شخصيتون ۽ خاڪا

آءُ اسان وٽ ويههُ (انٽرويو)

هي ڪتاب خوبصورت شاعر ۽ ليکڪ امر اقبال پاران ورتل انٽرويوز تي مشتمل آهي. جيڪي هُنَ مختلف وقتن تي ريڊيو خيرپور، ٽماهي ”پوپٽ“، يا ڪِن ٻين رسالن لاءِ ڪياآهن. انٽرويو، ڪجهه ويجھڙائيءَ ۾ ڪيل آهن ته ڪجهه وري آڳاٽا آهن، پَرَ سليقي ۽ نفاست سان ڪيل اِهي انٽرويو، جوابن جي صورت ۾ معزز ليکڪن/شاعرن پاران سامهون آيل قيمتي ويچارَن سبب، پَئي پُراڻا ناهن ٿيڻا. هي ڪِتابُ ليکڪن/شاعرن جي خيالن جي مختلف Flevers جي ڪري، نهايت دلچسپ آهي ۽ اسين سمجھون ٿا ته اوهان هِنَ ڪِتابَ کي ڪڏهن به اڌ ۾ ڇڏي نه سگهندؤ.
  • 4.5/5.0
  • 2727
  • 774
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • امر اقبال
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book آءُ اسان وٽ ويههُ  (انٽرويو)

لکڻ مون کي وِرثي ۾ مليو آهي

امر اقبال: ”تون هڪ خواب آهين“ وارو پرويز ابڙو اڄڪلهه ڪٿي گم آهي؟
پرويز ابڙو: ”تون هڪ خواب آهين“ وارو پرويز ابڙو هڪ دنيا کان ٻئي دنيا جي سفرَ تي آهي، هڪ نئين ۽ وڻندڙ دنيا جي سفرَ تي..... جڏهن به هن کان ڪولمبس جيان اُها نئين دنيا دريافت ٿي، هُو نئون نئون بڻجي وري موٽي ايندو، ساڳئي پراڻي ڌرتيءَ تي، جتان هُو گم ٿيو هيو.

امر اقبال: ”گم ٿيڻ“ ۽ ”گم ٿي لڀجڻ“ مان تون آخر ڇا ٿو ماڻڻ چاهين؟
پرويز ابڙو: گم ٿيڻ، گم ٿي وري ظاهر ٿيڻَ ۾ جيڪو نشو آهي، سو نشو، سو خُمار توهان کي Under World جو ڪوئي به Drug dealer مهيا نٿو ڪري سگهي. ماڻهو جيستائين وڃائبو نه، تيستائين لَڀجندو ڪيئن!..... لکڻ ۽ پڙهڻ، هڪ مزاج آهي، هڪ ڪيفيت آهي، جيڪا زندگيءَ جي هڪ دؤرَ تائين طبيعت تي حاوي رهي، رومانس جيان. اُنهيءَ ڪيفيتَ مان Teen-age جيان نڪتاسي ته لکڻ پڙهڻ به ڇڏائجي ويو، ۽ ادبَ مان آئوٽ ٿي وياسي، جنهن کي تون ”گم ٿيڻ“ جو چوبن ٿو...... ”لکڻُ“ منهنجي مزاجَ ۾ آهي ۽ ”نه لکڻ“، منهنجي ڪيفيت جو حصو آهي..... سو اڄڪلهه مزاجُ ۽ ڪيفيت ٽڪراءَ ۾ آهن.

امر اقبال: ”هڪ دنيا کان ٻئي دنيا جو سفر“.... اِنهيءَ جي ٿورڙي وضاحتَ.....
پرويز ابڙو: هڪ دنيا جيڪا ”جوش“ هئي، ٻئي دنيا جيڪا ”هوش“ آهي.... هر انسانُ، زندگيءَ ۾ هڪ وَهي خُمارن ۾ گذاري ٿو ۽ ٻئي وَهي اُنهن خُمارن جي خُمارَ ۾ گذاري ٿو، ۽ ٽئين وَهي اُنهن خُمارن جا غُبارَ ڇاڻيندي ۽ ڌوئيندي گذاري ڇڏي ٿو.... سو منهنجي اُها وهي جيڪا لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ گذري سا مون لاءِ هڪ الڳ دنيا هئي ۽ هي وقت جيڪو هاڻي گذري پيو.... سو هڪ الڳ دنيا آهي ـــ پهرئين دنيا ۾ منهنجو School of Thought ڪو ٻيو هو، هن دنيا ۾ بلڪل الڳ ۽ جُدا آهي.... ”لااِلٰهَ“ کان ”اِلا اللهَ“ جو سفر سَهايو آهي مون..... هِڪَ دنيا مان گم ٿي ٻئي دنيا ۾ دريافت ڪيو آهي مون پنهنجو پاڻَ کي.... سو هاڻي سُڪون ۾ آهيان، ڇو ته پنهنجو پاڻَ کي لڀي پيو آهيان. ايجادَ کان دريافت ٿيڻ تائين جا سَڀُ رنگَ روحَ سان رڱجي ويا آهن، دردَ جا سڀئي داستانَ ۽ سمورا خوابَ خلاءَ ڏانهن اُڏائي، خالي خالي ٿي ويو آهيان، ۽ خاموشي گهر ڪري وئي آهي اندرَ ۾ به ته ٻاهرَ ۾ به.... ۽ خاموشيءَ ۾ ئي سُڪون آهي.

امر اقبال: خاموشي ڏنگيندڙ به ته ٿيندي آهي!؟
پرويز ابڙو: مان اُنَ خاموشيءَ بابت نٿو ڳالهايان (مرڪندي) جنهن ۾ بدنَ برفَ ٿي ويندا آهن ۽ سناٽا انسانَ کي سرد ڪري ڇڏينداآهن. باطن جڏهن بي رنگ ٿي وڃي ته ظاهرَ جا سڀئي زَخمَ بي معنيٰ بڻجي ويندا آهن. دردَ جڏهن انتها تي پهچن ٿا ته لذتَ بڻجي ٿا پون، ۽ پوءِ ايوبَ۽ عيسيٰ کي الهامَ ٿا ملن، ڪو داؤد دريافت ٿئي ٿو ۽ موسيٰ کي مهانتا ملي ٿي..... ڀٽائي به ته سڄي ڀوڳنا آهي، گوتم جي گمنامي ۽ موسيٰ جي مامَ کي به ته ڪا معنيٰ آهي نه. چولو مٽائي، نئون چولو پائڻ به هڪ الڳ ڪهاڻي آهي، سا ڪنهن ٻئي ڀيري ٻڌائبي.

امر اقبال: موضوع مَٽائي ٻئي پاسي ٿا هلئون، اِهو ٻڌاءِ ته، اڪثر ڪهاڻيڪارَ ڪهاڻيءَ کان ٿيندي ناولَ وٽ پهچندا آهن، تو اُٿندي ئي ناولَ جهڙي ڏکئي ۽ ٿڪائيندڙ صنفَ ۾ هَٿُ ڪيئن وڌو؟
پرويز ابڙو: geans ...... لکڻ مونکي وِرثي ۾ مليو آهي. بابا سائين ناول نگار هو، سو ناول رَتُ ۾ شامل ٿي ويو. هڪ ٻيو سبب اِهو به هيو ته مزاجاً مان Adventurist رهيو آهيان. سنڌيءَ ۾ ناول وارو ميدان خالي مليو ۽ اسان به ٽپ ڏيئي ڪُڏي پياسي…. انڌن ۾ ڪاڻو راجا…. سو هر طرف ”واهه واهه“ ٿي وئي.

امر اقبال: قبول ابڙي صاحبَ توکي ليکڪ طور ڪيترو قبول ڪيو؟
پرويز ابڙو: بابا منهنجي لکڻ مان مزو ورتو ۽ هميشه جڏهن به منهنجي ناولَ جو ذڪر نڪرندو هو ته ڪڏهن به ”پرويزَ جو ناول“ نه چيائين…. بلڪه ”اسان جو ناول“ چئي ذڪر ڪندو هيو. باقي خاميون ۽ اوڻايون ڪافي ڳڻايون هئائين ۽ ڪچائين کي mark ڪيو هئائين. جيڪي ٻئي ڇاپي ۾ درست ڪندس. بابا سائينءَ مون وارن ٻنهي ڇپيل ناولن کي پنهنجي سينيئر ادبي حلقن ۾ سٺو project ڪيو ۽ فخرَ سان ڳڻائي مزا ماڻيندو هيو. باقي جيئن ته هُو پاڻ پارٽ ـــ ٽائيم ليکڪ هيو سو هميشه اها ئي تنبيههَ ڪندو رهيو ته لکڻ کي پارٽ ــ ٽائيم Job ڪري وٺجي..... توکي اِهو به ٻڌائيندو هلان ته منهنجو پهريون ناول ”تون هڪ خواب آهين“ جيڪو ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جي ڪورسَ ۾ شامل آهي، سو بابا سائينءَ جي ناول ”جيون جيون سُڏڪا سُڏڪا“ جو ”پارٽ ــ ٽُو“ آهي...... سڄي انسپائريشن اتان ئي ورتل آهي.

امر اقبال: قبول صاحب جو اهو ناول مون ڪونه پڙهيو آهي.... ڇا واقعي تنهنجو ناول ان جي Extension آهي.... يا تو هروڀرو پنهنجي بابا کي اِهو Protocol ڏيڻ پيو چاهين؟
پرويز ابڙو: .... نه هروڀرو جي Protocol جي ڳالهه ناهي..... مون بابا جي انهيءَ اڻلڀ ناول جي ڪاپي هٿ ڪئي آ.... توکي پڙهائيندس.... اِهو ناول ”جيون جيون سڏڪا سڏڪا“ هِڪَ پيارَ ڪهاڻي آ، مونو لاگ ۾ لکيل آ.... ۽ ”وڇوڙو“ انهيءَ ناول جي پڄاڻي آ..... ته اِهو ناول ننڍپڻ کان وٺي (جيئن مون هوش سنڀاليو ۽ پڙهيو) منهنجي حواسن تي ڇانيل رهندو پئي آيو.

امر اقبال: ڀلا ان کان علاوه به تون ڪي Inspirations ورتيون....
پرويز ابڙو: ها.... مان انهيءَ طرف ئي پيو اَچان.... ”تون هڪ خواب آهين“ لکڻ جي پويان پنجَ ڪِتابَ بُنيادي Inspiration جو سبب رهيا.... مون لاءِ. هِڪُ بابا (قبول ابڙي) جو ”جيون جيون سڏڪا سڏڪا“ جنهن جو ذڪر ٿيو. ٻيون طارق عالم جو ”رهجي ويل منظر“، ٽيون غازي صلاح الدين جو ڪراچي يونيورسٽيءَ جي پس منظر ۾ لکيل ناول (جنهن جو نالو مون کي هن وقت ياد ناهي)، چوٿون مستنصر حسين تارڙ جو فرانس جي پسمنظر ۾ لکيل ناول (ان ناول جو نالو به ياد ناهي يار!).... تارڙ جي ان ناول ۾ ”پاسڪل“ نالي هڪ معذور ڇوڪري هيروئن آهي.... ۽ پنجون راجا انور جي خَطن جو مجموعو، ”جھوٽي روپ ڪي درشن“.... جيڪي خَطَ هُنَ پنهنجي محبوبا کي لکيا.... اِهي سَڀُ ڪِتابَ پيار ڪهاڻيون آهن، مونو لاگ ۾ لکيل آهن. مون به بنيادي موضوع ۽ format جي حوالي سان، انهن مان Inspiration وَرتي.... ٿورو فرق اِهو آهي ته هُنن ۾ يونيورسٽي جو ، وڌ ۾ وڌ ڳوٺ جو ماحول Involve آهي..... مون پنهنجي ناول ۾ روسَ جا Chapterبه شامل ڪيا....

امر اقبال: تنهنجي ناول جو جيڪو Climax آهي، اهو ٻين کان ٿورو مختلف آهي.....
پرويز ابڙو: مون ڄاڻي واڻي پنهنجي ناوِلَ ۾.... آخر ۾ اچي ناول جي هيروئن کي ماري ڇڏيو آهي.... اصل ۾ مون چاهيو پئي ته پڙهندڙ انهيءَ جاءِ تي پهچي روئي پئي.... ۽ مان پنهنجي انهيءَ شعوري ڪوشش ۾ ڪامياب ويس.... پڙهندڙ رُنو....

امر اقبال: ”تون هڪ خواب آهين“ کانپوءِ ٻئي ناول ”نيريون اکيون سرمئي خوابَ“ ۾ پرويز ابڙي جي اُها پهريون واري تخليقي گهاٽائي ۽ گھرائي ڇو نظر نه آئي؟
پرويز ابڙو: اهو نظرَ نظرَ جو فرق آهي (ٽهڪُ ڏيندي) عينڪ پائي ڏسجي ته ٽيڪنيڪلي ٻيو ناول پهرئين کان وڌيڪَ مئچوئر آهي..... باقي پهرئين کان سبجيڪٽ ۾ ڪجهه ڪمزور آهي. ڏسُ نه امر!..... اسان ماڻهن جي اِها سائڪي آهي ته جيڪي ڪجهه مزاجَ تي هڪ ڀيرو چڙهي ويو، سو لهڻ ڏکيو آهي.... سائين طارق عالم جو ”رهجي ويل منظر“ اسان جي مزاجَ تي اهڙو چڙهيل آهي جو سندس باقي لکڻين ۾ اُهو چَسُ ئي نظر نٿو اچي. جڏهن ته هن جون ٻيون لکڻيون به تخليقي حوالي سان ۽ Technically تمام گهڻيون سگھاريون آهن. هونئن به اسان جي سنڌي قومَ مزاجاً گوتم ٻُڌ جي ”سروم دُکم دُکم“ واري فلسفي واري مزاجَ جي آهي. سو اسان جو پڙهندڙ تخليقَ ۽ ٽيڪنڪ کان وڌيڪَ مزاجَ ۽ ڪيفيت کي اهميت ڏيندو آهي ـــ سنڌي ماڻهن جي اڪثريتَ اڄ به ڀٽائيءَ جي سسئي، مومل ۽ مارئي کي وڌيڪَ پڙهي ۽ سمجھي ٿي، ڇو ته مارئي، مومل ۽ سسئي سڄو سُورَ آهن.... (مُرڪندي) برياني ۽ نهاري ڀلي ٻئي هنڌ ڪيڏي به سُٺي ملي پر ڪراچيءَ جي ماڻهن وٽ ”اسٽوڊنٽ برياني“ ۽ ”صابري نهاري“ ئي ڳڻپَ ۾ ايندي..... ائين ٿئي ٿو.

امر اقبال: پنهنجي ناول ۾ تون پڙهندڙن کي Feelings جي وهڪري ۾ گهليندو ٿو وڃين.... ائين ڇو؟
پرويز ابڙو: (کلندي) يار! چيم جو ته پاڻَ سَڀُ جذباتي قومَ جا فردَ آهيون. جذّباتي ليکڪ، جذباتي سياستدان اسان کي وڻندا آهن ۽ اسان انهن جي پويان لڳي پوندا آهيون ـــ امرتا پريتم، ساره شگفته، خشونت سنگهه، شيخ اياز، امرجليل، نور الهديٰ شاهه، قبول ابڙي، طارق عالم جهڙا جذباتي ۽ روڳي ليکڪ/شاعِرَ مون سان، منهنجي ننڍڙي وهيءَ کان ڪِتابَن جي صورت ۾ گڏ رهيا آهن.... ته پوءِ ائين ته ٿيندو نه.... مان پاڻَ اسڪولي زماني کان جذباتي قومي ڪارڪُن رهيو آهيان.... رُليو آهيان.... نعرا هنيان اٿم..... (کلندي) ته پوءِ منهنجي لکڻيءَ ۾ جذباتيت اچي ٿي وڃي ته ڇا حرج آ....؟!
..... ها..... هتي.... اهو به ضروري آهي ته اهو ”جذبو“ ٺَلهو ”نعرو“ نه هُجي پَرَ ”آرٽ“ ۾ ويڙهيل هُجي.... تڏهن ئي اُهو ”عُمرِ“ حاصل ڪري سگهندو..... نه ته لُڙهي ويندو.... وقت جي وهڪري ۾.

امر اقبال: ڪهڙا ليکڪ آهن، جن کي پڙهندي توکي مزو آيو؟
پرويز ابڙو: الاهي سارا آهن. مختلف وقتَن تي، مختلف ڪيفيتن ۾ ۽ عمر جي الڳ الڳ وهيءَ ۾ الڳ الڳ ليکڪن ۽ لکڻين مان مزو ورتو.... ڪهڙن ڪهڙن جا ويهي نالا ڳڻيان..... هاڻي ڪيفيت قرآن، رومي ۽ ڀٽائيءَ تي اچي پهتي آهي، انهن ٽنهي کي اڄڪلهه پڙهڻ ۽ سمجھڻ جي ڪوشش ۾ آهيان، باقي سڀ ڪجهه Teen-ageجي عشقَ جيان اُڏامي ويا آهن.

امر اقبال: اديبَ ۽ اُنهن جا رويا تون ڪيئن ٿو محسوس ڪرين؟
پرويز ابڙو: اديب به انسان آهي، ڪا ٻئي مخلوقَ ته ناهي نه..... سو جيئن هيءَ باقي مخلوقَ آهي تيئن ئي اديبَ به آهن. باقي معاملا ۽ مونجھارا هر ماڻهوءَ سان آهن، سو اسان جو اديبُ ماڻهو ئي آهي. اهو سو آهي ته اديب باقي مخلوقَ کان ڪجهه سَرسُ خوشفهمين جو شڪار آهي. دنيا جي معاملن ۾ اديبَ کي بيوقوف بڻائڻ ٻين جي نسبت آسان آهي (کِلندي)..... جيڪا مخلوقَ ڌرتيءَ تي رهندي، ڌرتيءَ جي مخلوقَ هوندي، خلائي مخلوقَ جيان سوچي ۽ Behave ڪري، هميشه ”يوٽوپيائي دُنيا“ ۾ جيئي، تنهن تي ڪهڙي ميار، ميان!؟... باقي ”نانيءَ ـــ ويڙها“ ٺاهڻ Human Psyche آهي ۽ هر هنڌ آهي.... بدنام رڳو اسان جا اديب آهن. سو ”واويلا“ کان وڌيڪَ اهم ”وِکرُ“ آهي..... تخليقَ پاڻَ ئي ٻڌائيندي آهي ته ڪيترو دم ۽ خم اٿس..... اجائي Projection وقتي چَسڪو آهي.

امر اقبال: ڇا ڪنهن سياسي نظرئي جي ڇَٽيءَ هيٺان به رهئين؟
پرويز ابڙو: ڇَٽي ته نه هئي، نِٽهڻ اُسَ ۾ بنان ڇپرَ ۽ بنان ڇانوَ جي وارَ اڇا ۽ پاڻَ ڪارا ٿي وياسي. نه هيڏانهن جا رهياسي، نه هوڏانهن جا ٿي سگهياسي. ”اڌورا اڌورا“ ئي رهياسي (مرڪندي)..... هاڻي ته سڀُ سياسي نظريا ٻاراڻي ڪا راند ٿا لڳن. جيڪا مُندَ ۾ اسان ملهائي سي..... ڳاڙهو جھنڊو ۽ سرخ سلام واري Ideology هاڻي فئنٽسي ٿي لڳي..... موتَ ۾ ئي مُڪتي آهي ـــ زندگي ته عارضي آسڻ آهي، سڀ ڪجهه هتي ئي رهجي ٿو وڃي. مالُ ملڪيت، جھيڙا جھٽا، نظريا.
آدرش ۽ Idiologies سڀ چونچلا ٿا لڳن ـــ بابا سائينءَ جڏهن منهنجي سيني تي ساههُ ڏنو هو، حضرت عذرائيل کي مون تمام ويجھو محسوس ڪيو هو ۽ مان بدلجي ويو هوس ــ موتَ جو خوف، خوفُ نه رهيو.... (مرڪندي) هاڻي موتُ به ڪو خوبصورت خوابُ ٿو لڳي. مان جيئڻ چاهيان ٿو، بنان ڪنهن خوابَ جي ۽ مان مرڻ چاهيان ٿو هڪ خوبصورت موتُ..... سياستَ کي سانڊي وانگر رنگ مٽائيندي ڏسي، هاڻي سياست کان وحشتَ ٿيڻ لڳي آ.

امر اقبال: چڱو ڀلا اِها ٻڌاءِ ته شارٽ اسٽوريءَ تي توجهه ڇو نه ڏنئي؟
پرويز ابڙو: (کلندي) سيريس ته مون ڪڏهن ناول کي به ناهي ورتو ـــ ورثي ۾ جيڪو مليو سو مون سنڌي ادبَ کي موٽايو. ڪهاڻيون لکيون آهن، ڪافي ڪهاڻيون لکيل آهن، جن مان ڪجهه مختلف رسالن ۾ ڇپيل به آهن. ناول لکڻ جي پرئڪٽس مونکي ڪهاڻين مان ئي ملي. هينئر به کوڙ ساريون ڪهاڻيون آهن جيڪي ساڄي هٿَ جي آڱرين ۾ ساههُ کڻن پيون، عمر جي آخري وهيءَ ۾ اُهي سڀُ ڪهاڻيون ڪاغذَ تي ضرور اُتاربيون.... ارادو ته اِهو ئي آهي، باقي ڏسجي ته ڇاٿو ٿئي.

امر اقبال: لکڻ تنهنجي نظر ۾ ڇا آهي، تون لکين ڇو ٿو؟
پرويز ابڙو: فرسٽريشن.... جيڪا هڪ بيماري آهي. اسان لکڻ سان پنهنجوعلاج ٿا ڪيون. دنيا جو هر ليکڪ ۽ شاعر، نفسياتي مريض آهي، جيڪو خوشفهمين ۾ زندهه آهي..... مان ”تون هڪ خواب آهين“، نه لکان ها ته چريو ٿي پوان ها. مان پنهنجي چريائپ پڙهندڙ تائين پُڄائي...... ۽ ٻين کي چريو ٿيندي ڏسي خوش ٿيندو رهيس، ائين ئي جيئن مون کان اڳ ۾ ٻيا اديبَ مونکي چريو ٿيندي ڏسي خوش ٿيندا رهيا.

امر اقبال: ..... نهَ پر ائين به ته آهي نه، جو ذهني توڙي سماجي حوالي سان سُکيا سَتابا ليکڪَ به لکن ٿا....؟!
پرويز ابڙو: ....... ها آهي.... مان سمجھان ٿو ته لکڻ، انهن جي عادت بڻجي وڃي ٿو..... اڃان به ”علت“.... جيئن هڪ Smoker سگريٽ نه ٿو ڇڏي سگهي، هڪ Drinker پيئڻ نه ٿو ڇڏي سگهي.... ڪُتا پاليندڙ ڀلي ڪيڏي به وڏي عهدي تي پهچي وڃي، پاليندو رهندو..... ڀَلا جُواري جُوا کان مڙندا آهن؟! ڀَلي زَالَ به وڪامي وڃي..... جُوا کيڏبي.... هِتي به ائين ئي آهي.

امر اقبال: هِتي ئي اهو سوال به اڀري ٿو ته اڪثر اديبَ ڪجهه عرصو لکي، شهرتون حاصل ڪري، پوءِ وري ماٺ جي ڊگهي سفرَ ڏانهن به هليا ٿا وڃن....يعني پنهنجي تخليقي ڪَمَ کي جاري نٿا رکي سگهن. ائين ڇو ٿو ٿئي؟
پرويز ابڙو: گهڻو لکڻ ورجاءُ ٿو پيدا ڪري. هر ليکڪ وٽ پنهنجو هڪ مخصوص Diction ۽ پنهنجي هِڪَ مخصوص Dictionary ٿئي ٿي. هو ساڳيا ساڳيا لفطَ ۽ ساڳيا ساڳيا خيالَ هيرَ ڦيرَ ڪَري استعمال ڪندو رهي ٿو. خيالَ ۽ آئيڊيا نوان ڪونهَ ٿا ملن..... سو گهڻو لکڻَ کان بهتر آهي ته ٿورو لکجي، پر نئون نئون لکجي. گهڻو لکڻَ سان ماڻهو جلدي خالي ٿي وڃي ٿو. شايد اِهو ئي سبب آهي جو اديبن جي گهڻائي اندران خالي ٿي وڃي ٿي ۽ هُو خاموش ٿي ويهي رهن ٿا، يا ڪنهن نواڻ جي ڳولها ۾ نڪري هليا ٿا وڃن.ڪو ڪو ليکڪُ ئي ان کوههَ وانگر ٿيندو آهي، جيڪو ڪڏهن به ناهي سُڪندو، جيئن شيخ اياز.... ۽ ڪوئي ڪوئي سمنڊَ وانگر.... جيئن ڀٽائي سرڪار. باقي اسان جهڙا آهن، پاڻيءَ جا گلاسَ....

امر اقبال: تو ڪجهه شاعري به ڪئي آهي؟
پرويز ابڙو: ها..... کوڙ سارا نثري نظمَ لکيا آهن..... نثري نظم آهن يا نثري خيالَ آهن، الائي ڇا آهن؟ (ٽهڪ ڏيندي)..... ڪوشش ته هرڪو ڪندو آهي پر...... All-Rounder ڪو ڪو ٿي سگهندو آهي، سو مان سنڌي ادب ۾ پنهنجي سُڃاڻپ وڪٽ ڪيپر (ناولسٽ) ۽ بئٽسمين (ڪهاڻيڪار) طور ئي سمجھان ٿو، باقي باؤلنگ (شاعري) اسان جي وَسَ کان ٻاهر آهي.

امر اقبال: شراب، عورت ۽ ڪتاب.... تنهنجي پهرئين چونڊَ ڇا هوندي؟
پرويز ابڙو: ٽنهي مان ڪوئي به نه..... ڇو ته ٽئي ڪمندَ جيان چُوسي ڊسٽ ــ بن ۾ اڇلائي ڇڏياسي.... ٽئي عياشيءَ جي علامت آهن.... ٻه نڀاڳَ جون نشانيون آهن..... ۽ ٽئين ننڊَ جي گوري..... سو نفس نهوڙي، نينهنُ نمازَ سان لاتوسي.

امر اقبال: ڇا مذهب هر ماڻهوءَ جي آخري پناهه گاهه آهي؟
پرويز ابڙو: هئڻ ته پهرئين کپي...... پر اسان اُنَ کي آخري ڪري ڇڏيو آهي (مرڪندي)..... سچل چيو هو، ”مذهبن ملڪَ ۾ ماڻهو منجھايا“. سچل سرڪار بادشاهه هيو، الاءِ ڪهڙي ڪيفيت ۾ چيو هئائين؟.... پر منهنجو مشاهدو چوي ٿو ته، ”ماڻهن ملڪ ۾ مذهبَ منجھايا“..... ماڻهوءَ، ماڻهوءَ کي مُنجھايو آهي. ماڻهو مذهبَ مان ناهي نڪتو، مذهب ماڻهن مان نڪتا آهن.... ۽ ماڻهوءَ جي ڀلي لاءِ ئي وجودَ ۾ آيا آهن. خرابي سڄي ماڻهوءَ ۾ آهي، مذهبن ۾ نه..... مذهبن ويچارن جو ڪهڙو ڏوههُ!؟ ـــ اُنهن ته اسان کي سِڌو رستو ٻڌايو آهي..... انسانُ ئي انڌو آهي، جنهن پاڻ کي پاڻ ڀٽڪايو آهي..... جواني ديواني آهي.... جوش هوشَ مٿان حاوي ٿو رهي. پيريءَ ۾ ئي پنهنجن پرڪارن جي پروڙَ پوي ٿي ۽ اکِ کُلي ٿي.... ڀٽائي سرڪار، جنهن جو اثرُ اسان جي مزاجَ منجهه آهي، اسان سنڌي بنيادي طرح مزاجاً ڀٽائيءَ جي رنگَ ۾ رنڱيل آهيون.....”جي تو بيتَ ڀانئيان سي آيتون آهين“.
سو ڀٽائي سڄو سارو مذهب آهي.

جيڏو تنهنجو نانءُ ٻاجھه به اوڏيائي منڱان
ريءَ ٿنڀين، ريءَ ٿوڻئين، تون ڇَپرَ تون ڇان
ڪُڄاڙو ڪهان توکي معلوم سڀ ڪي

امر اقبال: ڪراچي يونيورسٽي ياد ايندي اٿئي؟
پرويز ابڙو: نه........ زندگيءَ جي گاڏي ايترو ته اسپيڊَ سان سفر ۾ رهي آهي جو تيزيءَ سان گذري ويندڙ هر اسٽيشن کي Memory ۾ ياد رکڻ ممڪن به ناهي. باقي ڪجهه دوستَ ۽ ڪجهه يادون آهن جيڪي دل جي ڊائريءَ ۾ قيد ڪري ڇڏيا آهن. جيڪي منهنجين لکڻين ۾ ايندا رهن ٿا ـــ ڪراچي يونيورسٽي، منهنجي نوجوانيءَ جو ڪو خوبصورت خواب هيو..... ۽ ٻين خوابن جيان پنبڻين ۾ پوئيلُ آهي. جنهن جا عڪسَ منهنجين لکڻين ۾ ايندا رهندا.

امر اقبال: رُوسَ ۾ گذاريل وَقتُ ڪيئن ساريندين؟
پرويز ابڙو: ماسڪو هڪ خواب هيو، ننڍڙو ۽ مختصر خواب. انهن ڏِهاڙن ۾ جواني ديواني هئي. سو راجا پورس جي مست هاٿين جيان پاڻ کي ئي لتاڙيندا الائي ڪيڏا هليا ويا هُئاسين. هوش تڏهن آيو، جڏهن هر طرف دونهان ئي دونهان هيا.... سوويت يونين تازو تازو ٽِڙڪي پيو هو جو اسان اُتي پهتا هئاسي، منهنجي ٽيڪسٽائيل انجنيئرنگ ۾ داخلا ٿي هُئي.... ڪجهه ٻيا دوستَ به گڏ هيا ۽ پوءِ اسان به ڏيڍُ سالُ کن اُتي رَهي..... ٽِڙڪي، ٽُڪَرا، ٽُڪَرا ٿي واپس سنڌُ موٽي آيا هُئاسي..... ماڳَ، ڀاڳَ سان ئي ملندا آهن..... ويهن سالن پُڄاڻان گهڻو ڪجهه ويسر حوالي ٿي ويو آهي. ان کانپوءِ ٻارنهن سالَ ڍاڪا ۽ چار سالَ دبئيءَ اچ وڃ رهي.... عشق انڌو ٿيندو آهي.... ۽ انڌو ڪري ڇڏيندو آهي... ماڻهو قيسَ وانگر ڪنهن ڪَمَ جو نه ٿو رهي.... يارَ! مون توڏانهن هڪ ڊگهو خط جو لکيو هو اُتان.....

امر اقبال: ها بلڪل لکيو هُيئي.... ۽ اُهو جهڙوڪر ”خط ـــ سفرنامو“ هيو....
پرويز ابڙو: .....ته اُنهيءَ خَطَ (يا سفرنامي) ۾ ان وقت جي رُوسَ جون ۽ اسان جي ڪَرتوتَن جون سَڀُ خبرون موجود اَٿئي.... هِتي اُهو بابُ وري نه ٿا کوليئون.

امر اقبال: سنڌ جي روايتي ادبي ماحولَ ۽ ڪلچرَ کان تون پري پري رهئين..... اِها تنهنجي شعوري ڪوشش آهي يا تنهنجو سڀاءُ ئي اهڙو آهي؟
پرويز ابڙو: لکڻ ورثي ۾ مليو آهي مون کي.... سو مون لکيو.... جيئن اڳ ۾ چيم..... مزاجاً مان ليکڪ بلڪل به ناهيان. ادبي ماحولَ کان پري رهڻ ۾ نه شعوري ۽ نه ئي لاشعوري ڪائي به ڪوشش نه رهي. مون جيڪو به لکيو پنهنجي لاءِ لکيو. پنهنجي فرسٽريشن کان فرارَ لاءِ لکيو.... نه لکان ها ته ڦاٽي مران ها. مون ”واهه واهه“ لاءِ نه لکيو ۽ نه ئي نرگيست ۾ لکيو.... بس لکيو.... ان ڪري لکيو جو قبول ابڙو منهنجو پيءُ هيو. منهنجي انسپائريشن ۽ منهنجو پهريون هيرو هيو، ۽ هو به ائين ئي هيو.... جيئن هاڻي مان آهيان..... هُنَ به ان ڪري لکيو جو هو چوندو هيو ته مونکي بس لکڻ اچي پيو سو مون لکيو، باقي نه سُڃاڻپ لاءِ ۽ نه ئي ڪنهن مڃتا لاءِ هُنَ لکيو. هو به سنڌي ادب جو گمنام ۽ خاموش سپاهي هيو ۽ مان به...... (مُرڪندي) سپهه سالاريءَ سان اسان جو ڪجهه نه وڃي.

امر اقبال: ”ادبَ ۾ نواڻ“ تنهنجي نظرَ ۾ ڇا آهي؟
پرويز ابڙو: .......... ڪجهه الڳ الڳ، ڪجهه انوکو ۽ منفرد هئڻ گهرجي. ساڳيو سبجيڪٽُ، ساڳيو اسلوب ۽ ساڳيا ساڳيا ڪردارَ..... ۽ انهن جون ساڳيون ساڳيون ڪهاڻيون هاڻي بور ٿيون ڪن. سنڌي ادبُ يڪسانيت جو شڪار ٿي رهيو آهي. جن ليکڪن به جڏهن جڏهن الڳ اسلوبَ، الڳ آئيڊيا ۽ مختلف موضوعَ ڏنا، سي ڪلاسڪ جو حصو ٿي ويا. باقي گهڻو ڪجهه رديءَ حوالي ٿي وڃي ٿو. شوپنهارَ کان شيخ ايازَ تائين، امرتا پريتم کان امر جليلَ تائين، مارڪئيز کان منٽو تائين، گورڪيءَ کان ٽئگورَ تائين، پئبلو نرودا کان پروين شاڪر تائين ۽ ازرا پائونڊ کان ارونڌتي راءِ تائين، سڀ پنهنجي پنهنجي دؤرَ جا..... ادبَ اندر “Tycoons” آهن، ڇو ته هنن جمود ٽوڙيو ۽ نواڻ ڏني.

امر اقبال: اڄڪلهه ڇا پيو لکين؟
پرويز ابڙو: ناولَ تي ڪم هلي پيو...... ”ملهار“...... ملهار هڪ ڪردار آهي، ۽ ڪتاب جو نالو به.... جيڪو مجازَ کان حقيقت طرف سفر ٿو ڪري، بس اُنهيءَ سفرَ جون رولاڪيون ۽ ڪهاڻيون آهن.”لااِلٰه“ کان ”اِلااَللهَ“ تائين جو سفر شامل آهي اِنهيءَ ناولَ ۾..... اِهو منهنجو آخري ناول آهي.... جنهن کانپوءِ پرويز ابڙو ناولن جي دنيا مان رٽائر ٿي ويندو.... (ٽَهڪُ) ۽ پوءِ هُو صرف ۽ صرف ڀٽائي سرڪار تي ڪم ڪندو.... ڀٽائي منهنجو مجاز آهي ۽ قرآن منهنجي حقيقتَ.....

امر اقبال: تنهنجو ننڍپڻ ۽ نوجواني لياريءَ ۾ گذري آهي..... لياريءَ جو ڪلچر ۽ ڪردارَ تنهنجين لکڻين ۾ ڪٿي آهن؟
پرويز ابڙو: لياري..... عجيب دنيا آهي، اُها به هن Globe تي. وحشتَ ۽ دهشتَ سان ڀريلَ، جڳمڳ جڳمڳ جگنوئن سان جرڪندڙَ هِڪَ الڳ مزاجَ ۽ منفرد مخلوقَ واري دنيا. مڪرانين کان وٺي ميمڻن تائين، لياريءَ کي پنهنجو جدا ۽ مختلف ڪلچر ۽ نيچر رهي آهي. هِتي ڪوئي ڪنهن جو ناهي ۽ هِتي هر ڪوئي هر ڪنهن جو آهي. لياريءَ جي پس منظرَ ۾ سائين اياز قادريءَ جي ڪهاڻي ”بلو دادا“ ڪمالَ جي ڪهاڻي آهي ۽ سنڌي ادبَ ۾ ڪلاسڪ جو درجو رکي ٿي. لياري منهنجو ڳوٺ رهي آهي، جيڪو پنهنجي مزاجَ ۾ هڪ انوکو آسڻ آهي، جنهن کي ارپڻ لاءِ مون وٽ سواءِ لکڻَ جي ٻيو ڪجهه به ناهي. منهنجو پهريون عشقُ شڪارپور ۽ ٻيون عشق لياري آهي. لياري منهنجي روحَ ۾ رچيل آهي ۽ اڄ به مون لاءِ ڪنهن ٻاجھه ڀري هنجَ وانگر ئي آهي. منهنجي ايندڙَ ناولَ ”ملهارَ“ ۾ توکي لياري (۽ ڪراچيءَ) جا ڪيترائي نوان ۽ پُراڻا رنگَ ملندا. ”مهار“ منهنجي رولاڪيءَ تي مشتمل ناول آهي. جنهن جو پسمنظر ۽ پيش منظر مان پاڻَ آهيان... هونئن به ”ڪراچي“ منهنجي ڪهاڻي آهي ۽ مان ڪراچيءَ جي ڪهاڻي آهيان. ڪراچيءَ جي هر پهر، هر مند ۽ هر رنگ ۾ روحَ سان رَچي رُليو آهيان.

امر اقبال: آخر ۾ پنهنجي طرفان ڪجهه به چَئهُ.......
پرويز ابڙو: ها مان چوندس..... پهريون هن انٽرويوءَ تي..... پوءِ توتي.... ۽آخر ۾ پاڻَ تي..... (گڏيل ٽهڪ).... زندگيءَ ۾..... ادبي زندگيءَ ۾، جڏهن کان هن ادبَ جي دنيا ۾ پيرُ پاتو اٿم، هي منهنجو پهريون انٽرويو آهي.... هن کان الڳ ڪنهن ورتو ئي نه.... ڪنهن کي ڏنو ئي نه.... (گڏيل ٽهڪ).... تون پهريون ماڻهو آهين، ڇو ته تون ۽ مان ئي هڪٻئي جي لائق آهيون.... (ٽهڪُ)... باقي ٻيا سَڀُ مٿي آهن يا هيٺ.... تون مان ٻئي ”وِچُ“ آهيون.... (ٽهڪ)..... سنڌي ادب ۾ منهنجي ادبي سڃاڻپ منهنجا ناول آهن يا وري تون، امرَ!..... تون نه هجين ها ته مان ادب مان مڪمل آئوٽ هجان ها. تون مون لاءِ هن ادبي ماحولَ ۾ “Window 2007” آهين. باقي مان...... اُهو ئي آهيان..... ”مان جوئي آهيان، سوئي آهيان“.