مهاڳ : مون لاءِ ”انڊلٺ ــ ريکا“ جهڙو ڪِتابُ....
پڙهندڙ/ٻڌندڙ انٽرويوز ۾ دلچسپي ان ڪري به وٺندو آهي، جو هُو انهن مان هِڪَ طرف انٽرويو ڏيندڙ جي يادگيرين، ڪاميابين، ناڪامين، زندگي ۾ پلئه پوندڙ روشنين، اونداهين مان مَزو وٺڻ چاهيندو آهي ته ٻي طرف هُو انهن سڀني رنگن کي يڪجاءِ ڪري، پنهنجي ايندڙ زندگيءَ لاءِ ڪي سهڻا سبَقَ به سکڻ چاهيندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو سموري دنيا ۾ انٽرويوز جا ڪتابَ، آتم ڪٿائي ادب ۽ سفرنامن جيان Best Selling ڪتاب ثابت ٿي رهيا آهن.
پاڻَ وٽ جڳ مشهور صحافڻ اوريانا فلاسيءَ جي ورتل انٽرويوز تي مشتمل ڪتاب “Interview with History” جو گهڻو ذڪر ٿيندو آهي. سٺ ۽ ستر وارن ڏهاڪن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو، اندرا گانڌي، ياسر عرفات، شاهه ايران محمد رضا پهلوي، معمر قذافي، هينري ڪيسينجر ۽ ٻين عالمي اڳواڻن کان ورتل انٽرويوز تي مشتمل انهيءَ ”ٽينَ کڙڪائي ڇڏيندڙ“ ڪتاب جا پڙاڏا اَڄُ ايڪويهين صديءَ جي ٻئين ڏهاڪي ۾ به اڪثر دُنيا ۾ ڪنائجن ٿا ـــ (عُمر ميمڻ صاحب انهن انٽرويوز مان ڀُٽي صاحب جو انٽرويو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري، ڪنهن دؤر ۾، هڪ ڪتابڙي جي صورت ۾ ڇپرايو هو).
ڪنهن زماني ۾ عبدالقادر جوڻيجي صاحب ”وڏا اديب، وڏيون ڳالهيون“ جي عُنوان سان انٽرويوز جو هڪ شاندار ڪتاب ترجمو ڪري ترتيبَ ڏنو هو، جنهن ۾ عالمي شهرت رکندڙ اديبن جا انٽرويوز شامل هئا. اهو دؤر، جڏهن هڪ طرف انٽرنيٽ جي سهولت نه هئي ۽ ٻي طرف اسان جا اديبَ انگريزي ادب خريد ڪرڻ/پڙهڻ افورڊ ئي نه پئي ڪري سگهيا، اهڙي دؤر ۾ جوڻيجي صاحب جو اهو ڪتاب اسان ”سنڌي اديبن“ لاءِ عالمي اديبن ڏانهن کلندڙ هڪ ننڍڙي دري بڻجي پيو هو ـــ رب سائين جوڻيجي صاحب کي صحت ۽ وڏي ڄمار ڏي، انهيءَ ڪتابَ کانپوءِ ۽ هن وقت به هو ڪافي سارو قيمتي پرڏيهي ادب (۽ خاص ڪري انٽرويوز) اسان کي ترجمو ڪري ڏيندو رهي ٿو.
جتي انٽرويو وٺڻ هڪ آرٽ آهي ۽ سُٺو انٽرويو وٺڻ هر ڪنهن جي وسَ جي ڳالهه ناهي هوندي.... اُتي انٽرويو ڏيڻ به هڪ آرٽ آهي. پنهنجي پنهنجي فيلڊ جا غير معمولي آرٽسٽ، ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي تخليقن تي ڳالهائي ناهن سگهندا، انهن کي define ناهن ڪري سگهندا.
ريڊيو خيرپور تي گذريل پندرنهن سالن ۾ مون ڪيترن ئي نامور توڙي نؤخيز اديبن جا انٽرويو ڪيا هوندا.... ڪڏهن ڪڏهن ڪو مهمان اهڙو اچي ويندو آهي، جيڪو ايترو ته وضاحت سان ڳالهائيندڙ هوندو آهي جو، هِڪَ سوالَ جي جوابَ ۾ ئي پُوري پروگرامَ جو وقتُ خرچ ڪري ڇڏيندو آهي، ته ڪڏهن وري ڪو اهڙو مهمان به سامهون هوندو آهي، جنهن جو جواب بنهه مختصر.... هِڪُ لفظ.... يا وري هِڪَ سِٽَ.... اهڙي صورتحال ۾ وري پاڻ پريشان ٿي ويندا آهيون ته ايترا سوال ڪٿان آڻجن، جيئن ٽائيم Cover ٿي وڃي.
احمد فراز ۽ افتخار عارف هڪ دفعي فيض احمد فيض کان انٽرويو وٺي رهيا هئا، هنن کانئس پهريون سوال اهو ڪيو ته: ”اهي ڪهڙيون ڳالهيون هونديون، جيڪي اوهان چاهيندؤ ته، اسان هِنَ انٽرويو ۾ اوهان کان نه پڇئون؟“. فيض کين وراڻيو: ”منهنجي اعمال نامي ۾ ڪجهه ”پرده نشينن“ جا نالا به اچن ٿا.... اهي مان نه ٻُڌائيندس.... باقي منهنجي زندگي کليل ڪتاب وانگر آهي“.
سو ائين به ٿيندو آهي ته ضروري ناهي ته هر انٽرويو هڪ مڪمل انٽرويو هجي (۽ اها ڳالهه هِنَ ڪِتابَ ۾ موجود انٽرويوز سان به لاڳو آهي) هر انٽرويو جو پنهنجو مزاج، پنهنجي مهل، پنهنجو موقعو هوندو آهي.... هونئن اسان سماجي نفسيات جي حوالي سان اُنَ پَدَ کان الائي ڪيترو پري به بيٺا آهيون، جنهن پَدَ تي پهچڻ کانپوءِ ئي ماڻهو (تخليقڪار) پنهنجي زندگيءَ کي ڪنهن کليل ڪتابَ جيان واقعي کولي به سگهي. ڳالهه قبوليت (acceptance)جي به ته آهي نه.....
لکڻ وارن کان اڪثر ڪري اهو به سوال ڪيو ويندو آهي ته: ”اوهان لکو ڇو ٿا؟“..... يا وري: ”لکڻ وقت اوهان جي ڪيفيت ڪهڙي هوندي آهي؟“.... اهڙا يا ان سان ملندڙ جلندڙ سوال مون به هن ڪتابَ ۾ موجود انٽرويوز ۾ مختلف ليکڪن کان ڪيا آهن ۽ انهن جا مختلف (يا ملندڙ جُلندڙ) جواب به سامهون آيا آهن. هتي مون کي بانو قدسيه جو، هڪ انٽرويوءَ ۾، اهڙي ئي قسمَ جي پڇيل سوالَ جي موٽَ ۾ ڏنل جواب ياد ٿو اچي. هن چيو هو: ”لکڻ وقت مان پاڻ ناهيان لکندي.... ڪوئي ٻيو لکرائيندو آهي“..... بلڪل ائين اڪثر ليکڪن کان ”عشقَ“ جي باري ۾ پڇيو ويندو آهي. اهڙو ئي سوال جڏهن احمد فراز کان هڪ انٽرويو ۾ ڪيو ويو ته هُنَ سگريٽ جو ڪَشُ هڻي، مُرڪندي وراڻيو هو: ”عشق هڪ خوبصورت، پَرَ ڊيڄاريندڙ خوابُ آهي، جنهن کي هَر ڪنهن کي ڏسڻ گهرجي“.
مون کان ملڪهِ نرنم نور جهان جو هڪ انٽرويو دوران ڏنل اهو جواب به ناهي وسرندو ته: ”مون ڪيلَ گناهن ۽ ڳايل گيتن جو ڪڏهن شُمار ڪيو ئي ناهي.“
پنهنجي اسڪولي عُمر دوران ئي مون کي رات جو BBC جي اردو نشريات ٻڌڻ جو شوق رهيو (هاڻي ته ريڊيو جو حصو هوندي به ريڊيو ٻُڌڻ گهٽ ٿو ٿئي).... مون کي اڃان تائين ياد آهي هِڪَ پروگرام ۾ ”گلزار“ جو انٽرويو پئي هليو. انـٽروويو وٺندڙ (ڪيرُ هُيو ياد نه ٿو اچيم...) گلزار کان پُڇيو هو: ”شاعري ڇا آهي؟“
گلزار وراڻيو هو: ”ميرا ڪُڇ سامان تمهاري پاس پڙا هي وه لوٽادو..... This is not Poetry “
”ته پوءِ....؟!“ انٽرويو وٺندڙ پڇيو هو.
”ساون ڪي ڪڇ ڀيگي شامين.... خط ۾ لپٽي رات پڙي هي...... وه لوٽادو...... That’s Poetry“. گلزار جُملو مڪمل ڪيو هو.
ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته انٽرويو ڏيندڙ شخصيت جو سحر ايترو ته سگهارو هوندو آهي، جو انٽرويو وٺندڙ/وٺندڙن جي ”بولتي بند“ ٿي ويندي آهي. 1993ع ۾ جڏهن اسان ڪجهه دوست پرنس ڪمپليڪس ۾ شيخ اياز سان مليا هئاسون، ته اسان جي حالت به ڪجهه اهڙي ئي هُئي. جيتوڻيڪ اُها Just هڪ Informal ڪچهري هُئي، ڪو formal انٽرويو نه هو.... پر اسان دوستن (وسيم سومرو، حبيب ساجد، رکيل مورائي ۽ مان) مان ڪنهن به دوست کي ايتري همت نه پئي ٿي ته اياز کان ڪوئي cross question ڪري سگهؤن.... بس اياز ڳالهائيندو پئي ويو ۽ اسان ٻڌندا ئي پئي وياسين.... مون ”شيخ اياز: هڪ ملاقات جي ياد“ جي عنوان سان انهيءَ ڪچهريءَ کي قلمبند ڪيو آهي، جيڪا منهنجي اڳ شايع ٿيل ڪتاب ”کنڀَ مورڻين جا“ ۾ شامل آهي.
اوهان جي هٿن ۾ موجود هِنَ ڪِتابَ ۾ جيڪي به انٽرويو شامل آهن، انهن انٽرويو ڏيندڙ شخصيتن متعلق مان اهو ٻڌائيندو هلان، ته اِهي سَڀُ شخصيتون، ذاتي حوالي سان يا سندن لکڻين/شاعريءَ جي حوالي سان، منهنجي دل جي قريب رهيون آهن. اصل ۾ مون سان مسئلو اهو آهي ته جيڪي ماڻهو (۽ پڻ ڪتاب) منهنجي دل کي، منهنجي مزاج کي، ڪنهن به قسمَ جو موههُ ناهن آڇيندا، پاڻَ انهن کان پَري رهندو آهيان۽ جيڪي مَنَ کي موهيندا آهن، انهن سان گهاريل ڪي گهڙيون به پنهنجي لاءِ سَرمايو سمجھندو آهيان.
ڪتاب ۾ شامل انٽرويو مختلف سالَن ۾ ورتل آهن، مُون انهن سالَن جو حوالو، هر انٽرويوءَ جي شروعات ۾ ڏئي ڇڏيو آهي ته جيئن، انهن انٽرويوز ۾ Contemprory دؤرَ جا جيڪي به ادبي Issues، موضوع.... يا وري ليکڪ/شاعر جي شخصيت جي حوالي سان ڪي ڳالهيون سامهون اچن ٿيون... ته پڙهندڙ، انهن سڀني شين کي، انهيءَ دؤرَ (سالن) جي پسمنظر ۾ ئي ڏسي ۽ perceive ڪري سگهي.
آغا سليم صاحب جڏهن ريڊيو خيرپور آيو هو ۽ محمد علي ٻانڀڻ صاحب جڏهن مون کي فون ڪيو هو ته اچو، اچي آغا صاحبَ جو انٽرويو ڪريو.... ته منهنجيءَ هڪ دل چيو هو ته ٻانڀڻ صاحب سان ڪو بهانو ڪري نٽائي وڃان.... ڇو ته سچي ڳالهه اِها آهي ته اِهو پهريون دفعو هو جو مان آغا سليم صاحب جهڙي وڏي ليکڪ سان آمهون سامهون مِلڻ وڃي رهيو هُيس ۽ پَڪَ سان سندس شخصيت جو رُعب ئي هيو جو مان انٽرويو وٺڻ کان گهٻرائي رهيو هُيس.
مونکي ياد آهي ٻانڀڻ صاحب جي آفيس ۾ چانهه پيئندي، آغا سليم صاحب کيس چيو هو: ”مَنَ! ڇَڏ انٽرويوءَ کي، مان هتي تو وٽ صرف چانهه پيئڻ آيو هئس.... ۽ ٻيو ته تنهنجو هي ڪمپيئر ڀلا مون کان انٽرويو وٺندو به ڇا؟.... پُڇندو.... پسند جو رنگ ڪهـڙو اٿئي؟.... پسند جي موسَمَ.... پسند جي خوشبوءِ....“. ٻانڀڻ صاحب، مُرڪندي آغا صاحب کي چيو هو: ”سائين! الله ڀلي ڪندو.... توهان Studio ۾ هلو ته سَهي....“
..... ۽ پوءِ ڌڙڪندڙ دل سان جڏهن مون آغا صاحب سان ڳالهه ٻولهه شروع ڪئي هُئي ته.... اُها وڌندي ئي وئي هُئي.... آغا صاحب کي به ڳالهائيندي مزو اچي رهيو هو.... انٽرويو پورو ٿيڻ تي مون دل ئي دل ۾ شڪرانا ادا ڪيا هُئا ۽ آغا صاحب، اسٽوڊيو مان نڪرندي، منهنجي ڪلهي تي هَٿُ رکندي، جهڙوڪر مون کي شاباس واري مُرڪَ ارپي هئي.
ادل سومري صاحب جي شاعريءَ سان ۽ خُود ساڻس شخصي حوالي سان، منهنجو، منهنجي Teenage کان وٺي ئي محبت ۽ احترامَ وارو رشتو ۽ رستو رهيو آهي. ڪِتابَ ۾ شامل ادل صاحب جي هن انٽرويوءَ لاءِ سوالَ، مون سندس ئي شعرن مان اخذ ڪيا هُئا. اُنهن ڏينهن ۾ ادل ڪجهه عرصي لاءِ خيرپور shift ٿي آيو هو ۽ خيرپور جي ”مير علي بازار“ ۾ ڪرائي جو گهر وَٺي رهائش اختيار ڪئي هئائين. هي انٽرويو اُنهيءَ ئي گهرَ جي ڊررائنگ رُوم ۾ آڊيو ڪئسيٽ تي رڪارڊ ڪيو هو، جيڪو بعد ۾ مون اکر اکر ڪري ڪاغذ تي اتاريو هو ۽ ان وقت هي انٽرويو ”عبرت مئگزين“ ۾ شايع ٿيو هو.
ادل صاحب هِنَ انٽرويوءَ ۾ مختلف موضوعن تي تفصيلَ سان ڳالهايو آهي.... پَرَ ”دوستي“ ۽ ”محبت“ جي موضوعن تي جواب ڏيندي مُحتاط انداز به اختيار ڪيو اٿائين. هونئن شاعري توڙي شخصيت جي حوالي سان ادل صاحب وٽ جيتري سنجيدگي ۽ ڳنڀيرتا ملي ٿي.... مون کيس ايترو ئي Witty ۽ قهر جو جُملي باز به observe ڪيو آهي. (گذريل سال ڊسمبر ۾ ”سنڌالاجي“ جي ڇٻراٽي تي منعقد ٿيل ”مچ مشاعري“ ۾ مون جڏهن پنهنجو غزل پڙهيو هو ته ادل صاحب ٿڏي تي ان جو پيروڊي شعر ٺاهي مون کي ٻُڌايو هو).
رسول ميمڻ صاحب هِنَ دؤرَ ۾ سنڌي ڪهاڻيءَ ۽ ناول جي حوالي سان تمام مٿڀرو نالو آهي. سندس تخليق ڪيل ڪهاڻيون توڙي ناول quality توڙي quantity جي لحاظ کان سنڌي Fiction لاءِ ڪنهن وڏي ڏَڍَ وانگر آهن. رسول ميمڻ صاحب سان، جيتوڻيڪ مان، ذاتي حوالي سان گهڻو ويجھو ناهيان رهيو، پر منهنجي دل ۾ سندس لاءِ اڻ مَيو احترام ۽ پيار سمايل آهي ـــ رسول صاحب جو ننڍو ڀاءُ امان ميمڻ، مُنهنجو ويجھو دوست آهي، جيڪو قد بُت ۽ مُنهن مُهانڊن ۾، صفا سندس جهڙو ئي لڳندو آهي. رسول ميمڻ صاحب پنهنجي هڪ ناول ”قالوبليٰ“ جو بئڪ ٽائيٽل لکڻ جو اعزاز مون کي بخشيو هو. ڪافي سال اڳ سکر جي ”مهراڻ“ هوٽل ۾ سنڌي ادبي سنگت سکر پاران ساڻس هڪ رهاڻ رَچائي وئي هُئي. مون اُتي مَٿس هڪ مختصر پيپر پڙهيو هو. اُهو منهنجو ساڻس محبت جو پهريون اظهار هيو. پڙهندڙ، رسول ميمڻ جي ڪهاڻين ۾ جيڪو جادو محسوس ڪندا آهن، اُهو جادُو کين، سندس اکين ۾ به نظر اچي سگهي ٿو.... جيڪڏهن هُو ڪڏهن، ڪٿي ساڻس گڏجي پَون ته..... هونئن سندس ڳالهين جوجادو اَسان، هِنَ ڪِتابَ ۾ موجود انٽرويو وٺندي به محسوس ڪيو هو.
ايازگُل صاحبَ جي شاعريءَ ۽ شخصيتَ جي ساٿَ ۽ سحرَ ۾ به اسان پنهنجي Teenage ۾ ئي آياسون. شانائِتي شاعري ۽ مانائِتي شخصيتَ واري اياز صاحب به پنهنجي گهڻن دوستن جيان، مون کي به پنهنجي دل جي هِڪَ ڪُنڊَ ۾ اهميت واري جاءِ پئي ڏني آهي. جديد سنڌي غزل جي سرواڻي ڪندڙ هيMatchless شاعِرُ، جيئن پنهنجي شعرن ۾ توريل تڪيل، دل ۾ لهي ويندڙ ۽ Perfect لفظَ استعمال ڪندو آهي، ائين ئي هُنَ، هِنَ ڪِتابَ ۾ شامل انٽرويوءَ ۾ مُختصر پر سڌو سنئون communicate ٿيندڙ جوابَ ڏنا آهن. انٽرويوءَ ۾ شامل سوالَ مون اياز صاحبَ جي شعرن مان اخذ ڪيا هُئا ـــ انٽرويو، سندس ”ڀُٽا روڊ“ واري گهرَ جي خوبصورت ڊرائنگ رُوم ۾ ٿيو هو ۽ ان وقت ”عبرت مئگزين“ ۾ شايع ٿيو هو ـــ ۽ بعد ۾ مورو مان شايع ٿيندڙ هڪ ادبي مخزن ”سنڌُ سماچار“ جي ”ايازگُل نمبر“ ۾ به اهو انٽرويو repeat ٿيو هو.... ۽ هينئر هن ڪتاب جي صفحن ۾ محفوظ ٿي اوهان تائين پهچي رهيو آهي.... هونئن تازو ئي شايع ٿيل ٽماهي ”پوپٽ“ جي ”ايازگُل نمبر“ ۾ پڙهندڙن اياز صاحب جي ڪنهن نئين انٽرويوءَ جي کوٽ شدتَ سان محسوس ڪئي.... سو حياتي آهي ته، اهڙو انٽرويو ضرور ڪَبو.
اسحاق انصاري صاحبَ جي لکڻين کان اڳ ۾ مان سندس آواز سان Introduce ٿيو آهيان. 1987ع ۾ پنهنجي School-age ۾ مُون جڏهن ريڊيو خيرپور تان، سندس آواز پهريون دفعو ٻُڌو هو ته ايندڙ وقتَ ۾ سندس “Habitual Listener” بنجي ويو هُئس. اڳتي هلي لطيف يونيورسٽيءَ جي ٽيچرس ڪالونيءَ ۾ موجود سندس گهر جي سامهون ڇٻراٽي تي ساڻس گڏ چانهه پيئندي، مون جڏهن ڪاٺَ جي اَڻ گهڙيل بُنڊَن مان ٺهيل بئنچن ۽ ڪُنڊن پاسَن ۾ ٽنگيل لالٽينُن کي ڏٺو هو ته، اسحاق صاحب جي Asthetic Sence تي پيارُ آيو هو..... ”خالي بئنچ“ ان کانپوءِ جو قصو آهي. مون هميشه اسحاق صاحب کي احترامَ، ۽ هُنَ مون کي پيارَ جي نظرَ سان ڏٺو آهي. ريڊيو خيرپور جا Studios هُنَ جيان مون لاءِ به پنهنجي هِڪَ الڳ خوشبوءِ رکن ٿا. پنهنجي ناول کان وٺي سفرنامن تائين پڙهندڙن جي دلين ۾ مُرڪندو رهندڙ اسحاق انصاريءَ جو هن ڪتابَ ۾ شامل انٽرويو به ريڊيو خيرپور جي Studio جي مهڪَ ۾ واسيل آهي.
حبيب ساجد .... حبيب جي ڇا ڳالهه ڪجي؟!.... سندس مَنُ ڪڏهن ”ماڪوڙي“ ته ڪڏهن وري ”ڪيهر شينهن“.... ۽ ائين هُو ”هِڪڙي حال“ ۾ رهڻ وارو ماڻهو ئي ناهي. حبيب اسان جو انتهائي creative دوست، جڏهن به لکندو ۽ جيڪو به لکندو، سندس تخليق ڪيل سٽون، سندس ئي سُڃاڻپ جو حوالو بڻجي وينديون. سندس تمام گهڻو تخليقي ڪَمُ وکريو پيو آهي. منهنجي اها شديد خواهش رهي ته هُو پنهنجي ڪَمَ کي سهيڙي، ڪتابي شڪل ڏئي.... پَرَ.... ڪاش ائين ٿي پوي. حبيب جو انٽرويو ڪرڻ، منهنجي پُراڻي خواهش هئي پَرَ، هُو واري ۾ ئي نه پئي آيو. نيٺ ريڊيو خيرپور جي سينيئر پروڊيوسر ۽ اسان جي دوستَ مُسرت علي منگيءَ کيس ڦاسائي وڌو. وهه وا ٿي وئي.... تفصيلي انٽرويو ٿيو. مُسرت انهيءَ ڳالهه تي confusedهيو ته، مان حبيب کي ”تون“ چئي مخاطب ٿيندو رهيو آهيان، جيڪو ريڊيو جي پاليسيءَ مطابق، دَرِ آيل مهمانَ جي مانَ ۾ گهٽائي آڻڻ جي برابر آهي، مون، کيس چيو هو حبيب سان ”توهان“ وارو رشتو آهي ئي ڪونه ۽ مون لاءِ اِهو عجيب ترين لمحو هوندو جڏهن مان حبيبَ کي ”توهان“ چئي مخاطب ٿيندس.... بهرحال انٽرويو ”تُون“ جي ساٿَ ۾ ئي نشر ٿيو ۽ اَڄُ هِنَ ڪِتابَ ۾ موجود آهي.
پرويز ابڙو .... ”هُو آيو، هُنَ ڏٺو ۽ هُنَ فتح ڪري ورتو“ واري چوڻي مطابق، پرويز، اَدبَ ۾ پنهنجي پهرين entry ، يعني پنهنجي ناول ”تون هڪ خوابُ آهين“ ذريعي ئي تمام گهڻي مڃتا ۽ مقبوليت ماڻي ورتي ـــ منهنجو ذاتي مشاهدو آهي ته پڙهندڙ اڄ به مارڪيٽ مان ڳولهئي نه لڀندڙ سندس ناول کي، هتان هُتان، ڳولهي ڦولهي پڙهن ٿا. جنهن مان اِها ڳالهه به ثابت ٿئي ٿي ته ڪنهن به تخليقي حوالي سان rich ڪتابَ کي هروڀرو جي مصنوعي Projection، تبصرن، مهاڳن، مهورتن جي ضرورت نه ٿي پوي. پرويز اسان جو مَنَ موجي دوست آهي. جنهن کي انهن شين جي صفا ضرورت ناهي رهي. سندس پيءُ قبول ابڙو صاحب کيس وڏو Business Man ڏسڻ ته چاهيندو هو پر گڏوگڏ سندس ناول جي پذيرائيءَ تي به ڏاڍو خوش ٿيندو هو ـــ پرويزَ جي ٻئي ناول ”نيريون اکيون، سرمئي خواب“ جو نالو مون تجويز ڪيو هو.... ۽ هينئر ”ملهار“ جي عنوان سان لکيل ناول، هُو لڪايون ويٺو آهي، ڏسؤن ته ڪڏهن ٿو پڙهائي؟.... هن ڪِتابَ ۾ شامل (سندس چواڻي) سندس زندگيءَ جو هي ”پهريون انٽرويو“...تازو ئي سمنڊ جي ساٿَ ۾ ساڻس ڪيل هڪ بي ترتيب ڪچهري آهي.
عجيب اتفاق ته هِنَ ڪِتابَ ۾ شامل انٽرويوز جو تعداد سَتَ آهي. منهنجي لاءِ ڄَڻُ ته هي ڪِتابُ هِڪَ ”انڊلٺ ـــ ريکا“ بڻجي پيو آهي. انٽرويو ڏيندڙ شخصيتن مان چئن جو تعلق، ڪهاڻي ۽ ناول سان آهي (آغا سليم، رسول ميمڻ، اسحاق انصاري ۽ پرويز ابڙو) جڏهن ته ٽِن جو تعلق شاعريءَ سان آهي (ادل سومرو، ايازگُل، حبيب ساجد)..... ۽ انٽرويوز جي ترتيب به مون ڪجهه ائين رکي آهي ته هِڪَ ڪهاڻيڪار/ناولنِگار کانپوءِ هڪ شاعِرَ جي ڳالهين جا رنگَ آڏو اچن ۽ ائين پڙهندڙ انهيءَ رنگارنگيءَ کي لطفَ سان ماڻي سگهن.
پاڻَ وَٽِ مستنصر حسين تارڙ ۽ پروين شاڪر کان وٺي نعيم بخاريءَ تائين ۽ مهتاب اڪبر راشديءَ کان وٺي نصير مرزا، ڪوثر ٻُرڙي ۽ محمود مغل تائين، ڪيترائي اهڙا Interviewer رهيا آهن، جن جڏهن به ڪنهن celebraty کان انٽرويو ورتو آهي، مَنَ کي گهڻو وڻيا آهن ـــ پونئين ٽِن مانائتن Broadcasters ته پنهنجي ورتل اڪثر انٽرويوز کي ٽرانسڪرائيب ڪري، پڙهندڙن تائين پهچايو به آهي.
هڪڙي مزيدار ڳالهه اوهان سان Share ڪندو هلان ته اڪثر انٽرويو وٺندڙ وري اهڙا به هوندا آهن جيڪي انٽرويو ڏيندـڙ کي ايترو ٽائيم ڏيندا ئي ناهن، جيترو ٽائيم پاڻَ وٺندا آهن. انهيءَ حوالي سان..... هِتي مون کي ڪافي سال اڳ پي ٽي وي تي ڏٺل پروگرام ”انڪل سرگرم“ ياد اچي رهيو آهي، جنهن ۾ هڪ انٽرويو ڪندڙ Puppet، مهمان Puppet کان سوال ڪندو آهي ته: ”توهان فَني زندگيءَ جو آغاز ڪڏهن ڪيو؟!“.... مهمان جواب ڏيڻ لاءِ واتُ کولي ئي مَسَ ته مٿان ميزبان چئي ڏي: ”مان سمجھي ويس، مان سمجھي ويس، توهان اِهو ٿا چوڻ چاهيو ته توهان پنهنجي فني زندگيءَ جو آغاز ”ننڍپڻ“ کان ئي ڪيو.....“ ۽ اِيئن سموري انٽرويوءَ ۾ مهمانَ کي جواب ڏيڻ جو موقعو ئي نه ٿو ملي..... سو ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي.....
ڪِتابَ ۾ شامل هنن انٽرويوز کان علاوه، ريڊيو خيرپور لاءِ مان ٻين به گهڻن ئي ليکڪن جا انٽرويو ڪري چُڪو آهيان (جن ۾ سائين راشد مورائيءَ جو انٽرويو به شامل آهي) منهنجي ڪوشش هوندي ته اُهي انٽرويو (جيڪڏهن ريڊيو آرڪائيوز ۾ محفوظ آهن ته) هَٿ ڪري، انهن کي به ڪتابي صورت ڏئي سگهان.
ڪجهه سالَ اڳ 2012ع ۾ ريڊيو خيرپور پاران جڏهن خيرپور جي Senior Citizens سان خيرپور جي تاريخ جي حوالي سان تفصيلي ڪچهريون ڪرڻ جو سلسلو ”خيرپور: هيرن جي کاڻ“ شروع ٿيو هو ته ان جي ميزباني ڪرڻ جو موقعو به مون کي ئي مليو هو ۽ انهيءَ سلسلي ۾ اَسان جسٽس رٽائرڊ علي اسلم جعفري، استاد مولا بخش لاڙڪ، لعل بخش منگي، استاد غلام رسول ٻُرڙي ۽ ٻين ڪيترن ئي شخصيتن جا انٽرويو رڪارڊ ڪيا هئا. مون کي ياد آهي ته انهيءَ ئي سلسلي ۾ بزرگ ڍولڪ نواز استاد قادر بخش مرحوم جو انٽرويو ڪندي مون جڏهن کانئس سندس ”عِشقن“ جي باري ۾ پُڇيو هو ته، وراڻيو هئائين: ”سرڪار! هِنَ فَنَ جي ڪَري ڪيترين ئي ”صُورَتُن“ اسان تي ”وڏا قُربَ“ ڪيا..... صرف ”فَنَ“ جي ڪري..... نه ته اسان جي شَڪل ته پاڻ ڏسو ٿا.....“. استاد قادر بخش رَنگَ جو پَڪو هوندو هُيو...... ۽ سندس انهيءَ جواب تي اسٽوڊيو ۾ ٽهڪڙو مچي ويو هو.
قُربان منگي صاحبَ ڪجهه سالَ اَڳُ پنهنجي ذاتي خرچَ تي، خيرپور جي Legend شخصيتن (مختلف شعبن ۾) سان، خيرپور جي تاريخَ جي حوالي سان ڪچهري ڪري، انهن جي سينن ۾ مدفون تاريخَ کي ڪتابي صورت ڏيڻ جو رِٿيو هُيو ـــ اُنهيءَ سلسلي ۾ سَڀَ کان پهريان اسان جسٽس رٽائرڊ علي اسلم جعفري صاحب سان هِڪَ تمام ڊگهي ڪچهري ڪئي هُئي ۽ اُنَ کي Video record به ڪيو هُيو. اُها، اُنَ سلسلي جي پهرئين ڪچهري هُئي.... جي اهڙي قسمَ جي ڪچهرين جي اها Series اڳتي وڌي ها (جيڪا ڪن مجبورين سبب اڳتي وڌي نه سگهي هئي) ته خيرپور جي علمي، ادبي، سماجي، سياسي ۽ ثقافتي تاريخ جي حوالي سان هِڪَ اهم Document جهڙو ڪتابُ ضرور جُڙي پوي ها.....
۽ آخر ۾ هن ڪتاب جي حوالي سان، مان ٿورائتو آهيان، ڪِتابَ ۾ شامل سَڀني مهربان شخصيتن/دوستن جو، جن مختلف وقتن تي مون کي وقتُ ڏنو ۽ مان ساڻن ڪچهري ڪري، سندن ڳالهين کي محفوظ ڪري سگهيس.
ٿورائتو آهيان ريڊيو پاڪستان خيرپور جو، جنهن مختلف شخصيتن سان ڪچهري ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪيا ۽ پوءِ مان انهن ڪچهرين کي قلمبند ڪري سگهيس.
ٿورائتو آهيان انهن رِسالن جو جن ۾، ڪجهه انٽرويو پهريون دفعو شايع ٿيا.
تمام گهڻا ٿورا پنهنجي دوست، هاڪاري مُصور، ڀاءُ سعيد منگيءَ جا، جنهن هِنَ ڪِتابَ جي موڙَ تي به ماضيءَ جيان ساٿُ نڀائيندي خوبصورت ٽائيٽل ڊزائين ڪري ڏنو.
مهرباني پياري آصف نظاماڻيءَ جي جنهن چُستيءَ سان ڪِتابُ ڪمپوز ڪيو ۽ ان جو لي آئوٽ ٺاهيو.
تمام گهڻي مهرباني محترم قربان منگيءَ جي جنهن منهنجي هَر ڪِتابَ کي ڇاپيندي، دلي سَرهائي محسوس ڪئي آهي. ماضيءَ جيان هِنَ دفعي به هُنَ هيءَ ڪتابُ شاندار انداز ۾ شايع ڪيو آهي.
گهڻي مهرباني پياري دوست ضمير لاشاريءَ جي جنهن ڪِتابَ جي بئڪ ٽائيٽل لاءِ چار سِٽون لکي، انهيءَ ”رسمَ“ کي نباهڻ ۾ ساٿُ ڏنو.
ــ امر اقبال
چَنا هائوس ـــ گلشنِ نذير
خيرپور ــــ سنڌ.
0331-3067097
0302-3121450
amariqbal@outlook.com