسم تائين، هر ڪُڌي قدم تي سندس قلم سواليه تلوار جي شڪل ۾ اُڀو آهي، سندس قلم سنڌ جا ميلا به گهمائي ٿو، مدارين جا کيڏ به ڏيکاري ٿو، درگاهن جا تبرڪ طور پاڻي پياريندي به نظارا پسائي ٿو ته راڳين جا سُر وکيريندڙ سوز به ارپي ٿو، هو پنهنجي ڌرتيءَ تي دهشتگردن ۽ قاتلن جي قهري ڪاررواين کان پڻ چڱي طرح واقف آهي، ويڪائو وڏيرن جي ڪردار کي به ننديندو رهي ٿو. مثال طور:
دهـشـتــگرد قاتـل قـهاري نه گهرجن
مقتل گهـر ۽ مُنـڪر مڪاري نه گهرجن.

ٻئي هنڌ چوي ٿو ته :
وڪــيا سنڌ وسيلا وڪي ڌرتي ٻولي،
وڏيرا پير واپاري نه گهرجن.

سومار ”سنگم“ گهٽڪي، مين پڙي، پان، سگريٽ جھڙين سماجي بُراين کي مٺو زهر قرار ڏيندي، پنهنجي صحت کي سنڀارڻ جي صلاح ڏئي ٿو، هو قوم کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته اوهان جي زندگي قيمتي آهي، ان کي دنيا جي دوکي ۾ ضايع نه ڪريو.
سومار ”سنگم“ جي شاعريءَ جو انداز بلڪل عوامي انداز آهي، جنهن ان کي تمام آسان لهجي ۾ سمجهه ۾ اچڻ جھڙو بڻائي پيش ڪيو آهي، جيڪا شاعراڻي خصوصيت آهي، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ جو هي شاعر هر وقت عوامي ميل جول جو قائل آهي، سندس شاعريءَ ۾ ڪٿي ڪٿي نج ٻهراڙي جا لفظ ڪتب آندل ٿا ڏسجن ته ڪٿي وري ٺيٺ سنڌي هاريءَ جي ٻوليءَ استعمال ڪيل ٿي ڏسجي، جيڪا سندس فني خوبي چئي سگهجي ٿي، هن ڪتاب ۾ سومار “سنگم” غزل، گيت، وائي، نظم، نثري نظم، چئوسٽن ۽ بيتن سان تمام سٺو نڀاءَ ڪيو آهي، سندس نثري نظم ”دل جي ڪربلا“ هن ڪتاب جو شاهڪار نثري نظم قرار ڏئي سگهجي ٿو.
سومار ”سنگم“ جي شاعريءَ جو هي پهريون مجموعو ”روپ سُندرتا“، مجموعي طور سندس بهترين ڪوششن جو نتيجو آهي، هڪ اهڙو ثمر آهي، جنهن ۾ سومار ”سنگم“ جو پورهيو سمايل آهي، هڪ اهڙو سفر آهي، جنهن ۾ سومار ”سنگم“ جي زندگيءَ جون ڪيتريون ئي ڀوڳنائون، هن جي اندر جي لوڇ پوڇ ۽ حساس جذبن جو اظهار ٿيل آهي، اهو پڙهندڙن تي ڇڏيل آهي ته ان مان ڪهڙو پيغام حاصل ڪن ٿا، ۽ ان کي ڪيترو پسند ڪن ٿا؟ بحرحال آئون سومار ”سنگم“ جي ماٺيڻي مزاج، حساس طبعيت ۽ سادگيءَ کي ڏسندي سندس تخليق کي به حساسيت ۽ سادگيءَ جي رُوپ ۾ سندرتا محسوس ڪندي اهو سمجھان ٿو ته هي مجموعو سندس درد جي دانهن آهي، هي مجموعو روشنيءَ جي سفر ڏانهن پهرين وک آهي…..!!


[b]اعظم ڀٽي
[/b]ضلع رابطه سيڪريٽري
ٽنڊو محمد خان
19 نومبر 2015ع