آغا سليم جي انٽرويو بابت
اصل ۾ آغا صاحب، سچل سرمست سائينءَ جي عُرس جي موقعي تي ادبي ڪانفرنس جي صدارت ڪرڻ لاءِ خيرپور آيل هُيو. درازا ۾ اُنهيءَ شامَ سندس ڪِتاب “Sachal: The Rapturist Poet” جو مهورت پڻ ٿيڻو هو ـــ بنهه مُختصر وقت ۾ ٿيل هِنَ ڪچهريءَ ۾ لطيف، سچل ۽ تصوف جا ٻيا گيڙو رنگ ئي گهڻا وکريل نظر ايندا ـــ جيتوڻيڪ هِنَ انٽرويوءَ کي ڪو تفصيلي، جامع، گهڻ رُخو ۽ رٿابنديءَ/اڳواٽ تياريءَ سان ٿيل انٽرويو نه ٿو چئي سگهجي، پَرَ پوءِ به منهنجي دِل گهريو ته سنڌي ٻوليءَ جي پنهنجي ئي اندازَ واري هِنَ سَدا سُهڻي ليکڪ جون ڳالهيون، پَنن تي اُتاري “پوپٽ” جي پڙهندڙن سان ضرور شيئر ڪجن.
(2013ع)
................................................................................
پبلشر پڙهيو ويندڙ ڪِتاب کي آئوٽ آف اسٽاڪ ٿيڻ نه ڏيندو آهي.
مهرباني ڪري مون کان اهو نه پڇجو ته توهان کي فلاڻو ناول پسند آهي يا فلاڻو پسند ناهي.
اسان جيڪي نثر نِگار آهيون، اهي نثر جي هڪ هڪ صفحي ۾ الائي ڪيترا غزلَ چئي ويندا آهيون.
پوئتي ڏٺم ته شاههَ سائينءَ مون کي سَڏُ ڪيو آهي ۽ مان اتي ئي پنڊ پهڻ ٿي ويس.
اسان جو Heritage هيڏو سارو آهي ۽ اسان صرف موئن جي دڙي تي خوش آهيون.....
ترجمو ڪو آسان ڪم ناهي...... reaction آ.