اياز گل جي انٽرويو بابت
(2005ع)
..............................................................
مان شايد ايندڙ ڏکن جي انتظار ۾ رهيو آهيان.
”جيئڻ“ هر حال ۾ بهتر آهي.
”سنڌ“ سَڏُ آهي ۽ ”عالَمُ“ اُنَ جو پڙاڏو.
ڪيترائي ڏينهنَ ٿَرَ جي ڀِٽُن مان اکيون مهي جاڳندڙ ۽ ٿڪجي، ڍرڪي ويل سِجَ، منهنجي شاعريءَ کي نين معنائن، نون لفظن ۽ نت نين تشبيهن سان ڏيٺ ويٺ ڪرائي.
ڄاڻَ، اوهان ۾ سچ چوڻ جي سگهه، نوڙت ۽ نهٺائي پيدا ڪري ٿي.
لطيف سائين فڪر جي سفر ۾ سدائين منهنجو رهبر رهيو آهي.
پيارُ، سدائين رهي ٿو ۽ ڇانورو ڪري ٿو. پيارَ سان ناتو ڳنڍي، اوهان ڪڏهن اڪيلا نه ٿا ٿيو.