شخصيتون ۽ خاڪا

آءُ اسان وٽ ويههُ (انٽرويو)

هي ڪتاب خوبصورت شاعر ۽ ليکڪ امر اقبال پاران ورتل انٽرويوز تي مشتمل آهي. جيڪي هُنَ مختلف وقتن تي ريڊيو خيرپور، ٽماهي ”پوپٽ“، يا ڪِن ٻين رسالن لاءِ ڪياآهن. انٽرويو، ڪجهه ويجھڙائيءَ ۾ ڪيل آهن ته ڪجهه وري آڳاٽا آهن، پَرَ سليقي ۽ نفاست سان ڪيل اِهي انٽرويو، جوابن جي صورت ۾ معزز ليکڪن/شاعرن پاران سامهون آيل قيمتي ويچارَن سبب، پَئي پُراڻا ناهن ٿيڻا. هي ڪِتابُ ليکڪن/شاعرن جي خيالن جي مختلف Flevers جي ڪري، نهايت دلچسپ آهي ۽ اسين سمجھون ٿا ته اوهان هِنَ ڪِتابَ کي ڪڏهن به اڌ ۾ ڇڏي نه سگهندؤ.
  • 4.5/5.0
  • 2727
  • 773
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • امر اقبال
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book آءُ اسان وٽ ويههُ  (انٽرويو)

لکڻ منهنجو عشق َآهي.....

معزز سامعين!
ريڊيو پاڪستان خيرپور جي اسٽوڊيو مان اوهان کي امر اقبالَ جو سلام! اسان پنهنجي پروگرام ”ادبي سنگت“ جي سلسلي ”ملاقات“ ۾ اڄ هڪ اهڙي مهمانَ کي ڪوٺ ڏني آهي، جيڪو جديد سنڌي شاعريءَ جو انتهائي خوبصورت ۽ مانائتو نانءُ آهي، ۽ اهي شاعر جن جديد سنڌي شاعريءَ ۾ نوان تجربا ڪيا آهن ۽ نئون رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، انهن نالن ۾ هن شاعر جو شُمار به ٿئي ٿو. اسان جو اڄ جو مهمان آهي ”حبيب ساجد“..... سنڌي شاعريءَ جي حوالي سان حبيب ساجد جي سڃاڻپ جا مختلف حوالا آهن، هي نثري نظمَ جو نمائندو شاعرآهي پر ان کان علاوه هن پابند شاعري به ڪئي آهي، جنهن ۾ غزل، آزاد نظم، هائيڪوز ۽ خاص طور تي بيت ۽ وايون..... حبيب، منفرد انداز ۾ لکيا آهن. ٻي خاص ڳالهه، اها، ته حبيب ساجد نثر نويس پڻ آهي. نثر جي حوالي سان هن ڪيترو ئي ڪم ڪيو آهي، هن سنڌي ٻوليءَ کي تمام قيمتي مواد ترجمو ڪري به ڏنو آهي، جنهن ۾ ڪهاڻيون، شاعري، مضمونَ ۽ هاڻ هڪ ناول پڻ سندس قلم هيٺ آهي. حبيب جا ٻه ڪتاب هن وقت تائين شايع ٿي چڪا آهن، جن مان هڪڙو هن جي وايُن جو مجموعو ”تنهنجي وئي کانپوءِ“ جيڪو سندس يونيورسٽي دؤرَ ۾ ساٿي شاعرن ابراهيم کرل ۽ علي عابد سان گڏ ڇپيو هو ۽ ٻيو ڪتاب ”چونڊ نوبيل ڪهاڻيون“ جيڪو ممتازبخاريءَ سان گڏ ڇپيو، انهن ليکڪن جي ڪهاڻين تي ٻڌل آهي جيڪي ادب ۾ نوبيل لاريٽ رهيا. حبيب ساجد اسان سان اسٽوڊيو ۾ گڏ آهي..... ساڻس، سندس تخليقي سفر جي حوالي سان ڳالهيون ڪنداسين.

امر اقبال: حبيب! اسان توکي ريڊيو پاڪستان خيرپور جي اسٽوڊيو ۾ ڀليڪار چئون ٿا.
حبيب ساجد: امر! مون کي توسان هن طرح ڪچهري ڪندي تمام سٺو لڳي رهيو آهي. تون جهڙي طرح سان منهنجو تعارف ڪرايو آ، مان پاڻ کي ايترن سٺن لفظن جي لائق ڪونه ٿو سمجهان، پوءِ به امر! تنهنجي وڏي مهرباني.

امر اقبال: ريڊيو پاڪستان خيرپور جي اسٽوڊيو ۾ اچڻ ڪيئن لڳي رهيو آهي؟
حبيب ساجد: امر! مان انٽرويوز تمام گهٽ ڏيندو آهيان..... پر جڏهن پروگرام پروڊيوسر مون کي دعوت ڏني ۽ ٻڌايو ته؛ امر اقبال اوهان جو انٽرويو وٺندو، ته مون کي بي انتها خوشي محسوس ٿي، ڇو ته هڪ دوست ئي پنهنجي ٻي دوست کي چڱيءَ ريت ڄاڻيندو آهي ۽ اهو ٻين رواجي انٽرويو وٺندڙن کان گهڻو بهتر انٽرويو وٺي سگهندو آهي.

امر اقبال: حبيب! هاڻ پاڻ تنهنجي تخليقي سفر تي ڳالهه ٻولهه ڪنداسين ته عمر جو اهو ڪهڙو دؤر هيو جڏهن توکي يعني ”حبيب الله بلوچ“ کي اهو محسوس ٿيو ته هو لکي به سگهي ٿو، ۽ پوءِ هو ”حبيب ساجد“ بڻجي ويو؟
حبيب ساجد: امر! اهي مان ڀانئيان 1990ع جا شروعاتي ڏهاڙا هيا جڏهن مان پنهنجي ”پير جو ڳوٺ“ شهر جي هڪ پرائيويٽ اسڪول ۾ استاد هيس..... ته اتي مون کي ماحول اهڙو مليو جو منهنجو لکڻ پڙهڻ ڏانهن لاڙو ٿي ويو، ۽ مان لکڻ گهٽ پر پڙهڻ گهڻو لڳو هيس. جيڪو به ڪتاب هٿ ايندو هو..... ايتري تائين جو ڪو ڊائجسٽ به ملندو هو ته پڙهي ڇڏيندو هيس. اتي مون کي ڪنهن ڳالهه جي ڪري urg محسوس ٿي هئي ته مان لکي سگهان ٿو. اتي ٻه استاد اهڙا هيا جيڪي اهڙن لکندڙن کي همتائيندا هيا..... جن مان هڪ مرحوم سائين عاقل سنڌي هيو، جنهن جي مزاحيه شاعري پوري سنڌ ۾ مشهور هئي ۽ جيڪو ”جھرلو جھمٽ پوري“ جي مزاحيه نالي سان مزاحيه شاعري لکندو هيو..... ۽ ٻيو سائين مرحوم استاد نديم انصاري هيو، جيڪو اڄ جي اسان جي سيبتن شاعرن وحيد انصاري ۽ قديرانصاريءَ جو نانو هيو..... انهن مان سائين عاقل سنڌي اهڙو شاعر هيو جنهن منهنجي ڪچين لکڻين کي به وڏي اهميت ڏني ۽ مون کي تمام گهڻو همتايو، ان مقابلي ۾ سائين نديم انصاري منهنجي جديد قسم جي شاعريءَ لاءِ چوندو هيو ته، اها ”شيخ اياز واري گروپ“ واري شاعري آهي، ان ڪري انهن ڪڏهن به ايتري اهميت نه ڏني... پر هڪ دفعي نديم صاحب، ايازگل جو هڪ غزل پڙهي حيران ٿي رهيو هو ته ڪيڏو نه سهڻو غزل آهي، اهو غزل هيئن هيو:

کاتا ٿي رکين هيڏا جي منهنجي خطائن جا
دَرَ بند رکيا ٿي ڇو، پوءِ جان ! سزائن جا؟!

نديم انصاريءَ کان پوءِ مون پنهنجي شاعري سائين منير سولنگيءَ کي ڏيکاري هئي ته هُنَ مونکي تمام گهڻو همتايو هو…. پر سائينءَ جي هڪ عادت تمام گهڻو متاثر ڪيو هو….. سائين منير کي پنهنجي شاعري ڪنهن به رفرنس طور پڙهڻ جي ڏاڍي عادت هئي، ۽ هو پنهنجي ايتري ته جامَ شاعري ٻڌائي ويندو هيو جو موڪلائڻ مهل عقل ڪم ئي نه ڪندو هو، پير جاءِ تي ڪونه پوندا هيا، ٿڙندي ٿاٻڙجندي گهر پهچبو هو…..

امر اقبال: تون جڏهن لکڻ جي شروعات ڪئي ته اهي ڪهڙا هم عصر شاعر هيا جيڪي توسان ان سفر ۾ گڏ رهيا؟
حبيب ساجد: امر! مون کي اهو چوندي ڏاڍو فخر محسوس ٿي رهيو آهي ته مون کي ادبي طور تي تمام سهڻا سنگتي مليا. مان جڏهن پنهنجي لطيف يونيورسٽيءَ ۾ داخلا واري دؤر يعني 1990ع جي شروع ۾ سکر شفٽ ٿي ويم ته اتي مان سنڌي ادبي سنگت سکر جي گڏجاڻين ۾ وڃڻ شروع ڪيو هو، جيڪي گڏجاڻيون نثري نظم جي مشهور شاعر پارس حميد جي جاءِ تي ٿينديون هيون..... ۽ انهن ڏينهن ۾ سائين ايازگل شاخ جو سيڪريٽري هوندو هيو، جنهن جو بي انتها ضابطي سان سنگت جي ڪاروائي هلائڻ ۽ سڀني شريڪن کي هڪ هڪ ڪري ڳالهائڻ جي ڪوٺ ڏيڻ، مون ٻروچ ماڻهو لاءِ ڏاڍو ڏکيو ۽ عجيب تجربو هيو. پوءِ جڏهن ڪجهه گڏجاڻين بعد مون کي ادبي سنگت سکر جو باقاعده ميمبر چونڊيو ويو ته مون کي منهنجن دوستن مهر خادم، اسد عباسي، قدير انصاري ۽ وحيد انصاريءَ مُبارڪون ڏنيون هيون ته تون ان تاريخي ادبي سنگت جو حصو ٿي ويو آهين جنهن ۾ شيخ اياز، رشيد ڀٽي ۽ فتاح ملڪ جهڙا شاعر ۽ اديب سرگرم رهي چڪا آهن. ان کان پوءِ سکڻ جو هڪ عظيم سلسلو شروع ٿيو جنهن ۾ منهنجا اهي دوست هر قدم تي منهنجو ڀرجھلو رهيا ۽ مان اتان تمام گهڻو پرايو. اتي سائين ادل سومري جهڙي مهربان هستي ۽ سائين ايازگل جهڙي هڪ caring شاعر ۽ سڀ کان عجيب ۽ بنهه مختلف انسان آغا پير محمد ”ڪئلاش“ سان دوستي ٿي. ڪئلاش سڀ کان پهرين مون کي منهنجي پسنديده شاعر گلزار سان آشنائي ڪرائي ۽ هن جي فلم ”اجازت“ واري نظم جي ڪيسيٽ مون کي گفٽ ڪئي هئي. ڪئلاش سان گذاريل هر لمحو مون کي عزيز آهي. آغا ان وقت پي ٽي وي ۾ نيوز پروڊيوسر هيو ۽ سکر ۾ posted هيو، سندس ڊگها ڊگها بحث ۽ سکر شهر جو رات جي وڳڙي ۾، سنڌو درياءَ جي پرئين پاسي کان ديدار….. اهڙيون يادگيريون آهن، جيڪي مون کي ڏاڍو عزيز آهن، ۽ ان بعد مون جيڪ وقت سائين ايازگل سان گذاريو، اهو منهنجي حياتيءَ جو ايئن سمجھو ته حاصل آهي. عام طور تي شامَ جو سائين اياز ۽ مان گڏجي walk تي نڪرندا هئاسي، بئراج ڪالونيءَ کان ٿيندا، لبِ مهراڻ ۽ اتان بندر روڊ تي ”پرين ـــ گھاٽ“ تائين، سائين پنهنجا نوان شعر هوريان هوريان جھونگاريندو هيو ۽ انهن تي راءِ وٺندو هيو، ڪڏهن ڪڏهن گهڻي موڊَ ۾ اچي مهدي حسن جو هي غزل ايتري ته سهڻي انداز سان ڳائيندو هيو جو اصل مزو اچي ويندو هُيو:
يارو! ڪسي قاتل سي ڪبهي پيار نه مانگو
اپني هي گلي ڪي ليي، تلوار نه مانگو

گر جائوگي تم اپني مسيحا ڪي نظر سي
مر ڪر بهي علاج دل بيمار نه مانگو

سائين اياز جي اها وڏي خوبي چئبي ته منهنجن ڪچن ڦڪن راين کي تمام غور سان ٻڌندو هيو ۽ اگر اهي کيس صحيح لڳندا هيا ته شعرن ۾ ايئن ڦيرڦار به ڪندو هيو. مان ڏاڍي فخر وچان اهو چوندو آهيان ته منهنجا سائين ايازگل سان ٻه رشتا آهن…. هڪ پيار ۽ شاعريءَ وارو رشتو ۽ ٻيو ته هو منهنجي بي انتها قابل احترام آرڪيالاجيءَ ۾ استاد مئڊم ڊاڪٽر مستور بُخاريءَ جو وَرُ آهي.
ان کان پوءِ specially مان ذڪر ڪرڻ چاهيندم محترم پارس حميد جو جيڪو ان وقت ( ۽ هن وقت به) نثري نظمَ جو هڪ سگھارو نالو هو، ان جا نظم ڏاڍو وڻندڙ هوندا هيا. پارس جي لفظن جي سليڪشن ڪمالَ جي هوندي هئي. ايئن سمجھو ڄڻ لفظن جو ريشمي درياءُ هوندو هيو، جيڪو ڪنن ۾ وهندو ويندو هو. مان اهو اعتراف هر جاءِ تي ڪندو آهيان ته مون نثري نظمَ لکڻَ جي شروعات پارس حميد جي نظمن کي پڙهڻ کانپوءِ ڪئي..... پوءِ ان سفر ۾، منهنجي گهڻي همت ڪئلاش ۽ آدرش وڌائي.

امر اقبال: اڇا حبيب! ان کان پوءِ جيڪو دؤر تنهنجي شاعريءَ جو سڀ کان ڀرپور دؤر رهيو آهي، اهو لطيف يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ وارو دؤر هيو، اتي اهي ڪهڙا محرڪ هيا يا تنهنجي اتي ڪهڙي سنگت هئي. جنهن جي ساٿَ ۾ تو ايترو سٺو ۽ ڀرپور لکيو؟
حبيب ساجد: امر! ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته لطيف يونيورسٽي اسان جهڙن سيکڙاٽ ماڻهن لاءِ هڪ وڏي درسگاهه رهي آهي، اتي اڄ به اهو ئي ڪجهه لکجي رهيو هوندو جيڪو اسان لکي آيا آهيون، صرف نالا مٽبا آهن. واقعا ۽ سچيون
بي لوث محبتون اڄ به ٿي رهيون هونديون. اصل ۾ ڇا هي امر!.... ته اتي به اها ئي ڳالهه ٿي ته مون کي اتي به اهڙا ته سهڻا سنگتي مليا، جن مون کي اڃان به اڳتي ڪيو. اتي منهنجن لکڻين تي مون کي تمام هاڪاري موٽ ملندي هئي. اتي يعني يونيورسٽيءَ ۾ هڪ شيءِ تمام زبردست هوندي هئي ته اتي هر ڊپارٽمينـٽ جا شاعر پنهنجون ڪويتائون سٺن اکرن ۾ لکي ڊپارٽمينٽ اڳيان ڀت تي چنبڙائي ڇڏيندا هيا، ان ڪري شاعري تمام جلدي جلدي سڀني تائين ڪميونيڪيٽ ٿيندي هئي. ايئن ئي ادبي سنگت يونيورسٽي برانچ جي ”شاعري شيٽ“ ڪئمپس جي مئن ڏاڪڻين وٽ هوندي هئي، ان ڪري جيڪي به شاگرد يا شاگردياڻيون اتان گذرندا هئا ته اهي ان شيٽ تي هڪ نظر ضرور وجھندا هئا، ان ڪري اسان جا الاهي ساترا نظمَ ايئن ڏاڍو مشهور ٿيا هيا. ڪجهه دوست خاص طور تي اهي شيٽس لکڻ تي مقرر هيا جن جا هٿ اکر تمام سهڻا هيا، جيئن علي عابد ۽ اشفاق چانڊيو. ان وقت جا سيڪريٽري به ڀلوڙ ليکڪ هيا، مان جڏهن enter ٿيو هيس ته محترمه فرزانه شاهين مڱڻيجو سيڪريٽري هئي، ان کان پوءِ ضمير لاشاري جيڪو ڏاڍو Cute ۽ پيارڙو انسان هيو (۽ اڃان تائين اُئين ئي آهي)..... اهو سيڪريٽري ادبي سنگت رهيو. پوءِ ممتاز بُخاري ۽ ان کانپوءِ شوڪت نوناري.... ۽ ايئن اسان جي دوستن جو هڪ مشهور گروپ هيو، جن مان ڪنهن جي به هڪ ٻي کان سواءِ سرندي نه هئي. اتي ئي خوشنصيبيءَ سان سائين ادل سومرو، سائين ايازگل، سائين امان ڀٽي، ميڊم نجمه نور ڦلپوٽو، ڊاڪٽر عبدالمجيد چانڊيو، ڊاڪٽر اسحاق انصاري، ساٿي تسليم منگي، زبيده سومرو، فهميده شرف بلوچ، نثار ٻانڀڻ، خالد ٻانڀڻ، نجمه مغل ۽ٻين سٺن ساٿين جي سنگت به نصيب هئي. اسان گهڻو ڪري ان جاءِ تي ڪٺا ٿيندا هياسي جتي اڳ ۾ اسان جا سينيئر شاعر ڪٺا ٿيندا هيا..... يعني ”Lovers’ Point“..... جيڪا موجوده ڪينٽين جي اڳيان وڻن جي وچ ۾ هوندي هئي. اتي سائين ايازگل، سميع بلوچ، ڪوثر ٻرڙو ۽ مختيار ملڪ واري ٽهي پنهنجي شاگرديءَ وارو دؤر گذاري وئي هئي.... ان ڪري ان دؤرَ جي شاعريءَ ۽ زندگيءَ جو سفر ايترو ته سهڻو ۽ يادگار گذريو جو اهي ڏينهن هاڻي به جڏهن ياد ايندا آهن ته ٿڌو شوڪارو ڀرجي ويندو آهي.
(حبيبَ جو ٿڌو ساههُ)

امر اقبال: سنڌي شاعريءَ جي سڀني صنفن مان تون نثري نظم تي گهڻو ڌيان ڏنو، حالانڪه اها هڪ اهڙي صنف آهي جنهن کي سنڌي ٻوليءَ ۾ مڃتا تمام دير سان ملي؟
حبيب ساجد: امر! نثري نظم اسان جي سنڌي شاعريءَ ۾ ڪنهن نه ڪنهن نالي سان موجود ته رهيو آهي، جيئن ”ادب لطيف“ وغيره. پر ان کي هتي پنهنجي جاءِ ٺاهڻ ۾ وڏيون دشوايون پيش آيون آهن، سڀ. کان وڏو حملو ته هن صنف تي اسان جي آڳاٽن سنڌي شاعرن ڪيو جنهن ۾ مزي جي ڳالهه آهي ته شيخ اياز به شامل آهي، پر پوءِ شيخ اياز پاڻ به نثري نظمَ لکي ڄڻ ته هن صنف کي مڃتا ڏني. اصل ۾ عام خيال اهو آهي ته نثري نطم لکڻ کي تمام سؤلو سمجھيو ويو….. يعني توهان کي اگر شعر لکڻ نه اچي ته توهان نثري نظمَ لکي سگهو ٿا، ان ڪري تنويرعباسي صاحب نثري نظمَ کي تمام خطرناڪ ادبي صنف سمجھندو هيو.... اها حقيقت به آهي ته نثري نظم هونءَ ته پهرين نظر ۾ هڪ سؤلي صنف نظر ايندي آهي پر نثري نظم لکڻ صفا به سؤلو ڪونهي امر!.... اصل ۾ ڇا آهي ته اوهان جڏهن نثري نظم لکو ٿا ته بظاهر ان کي ڪا به مروج support ڪانه آهي، نه قافيو، نه رديف، نه بحر وزن ۽ نه ئي ڪا ٻي ٿوڻي يا ٿنڀ، جيڪو نثري نظم کي ٽيڪ ڏئي. نثري نظم کي صرف ۽ صرف ان جو خيال اوچائين تي کڻي ٿو. ان ڪري جيستائين خيال ڌونڌاڙيندڙ نه هوندو اهو نظم نثري نظم نه هوندو. نثري نظم پنهنجي جوهر ۾ هڪ تمام ڏکي صنفَ آهي، جيڪا رتُ ولوڙڻ کان پوءِ ئي لکي سگهبي آهي. هڪ نظم عدمَ کان پني تي وجود وٺڻ ۾ وڏيون قربانيون گهرندو آهي، ڀلا ائين ڪو عام شاعر لکي سگهي ٿو جيئن شفقت سومري لکيو آهي:

”ماڪ ـــ پسينو آهي ٿڪل رات جو“.

يا جيئن مصطفيٰ ارباب چيو ته:

”روڊن تي ئي نه ـــ حادثا ذهنن ۾ به ٿيندا آهن“.

يا جيئن بادل جو هي نظم:

”منهنجي چهري تي
جيڪي به گهنج آهن
اهي سڀ
وقت جي پيرن جا نشان آهن“.

امر اقبال: نثري نظم لکڻ کانپوءِ وري تون پابند شاعري لکي، اهو ڪيئن ٿيو؟ ڇو ته بظاهر تون پابند شاعريءَ واري مزاج جو شاعر ته آهين ڪونه؟
حبيب ساجد: اصل ۾ امر!، مان هِتي اهو اعتراف ڪندم ته مان پنهنجي دوستن کان سواءِ ڄڻ ته ڪجهه به ڪونه آهيان.... ۽ منهنجا گهڻا دوستَ اهڙا هيا جيڪي پابند شاعريءَ واري ڏانوَ جا هيا. مثال طور تي هڪ دوست جو نالو کڻندس ”اسد عباسي“ ته مان وايون لکڻ جي شروعات اسد عباسيءَ جي همت ڏيارڻ تي ڪئي هئي، جيڪو سکر ۾ وائي لکندڙن ۾ سڀ کان سگھارو نالو هو.... ۽ آهي، ان جو مثال ڏيان ٿو ته هن جي هڪ وائي هئي:

سالگرهه جي ڪيڪَ تي
ميڻ بتيون ٻاري
لڙڪن سان کيڏان پيو

مون جڏهن وائي لکي ته ان کي ايترو ته سؤلو بڻايو جو اها وائي ڪو ٻڪرار به اگر ٻڌي ته سولائيءَ سان سمجھي سگهي ٿو.
۽ هائيڪو لکڻ جي شروعات به مون دوست قدير انصاريءَ جي support ڪرڻ تي ڪئي هئي. قدير جو هڪ مشهور هائيڪو ذهن ۾ اچي پيو ته:

ڪيڏو ڏينهن تتل
اسٽيشن جي بئنچَ تي
ماڻهو هِڪُ سُتل

ته ڏسو ڄڻ منظر جي هڪ جھپڪي آهي جيڪا اکين اڳيان ڦري وئي. اهڙي طرح سان غزل لکڻ جي ڪوشش مون پياري دوست وحيد انصاريءَ جي سنگت ۾ ڪئي هئي جنهن جو مشهور غزل الائي ڇو اڃان ڪنهن راڳيءَ کي نه مليو آهي:

شعرَ جيڪي به پيارَ تي آهن
ڄڻ ڪبوترَ مزارَ تي آهن

امر اقبال: اڇا حبيب! تنهنجي نثري نظمن جو هڪ سٺو مجموعو ٺهي ۽ ڇپجي سگهي ٿو پر تون ان تي focus ڪونه ٿو پيو ڪرين.... ڇو؟
حبيب ساجد: امر! اصل ۾ مون سان اها ڪار رهي آهي جو مان mobile تمام گهڻو رهيو آهيان. ايترن شهرن ۾ رهڻ ۽ وري رهڻ لاءِ shiftings ڪيون آهن جو مان واقعي ان معاملي تي focus نه ڪري سگهيو آهيان، نه ته منهنجو ڪتاب بلڪل تيار آهي، بس اوليتون بدلجي ويون آهن. اڳ ۾ اوليت شاعري هوندي هئي هاڻي اوليت بهرحال شاعري ڪانه رهي سگهي آهي، ٽرئجڊي اها آهي ته مونکي نوڪري به ان ئي محڪمي ۾ ملي جنهن ۾ رڳو رولاڪڙا آهن.... يعني ”ريلوي ۾ گارڊ“.... ته انهيءَ جي ڪري ڪڏهن ملتان ۾ آهيون ته ڪڏهن خانيوالَ ۾، ڪڏهن ڪوٽڙيءَ جي رننگ روم جو کاڌو نصيب ۾ آهي ته ڪڏهن ڪراچي ڪينٽ جي گارڊس ريٽائرنگ روم جو….
ان ماحول ۾ مون کي پاڻ کي composed نموني سان رکڻ ۾ ڏاڍيون ڏکايون پيش اچي رهيون آهن، پوءِ به مان ڪوشش ڪري رهيو آهيان ته پنهنجي نظمن جو هڪ ڀيرو ٻيهر هڪ revision ڪڍي وٺان ۽ انهن کي پاڻ compose به ڪيان ته re-settle به ڪيان.

امر اقبال: تون زندگيءَ ۾ ڏاڍو سفر ڪيو آهي ان لاءِ مان جيڪڏهن ڪو term استعمال ڪيان ته اهو ”خانه بدوش“ جو ذهنَ ۾ اچي ٿو، ان حوالي سان تو ڪنهن دؤرَ ۾ ڪالم به لکيا هيا ”هڪ جپسي ڪالم“ جي سري سان، ته اها خانه بدوشي آخر ڪيستائين هلندي؟
حبيب ساجد: امر! ان سوال جو جواب ته مان اڳلي سوال ۾ ڏئي چڪوآهيان. ها مون واقعي اهي ڪالم لکيا هيا ۽ اهي ڪالم تمام گهڻو پسند به ڪيا ويا هئا.... خاص طور تي سائين محمود مغل منهنجي انهن ڪالمن کي ڏاڍو پسند ڪيو هو، ۽ جڏهن هڪ ڀيرو سکر آيو هيو ته مون سان ملڻ لاءِ منهنجي آفيس به آيو هيو.... پر افسوس جو مان موڪل تي هيس ۽ هو پياري دوست مالڪ کوسي سان ملي واپس هليو ويو هيو.

امر اقبال: جس شهر ۾ رهنا اُڪتائي هوي رهنا؟
حبيب ساجد: ها امر! مان واقعي ڪنهن به شهر ۾ گهڻو وقت نه رهي سگهيس. هونءَ ڊيوٽيءَ دوران مان سنڌ جا ڪافي ساترا شهر گهمي ۽ رهي ڏٺا ۽ هرشهرَ جو پنهنجو مزاج ۽ پنهنجي ٽيسٽ آهي، جيڪب آباد جو پنهنجو ماحول ۽ شڪارپور جو بنهه پنهنجو مزاج.... ايئن لاڙڪاڻو واقعي به ساهه سيباڻو شهر آهي ته خيرپور وري خاموش، سانتيڪو ۽ مراقبي واري ماحولَ جهڙو شهر آهي. مان گهڻو easy پنهنجي هن اباڻي ضلعي خيرپور ۾ محسوس ڪندو آهيان ڇو ته لقمان جي مئن پرائمري اسڪول ۾ مان پڙهيس، ۽ ناز هاءِ اسڪول ۾ به ڪجهه ڏينهن رهيس، ته شهر ۾ اچي مان پنهنجي وساريل پناهه گاهه يعني ”شاعري ۽ لکڻ پڙهڻ“ جي موڊ ۾ واپس اچي ويندو آهيان.... ۽ شايد اهو سبب هجي ته لطيف يونيورسٽي جي ويجھڙائي به مون کي سٺي لڳندي آهي.

امر اقبال: حبيب! تنهنجا دوستن ڏانهن لکيل خط هجن يا تنهنجا ڪالم ۽ مضمون، انهن ۾ هڪ اڻ لکائيندڙ طنز ۽ مزاح جو عُنصر به شامل هوندو آهي.... اها حس تو وٽ ڪٿان آئي؟
حبيب ساجد: ها امر! واقعي اهي ڳالهيون نيچرل آهن ۽ منهنجي مزاج ۾ شامل آهن ۽ انهن جي ڪري ئي مون پاڻ سان ڪافي دوست ڪاوڙائيا به آهن....

امر اقبال: هاڻي ترجمن جي به ڳالهه ڪيون ته جيئن مون اڳ ۾ ذڪر ڪيو ته چونڊ نوبيل ڪهاڻين جو ڪتاب تون ممتاز بُخاريءَ سان گڏ ترجمو ڪيو ۽ شاعريءَ جي حوالي سان به هڪ ڪليڪشن ترجمو ڪئي هئي جنهن ۾ پئبلو نيرودا ۽ قديم سنسڪرت جي شاعر امارو جا نظمَ شامل آهن.... ته اهو سلسلو ڪٿي پهتو آهي؟
حبيب ساجد: امر!، اها ڪليڪشن جنهن جو تو ذڪر ڪيو آهي، اها هن وقت مون وٽ موجود ڪونه آهي، اها مون کان محترم لطيف انصاري جيڪو هينئر اسلاميه ڪاليج، سکر ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار آهي، مون کان ڪمپوز ڪرڻ لاءِ وٺي ويو هو، ۽ پوءِ انڪار ڪري ڇڏيائين ته: ”اهو ڪتاب اوهان مون کي ڏنو ئي ڪونه هو“..... ڇا ٿو ڪري سگهجي امر!؟..... ان کان پوءِ مان هن وقت ترڪيءَ جي نوبيل لاريٽ Orhan Pamuk تي ڪم ڪري رهيو آهيان، جنهن جا ناول دنيا ۾ وڏي مڃتا ماڻي چڪا آهن ۽ جنهن کي 2006ع جو ادب جو نوبيل انعام ڏنو ويو هو.

امر اقبال: ڀلا ترجمي کي ڪيئن ڊفائن ڪندين؟
حبيب ساجد: امر! ترجمو منهنجي نظر ۾ هڪ اهڙي ڪوشش آهي جيڪا اصل جي نقل ڪرڻ برابر هوندي آهي. پر ان جي اهميت کان ڪو به انڪار نه ٿو ڪري سگهي ته ترجمي جي پنهنجي هڪ حيثيت آهي. اوهان دل ۾ پڪو پهه ڪيو ٿا ته as it as ڪنهن ناول يا ڪهاڻي يا شاعريءَ کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ لاهي سگهو ٿا ته اهو بي انتها مشڪل ڪم آهي. اسان ترجمي جو اگر 60 سيڪڙو به صحيح ڪم ڪيو ته اها به وڏي ڳالهه آهي. ڇو ته هر ٻوليءَ جو ادب ان ٻوليءَ جو نج هوندو آهي، ان نج کي پنهنجي نج ٻوليءَ ۾ شفٽ ڪرڻ پهاڙ مان کير جي ندي ڪڍڻ بابر آهي..... ها ڪي ڪي ترجما ايترا ته سهڻا ٿيا آهن جن جي پنهنجي جاءِ تي اهميت آهي، جيئن عمر خيام کي فٽز جيرالڊ ايترو ته سهڻو ترجمو ڪيو جو اهو اصل کان الڳ ٿي بيهي رهيو، ايئن ٽيگور جي ”گيتانجلي“ جو ترجمو آهي، جيڪو انگريز شاعرYeats ڪيو هو، ۽ ان تي هڪ سهڻيPresentation به لکيائين، جنهن کانپوءِ سئيڊن جي نوبيل ادب ڪاميٽيءَ کي ٽيگور جي جوهرَ جي خبر پئي.

امر اقبال: لکڻ جو عمل تنهنجي لاءِ ڇا آهي؟ عادت، مجبوري يا ٻيو ڪجهه؟
حبيب ساجد: (سوچيندي) لکڻ..... لکڻ منهنجو عشق آهي امر!.... جي مان لکي نه سگهان ها ته شايد ڪڏهن جو سڀني کان وسري به چُڪو هُجان ها ته، ”ڪو حبيب نالي شخص به هن دنيا ۾ هيو“.

امر اقبال: تنهنجي محبتن جو ذڪر ڪجي ته تون ڇا چوندين حبيب!؟
حبيب ساجد: امر!.... ”تون مون کان اهو ڪيئن ٿو پُڇي سگهين ته مون کي محبت ڪيئن لڳي هئي؟ توکي اهو محبت کان پڇڻ کپي ته ان کي مان ڪيئن لڳو هوس؟“. (اهو شعر مون ڪٿي پڙهيو هو). بُرا، خراب اسان هوندا آهيون، محبت نه.... اسان پنهنجيون ناڪاميون محبت جي کاتي ۾ وجھندا آهيون. اهو سڀ کان وڏو ناسور آهي اسان جي سوچَ جو.

امر اقبال: حبيب! ڳالهيون ته کوڙ آهن پر هاڻي وقت پورو ٿيڻ وارو آهي، پر مان چاهيندس ته پنهنجو ڪوئي نظم اسان جي ٻڌندڙن کي ضرور ٻڌاءِ !
حبيب ساجد: ها امر! هڪ نظم اوهان آڏو پيش ڪيان ٿو. جنهن جو عنوان آهي ”تون ڪهڙي موسمَ جي ڇوڪري آهين؟“ ......

تون ڪهڙي موسمَ جي ڇوڪري آهين؟
جڏهن به ڪئمپس جي گلن واري لان ۾ ملندي آهين
خزائن جون ڳالهيون ڪندي آهين!
سياري ۾ مِٺي اُسَ تنهنجي چهري تي ڦهلجي ويندي آهي
مان توساڻ جون ۾ مليو هيس
۽ هڪ ٽاڪ منجھند مهل
تنهنجي سرد رويي جو شڪار ٿي ويو هيس.

مان اڄ به سرد بدن رهان پيو
۽ اڄ به تنهنجا هٿ گرم آهن
مگر ڇا ڪجي؟
وچ ۾ دل اچي وڃي ٿي
دل، جي اها منهنجي آهي
ته منهنجي وَسَ ۾ ناهي
۽ جي تُنهنجي آهي
ته اُها به منهنجي ناهي
اها ته ڄار کنيل هڪ شڪاريءَ جيان آهي
جنهن جي ڄار ۾
هڪ ڏينهن اوچتو
منهنجي جواني اچي وئي هئي
جيڪا مون ”ڪنهن جي لاءِ“ بچائي رکي هُئي

تون اي رنگين ڇوڪري!
شايد ڪنهن جي انتظارَ جو قرض آهين
جيڪو بي گناهه مون کان چُڪائجي رهيو آهي
جڏهن تو مٿان اهو قرض لهي چڪو هوندو
تيستائين مان فنا ٿي چڪو هوندس
تنهنجي يادن مان
تنهنجي ڊائريءَ ۾ لکيل نظمن مان
۽ پرسَ ۾ پيل تنهنجي فون جي ان باڪس مان
اِهو ڄاڻڻ کانسواءِ ئي
ته تون ڪهڙي موسم جي ڇوڪري آهين؟

امر اقبال: ......... واهه ڏاڍو سهڻو.... حبيب! شاعريءَ لاءِ ”عشق“ Fuel جو ڪم ڪندو آهي.... اِهو Fuel اڃان به ملي ٿو توکي؟
حبيب ساجد: (وڏو ٽهڪ ڏيندي) ڇڏ يار امر! ڇڏ انهيءَ سوال کي..... اهو ڏاڍو خطرناڪ سوال ڪيو اٿئي.

امر اقبال: حبيب! چڱو انهيءَ سوال کي ڇڏيون ٿا..... سوالَ ته کوڙ آهن پر اسان وٽ وقت تمام محدود آهي، تنهنجي وڏي مهرباني، جو تون وقت ڪڍيو ۽ اسان سان پنهنجي ادبي سفر جون ڳالهيون ونڊيون. اُميد ته اسان جي سامعين کي پڻ اڄوڪي ڪچهريءَ مان تمام گهڻو مزو آيو هوندو. زندگي رهي ته اهي ڪچهريون قائم رهنديون.....
حبيب ساجد: امر! تنهنجي به وڏي مهرباني، توسان Formal ۽ Informal قسم جون ڳالهيون ڪري مان ڏاڍو سٺو محسوس ڪيو ۽ هن ڪچهريءَ ۾ مان ڪنهن به موڙ تي بوريت جوشڪار نه ٿيس.