اسحاق انصاري جي انٽرويو بابت
ريڊيو خيرپور جي اسٽوڊيو ۾ اسحاق انصاريءَ سان گهاريل هِڪُ ڪلاڪُ، سندس ڳالهين، مُرڪن ۽ ٽهڪن سميت جڏهن ادبي پروگرام “ادبي سنگت” ۾ نشر ٿي چُڪو، تڏهن مُنهنجي منَ ۾ اِها خواهش جاڳي پئي ته ڇو نه اها “ريڊيائي ڪچهري” پنن تي اُتاري “پوپٽ” جي پڙهندڙن تائين به پهچائجي.
هلڪي ڦلڪي ۽ خوشگوار ماحول ۾ ڪيل اها ڪچهري، ڪنهن رٿابنديءَ تحت ته نه هُئي، پر پوءِ به هِڪَ طرف ادب ۽ آرٽ جي مُختلف موضوعن تي، مختلف چڱيون ڳالهيون به سامهون اچي ويون ته ٻي طرف اسحاق انصاريءَ جي ناسٽيلجيا جا مڌم رنگَ به اُڀري آيا.
مان ريڊيو جي سينيئر ڪمپيئر دوست محمود سومري جو ٿورائتو آهيان جنهن جو ساٿُ انٽرويو دوران مون سان گڏ رهيو.
(2014ع)
...........................................................
ريڊيو اسٽوڊيوز جي پنهنجي هِڪَ خوشبوءِ ٿيندي آهي.
اسان پنهنجي گهر ۾ جڏهن بانبڙا ڏئي اٿڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي ته اسان جا هٿ ڪتابن واري ڪنهن ڪٻٽ ۾ ئي پيا هوندا.
آرٽ اسان کي ورثي ۾ ملي آهي.
هر ماڻهوءَ جي دل ۾ هڪ ”خالي بئنچ“ هوندي آهي. جيڪا ڪڏهن به ناهي ڀرجندي.
علم عروض، وزن بحر، صفا سمجهه ۾ ڪونه آيو. ان ڪري بهترسمجھيو ته نثر ۾ ئي لکجي.
..... ان دؤرَ ۾ جيڪي شاعر مشهور ٿيا، انهن جو تخليقي ڪم ڇا آهي؟ ڪا ٻه چار شعر يا هڪ مجموعو......
مان دعويٰ سان ٿو چوان ته: آغا صاحب پاڻ کانپوءِ وارن ليکڪن کي پڙهيو ئي ناهي. جيڪو مون کي ڏک آهي.
عشق ختم ٿيڻ نه گهرجي. دل ۾ هر وقت هڪ ڇيت ضرور چڀڻ گهرجي.
ڪڏهن ڪنهن سٺي ڪوپ ۾ چانهه پيئڻ جو مزو وٺجي ته ڪڏهن وري ڪنهن پُراڻي ۽ ڇٿريون لڳل ڪوپَ ۾.
مان اهو ٿو چاهيان ته هاڻي مون کان ڪو به سوالُ نه ڪيو.