ادل سومرو جي انٽرويو بابت
(2001ع)
...................................................................
آرٽسٽ مان جيڪڏهن انا ختم ٿي وڃي ته اُهو آرٽسٽ نه ٿو رهي.
موقع پرست ماڻهو پنهنجي فَنَ کي وڪڻن ٿا، موقعو ڏسي پنهنجي اگهه جو بينر کڻي بيهي ٿا رهن.
عشق جسمن جي ميلاپ جو نالو ناهي. عشق ته روحن جو ميلاپ آهي.
جيڪڏهن هڪ شاعر اسان کي سُهڻا سُهڻا شعر ڏئي ٿو پر سندس اندر ۾ ڪو جھائپ ڀري پئي آهي ته سندس شاعري لفاظيءَ کان سواءِ ڪجهه به نه ٿي رهي.
اديب ويچارو وڏي اسٽيج جي سڀ کان اوچي ڪُرسيءَ تي ويهي ٿو ۽ واپس وڃي ڊٺل جھُڳيءَ ۾ ڇنل کٽَ تي سمهي ٿو.
اسان جي خوابن، اسان جي تصور وارو سماج ڳوليو ڪونه ٿو لڀي.
تشدد، فساد، فتنو.... انهن جي خلاف شاعري به هڪ جهاد آهي.
شيخ اياز جي حوالي سان ڏٺو وڃي ته سندس رستي ۾ ڪنڊا وڇايا ويا، کيس ذهني اذيتون مليون.....
اسان مان ئي دوستن لکت ۾، بيانن وسيلي، اياز جي راهه ۾ ڪنڊا وڇايا.