پرويز ابڙو جي انٽرويو بابت
(2015ع)
.......................................................
”لکڻ“ منهنجي مزاج ۾ آهي ۽ ”نه لکڻ“ منهنجي ڪيفيت جو حصو آهي، سو اڄڪلهه مزاج ۽ ڪيفيت ٽڪراءَ ۾ آهن.
هر انسان زندگيءَ ۾ هڪ وهي خُمارن ۾ گذاري ٿو ۽ ٻي وهي انهن خُمارن جي خُمارَ ۾ گذاري ٿو ۽ ٽئين وهي انهن خُمارن جا غبارَ ڇاڻيندي ۽ ڌوئيندي گذاري ڇڏي ٿو.
مزاجاً مان Adventuristرهيو آهيان. سنڌيءَ ۾ ناول وارو ميدان خالي مليو ۽ اسان به ٽَپُ ڏيئ ڪُڏي پياسي.... انڌن ۾ ڪاڻو راجا... سو هر طرف ”واهه واهه“ ٿي وئي.
سائين طارق عالم جو ”رهجي ويل منظر“ اسان جي مزاج تي اهڙو چڙهيل آهي جو سندس باقي لکڻين ۾ اسان کي اهو چَسُ ئي نظر نه ٿو اچي.
هاڻي ڪيفيت قرآن، رومي ۽ ڀٽائيءَ تي اچي پهتي آهي، انهن ٽنهي کي اڄڪلهه پڙهڻ ۽ سمجھڻ جي ڪوشش ۾ آهيان.
اديب باقي مخلوق کان ڪجهه سرس خوشفهمين جو شڪار آهي. دنيا جي معاملن ۾ اديب کي بيوقوف بڻائڻ ٻين جي نسبت آسان آهي.
..... ”نانيءَ ـــ ويڙها“ ٺاهڻ Human Pshyce آهي ۽ هر هنڌ آهي.... بدنام رڳو اسان جا اديب آهن.
..... نٽهڻ اس ۾ بنان ڇپر ۽ بنا ڇانوَ جي وارَ اڇا، ۽ پاڻَ ڪارا ٿي وياسي.
.... هاڻي ته سڀ سياسي نظريا ٻاراڻي ڪا راند ٿا لڳن.
کوڙ ساريون ڪهاڻيون آهن جيڪي ساڄي هٿ جي آڱرين ۾ ساههُ کڻن پيون.
دنيا جو هر ليکڪ ۽ شاعر نفسياتي مريض آهي.
مان ”تون هڪ خواب آهين“ نه لکان ها ته چريو ٿي پوان ها.
ڪراچي يونيورسٽي منهنجي نوجوانيءَ جو ڪو خوبصورت خواب هيو.
عشق انڌو ٿيندو آهي.... ۽ انڌو ڪري ڇڏيندو آهي.
ڀٽائي منهنجو مجاز آهي ۽ قران منهنجي حقيقت.
لياري منهنجي رُوحَ ۾ رچيل آهي.
”ڪراچي“ منهنجي ڪهاڻي آهي ۽ مان ڪراچيءَ جي ڪهاڻي آهيان.
سنڌي ادب ۾ منهنجي ادبي سڃاڻپ منهنجا ناول آهن يا وري تون اَمَر!